الطاف شيخ ڪارنر

ملائيشيا 12 سال بعد

الطاف شيخ جو هي سفرنامو ملائيشيا بابت لکيل آهي. هونئن ته زندگيءَ جو وڏو عرصو ملائيشيا ۾ گُذاريندي پاڻ ان مُلڪ توڙي شهرن تي گهڻو ئي لکيو اٿئون پر هن سفرنامي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو پاڻ ملائيشيا ڇڏي اچڻ کان 12 سال پوءِ وري وڃي ڪيل مُشاهدن جي بُنياد تي لکيو اٿن. اڳي ته کين جهازراني يا وري جهازين کي پڙهائڻ جي نوڪري لاءِ وڃڻو ٿي پيو جنهن لاءِ هوٽل ۾ اڳواٽ بُڪنگ ۽ سڄو شيڊول طئي ٿيل هوندو هو پر هن دفعي هي خانگي ٽوئر هو تنهنڪري مختلف انداز سان ڪيل سفر جو ذڪر آهي. پراڻن دوستن سان ملاقاتون ۽ اُهي جايون جتي پاڻ وڏو عرصو نوڪري ڪيائون اُهي ڏسڻ ۽ انهن تي رايا هن ڪتاب جو حصو آهن جيڪي يقيين پڙهڻ وٽان آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2497
  • 715
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ملائيشيا 12 سال بعد

ڪوالالمپور ۾ سنڌي دوستن سان ملاقات

ٻئي ڏينهن شام جو اطهر ابڙي جي گهر وڃڻو هو جتي هن مون سان گڏ ڪجهه ٻين دوستن کي به ڊنر لاءِ سڏايو هو. آئون ڏهين ٻارهين بجي ڌاري هوٽل مان اهو پهه ڪري نڪتس ته شام تائين ڪوالالمپور جي رستن جو چڪر هڻندس ۽ پوءِ سج لٿي مهل اتان ئي اطهر جي گهر هليو ويندس.
سٽي بس جالان چوڪٽ وٽ اچي ڇڏيو بلڪ آئون پاڻ ئي اتي لهي پيس. هاڻ ته ڪوالالمپور ڪراچيءَ وانگر پکڙيل شهر ٿي پيو آهي نه ته 1990 تائين به هي علائقو چوڪٽ ۽ مسجد جامي، مسجد انڊيا ۽ جالان تنڪر عبدالرحمان وارا علائقا ڪوالالمپور جو صدر، کارادر ۽ جامع ڪلاٿ مارڪيٽ هئا، بلڪ هي چوڪٽ وارو علائقو مون کي ڪراچي جي بزنس روڊ جي ياد ڏياريندو هو. ننڍيون ننڍيون هوٽلون ۽ کاڌي جا دڪان، ميون ۽ ڀاڄين وارن جا ريڙها (گاڏا)، گهٽ قيمت تي ملندڙ شين جا فٽ پاٿ تي انبار، رهائش لاءِ سستيون هوٽلون هيون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڀر ۾ پاڪستاني مسجد هجڻ ڪري هتي پاڪستان جي مختلف صوبن کان آيل ماڻهو مليا ٿي. اوسي پاسي ۾ ڪيترائي دڪان ۽ پيڍيون پٺاڻن ۽ پنجابين جون آيون جيڪي هتي جو پاسپورٽ رکن ٿا ۽ جن جا پيءُ ڏاڏا ٻي جنگ عظيم کان هتي (ملايا) ۾ رهي پيا ۽ هو ۽ هنن جو اولاد ملائيشيا جو شهري ٿي ويو.
ملاڪا ۾ رهڻ دوران آئون جڏهن به ڪوالالمپور ايندو هوس ته هن علائقي ۾ ضرور ايندو هوس. K.L انٽرنيشنل هوٽل نئين کلي هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ ٽيهه کن رنگٽ مسواڙ هوندي هئي ۽ هڪ رنگٽ (ملئي ڊالر) ۾ ست اٺ رپيا مس هوندا هئا. ان کان وڌيڪ مسواڙ ته تن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي فاران ۽ انڊس هوٽلن جي هوندي هئي. ڪڏهن ته اڃان پئسو بچائڻ لاءِ ڀر وارين ننڍين هوٽلن ۾ رهي پوندو هوس جيڪي مسافر خانن جهڙيون ٿين. ڪمري جي فقط اٺ کن رنگٽ مسواڙ! هر ڪمري ۾ دٻي وارو ايئرڪنڊيشنر ۽ گڏيل باٿ روم. ٻه بيڊ، لکڻ پڙهڻ لاءِ ٽيبل ڪرسي، ڌوتل چادرون ۽ جوڙو ٽوالن جو، ٻيو ڇا کپي. سڄو ڪوالالمپور اهڙن مسافر خانن سان ڀريو پيو آهي جيڪي شاگردن ۽ ٽورسٽن لاءِ Ideal آهن. اسان جا ايشيائي ته ڇا انگريز به اهڙن رهائش گاهن کي ڳوليندا رهندا آهن. ملئي زبان ۾ اهڙن مسافرخانن يا هوٽل کي Rumah Tumpangan سڏجي ٿو. هن علائقي ۾ کاڌي پيتي جي به هر شيءَ ملي ٿي. اڦراٽو، چپاتي، پوري، نان ۽ اڊلي ڊوسي کان وٺي ناسي ڪنيت (هيڊوارا چانور)، ناسي ليماح ۽ برياني تائين ملندا. سڄو ڪوالالمپور شهر گهمي ڦري هتان اچي شاپنگ ڪندو هوس ۽ هينئر به آءٌ اتي ئي ڦري رهيو آهيان. چوڌاري بوٽن جا دڪان نظر اچن ٿا. شايد ان ڪري جو مونکي بوٽ وٺڻو آهي. هر دڪان ۾ Sale لڳي پئي آهي. ويهين ڊالرين في جوڙو. هر دڪان تي ساڳيا بوٽ ۽ ساڳي قيمت. مونکي جيڪي پسند اچن ٿا اهي 70 ڊالرن (رنگٽن) وارا آهن.
”ڇو ڀلا؟“ آئون پڇان ٿو.
”ان ڪري جو اهي اٽليءَ جا آهن.“ دڪاندار ٻڌائي ٿو ۽ هو سچ چئي رهيو آهي جو انهن بوٽن تي ملڪ جو نالو (Italy) ۽ ڪمپنيءَ جو نالو آئون به پڙهان پيو. ۽ جي اهي بوٽ ان ملڪ ۽ ڪمپنيءَ جا آهن ته پوءِ ايترو سستو ڇو؟ ان لاءِ دڪاندار ٻڌائي ٿو ته ”انهن ۾ ٿورو گهڻو نقص ضرور آهي، تڏهن اسان کي سستا مليا آهن“ آئون گهڻو ئي ڪوشش ڪريان ٿو پر مونکي ڪوبه Fault نظر نٿو اچي. ”ڀلي ڪنهن کي خبر پئجي وڃي ته هي بوٽ Rejected مال آهي پر آئون ته اهو پائي Comfortable محسوس ڪريان ٿو.“ اهو سوچي مون بوٽ خريد ڪيو ۽ ان ئي وقت پائي ڪوالالمپور جي رستن تي هلڻ شروع ڪيو. ٿورو اڳيان MOIDIN جو دڪان هو جيڪو هڪ سپرمارڪيٽ وانگر آهي ۽ ان جهڙا ۽ ان نالي وارا دڪان ڪوالالمپور ۾ ٻيا به ڪيترائي آهن. جيڪي سڀئي سامان جي Variety ۽ گهٽ اگهه کان اڄ ڪلهه ٽاپ تي آهن. هنن دڪانن جي Chain جو مالڪ هڪ ڏکڻ هندستاني آهي جيڪو هتي جو شهري آهي. مون هتان کونئر (Glue) جون ٻه وڏيون بوتلون ورتيون. هي کونئر آئون ملاڪا ۾ آفيس لاءِ به وٺندو هوس ۽ پاڪستان اچڻ وقت پاڻ سان ڪجهه وٺي آيو هوس جيڪو هاڻ اچي ختم ٿيو هو. هن کونئر ۾ اها خاصيت آهي ته لڳائڻ سان نه فقط جلد سڪي ٿو پر چنبڙڻ جي پڻ گهڻي طاقت اٿس. فوٽو اسٽيٽ پنن مان ڪتاب ٺاهڻ لاءِ Best آهي. هڪ بيٽري چارجر ورتم باقي چارجبل بيٽريون ڪراچيءَ جي ڪياماڙي مارڪيٽ مان ئي سستيون ملي سگهن ٿيون. ڪجهه Peanuts جا پاڪيٽ ۽ چاڪليٽ ورتم. Peanuts (چونئرن) لاءِ هڪ ڏينهن اڳ هڪ چيني فوٽو گرافر ٻڌايو ته محيدين جي ڪنهن به دڪان تي سڀ ۾ سٺا ملن ٿا. هو پاڻ کائي رهيو هو سو مونکي به چکايا هئائين. منجهند جي ماني پاڪستاني مسجد سان لاڳو هڪ پٺاڻ جي هوٽل ۾ اچي کاڌم. هڪ ٻه مسجد جون تصويرون به ڪڍيم. ان بعد جالان تنڪو عبدالرحمان وارو رستو وٺي هلندو ويس تان جو اچي گلوب سلڪ اسٽور تي پهتس.
سنڌي هندو واپاري تانسري ڪشوءَ جي هن دڪان Globe Silk Store جي تعريف مون ملائيشيا بابت لکيل هر ڪتاب ۾ ڪئي آهي. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسان سنگاپور جا دڪان ڇڏي گلوب سلڪ اسٽور تان خريداري ڪرڻ لاءِ ڪوالالمپور ايندا هئاسين. هن ڇهه ماڙ سپر اسٽور تان هر شيءَ ملندي هئي. خاص ڪري ڪپڙي گنديءَ جي هر شيءَ اعليٰ معيار جي ۽ بنهه گهٽ اگهه ٿي. ڇا ته ماڻهن جي پيهه پيهان هوندي هئي. دڪان کلڻ کان اڳ ماڻهن جا انبوه دڪان ٻاهران گڏ ٿي ويندا هئا ۽ هينئر ”رش اور“ ۾ به هي دڪان ويران نظر اچي رهيو هو. هر شيءَ جو زوال اچي ٿو پر هڪ سنڌي هندوءَ جي دڪان کي هينئن ڀڙڀانگ آئون پهريون دفعو ڏسي رهيو هوس.
اسانجا سنڌي هندو واپاري دنيا ۾ مڃيا وڃن ٿا. هن دڪان جي مالڪ ته مونا انڊسٽري جهڙي تباهه ٿيل ڪارخاني کي به خريد ڪري هلرائي ڇڏيو. اڄ سندس اباڻي دڪان جا هي حال! هي محي الدين ۽ ڪوالالمپور جا ٻيا دڪاندار ته هاڻ اڳيان ٿيا آهن نه ته ڪوالالمپور ۾ گلوب سلڪ اسٽور جو ته ڪنهن به مقابلو نٿي ڪيو. هن دڪان جي هر ماڙ تي خريدارن جي مدد ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ سيٺ ڪشوءَ جا پوڙها مائٽ منهنجيون اکيون ڳولڻ لڳيون پر سيلز گرل ڇوڪرين ٻڌيو ته اهي پوڙها ٻي جهان هليا ويا ۽ جوانن مان ڪجهه بمبئي ۽ سنگاپور هليا ويا. خود ڪشو به اڄ ڪلهه سنگاپور ۾ رهي ٿو ۽ هن دڪان جو انتظام سندس پٽ هلائي ٿو. گرائونڊ فلور تي ٺهيل آفيس ۾ ويٺل ٻن ڪلارڪ ڇوڪرين مان هڪ پراڻي ۽ سڃاتل نظر آئي. هيءَ تامل عورت سيٺ ڪشوءَ جي گهر ۾ نظر ايندي هئي. تنهن کان پڇيم ته ڪوالالمپور ۾ اڄ ڪلهه ڪير رهن ٿا.
”هتي فقط وڪيومل لاکياڻيءَ جي زال رڪمڻي رهي ٿي.“ لاکياڻي سيٺ ڪشوءَ جو مامو يا پڦيءَ جو مڙس ٿئي. ڏهاڪو کن سال اڳ هو اسي ورهن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. پاڻ بيحد سوشل هوندو هو ۽ دعورتن جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. سندس دعوتن ۾ مون هن ملڪ ملائيشيا جا وڏا وڏا سياستدان بيوروڪريٽ ۽ ڊاڪٽر انجنير ڏٺا. ان جي شاهدي PIA وارو اسرار شاهه به ڏيندو جو لاکياڻي صاحب هر دعوت ۾ اسرار شاهه، مونکي ۽ ارشاد عباسيءَ کي ضرور گهرائيندو هو. هو ۽ سندس زال رڪمڻي سنڌي ڪتاب ۽ رسالا وڏي شوق سان پڙهندا هئا. هينئر دڪان ڇڏڻ کان اڳ مون ڀيڻ رڪمڻيءَ سان فون تان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هوءَ مونکي سڃاڻي نه سگهي پوءِ منهنجي زال ۽ ٻارن جا نالا هُرڻ تي هن مونکي يڪدم سڃاڻي ورتو. ٻين جو پڇڻ تي هن ٻڌايو ته ڪو ڪيڏانهن ٽڙي پکڙي ويو ته ڪو ڪيڏانهن.“
مون کانئس سنڌي ڪتاب پڙهڻ جو پڇيو.
”وڪيو پڙهندو هو. ان وڃي ٻيو جهان وسايو. منهنجي ته نظر به نٿي پوي. پٽ ۽ نهون سنڌي پڙهن ڪونه انگريزي ڳالهائين يا ملئي.“
ڀيڻ رڪمڻي جي لهجي ۾ عجيب نراسائي ۽ مايوسي هئي. آئون ڪا دير سندن گهر ۾ ٿيندڙ دعوتون ۽ ان ۾ ايندڙ ڪوالالمپور شهر جي Elite ۽ خاص ڪري سندن آخري دعوت جيڪا هنن پنهنجي شاديءَ جي گولڊن جوبلي ملهائڻ لاءِ سلينغور ڪلب ۾ رچائي هئي، ان جو سوچيندو رهيس.
دڪان کان ٻاهر نڪري هڪ ٻه فوٽو هن دڪان جا ۽ ڀرواري هڪ ٻئي سنڌيءَ چوٽڙمل جي دڪان جا ڪڍيم. چوٽڙمل جي نالي وارو هي دڪان انگريزن جي ڏينهن کان آهي ۽ سؤ سالن کان به پراڻو آهي. ٽيهن سالن (1972) کان ته آئون ان کي ائين جو تيئن ڏسندو اچان. هن دڪان جون برانچون ايشيا کان علاوه آفريڪا جي ملڪن ۾ به آهن. ستر واري ڏهاڪي ۾ ممباسا واري برانچ بلي بلي هوندي هئي. پنهنجي ۽ جهاز جي ضرورت جي هر شيءَ اتان ئي ملندي هئي.
ڪوالالمپور ۾ پهچي دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ڏسڻ ضروري ٿيو پوي ۽ اڄ مون هي پٽروناس جا جاڙا (Twin) ٽاور ڏسڻ چاهيا ٿي جن جي اوچائي 1476 فٽ (يعني اٽڪل 450 ميٽر) آهي.
ملائيشيا جي حڪومت ۽ ماڻهن کي هر وقت اها هورا کورا رهي ٿي ته اسان ڪو اهڙو ڪم ڪيون يا اهڙي شيءَ ٺاهيون جو ملائيشيا کان دنيا واقف ٿئي ۽ ماڻهو چون ته ملائيشيا به ڪو ملڪ آهي. انڊيا جهڙو ملڪ ته سندن ڀرپاسي ۾ آهي ڪونه جو کين جيئڻ لاءِ هٿ پير هڻڻو پوي ۽ اسان وانگر جنگ جوٽيندا اچن جو دنيا کي خبر پوي. پوءِ دل خوش ڪرڻ لاءِ ٻيو نه ته ڪڏهن دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪيڪ پيا ٺاهين ته جيئن گنيز بڪ ۾ نالو اچي. ڪڏهن ڪر سوين نانگن سان گڏ هفتو ٻه شيشي جي ڪمري ۾ رهي دنيا جو ڌيان پيو ڇڪائي. مرديڪا گرائونڊ جتي 1957 ۾ ملايا (اڄ واري ملائيشيا) کي انگريزن خودمختياري ڏيڻ جي رسم ادا ڪئي هئي اتي هر سال ملائيشيا جي جنهن جهنڊي اڳيان مارچ پاسٽ (پريڊ) ٿئي ٿي ان جو پول هڪ سؤ ميٽر آهي جنهن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو Flag-Pole (جهنڊي جو ڏنڊو) مڃيو وڃي ٿو. اهڙي طرح پينگانگ ٻيٽ کي ملائيشيا جي سرزمين سان ڳنڍڻ واري پل پڻ دنيا جي نه ته ايشيا جي وڏي ۾ وڏي سمجهي وڃي ٿي ۽ 1990 بعد هنن کي خيال آيو ته ڇو نه دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ملائيشيا ۾ ٺاهي وڃي. پئسو ته هونءَ ئي جام آهي. هونءَ ملائيشيا ۾ ماڻهن جي مقابلي ۾ ڌرتي ايتري آهي جو هتي Vertical عمارتن جي ڪهڙي ضرورت پر هي سڀ ڪجهه پهريون نمبر ۽ نمايان ٿيڻ جي شوق ۾ ٿيو آهي. ڏٺو وڃي ته ڪوالالمپور جي ”ڪي ايل ٽاور“ عمارت به ڪافي وڏي آهي ۽ شڪاگو آمريڪا جي 443 ميٽر اتاهين Sears Towers کان ڪو 23 ميٽر ننڍي آهي پر هاڻ ملائيشيا سڀني کان گوءِ کڻي وڃڻ ٿي چاهيو. هيءَ موجوده عمارت جيڪا Petronas Twin Towers سڏجي ٿي. 452 ميٽر (يعني 1476 ميٽر) بلند آهي.
پيٽروناس هتي جي قومي تيل ڪمپني آهي جيئن اسان وٽ پاڪستان اسٽيٽ آئل يا دنيا جون ٻيون مشهور تيل ڪمپنيون Esso Shell ۽ ڪالٽيڪس وغيره آهن. پيٽروناس ملائيشيا جي تمام امير ڪمپني آهي جنهن کي ويندي پنهنجا ڪيترائي تيل جا جهاز آهن جن جا ذري گهٽ سڀ ڪئپٽن ۽ چيف انجنير منهنجا شاگرد رهي چڪا آهن. انهن مان ڪيترائي جهازن بدران آفيسن جو ڪم هلائين ٿا. ڪئپٽن ڪلانا ۽ ڪئپٽن حسن انهن مان ٻه آهن جن ڪئپٽن ٿيڻ بعد مون سان گڏ ملاڪا جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهايو پڻ هو ۽ هاڻ پيٽروناس ڪمپني جي آفيس ۾ ويهي جهازن جي سار سنڀال ۽ انهن جي چرپر تي نظر رکن ٿا. هنن سان هن عمارت ۾ ملاقات ٿي ۽ هو مونکي دنيا جي هيءَ وڏي ۾ وڏي عمارت وڏي شوق سان ڏيکارڻ لڳا.
”سر! هي ڏسو! سر! هي ڏسو!“ هو ننڍن ٻارن وانگر مونکي ائين ڏيکارڻ لڳا ڄڻ مون ڪا وڏي عمارت نه ڏٺي هجي. هنن ٻن جاڙين عمارتن (Towers) تي اٽڪل اڍائي بلين ملئي ڊالر خرچ آيو يعني هڪ بلين آمريڪن ڊالر. 1993 کان ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1996 جي آخر ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي ان جي خبر ٻڌائي وئي. ڪئپٽن حسن جنهن جي شادي به پڙهڻ دوران اڪيڊمي جي هڪ ملئي ليڪچرار ڇوڪري شريفان سان ٿي هئي، ذري ذري چئي ته هن عمارت جي خبر بي بي سي ۽ CNN تان به آئي هئي. يعني هن کي گهڻي خوشي ان جي ٿي رهي هئي ته سندس ملڪ جو نالو دنيا جي هنن مشهور چئنلن تان ورتو ويو. رکي رکي مونکي چوي ته توهان به ڪا اهڙي شيءِ ٺاهيو جيئن نالو ٿئي. مون کلي چيومانس: ”اسانکي ايڏو خرچ ۽ محنت ڪرڻ جي ضرورت ئي نه آهي. ٻئي ٽئين ڏينهن اسانجا پنهنجا، پراوا يا RAW جا ايجنٽ بم پيا ڦاڙين ۽ بي بي سي ۽ CNN ته ڇا دنيا جي هر چئنل تي اسانجي ملڪ ۽ ماڻهن جو نالو پيو اچي. هونءَ به ڪي ٺاهڻ جون شيون ٺاهيندا ته ڪي ڊاهڻ جون.“
هو منهنجو اشارو نيوڪليئر پاور (ائٽم بم) ڏي سمجهي کلڻ لڳا.
چانهه لاءِ اتي جي ٻئي يا ٽئين فلور تي آياسين جتي رڳو هوٽلون ئي هوٽلون آهن. آمريڪن هوٽلون، يورپي هوٽلون ۽ ايشين هوٽلون ۽ انهن ۾ مختلف کاڌن پيتن جون شيون هيون. ڪئپٽن ڪلانا چيو ته هتي جپاني ۽ چيني کاڌن کان وٺي ملئي، مدراسي ۽ نيپالي کاڌا ملن ٿا. مون چوڌاري نظر ڪئي ۽ موجود سوين ماڻهن ۾ ملڪ ملڪ جا ماڻهو هئا. ملائيشيا اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ هونءَ ئي سڄي دنيا جا ماڻهو نظر اچن ٿا پر هن ڀيري مون کي جتي ڪٿي عرب ۽ سندن زالون ۽ ٻار به نظر آيا. 11 سيپٽمبر واري واقعي بعد هو يورپ ۽ آمريڪا وڃڻ بدران هيڏانهن ملائيشيا ۾ اچڻ لڳا آهن. ملائيشيا ماڊرن ۽ باسلامت ملڪ هجڻ کان علاوه مسلمان ملڪ آهي ۽ موسم جي لحاظ کان بهترين آهي. نه گرمي آهي ۽ نه سردي جنهن لاءِ گرم ڪپڙا ڍوئجن. هر وقت جهڙ ۽ ڦڙ ڦڙ لڳي پئي آهي.
پيٽروناس جي هنن ٻن ٽاورن مان هڪ ۾ Petrosains نالي هڪ ميوزيم نما پڻ آهي جنهن ۾ ڏيڍ سؤ کان مٿي سائنسي ڪمالن جون شيون رکيل آهن جيڪي پيٽروليم (تيل) جي انڊسٽري ۾ ڪم اچن ٿيون. ساڳي ٽاور جي هڪ فلور تي Galeri Petronas آهي جنهن ۾ مختلف آرٽ جون شيون رکيل آهن ۽ اهي سڀ ٻارن ۽ وڏن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث آهن.
هي ٻئي عمارتون (پيٽروناس جا جاڙا ٽاور) 88 ماڙ آهن. 41 ۽ 42 ماڙ تي ٻٽي پل ٺهيل آهي جيڪا ٻنهي عمارتن کي ڳنڍي ٿي يعني ڪو هڪ ٽاور کان ٻئي تي اچڻ چاهي ته ان لاءِ گرائونڊ فلور تي اچي ٻي لفٽ ۾ وڃڻ بدران هو هن پل Sky Bridge ذريعي ٻي ٽاور (عمارت) تي پهچي سگهي ٿو. هيءَ پل سٺ ميٽر ڊگهي آهي ۽ اصل پل 493 ٽڪرن ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ ٺاهي وئي ۽ پوءِ پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ڪوالالمپور آندي وئي ۽ ان کي هتي Assemble ڪري هنن ٻن ٽاورن جي وچ ۾ فٽ ڪئي وئي. اهو ڪم آگسٽ 1995 ۾ مڪمل ٿيو ۽ پوءِ ڇهه ست مهينن بعد فيبروري 1996 ڌاري ٻنهي ٽاورن جون باقي ماڙيون ٺهي راس ٿيون يعني سپر اسٽرڪچر مڪمل ٿيو ۽ ملائيشيا جي پرائيم منسٽر ڊاڪٽر مهاتير محمد Topping Out رسم تي 88 ماڙ جي ڇت چانديءَ جي پليق تي صحيح ڪري Weld ڪرائي. ان بعد وائرليس سسٽم ۽ هوائي جهازن جي رهنمائي لاءِ Navigational بتيون پڻ فٽ ڪرڻ لاءِ 74 ميٽرن جو ڊگهو Pinnacle Mast مارچ 1996 ۾ لڳايو ويو جيڪو جپان ۽ ڪوريا مان ٺهي آيو هو.
دنيا جي هيءَ وڏي ۾ وڏي عمارت Petronas Twin Towers سيزر پيلي (Cesar Pelli) نالي هڪ جڳ مشهور آرڪيٽڪٽ ڊزائن ڪئي جنهن مئن هٽن نيويارڪ وارو ورلڊ فنانس سينٽر پڻ ڊيزائن ڪيو هو ۽ Midciti Resources Sdn Bhd ڪمپنيءَ هيءَ عمارت ڊيولپ ڪئي ۽ ان جي مالڪ آهي. هي ٽاور ٺهڻ دوران هتي جي تيل جي ڪمپني Petronas ۽ KLCC (ڪوالالمپور سٽي سينٽر) جي چيئرمئن تان سري عزيزان زين العابدين کان ڪنهن اخبار جي نمائندي پڇيو ته توهان جي تيل ڪمپني پيٽروناس دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ڇو ٿي ٺاهڻ چاهي؟ هن وراڻيو:
“It is an opportunity to create an image. This will put Kuala Lumpur on the world map.”
بهرحال نيويارڪ جي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ڪيترن ڏهاڪن سالن تائين نمبر ون رهي پر ملائيشيا جي پيٽروناس ٽاور عمارت شايد ڪجهه سالن لاءِ دنيا جي رڪارڊ بلڊنگ رهي سگهي جو چين جهڙا ڪجهه ملڪ ان کان به اتاهين عمارت ٺاهڻ جو سوچي رهيا آهن.
وچين نماز اسان ان عمارت جي مسجد ۾ اچي پڙهي. عمارت مان نڪرڻ مهل ڪئپٽن حسن هتي جي شاپنگ سينٽر جي هڪ ڪتابن واري دڪان ۾ وٺي آيو جيڪو بقول هن جي سڄي ملائيشيا ۾ وڏي ۾ وڏو ڪتابن جو دڪان آهي. واقعي اهو وڏي ۾ وڏو دڪان چئي سگهجي ٿو جنهن ۾ ڪيترين ئي زبانن جا ڪتاب رکيل آهن. هر عنوان تي ڪتاب هئا پر ڇا انهن جون قيمتون هيون. فقط پئسي وارو يا ان ملڪ جي ماڻهوءَ لاءِ هي دڪان چئي سگهجي ٿو جنهن جي ملڪ ۾ کوڙي گارڊن، فريئر هال، اڙدو بازار جهڙا هنڌ نه هجن جتي دنيا جا بهترين نوان ۽ جهونا ڪتاب سستي اگهه تي ملن ٿا. بهرحال ان وقت مون ملئي شاعري Pantuns (چؤسٽي) تي ڪو ڪتاب وٺڻ چاهيو ٿي جيئن ان بابت ڪجهه لکي سگهان پر افسوس جو مونکي ان آٿر جو ڪتاب نه ملي سگهيو جيڪو مون چاهيو ٿي. ڪتاب ڳولڻ دوران مونسان گڏ ٻين خريدارن ۾ هڪ حجاب ٻڌل ملئي ڇوڪري ڪتابن کي غور سان ڏسي رهي هئي. ظاهر آهي هن کي به ڪنهن خاص ڪتاب جي ڳولا هئي. آئون ڪا دير ان ڇوڪريءَ ڏي ڏسندو رهيس ۽ پوءِ پنهنجن ملئي ميزبانن کي چيم ته توهانجي ملائيشيا ۾ هيءَ وڏي تبديلي آئي آهي. نه ته توهان ملئي ماڻهن کي پڙهڻ جو صفا شوق ناهي. ڇوڪري جنهن جو نالو تُن خالده هو تنهن پاڻ بابت اسانکي ڳالهائيندو محسوس ڪري مرڪيو ۽ اسان کي کيڪاريو، ڪئپٽن ڪلانا (ڪلانا ملئي لفظ آهي معنيٰ مسافر ۽ اهو لفظ نالي طور به عام آهي) تن خالده کي مون بابت ٻڌايو ته آئون مئريٽام اڪيڊمي ملاڪا ۾ اٺ سال کن پڙهائي ويو آهيان ۽ هو منهنجا شاگرد رهي چڪا آهن ۽ پڙهائڻ دوران آئون هميشه ملئي شاگردن کي نصيحت ڪندو هوس ته پنهنجو پاڻ ۾ ۽ پنهنجن ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهو. تن خالده پنهنجو ائڊريس ڪارڊ ڏيندي ٻڌايو ته اتفاق سان هوءَ به ليکڪ آهي ۽ ويجهڙائيءَ ۾ هوءَ تعليم ختم ڪري هاڻ ڪنهن بين الاقوامي فرم ۾ ڪم ڪري ٿي.
ان وقت مون تن خالده ۽ پنهنجن ميزبانن کان موڪلايو ”توهانجي ملڪ جو اڍائي بلين ملئي رنگٽن (40 بلين رپين) جو هي پروجيڪٽ ڏسي هاڻ آئون روانو ٿو ٿيان.“
خالده جنهن کي ڪيترن ملئي ماڻهن وانگر حڪومت جون هي شاهه خرچيون ناپسند لڳيون ٿي تنهن منهن کي موڙو ڏيندي چيو: ”هي ڇا آهي؟ ڪجهه به نه آهي! پترا جايا پويان ته 20 ملين ملئي رنگٽ (250 بلين رپيا) خرچ اچي رهيو آهي!“
مون ڪجهه چوڻ بدران ملئي پهاڪو ورجايو.
Pohum yang besar juga yang dinaik sakat
جنهن جو اسان وٽ نعم البدل اهو ئي آهي ته ”پيسا بولتا هي.“
پترا جايا جنهن جي تن خالده ڳالهه ڪئي اهو ڪوالالمپور کان ويهه ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ اسلام آباد وانگر نئون شهر ٺهي رهيو آهي جيڪو نئون Administrative Capital ٿيندو ۽ 2004 تائين هي ٺهي راس ٿيندو. هينئر وزيراعظم ۽ ٻين ڪيترن وزيرن، سيڪريٽرين ۽ سفيرن جون آفيسون نه فقط ٺهي راس ٿي چڪيون آهن پر شفٽ به ٿي چڪيون آهن. انهن آفيسن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪوالالمپور شهر مان وٺي وڃڻ ۽ موٽائڻ لاءِ خاص بسون هلايون ويون آهن.
شام جا پنج ٿي رهيا هئا. رات جي ماني لاءِ اطهر جي گهر ”تمن سري يوڪي“ وڃڻو هو. هيءَ ڪوالالمپور جي هڪ نئين آبادي آهي جيئن ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال، گلستان جوهر، گلشن حديد وغيره آهي تيئن تمن جي نالي سان ۽ ملئي لفظ تمن Taman جي معنيٰ به ساڳي آهي چمن- يعني گلشن يا گلستان. ان ئي جي ڀرسان تمن ائمپنگ جايا آهي جتي جن ڏينهن ۾ آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس ته تنوير عباسيءَ جو ڀاءُ ارشاد عباسي رهندو هو جنهن وٽ منهنجو اڪثر اچڻ ٿيندو هو. هو سفارتخاني ۾ پريس سيڪريٽري هو.
جنهن هنڌ تي آئون بيٺو هوس اتان پاڪستاني سفارتخانو ويجهو هو. ٽئڪسي يا بس ذريعي تمن Seri Ukay وڃڻ بدران سفارتخاني وڃڻ بهتر هو جتان اطهر سان گڏ سندس گاڏيءَ ۾ گهر پهچڻ ۾ وڌيڪ آساني هئي. مون اطهر کي موبائيل فون تي Contact ڪيو. هو ماڳهين گهر ويٺو هو. ”ڊرائيور چوڪٽ مارڪيٽ مان انب وٺڻ وڃي رهيو آهي. ان کي چوان ٿو ته توهانکي ايمبسي مان کڻندو اچي.“
آئون ٽئڪسي ڪري ايمبسي پهتس. اڌ ڏينهن موڪل هجڻ ڪري ايمبسيءَ ۾ ڪوبه موجود نه هو. پٺاڻ چوڪيدار مين گيٽ کوليو ۽ رسيپشن ۾ اڄي ويٺس. وقت پاس ڪرڻ لاءِ ساڻس هِتان هُتان جون خبرون ڪندو رهيس. پٺاڻ چوڪيدار کي ملائيشيا ۾ آئي ڇهه مهينا کن مس ٿيا هئا پر هو هن ملڪ جي ترقي ۽ حڪومت جي نظام مان ڪافي متاثر لڳو ٿي، ”ڪاش اسانجو ملڪ هينئن ترقي ڪري.“ هو هر وقت اهائي دعا گهرندو رهيو. ”بي روزگاري ڪري اسانجي ملڪ جا ماڻهو ايجنٽن کان پاڻ ڦرايو ظاهر ظهور يا لڪي ڇپي هتي اچن ۽ پوءِ هر وقت خوف جي زندگي گذارين ٿا. هاڻ ملائيشيا وارن سخت قانون ڪڍيو آهي ته جيڪي غيرقانوني رهيل آهن سي پنهنجي سفارتخاني کان ليٽر وٺي پنهنجن ملڪن ڏي روانا ٿي وڃن سندن نالو نه ورتو ويندو. ٻي صورت ۾ مقرر تاريخ گذرڻ بعد جيڪو پوليس جي ور چڙهندو ان کي غيرقانوني رهائش جي ڏوهه ۾ جيل ۽ ڏنڊ لڳايو ويندو....“
پوڙهو چوڪيدار مون سان خبرون ڪندو رهيو. اتي موٽر سائيڪل تي هڪ پنجويهه ورهين جو نوجوان ڪپڙن جي هڙ کڻي آيو جنهن مان نوان سبيل ڪپڙا ڪڍي چوڪيدار کي ڏئي اڙدوءَ ۾ سمجهائڻ لڳو.
”ڪير آهي...؟“ مون چوڪيدار کان پڇيو.
”سائين درزي آهي. اسان جا ڪپڙا کڻي ويندو آهي. سبي پوءِ پهچائي به ويندو آهي.“ چوڪيدار ٻڌايو.
”سٿڻ قميص جا گهڻو ٿو وٺي؟“ مون پڇيو.
”ڏهه رنگٽ“
”تمام ستو ٿو سبي.“ مون چوڪيدار کي چئي نوجوان، جيڪو بيحد هيسيل لڳي رهيو هو، کان سندس دڪان جو پڇيو.
”سائين دڪان ته نه اٿم. هڪ ٻئي پاڪستانيءَ وٽ رهيل آهيان. لڪي ڪم ڪندو آهيان ۽ روزگار ڪمائيندو آهيان. توهان کي سبائڻا هجن ته ائڊريس ٻڌايو ته اچي کڻي ويندس.“
”مونکي في الحال ته سبائڻا نه آهن پر ڏهه ڊالر (رنگٽ) ته تمام گهٽ ٿو وٺين. ڏهه ملئي ڊالر ته پاڪستاني 160 رپيا مس ٿيا.“
”سائين ڇا ڪريان. غيرقانوني رهيل آهيان ان ڪري دڪان ته کولي نٿو سگهان. اهي پئسا به ڪيترا کايو وڃن جو کين خبر آهي ته آئون غيرقانوني رهيل آهيان. شڪايت ڪرڻ تي پوليس ماڳهين مونکي سوگهو ڪندي. ڪنهن وٽ لڪل آهيان. ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو ان کي به ڏيڻو پوي ٿو.“ هن ٻڌايو.
”ڪٿي جو آهين؟“ مون پڇيومانس.
”ڪراچيءَ جو آهيان. لياقت آباد ۾ رهان ٿو.“
”هتي کان وڌيڪ ته ڪراچيءَ ۾ ڪمائي سگهين.“ مون چيومانس.
”بلڪل سائين. پر هاڻ جو قرض کڻي ايجنٽ کي سٺ هزار روپيا کارائي، ڀاڙا ڀري هتي پهتو آهيان ته ڪجهه ته ڪمائي وڃان. ٻه سال ٿي ويا اٿم اڃان ڀاڙي جا پئسا ڪڍي نه سگهيو آهيان. جيڪي ڪمايان ٿو اهو اٽي، لٽي ۽ اجهي پٺيان خرچ ٿيو وڃي.“
”سائين هن غريب وٽ ته پاسپورٽ به نه آهي، جنهن ايجنٽ ذريعي هتي پهتو هو ان کانئس پاسپورٽ به کسي ورتو. هاڻ نه پاسپورٽ ٿو مليس ۽ نه ان ايجنٽ جو ماڻهو جنهن کانئس پاسپورٽ وٺي رکيو. ٿي سگهي ٿو هن وڪڻي ڇڏيو هجي. ٻڌجي پيو ته ڪيترا فلسطيني ۽ سري لنڪا جا تامل پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪري وارداتون ٿا ڪن.“ چوڪيدار ٻڌايو.
”پوءِ هن غريب جو ڇا ٿيندو؟“ مون چوڪيدار کان پڇيو.
”خبر ناهي. ويچارو سفارتخاني جا ئي ڪيترا چڪر هڻي چڪو آهي پر ڪوبه سفارتخانو ائين بنا ثبوت جي ته پاسپورٽ ٺاهي نه ڏيندو. ائين ته هتي سوين بنگالي ۽ برمي سفارتخاني ۾ پيا ڦِرن ته اسان پاڪستاني آهيون ۽ اسان کي پاسپورٽ ڏنو وڃي. هو پنهنجو ملڪ ڇڏي هيڏانهن رهڻ جي ارادي سان آيا پر هاڻ هتي سندن ڪم نه ٿيو آهي ته ان ڪوشش ۾ آهن ته پنهنجي ملڪ موٽڻ بدران پاڪستان ئي هليو وڃجي.“ چوڪيدار ٻڌايو. ايتري ۾ اطهر جي ڊرائيور اچي هارن وڄايو ۽ آئون پنهنجو ٿيلهو کڻي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺس. رستي تي هو به ان ئي عنوان تي ڳالهائيندو رهيو ته اڄ ڪلهه ملائيشيا انهن ڌارين ماڻهن جي وٺ پڪڙ ڪري رهيو آهي جيڪي هتي لڪي ڇپي آيا آهن يا اهي جن جي وزٽ ويزا يا ورڪنگ ويزا ختم ٿي وئي آهي پر اڃان رهيا پيا آهن يا وري اهي ماڻهو جيڪي وزٽ ويزا (يعني گهمڻ جي بهاني سان) هتي اچي پوءِ نوڪريون يا مزوريون ڪري رهيا آهن. انهن ۾ گهڻائي انڊونيشين جي آهي جيڪي درياهه (ملاڪا ڳچي سمنڊ) جي هن پار سماترا ٻيٽ کان هتي اچن ٿا ۽ سندن زبان ۽ شڪل هتي جي مڪاني ملئي ماڻهن سان گهڻي ملي ٿي. ٻي نمبر تي بنگلاديش، برما، پاڪسان ۽ ڪمبوڊيا جا ماڻهو آهن. اخبارن ۾ باربار اچي پيو ته مقرر تاريخ کان اڳ غيرقانوني ڌاريا ملائيشيا ڇڏي وڃن. اهڙيون تاريخون ٻه دفعا اڳ به مقرر ڪيون ويون هيون پر هن ڀيري لڳي ٿو ته حڪومت سختي ڪرڻ واري آهي ۽ هو ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۾ اهڙن غير قانوني ماڻهن جي ڳولا جاري رکندي ۽ حڪومت انهن کي به سزا ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي جيڪي اهڙن ماڻهن کي گهرن ۾ اجهو ڏيو ويٺا آهن يا پنهنجي ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ Cheap Labour طور لڳائي رکيو اٿن. توبه توبه! ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي......“ هو اسٽيرنگ ويل تان هٿ کڻي نڪ گهڻ لڳو، ”اسانجو ملڪ هنن سڀني کان سکيو ستابو هو. اڄ اهو مسڪين ٿي ويو آهي. قرضي ٿي ويو آهي- بيروزگاري ۽ بيماري هن جي علامت بنجي وئي آهي. ستياناس ٿئي اسانجي سياستدانن جي جن اسانجي ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. سندن غلط پاليسين، عياشين ۽ سياسي جهيڙن جهٽن اسانجي ملڪ کي ڪٿي پهچايو آهي. اڄ اسان جا ڊاڪٽر، انجنير آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي سپر اسٽورن ۾ چوڪيدار ۽ بئرا ٿيو ڪم پيا ڪن. انگلنڊ جي ريلوي اسٽيشن تي برگر ۽ سئڊوچون پيا وڪڻن. سائين توهان يقين ڪريو هتي هڪ اهڙو نوجوان وڪيل به رهيل هو جنهن ڪنسٽرڪشن ورڪ تي عام مزور ٿي ڪم ٿي ڪيو. چوندو هو ڇا ڪريان پاڪستان ۾ بک پيو مران. چوري يا ڌاڙو هڻڻ بدران هتي پيو پورهيو ڪريان ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو پيٽ پيو پاليان. غريب هڪ ڏينهن اوچتي چڪاس ۾ پڪڙجي پيو. ٽي ڏينهن جيل ۾ رکي کيس واپس لاهور موڪليو ويو. مون ڏهه سال کن لبيا ۾ نوڪري ڪئي آهي ۽ هتي ٽن چئن سالن کان آهيان، جيڪي ڪمايان ٿو اهو ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪريان ٿو. گذريل سال اسٽاف گهٽائڻ جي چڪر ۾ مونکي به نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون. واپس پئي ويس ته اطهر صاحب مونکي ترسائي ڇڏيو ته هن سال آخر تائين جيسين هر هتي ڪوالالمپور ۾ آهي ان وٽ نوڪري ڪريان جو هن جا ٻار مون سان هريل آهن. کين اسڪولن ۾ ڇڏي ۽ وٺي اچان ٿو. کيس آفيس ۾ ۽ هن هنڌ وٺي وڃان ٿو. گهر جو سيڌو سامان آڻڻ ۽ ڪجهه ڪجهه رڌ پچاءُ به ڪريان ٿو. هو شريف ماڻهو پنهنجي کيسي مان مونکي پگهار ڏئي ٿو. ڇهه ست مهينن بعد ڳوٺ (راولپنڊي) هليو ويندس ۽ اتي ٽئڪسي وڃي هلائيندس. چاق به نٿو رهان پر گهر جي خرچ پکي لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو پوندو. ٻئي ٻار پڙهي رهيا آهن. ڌيءَ ميڊيڪل جي ٽيئن سال ۾ آهي. کيس انٽر ۾ پوزيشن حاصل ڪري ميڊيڪل ۾ مفت داخلا ملي آهي ۽ پٽ اسلام آباد ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي آخري سال ۾ آهي. پر ڇا اها ڪا گئرنٽي آهي ته گرئجيوئيٽ ٿيڻ بعد کين نوڪري به ملندي! ڪجهه مهينا اڳ فلاڻو سياستدان هتي گهمڻ لاءِ آيو هو. مون سندس خوب خذمت ڪئي. وڃڻ وقت سندن بيگم مونکي چيو ته اسين توکي دعائون پيا ڏيون. مون وراڻيومانس ته مونکي دعائون ڏيڻ بدران پنهنجي وطن کي ڏيو. ملڪ جي خوشحالي ٿيندي ته اسان لاءِ سک ۽ خوشي پيدا ٿيندي.....“
ڊرائيور سڄي واٽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو رهيو ۽ آئون ٻڌندو رهيس تانجو اچي اطهر جي گهر پهتاسين. ڊرائيور گاڏيءَ مان لهي گهر جو گيٽ کوليو ته مغرب نماز جي ٻانگ ٻڌڻ ۾ آئي. ”سائين توهان هلي ويهو ته آئون مسجد مان نماز ٿو پڙهي اچان.“
”آئون به ٿو هلان.“ مون پنهنجو ٿيلهو در وٽ بيٺل اطهر جي حوالي ڪري گاڏيءَ ۾ ويٺس. مسجد ٻه گهٽيون ڇڏي ٽينءَ ۾ هئي. محلي جي ههڙين مسجدن کي ملئي زبان ۾ Surau سڏجي ٿو. محلي جا ڪجهه پوڙها ۽ نوجوان ملئي ڊريس (بشرٽ ٽائيپ قميص ۽ گوڏ) ۾ هئا. امام هڪ پنجويهه ٽيهه سالن جو ٻُچي ڏاڙهيءَ سان هو جنهن بعد ۾ ٻڌايو ته هن ديني تعليم ڪراچي جي نيوٽائون واري ڪنهن مدرسي مان حاصل ڪئي آهي. فرض نماز کانپوءِ ڪا دير هو ذڪر ڪندا رهيا.
نماز بعد گهر آياسين. اطهر پنهنجي ٻارن سان ملائيندي ٻڌايو ته هن جي ننڍن ٻارن: وليءَ ۽ آمنا ڪالهه ئي قرآن پورو ڪيو آهي. مون کين شاباش ڏيندي سندن پڙڏاڏي علامه علي خان ابڙي جو ٻڌايو ته هو ڪيڏو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي جنهن جي سليس سنڌيءَ ۾ قرآن جو ترجمو هر ڪو پڙهي ٿو ۽ سندن ڏاڏو جمال ابڙو صاحب سنڌ جو مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ايماندار آفيسر آهي. سندن ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل آتم ڪهاڻي جا ڪتاب سڀ کان وڏي شوق سان مون پڙهيا آهن. (هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن) جي مالڪ فيروز ميمڻ ڇپيا آهن جن جا نالا هن ريت آهن:
ڏسي ڏوهه اکين سين،
اونهي ڳالهه اسرار جي
ٿوهڙ ۾ ڳاڙها گل ۽
ايندو نه وري هي وڻجارو.
اطهر ٻڌايو ته سندن ٻيو نمبر ڌيءَ عائشه کي لکڻ پڙهڻ جو گهڻو شوق آهي. سڄو ڏينهن واندڪائيءَ ۾ رسالا ۽ ڪتاب پڙهي ٿي. تازو هڪ ٻارن جو Poetry جو مقابلو ٿيو هو جنهن ۾ هن کي انگريزي شعر تي انعام مليو هو ۽ اخبارن ۾ آيو هو.
اطهر جي زال نوشين پنهنجي چاچن وٽ آمريڪا ويل هئي سو ڀت ڊرائيور رڌيو ۽ ٻاهران هڪ ٻه ملئي ٻوڙ (بيف رانڊانگ ۽ ايام گورينگ) ۽ اڦراٽو (روٽي ۽ مرتباڪ) گهرايا ويا.
ٿوري دير بعد دعوت ۾ گهرايل مهمانن مان ٽي ڄڻا آيا ۽ اطهر تعارف ڪرايو. پروفيسر لڇمڻ تاراچند ۽ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ جيڪي هالا جا آهن ۽ انجنير منصور شيخ دادوءَ جو. لڇمڻ جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هي مهراڻ يونيورسٽي مان 1993ع ۾ گرئجيوئيٽ ٿيو ۽ کيس هتي ملائيشيا ۾ ٽيچنگ جاب ملي ويو. ساڻس گڏ سندس هڪ ٻيو ڪلاس ميٽ شڪارپور جو اجمل شاهه به هتي چونڊجي آيو ۽ ملائيشيا جي Institute Teknology pertama ۾ پروفيسر آهي. کين اٺ نو سال اچي ٿيا آهن ۽ ملائيشيا ۾ خوش آهن. اجمل شاهه ڪوالالمپور کان ٻاهر هجڻ ڪري پهچي نه سگهيو. لڇمڻ هتي اچي M.Sc ۽ M.E ڪئي. اهڙي طرح ڊاڪٽر اجمل شاهه Ph.D آهي. سندس زال ثريا به ملائيشيا جي ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهائي ٿي ۽ اليڪٽرانڪس ۾ B.E آهي.
ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ سن 2000 ۾ ايل ايم سي مان MBBS ڪئي ۽ هينئر يونيورسٽي ملايا مان Internal Medicines ۾ ماسٽرس ۽ MRCPS لاءِ پڙهي رهيو آهي. ڊاڪٽر شڪيل مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ جي ننڍي ڀاءَ ۽ منهنجي هالا جي اسڪول جي ڪلاس ميٽ محمد حاجن جو پٽ آهي. ملائيشيا ۾ منهنجي اچڻ کان به ڪجهه سال اڳ جڏهن ته آئون اڃان جهاز تي Sail ڪري رهيو هوس ۽ جهاز ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ ايندو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور جي ڀر واري شهر ’شاهه عالم‘ ۾ ڊاڪٽر عبدالرحمان نوڪري ڪندو هو. تن ڏينهن ۾ ملائيشيا جا هي شهر تڏهن جي حيدرآباد ۽ سکر وانگر سانت ۽ سڪون وارا هئا. اطهر ابڙو وارن کي ٻڌايم ته ڊاڪٽر شڪيل جي خاندان جا ملائيشيا سان پراڻا تعلقات آهن. وي سي عبدالرحمان صاحب کان علاوه ڊاڪٽر شڪيل جو ننڍو چاچو امجد ۽ پڦيءَ جو پٽ زبير پڻ ويجهڙائيءَ ۾ ملائيشيا مان پڙهي ويا آهن ۽ اڄ ڪلهه ڪئناڊا ۾ نوڪري ڪن ٿا. ڊاڪٽر شڪيل 25 سالن کن جو ٿيندو (ڄم جي تاريخ 17 جون 1976) ۽ پروفيسر لڇمڻ کان 8 سال کن ننڍو آهي. انجنير منصور شيخ (ڄم تاريخ 14 جون 1968) پڻ لڇمڻ سان گڏ ساڳي سال (1993) ۾ سول انجنيرنگ ۾ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي.
انجنير منصور شيخ هتي جي هڪ فرم Suteraples Sdn.Bhd جو پروجيڪٽ مئنيجر آهي. هُن جو هِن ڪمپنيءَ ۾ هي ٽيون سال هلي رهيو آهي. منصور ٻڌايو ته هو هتي ملائيشيا ۾ ٽي سال پورا ڪرڻ بعد ڪئناڊا وڃڻ جو ارادو رکي ٿو جتي سندس ڀيڻ ڊاڪٽر آهي جنهن ڪري کيس پنج Points وڌيڪ مليون آهن.
”هونءَ ملائيشيا ۾ اسان گهر وانگر محسوس ڪريون ٿا. هتي نه سعودي عرب يا ڪئناڊا وانگر تڪليف واري موسم آهي نه ماحول ۾ اوپرائپ، ڪم ڪار ۽ ڊيوٽي جو نمونو به آسان آهي. ويندي سنگاپور ۾ به ٽف لائيف آهي.“ منصور ٻڌايو.
”پوءِ ملائيشيا ڇو ٿا ڇڏيو؟“ مون پڇيو.
ان ڪري جو مونکي هتي نه عمر ڀر لاءِ نوڪري ملندي ۽ نه رهائش لاءِ پاسپورٽ يا پي آر (Permanent Residence). اڄ به سندن ڪم پورو ٿي وڃي يا سندن مڪاني ماڻهو اچي وڃي ته اسان کي ڳوٺ وڃڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌائيندا. آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ موسم ۽ پورهيو سخت آهي پر آخرڪار گرين ڪارڊ ۽ پاسپورٽ مليو ته وڃي ٿو.“ منصور ٻڌايو.
”يارهين سيپٽمبر بعد ته اسان پاڪستانين ۽ مسلمانن لاءِ هنن کي سخت نفرت ٿي پئي آهي. تنهن هوندي به توهان USA ۽ ڪئناڊا ۾ رهڻ پسند ڪريو ٿا؟“ مون سوال ڪيو.
”سائين اهي وقتي ڳالهيون آهن. اڄ به اسان لاءِ اهي ملڪ بهتر آهن. نوڪري ۽ پورهئي لاءِ به ته سڪون لاءِ به ۽ ٻارن جي مستقبل لاءِ به. اها نفرت آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ ننڍڙي گروه کي پئدا ٿي آهي جيڪا بنهه عارضي آهي. ان کان وڌيڪ نفرت ۽ مار مارا ته ايم ڪيو ايم وارن ڪئي هئي ۽ اڄ به اسان لاءِ ڪراچيءَ جا ڪيترا حصا غير سلامت آهن. ويندي پنهنجن ڳوٺن جو ئي حال ڏسو. چوري، ڌاڙا، اغوا، رشوت خوري ۽ نشي آور شين جي کلي عام وڪري اسانجون Generations تباهه ڪري ڇڏيون آهن.“
”منصور! هڪ ڳالهه آهي ته هاڻ مڙيئي. جيتوڻيڪ تمام دير بعد، سنڌي مسلمانن جا ٻار به ملڪ کان ٻاهر يورپ ۽ آمريڪا ۾ نوڪريون ڪندي نظر اچن ٿا. نه ته شروع ۾ (سٺ واري ڏهي ۾) جڏهن منهنجو ٻاهر وڃڻ شروع ٿيو انهن ڏينهن ۾ اسان جا سنڌي سهوليتن هوندي به يورپ يا آمريڪا ۾ نٿي رهيا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ رهي پيو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي.“ مون چيو.
”اسان جا سنڌي جيڪي شروع ۾ يورپ ۽ USA ويا تن ۾ وڏو حصو وڏيرن ۽ سياستدانن جي پٽن جو هو،“ منصور ٻڌايو. ”انهن نه پاڻ لاءِ ڪجهه ڪيو نه پنهنجي ڪميونٽيءَ لاءِ. هو ويا، پئسو چٽ ڪري موٽي آيا. هنن ۾ قابليت يا محنت ڪرڻ جي عادت ته هئي ڪانه جو اتي ڄمي ويهن. هونءَ به پرديس ۾ رهڻ ڪا سولي ڳالهه ته نه آهي.“
”بهرحال مونکي خوشي آهي ته هتي ملائيشيا ۾ ڪيترائي اسانجا سنڌي پڙهي به رهيا آهن ته نوڪري ۽ ڌنڌا به ڪري رهيا آهن. هاڻ هنن لاءِ پنهنجي ڳوٺ کان ڀر واري ڳوٺ ۾ وڃڻ ’پرديسي‘ ٿيڻ نه آهي.“ اطهر کلندي چيو.
”پر هي سڀ ڪجهه پنجاهه سال اڳ هوش اچي ها ته اڄ هنن پَٽن تي پٺاڻن، پنجابين، بنگالين ۽ تاملن وانگر اسانجي سنڌي مسلمانن کي به هتي جو پاسپورٽ هجي ها. سنڌي هندن محنت ڪئي ۽ پرديس جون تڪليفون سٺيون ته سڀني کان اڳ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا ۽ سڀني کان وڌيڪ سکيا ستابا ثابت ٿيا. هونءَ به چوندا آهن ته ’حرڪت ۾ برڪت آهي‘ ۽ ڦول وه سرها هوا جي چمن سي نڪل گيا.“ منصور چيو ۽ ڊاڪٽر ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ اڄ ڪلهه پاڪستان کان (ويندي سنڌ کان) تعليم ۽ نوڪري لاءِ ايندا رهن ٿا. انهن مان هڪ ٽنڊوقيصر پاسي جو نظاماڻي ۽ حيدرآباد جي ڊاڪٽر الهه ورائي ڏيپلائيءَ جو پٽ اميرزاد آهي جيڪو پروفيسر لڇمڻ واري ڪاليج ’سدايا‘ ۾ پڙهي رهيو آهي. ڪوالالمپور جي مشهور انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي (IIU) ۾ ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو جو ڏير پروفيسر ڊاڪٽر علي رضا سومرو پڙهائي رهيو آهي ۽ پي ايڇ ڊي آهي. لاڙڪاڻي جو عامر ٻگهيو صاحب پڻ هتي آهي. ملائيشيا جي جهوني ۽ مشهور يونيورسٽي ”يونيورسٽي ملايا“ ۾ طارق جلباڻي صاحب آهي.
اسلامڪ يونيورسٽي جي ائڊريس هن ريت آهي:
International Islamic University, Malaysia.
Jalan Gombak, 53100
Kuala Lumpur, Malaysia.
(Tel no: 603-20565050-20565502)
Email: amnah@iiu.edu.my
Website:www.iiu.edu.my
اطهر جي مهمانن ۾ هڪ جاويد نيازي صاحب به آيو جو منهنجي عمر جو 56-57 سالن جو لڳو ٿي. بيحد پيارو ماڻهو هو. پاڻ ڏهه ٻارهن سالن کان هتي ملائيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ دبئي ۾ هو جتي اتي جي مشهور اخبار خليج ٽائيمس جي ادارت ڪيائين ٿي ۽ ان کان اڳ اٺ ڏهه سال کن جپان ۾ هو جتي سندس ائڊورٽزمينٽ ڪمپني هئي. هتي ملائيشيا ۾ به سندس ڇپائي ۽ اشتهاري دنيا سان واسطو آهي ۽ هتي جي هڪ مشهور اشتهاري ڪمپني جو Media Consultant آهي. پاڻ شروع وارا سال حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به رهي چڪو آهي ۽ سندس قاضي عبدالمجيد عابد وارن سان ڇپائي ۽ نيوزميڊيا جي سلسلي ۾ ويجها تعلقات هئا. قاضي اسد ۽ سعيد اڪبر لاءِ بار بار سلام ڏئي رهيو هو ۽ ساڻن ملڻ لاءي وڏي اڪير جو اظهار ڪري رهيو هو.
ماني کائي بس ڪئيسين ته اطهر جي گهرايل مهمانن مان ٻه ٻيا پهتا.
هڪ روهڙيءَ جو غلام علي سولنگي ۽ ٻيو ميهڙ پاسي جو قاري غلام سرور ڏهر. هنن کي ڪٿي دعوت هئي سو ماني اتان کائي هتي خاص مونسان ملڻ لاءِ آيا هئا. ڏهر صاحب ته شام جو منهنجي اچڻ کان اڳ هڪ دفعو هتان ٿي ويو هوجو هو هفتي ۾ ٽي ڏينهن اطهر جي ٻارن کي قرآن پڙهائڻ ايندو آهي. پاڻ منهنجا ڪجهه ڪتاب پڙهيا هئائين ۽ هتي جي ڪيترن پاڪستاني ۽ سنڌي هندن کان ٻڌو هئائين ته آئون هتي وڏو عرصو رهي ويو آهيان سو بقول سندس کيس مون سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ هئي ۽ جيئن ته ادب جي حوالي سان منهنجي هن سان غائباڻي واقفيت ٿي هئي سو هو مونکي فل ٽائيم اديب سمجهي هر هر مونسان ادب تي گفتگو ڪندو رهيو بلڪ ادب بابت ڪي ڪي اهڙا سوال ٿي پڇيائين جن جا ”پُر علم“ جواب الانا صاحب، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو يا سراج ميمڻ جهڙو سنڌي ادب جو ڄاڻو ۽ ڏاهو ڏئي سگهي ٿو، آخر سندس غلط فهمي دور ڪرڻ لاءِ چيومانس ته سائين آئون نه فل ٽائيم اديب آهيان، نه لٽريچر جو پروفيسر ۽ نه وري ڪا منهنجي ادبي ماڻهن سان ايتري اٿي ويٺي ٿئي ٿي جو اها سوجهه بوجهه هجيم. منهنجي حيثيت سر ونسٽن چرچل جي بورچي واري آهي جيڪو واندڪائيءَ ۾ اخبارن رسالن لاءِ ويهي مضمون لکندو هو. سو آئون به بنيادي طرح هڪ مئرين انجنير ۽ جهازي آهيان جنهن جو ڪم جهاز هلائڻ ۽ جهازن ۽ ان جي انجڻين تي ليڪچر ڏيڻ آهي. ان بابت جيڪو سوال ڪريو ته هن ئي وقت تفصيلي جواب ڏيانءِ. باقي هي لکڻ پڙهڻ فقط منهنجي هابي (وندر) آهي. مڙيئي وقت پاس ڪرڻ لاءِ. پر سائين اڳيان به ڏهر صاحب هو. آخر ۾ نيٺ هن محفل کي ادبي رنگ ڏنائين ۽ هر هڪ کي ڪو شعر يا زندگيءَ جو واقعو ٻڌائڻو پيو. ويندي اطهر جي ڌيءَ عائشه کي به اهو شعر پڙهڻ لاءِ چيائين جيڪو ٻارن جي ايشين ملڪن جي شاعري جي مقابلي ۾ اول آيو هو. ان جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن.
Down through the forest walks a man
Guided be the light of the moon
It was midnight in the month of June
He knew he would reach a beach soon
And when he did
It became clear that it was dangerous
And full of ashes
But when he looked up
And saw the smiling face of the moon
He continued......
Knowing he would reach home soon.
هن گڏجاڻي کي ادبي محفل يا مشاعرو بنائڻ ۾ اسان جي ڳوٺاڻي (هالائي) ڊاڪٽر شڪيل جو به وڏو هٿ هو. هن ڪو تازو شعر ٺاهيو هو ۽ ٻڌائڻ لاءِ موقعي جي ڳولا ۾ هو. رات جا ٻارهن ٿي رهيا هئا. گيٽ واري ملئي چوڪيدار رکي رکي ڪنهن لنگهندڙ سان ملئي زبان ۾ خير عافيت پئي ڪئي. پاڙي واري گهر ۾ رهندڙ چيني فئمليءَ جي ڪتي رکي رکي ڀونڪار ٿي ڪئي. وڻن ۽ گاهه ۾ ويٺلن ملائيشيائي جيتن جي راڄن زور زور سان چرچر پئي ڪئي ۽ اسان ڇٻر تي ڪرسين تي چانهه سان گڏ سنڌي شاعريءَ جو لطف وٺي رهيا هئاسين.
”هي دور آهي نفسا نفسيءَ جو
بي دردي جو بي دليءَ جو.....
ڊاڪٽر شڪيل پنهنجو شعر ٻڌائڻ شروع ڪيو.
”ڪئين خواب ٿا لٽجن
ڪئين دليون ٿيون ٽٽن
هي دور آهي نفسا نفسيءَ جو
بي درديءَ جو بي دليءَ جو.....“
”سائين ڀلا مون طرفان به ٻه سٽون ٿي وڃن.“ غلام سرور ڏهر چيو.
”سائين اکين تي.“ ساڻس گڏ آيل غلام علي سولنگي چيو ۽ ڏهر صاحب پنهنجو شعر پڙهيو:
”لِيلائي پيئي لوچ اسان جي
سڏڪي پيئي سوچ اسان جي
جيون جي هر رنگينيءَ تي
’ڏهر‘ ڪٿي ائپروچ اسان جي.“
غلام سرور ڏهر هڪ سوسائٽي يا ائسوسيئيشن ٺاهڻ جي رٿ ڏني. ”هتي ڪوالالمپور ۾ ڪيتريون ئي ائسوسيئيشن آهن. ملئي ماڻهن جون، چينين ۽ تاملن جون، پنجابين ۽ پٺاڻن جون، گورکن ۽ بنگالين جون، بوهرين ۽ کوجن جون- هو وقت به وقت پاڻ ۾ ملندا رهن ٿا ۽ خوشيون ملهائين ٿا. هتي سنڌين جي هڪ سوسائٽي آهي، پر ان جا ميمبر فقط اهي آهن جن کي ملائيشيا جو پاسپورٽ آهي. اسان ڪجهه سالن لاءِ هتي رهندڙن کي هو نٿا شامل ڪن. ان ڪري پاڻ پنهنجي الڳ ٺاهڻ جو اڄ بنياد رکون.“
ان تي آخرڪار سڀ راضي ٿيا ۽ جيڪي ان وقت موجود هئا انهن جا نالا ۽ صحيحون وٺي پريس رليز لاءِ اطهر کي چيو ويو.
ڏهر صاحب کان پڇيم ته هنن جو هتي ملائيشيا ۾ اچڻ ڪيئن ٿيو، پاڻ مونکان به سال ٻه وڏو يعني سٺ کن سالن جو لڳي رهيو هو.
.سائين مون ڳوٺ (ميهڙ) هينئر نه ڇڏيو آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رلندي مونکي ڏيهارو سال ٿي ويا آهن. مون وڏو عرصو عراق ۾ گذاريو جتي عربي به سکيس. ان بعد ڪويت هليو ويس جتي سڪون سان رهيو پيو هوس. عراق ڪويت جي جنگ لڳي. جيڪو سالن کان پاڇي ڪيو هوم سو سڀ پئسو لٽجي ويو. ٻن ڪپڙن ۾ جان بچائي ڪويت مان نڪتاسين. ڪويت ۽ عراق ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻارن کي قرآن مجيد پڙهائيندو هوس. پوءِ سعودي عرب آيس جتي پڻ چڱا سال رهيس. ان بعد هوائي سفر جو ڀاڙو ۽ Visa حاصل ڪري آمريڪا (USA) آيس. آمريڪا جي مختلف شهرن نيويارڪ، نيوجرسي، واشنگٽن وغيره ۾ ٻارهن سال گذاريم.“
”پوءِ هتي ڪيئن اچڻ ٿيو.“ مون پڇيو.
”بس سائين اهي درد جا داستان نه پڇيو ته سٺو.“ ڏهر صاحب ٽوپي لاهي پٿل ماري ڪوچ تي ٿي ويٺو. آمريڪا مان ٻه چار ڏوڪڙ بچائي ڳوٺ پهتس ته هاڻ گهرڙو اڏائي باقي زندگيءَ جا ڏهاڙا سڪون سان ٻچن ٻارن سان گڏ ٿو گذاريان ته ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريون ڏياريندڙ هڪ ايجنٽ اچي پاسو ڏنو.“
”ڪمال آهي. توهان جهڙي ماڻهوءَ کي هو بيوقوف بڻائي ويو.“ اسان چيو.
”بس قسمت ۾ ائين هو،“ ڏهر صاحب وراڻيو،“ منهنجي مٿي ۾ به اها ته ماليا خوليا هئي ته جيڪر برونائي يا جپان وڃان. انهن ملڪن جي تعريف مون آمريڪا ۾ ئي ٻڌي هئي ته اهي امير ملڪ آهن. پئسو جام اٿن.“
”پر ڏهر صاحب، برونائي ته مسلمان ملڪ آهي باقي جپان ته اهو ملڪ آهي جنهن جي ماڻهن کي مغربي مشنريز (عيسائي تبليغڪار) به مذهب تي آڻي نه سگهيا. هنن لاءِ وڏو مذهب پئسو آهي. تڏهن ته ڀٽي صاحب به جپانين لاءِ چيو هو ته: ”اسان سماجي (Social) جانور آهيون. پر جپاني معاشي (Economical) جانور آهن.“ مون چيومانس.
”نه سائين. ائين نه اٿانوَ. اڄ ڪلهه ڪيترائي جپاني اسلام قبول ڪري رهيا آهن. جتي ڪٿي مسجدون به ٺهي رهيون آهن ۽ کين قرآن پڙهائڻ لاءِ ماڻهو کپن.“ ڏهر صاحب چيو.
”پر توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟“ مون پڇيومانس.
”سائين اتي دادو پاسي جا ڪيترائي چنا ذات جا رهن ٿا. هنن جا خاندانن جا خاندان جپان ۾ رهن ٿا. انهن جي مائٽن مونکي ٻڌايو پر هو ڪنهن کي به Sponser نٿا ڪن. توهان جو ڪو سڃاڻو آهي جيڪو مونکي اتي گهرائي ۽ ڪجهه ڏينهن اجهو ڏئي ۽ ماني کارائي جيسين آئون هٿ پير هڻي ڪو روزگار ڳولي وٺان.“
”خبر نه آهي اڄ ڪلهه ڪير ڪير جپان ۾ آهي.“ مون ٻڌايومانس. ”جڏهن آئون جپان ۾ رهندو هوس ته هڪيڊي ٻيٽ کان ڪيوشو تائين سنڌي ته ڇا پر پنجابي پٺاڻ به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. بهرحال ان کانپوءِ جپان ۾ اچڻ تي جيڏي سختي ٿي آهي مون ٻڌو آهي اوترا ئي گهڻا اسان جا ماڻهو قانوني ۽ غير قانوني طرح اتي پهتا آهن ۽ ڪيترا ته نوڪريون حاصل ڪري يا مڪاني ڇوڪرين سان شادي ڪري هن ڏورانهين ڏيهه (جپان) ۾ ٽِڪي پيا آهن جتي جي ڌرتي، موسم ۽ مرد حضرات ڪٺور دل آهن،جتي هر شيءَ مهنگي آهي ۽ جتي اسانجي ملڪن کان بلڪل نرالي زبان ڳالهائي وڃي ٿي.“
”بهرحال ڏهر صاحب توهان پنهنجي هتي اچڻ جي ڪٿا ته الطاف صاحب کي ٻڌايو.“ ڏهر صاحب کي ٻئي رستي ڏي ويندي کيس اطهر ياد ڏياريو ۽ ڏهر صاحب جپان جي پچر يڪدم ڇڏي اصلي ڳالهه تي آيو.
”سائين معاف ڪجو. پوڙها ٿي ويا آهيون. ويسارو وڌندو ٿو وڃي. توهان کي ان ٺڳ ايجنٽ بابت ٻڌائيندو هلان. هُن مونکي چيو ته ڪُوالالمپور ۾ هڪ نوڪري آهي جيڪا لک رپيا ڏيڻ تي توکي وٺرائي ڏئي سگهان ٿو ۽ ويزا وٺرائي ڏيڻ به منهنجي ذمي. تون رڳو ٽڪيٽ وٺجانءِ. آئون راضي ٿي ويس. پاڻ لاهور جو هو ۽ مون کي ٻڌايائين ته سندس مائٽ سالن کان ملائيشيا ۾ رهن ٿا ۽ ملائيشيا جي Citizenship ۽ پاسپورٽ اٿن.“
”پوءِ هو توهان جا پئسا کڻي ڀڄي ويو.“ مون کيس روز مره جي واردات موجب ڪهاڻيءَ جو انت ٻڌايو.
”نه ادا. هن پاسپورٽ تي ويزا هڻائي ڏني ۽ چيو ته سندس سؤٽ منهنجي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي منتظر هوندو ۽ نوڪري وٺرائي ڏيندو.“
”۽ هتي پهچڻ سان ڪير نه هو.“ مون چيو.
”نه. بلڪل هو. آئون ٽڪيٽ خريد ڪري MAS هوائي جهاز ۾ ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور پهتس ته هتي جي ايئرپورٽ تي هن جو پاڪستاني مائٽ نظر آيو.“ ڏهر صاحب ٻڌايو ۽ ”هتي ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي لهي خبر پيئي ته ان نوڪريءَ جو دلبو نه فقط مونکي پر ٻين به ٽن چئن ڄڻن کي مليل هو. هن همراهه اسان سڀني کان نوڪري ملڻ وارا خط ۽ پاسپورٽ ورتا ۽ هڪ ٽئڪسي کي بيهاري اسان کي ان ۾ ويهاريو ۽ ڊرائيور کي ڀاڙو ڏئي ڪجهه ملئي زبان ۾ چيو ته اسان کي اوڏانهن وٺي هلي ۽ پاڻ پنهنجي ڪار ۾ وڃي ويٺو. اسان رب جا شڪر بجا آڻيندا، هتي جي جهڙالي موسم جو مزو وٺندا ايئرپورٽ کان شهر ڏي هتي جي چلڪندڙ رستن تان ترڪندا وياسين. شهر جون خوبصورت عمارتون ۽ خوشحال ماڻهو ڏسي اسان به خوش ٿي رهيا هئاسين ته اجهو ٿا اسان به انهن مان هڪ ٿي وڃون.
”ٽئڪسي وارو سينٽرل مارڪيٽ وٽ لاهي وڃڻ لڳو ته اسان هن کان اسان واري همراهه جو پڇيو. هن ٻڌايو ته هن کي خبر ناهي ته هو ڪير هو. هن ڀاڙو ڏنو ته توهانکي سينٽرل مارڪيٽ لاهي ڇڏيان. ٽئڪسي وارو هليو ويو ۽ اسان پاڻ واري همراهه جو چار ڪلاڪ کن انتظار ڪندا رهياسين. پوءِ اسان سڀ سمجهي وياسين ته اسان سان دوکو ڪيو ويو آهي. اسان کان پاسپورٽ به کسيو ويو. مون سان گڏ جيڪي هئا اهي به ويچارا غريب مزور هئا. الهه تلهه گروي رکي ايجنٽ کي پئسا ڏئي هتي پهتا هئا. جيڪو ٽڪو پئسو کيسي ۾ هو ان جي اڀري سڀري ماني کائي فٽ پاٿ تي سمهي رات گذاريسين. ٻئي ڏينهن کان بکئي پيٽ هن وڏي شهر ۾ ڦرندا رهياسين. ڪو اسانجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. ويتر پاسپورٽ به هليو ويو هو جنهن تي ويزا لڳل هئي. ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي روزانو سوين ماڻهو برما، بنگلاديش، پاڪستان، ويٽنام، ڪمبوڊيا ويندي انڊونيشيا، ٿائلنڊ ۽ فلپين کان غير قانوني طرح گهڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ تقريباًسڀني جو انت پَودو جيل ۾ شهر کان ٻاهر ٺهيل ڪئمپ ۾ ٿئي ٿو جيڪو پڻ هن قسم جو جيل خانو آهي. سو ظاهر آهي اهڙي ماحول ۾ اسانجي ڪير ٻڌندو ته اسان قانوني طرح آيا آهيون ۽ اسان سان پنهنجن ئي هينئن ويساهه گهاتي ڪئي آهي.
”اسان پنڌ ئي پنڌ رلندا رلندا ائمپنگ روڊ تي پنهنجي سفارتخاني ۾ آياسين جتي خبر پيئي ته اسان جهڙا ڪيترائي پاڪستاني ۽ ويندي ڪجهه ڌارين ملڪن جا ماڻهو پوليس جي چنبي ۾ اچڻ بعد پاڻ کي پاڪستاني سڏائي سفارتخاني ۾ پهچيو وڃن. اسان جو ملڪ ته غريب آهي پر امير ملڪن جي سفارتخانن وٽ به ايڏا فنڊ ته نه آهن جو وتن ماڻهن جون ٽڪيٽون ڀريندا ۽ ڌارين ملڪن ۾ سندن رهائش جو انتظام ڪندا. هتي اسان سان گڏ ڪيترا بنا پاسپورٽ بنگالي ۽ برمي به بيٺا هئا جن جو پاسپورٽ گم يا چوري ٿيڻ تي يا پاڻهي پنهنجو پاسپورٽ اڇلي هاڻ پنهنجي ملڪ موٽڻ بدران پاڻ کي پاڪستاني سڏائي، پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا. هو اهو ئي سوچي رهيا هئا ته هاڻ ملائيشيا ۾ ته رهڻ نٿا ڏين. ٻئي نمبر تي پاڪستان وري به پنهنجي ملڪ کان ڀلو آهي.
”سو اهڙي سيناريو (تناظر) ۾ اسان جي ڳالهه تي ڪير ٿو يقين ڪري ته اسين پاڪستاني آهيون ۽ اسين هينئن لٽجي ويا آهيون. سڀ کان پهرين ته اسان ائين غيرقانوني طرح ڇو آياسين ۽ ان ايجنٽ ۽ نوڪري واري فئڪٽري ۽ ڪارخاني جي پاڪستان مان ڇو پڪ نه ڪئيسين. بهرحال هاڻ پهرين ڳالهه ته اها هئي ته پاسپورٽ ٺهي. چڱو جو شناختي ڪارڊ مون وٽ هو. ٻين غريبن جو ته اهو به پاسپورٽ سان گڏ هليو ويو جو انهن جو ان تي Staple ٿيل هو.
”بهرحال آئون سائين اطهر جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪجهه پئسا کيسي ۾ وڌا جيئن ماني ٽڪي کائي اچان. ٻن ڏينهن کان بک تي هئاسين. هن مون کي سندس گهر اچي سندس ٻارن کي قرآن پڙهائڻ لاءِ چيو.
”۽ هاڻ ته سال کان به مٿي ٿي ويو آهي. پاسپورٽ ٺهي ويو آهي ۽ هتي ڪجهه ٻين ٻارن کي به قرآن پڙهائي رهيو آهيان. ڪجهه پاڪستاني ٻار آهن ڪجهه ملئي آهن. پر آئون ڀانيان ته جپان وڃان. برونائيءَ جو ته آسرو ٿي ويو آهي. هتي رهندڙ هڪ برونائيءَ جو همراهه اتي جي ويزا وٺرائي ڏيڻ جو آسرو ڏنو آهي پر آئون جپان وڃڻ چاهيان ٿو. مونکي رڳو ڪو مهرباني ڪري Sponser ڪري (يعني مون پاران ذميواري کڻي.)“
”ڏهر صاحب هتي رهائش جو مسئلو ڪيئن حل ڪيو اٿانوَ؟“ مون پڇيو.
”منهنجي هتي ڪوالالمپور ۾ ملاقات روهڙيءَ جي هن جوان غلام علي سولنگيءَ سان ٿي.“ ڏهر صاحب غلام علي ڏي اشارو ڪندي ٻڌايو جيڪو عمر ۾ ٽيهارو کن سال جو ٿيندو (سندس ڄم جي تاريخ 5 اپريل 1971) آهي). هو 1994 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان B.Sc ڪري هتان اچي نڪتو ۽ هتي جي هڪ خوبصورت علائقي KLCC (جتي دنيا جي وڏي عمارت پيٽروناس ٽاور پڻ آهي ۽ ڪوالالمپور جون سهڻيون هوٽلون ۽ پارڪ پڻ اتي آهن) ۾ ڪيفي کولي. ”ان ڪيفي ۾ اسين رات جو سمهي رهندا هئاسين.“
”ڇا جي ڪيفي هئي“ مون ڏهر کان پڇيو.
”ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ جي.“ هن وراڻيو.
”پوءِ ان جو ڇا ٿيو.... نه هلي ڇا؟“ مون پڇيو.
”نه سائين هلي اهڙي جو ڳالهه ئي نه پڇو. ڏاڍو سکيو وقت گذري رهيو هو. چئن پڙهيل ڳڙهيلن سان به روزانو ملاقات پئي ٿي. سولنگي سان گڏ هڪ ٻيو به پنجاب پاسي جو همراهه ڀائيوار هو ۽ ٻنهي پنهنجو سمورو پئسو ان ۾ لڳايو هو. پوءِ هڪ ڏينهن بدقسمتي اهڙي ٿي جو هنن جي سائبر ڪيفي ۾ تامل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس اچي وئي ۽ هنن جي جهيڙي ۾ شاهدين لاءِ هي به ڦاسي پيا ۽ جيئن ته هي هتي غيرقانوني طرح هئا سو هنن کي اهو ڌنڌو ڇڏڻو پيو.“ ڏهر ٻڌايو. غلام علي سولنگي پنهنجي ڳالهه ٻڌي کلي رهيو هو.
”شاباش هجنئي يار. هتي ڪوالالمپور ۾ مونکي تون پهريون سنڌي مليو آهين. جنهن جي ڌنڌي ۽ واپار ۾ دلچسپي آهي.“ مون غلام علي سولنگيءَ کي چيو.
”بس سائين جيئڻ لاءِ هٿ پير ته هڻڻا پون ٿا.“ غلام عليءَ چيو.
”ڀلا هاڻ ڇا ڪريو؟“ مون کائنس پڇيو.
”هاڻ مون ۽ منهنجي پارٽنر گڏجي ڊاڪٽري اوزارن جو ڌنڌو شروع ڪيو آهي. پاڪستان مان سرجيڪل اوزار گهرائيندا آهيون ۽ هتي جي اسپتالن ۾ سپلاءِ ڪندا آهيون. آئون سامان سان گاڏي ڀري مختلف شهرن ۾ ويندو آهيان. مغربي ملائيشيا جون يارهن رياستون آهن. هر هڪ ۾ سال جو هڪ مهينو گذاريندو آهيان ۽ اتي جي اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن سان ملي انهن کان آرڊر وٺندو آهيان ۽ مال سپلاءِ ڪندو آهيان ۽ سال جو آخري مهينو هتي فيڊرل ڪئپيٽل ڪوالالمپور ۾ گذاريندو آهيان. هي مهينو ننگري سيمبيلان رياست ۾ ڪم ڪرڻ جو آهي پر جيئن ته اها ڀر واري رياست آهي سو روز رات جو موٽي ايندو آهيان.“
غلام علي سولنگي هي ڪم Naqsh Enterprise ڪمپني نالي ڪري ٿو جنهن جي مختصر آفيس يا هيڊڪوارٽر تمن باتو جي جالان (شاهراهه) جمبو تي آهي جيڪو جالان ڪچنگ وٽ آهي. سندس فون نمبر 03.62525637 ۽ 62533476-03 آهي ۽ اي ميل ائڊريس lasani@net.my آهي.
ڪجهه دير اڳ پروفيسر لڇمڻ ٻڌائي رهيو هو ته ملائيشيا حڪومت اهو قانون پاس ڪيو آهي ته نه فقط ملئي مرد يا ملئي عورت به ڪنهن ڌارئين سان شادي ڪندي ته ان جي مڙس کي ملائيشيا ۾ رهڻ ڏنو ويندو ۽ اڳتي هلي ملائيشيا جي شهريت ۽ پاسپورٽ به ملندو. نه ته اڳ ۾ فقط ملائيشيا جا مرد ڌارين ملڪن جي ڇوڪرين سان شادي ڪري پنهنجين زالن کي وٺي آيا ٿي. مون غلام علي سولنگيءَ جو سوچي ته هو هتي ملائيشيا ۾ هيڏي محنت ڪري بزنيس ڄمائي رهيو آهي پر هتي جي حڪومت کيس ڪنهن وقت به ٽپڙ ٻڌائي سگهي ٿي پر هن لاءِ هتي پير ڄمائڻ جو اهو ئي واحد طريقو آهي ته هو هتي جي ڪنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪري. اهو سوچي کانئس پڇيم ته آيا سندن شادي ٿيل آهي يا نه؟ منهنجي سوال پڇڻ تي هو سمجهي ويو ته آئون ڇا پيو سوچيان. ٺهه پهه وراڻيائين:
”نه سائين ۽ اهائي منهنجي Qualification آهي. ۽ هتي جي هڪ ڇوڪريءَ سان منهنجو چڪر هلي پيو ۽ انشاالله جهٽ شاديءَ جو ارادو اٿم جيئن آئون قانوني طرح هتي رهي سگهان ۽ ڌنڌو ڄمائي رکان.“ اهو چئي پاڻ ۽ منصور شيخ موڪلايو. هنن جي وڃڻ بعد ڏهر صاحب به اٿڻ جي ڪئي.
”سائين توهان اهو ته ٻڌايو ڪونه توهان ڪٿي رهو ٿا؟“ مون پڇيو.
”ادا آئون هڪ ملئي همراهه سان گڏ رهان ٿو. هو نيڪ ماڻهو مون کي پاڻ وٽ رکيو ويٺو آهي. سندس ٻارن کي قرآن پڙهائيندو آهيان. ماني ٽڪي ٻاهر ڪريان. هو مونکي چوي ٿو جيترو وقت وڻنئي مون وٽ رهيو پيو هج پر هاڻ آئون ملائيشيا ڇڏي برونائي وڃڻ چاهيان ٿو جتان پوءِ جپان ويندس. جيڪڏهن جپان ۾ رهندڙ اسان جا چنا يا ڪو ٻيو مونکي جپان جي ويزا ۽ نوڪري وٺرائي ڏئي ته آئون جيڪر اڄ ئي هليو وڃان.“ ڏهر صاحب ٻڌايو ۽ هلڻ لاءِ اٿيو، ڊاڪٽر شڪيل ۽ پروفيسر لڇمڻ کي اتي ئي ڇڏي اطهر ۽ آئون قاري غلام سرور ڏهر کي دروازي تائين ڇڏڻ آياسين.
اطهر پنهنجي ڪار جي چاٻي کڻي آيو ۽ ڏهر صاحب کي گهر تائين ڇڏي اچڻ لاءِ چيو. پر هو پنڌ وڃڻ لاءِ ضد ڪرڻ لڳو ۽ چيو:
”صحت کي صحيح رکڻ لاءِ منهنجي لاءِ پنڌ ڪرڻ صحيح آهي. جنهن ڏينهن پنڌ نٿو هلان مونکي گردن ۾ تڪليف ٿيو پوي.“
”غلام سرور صاحب منهنجو هڪ ملئي ڊاڪٽر دوست آهي. توهان چئو ته توهانکي سڀاڻي ان وٽ وٺي هلان. هو يورولاجسٽ آهي.“ مون ڏهر صاحب کي صلاح ڏني.
”نه منهنجا ڀاءَ! آئون دوائن کان ڏاڍو گهٻرايان ٿو. بس دعا ڪريو ته آئون جپان هليو وڃان. توهان جو ڪو دوست ٽوڪيو ۾ هجي ته ان کي منهنجي لاءِ چئي ڏسو.“ هن چيو.
”آئون ڪوشش ڪندس. ٽوڪيو ۾ نه ته يوڪوهاما ۽ اوساڪا ۾ ڏسندس جتي منهنجو گهڻو رهڻ ٿيو آهي.“ مون ڏهر صاحب سان وعدو ڪيو ۽ هو اسان کي خدا حافظ چئي روانو ٿيو. اطهر ۽ آئون ڪا دير گيٽ ٻاهران بيٺا رهياسين. نوائي رات ۾ ڪوالالمپور جي ڏامر جي رستي تي ڪا دير قاري غلام سرور ڏهر جي قدمن جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا تانجو اڳيان وڃي هو مين روڊ ڏي مڙي ويو ۽ اسان پوءِ ڪي گهڙيون ماٺ ماٺ ۾ هڪ ٻئي جا منهن ڏسندا رهياسين.
”ڇا پيا سوچيو؟“ خاموشيءَ کي ختم ڪندي اطهر ڪجهه ڳالهايو.
”بس يار ڏهر صاحب جو سوچي رهيو آهيان.“ مون وراڻيو.
آئون به ان جو ئي سوچي رهيو آهيان.“ اطهر چيو، ”وڏي همت آهي سائينءَ کي. سندس جدوجهد کي داد ڏيڻو پوي ٿو. سوچڻ جي ڳالهه آهي. هڪ ماڻهو جيڪو سٺ جي پيٽي ۾ آهي. بيمار رهي ٿو. گهر ٻار کان پري رهي ٿو. سندس ڪو مستقل ذريعو آمدنيءَ جو ناهي. نه پينشن اٿس نه ٻني ٻارو. گذريل سالن جي ڪمائي ڦرجي وئي اٿس جيڪو پنهنجي وطن کان اڃان ڏور آهي جنهن جي موسم، ماحول ۽ ڪلچر اسانکان بلڪل اوپرو آهي. جتي جو کاڌو پيتو ۽ زبان بلڪل نرالي آهي ۽ جنهن جي سکڻ لاءِ هن کي هن عمر ۾ ڪيڏا ته ڪشالا ڪڍڻا پوندا...... پر هي خدا جو نيڪ بندو پنهنجي ارادي تي قائم آهي ۽ هر مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“
”اطهر زندگي رهي ته آئون هن شخص تي ڪجهه سٽون ضرور لکندس جيئن اڄ جو نوجوان سبق حاصل ڪري سگهي ۽ معمولي معمولي مسئلن تي هاءِ گهوڙا ڪرڻ ڇڏي. ڌارين ملڪن ۾ درپيش ايندڙ مونجهارن ۽ تڪليفن کي صبر سان منهن ڏئي.“
مهمانن ۾ فقط پروفيسر لڇمڻ ۽ ڊاڪٽر شڪيل رهجي ويا هئا. اطهر مونکي سندس گهر ترسي پوڻ لاءِ وري زور ڀريو.
”آئون بلڪل رهڻ جي ارادي سان آيو هوس پر هاڻ جيئن ته لڇمڻ جو رستو مون واري هوٽل وٽان آهي سو مون هن کي لفٽ لاءِ چيو آهي هو مونکي رستي تي جالان ڪلانگ لاما تي هوٽل ۾ ڇڏيندو ويندو. سڀاڻي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملاڪا وڃي رهيو آهيان. واپسي تي تو وٽ ڪجهه ڏينهن ضرور رهندس.“ مون اطهر کي چيو.
رات جا ٻارهن ٿي رهيا هئا. اطهر کان موڪلائي آئون ۽ ڊاڪٽر شڪيل پروفيسر لڇمڻ جي ڪار ۾ اچي ويٺاسين. ڪوالالمپور شهر جي ٽرئفڪ گهٽجي چڪي هئي. هاءِ وي وٺڻ بدران اسان شهر جي اهم رستن، جالان تن رزاق، جالان يپ ڪوان سينگ، جالان پي راملي، جالان راجا چولان، جالان بڪت بنتانگ، جالان سلطان اسماعيل، جالان امبي ۽ جالان دامن سارا جا چڪر هڻندا شهر کان ٻاهر پنهنجي ماڳ ڏي روانا ٿي وياسين.
***