ملاڪا ڏي روانگي
وقت گذرڻ سان ڪيترا منهنجا شاگرد سامونڊي زندگيءَ مان بيزار ٿي يا ٻين مجبورين ڪري سمنڊ جي نوڪري. يعني جهاز راني ڇڏي ڪناري جي نوڪري (Shore Job) ڪري رهيا آهن. پوءِ ڪي جهازن جي شپ يارڊن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ته ڪي جهاز ران ڪمپنيءَ جا مئنيجر ٿي ويا آهن. ڪي ٽيچنگ جاب ڪري رهيا آهن ته ڪي بندرگاهن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪندڙ منهنجي شاگردن مان جن سان منهنجي لهه وچڙ قائم آهي انهن مان ڪئپٽن رزالي هڪ آهي ۽ هينئر ملائيشيا اچڻ جو پروگرام به پهرين ڏينهن کان رزالي سان discuss ڪندو رهيس.
ڪئپٽن رزاليءَ سان منهنجي پهرين ملاقات 1985ع ڌاري ٿي جڏهن هو چيف ميٽ جي امتحانن لاءِ ميريٽائيم اڪيڊمي ملاڪا ۾ داخلا وٺڻ آيو هو. پاڻ پنج ڇهه سال جهاز هلائڻ بعد هاڻ وڌيڪ پروموشن ۽ امتحان پاس ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو ڪورس ڪرڻ آيو هو. ٻين ڪيترن جهازي آفيسرن وانگر رزالي به شادي شده هو ۽ هو پنهنجي زال عائشه ۽ هڪ ٻار فرحان سان هاسٽل ۾ رهيو ٿي. رزالي سٺن شاگردن مان هو ان ڪري مون هن جو وڌيڪ خيال رکيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سندس ماءُ پيءُ يا سس سهرو ساڻس ۽ عائشه سان ملڻ ايندا هئا ته اسان جي گهر به ايندا هئا. آئون ساڻن رزالي جي تعريف ڪندو هوس. مونکي ۽ منهنجي ٻارن کي ملئي زبان اچڻ ڪري ساڻن ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ وقت نٿي ٿي.
رزالي امتحان پاس ڪري سال ٻه جهاز هلائي ڪئپٽن ٿيڻ لاءِ ”ماسٽر مئرينر“ جو امتحان ڏيڻ لاءِ وري اڪيڊمي ۾ آيو ته کيس ٻه ٻار ٿي چڪا هئا. ۽ پوءِ ڪئپٽن ٿيڻ بعد هن اڪيڊمي ۾ ئي نوڪري اختيار ڪئي ۽ منهنجي پاڙي ۾ اچي رهيو. هاڻ کيس ٽي ٻار هئا.
”مونکي لڳي ٿو توکي هاڻ جهاز هلائڻو ناهي؟“ مون کلندي رزاليءَ کي چيو ۽ هو سمجهي ويو ته آئون ٻارن جي حوالي سان ڳالهه ڪري رهيو آهيان جو دنيا جون ڪيتريون ئي جهاز ران ڪمپنيون جهاز هلائيندڙ آفيسر کي جهاز تي ٻن کان مٿي ٻار رکڻ جي موڪل نٿيون ڏين.
”عائشه ۽ مونکي ٻار پسند آهن،“ رزاليءَ چيو، ”بابو به چوي ٿو ته ملائيشيا جي آدم شماري تمام گهٽ آهي. ڀلي گهڻي کان گهڻا ٻار ڄڻيو. پئسي ڏوڪڙ جي پرواهه نه ڪريو.“
ملائيشيا ڇڏڻ تائين رزالي کي چار ٻار ٿي چڪا هئا. شام جو واڪ لاءِ نڪرندا هئاسين ته اسين اڳيان اڳيان هوندا هئاسين. عائشه پٺيان. هڪ ٻار ڪڇ تي هڪ کي آڱر کان جهلي هلندي هئي ۽ ٻه ٻار پٺيان پٺيان ٿاٻڙندا ايندا هئا.
1992ع جي شروع ۾ آئون مالمو (سئيڊن) هليو ويس جتي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي آهي. پوري سال بعد ڪئپٽن رزالي به پنهنجي ڪٽنب سميت اچي مالمو مان نڪتو ۽ منهنجي پاڙي واري بلڊنگ ۾ رهڻ لڳو. هاڻ کيس ڇهه ٻار هئا. پنج پٽ ۽ هڪ ڌيءُ. عائشه کي اسين چوندا هئاسين ته ”عائشه اسان ته توکي ڪڏهن به فوجين وانگر ٻانهون لوڏي هلندي نه ڏٺو آهي. هميشه ساڄي ٻانهن ڪڇ تي کنيل ٻار جي چوڌاري وريل ۽ کاٻي ٻانهن هيٺ جنهن جي هٿ جي شاهد آڱر زمين ڏي اشارو ڪندڙ. لڳي ٿو ٻار وڏا ٿي ويندا ته به تنهنجي ٻانهن جي پوزيشن اها رهندي.
سئيڊن ۾ سندن اڌ کن ٻار اسانجي گهر ۾ هوندا هئا يا وري ڪونه ڪو ٻار بخار فلو، ٿڌ، زڪام سبب (يا هڪ دفعي ته هڪ ٻار جي ٻانهن ڀڄڻ ڪري) اسپتال ۾ داخل هوندو هو ۽ اٽينڊنٽ طور هن سان گڏ منهنجي زال يا ڌيءَ ٽڪيل هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو منهنجي ملاڪا پهچڻ تي عائشه ٻارن کي جيڪي هاڻ ڪافي وڏا ٿي ويا آهن. ٻڌائيندي رهي ته ملائيشيا توڙي سئيڊن ۾ هو اسان جي گهر ۾ نپيا پليا ۽ اسان جي ڪري هن جي ملائيشيا توڙي سئيڊن ۾ زندگي آسان رهي.
پروگرام موجب ڪئپٽن رزالي مونکي ٽي بجي ڌاري منجهند جو هوٽل مان وٺڻ لاءِ آيو. هونءَ منهنجو بس ذريعي ملاڪا وڃڻ جو ارادو هو پر ڪئپٽن رزاليءَ جي صبح جو ڪوالالمپور ۾ هڪ ميٽنگ ٿي پئي جيڪا اٽينڊ ڪري مونکي پاڻ سان وٺي هلڻ لاءِ مون واري هوٽل ۾ پهتو. ساڻس گڏ ڪار ۾ سندس پراڻو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن نوررزالي به هو. نورزالي به منهنجو ڪنهن زماني ۾ شاگرد رهي چڪو هو پر هاڻ تقريباً پنڌرهن سالن جي عرصي بعد ۽ فرينچ ڏاڙهيءَ ۾ مونکي سڃاڻپ ۾ ڪجهه دير لڳي وئي.
”مسٽر الطاف هي ڪئپٽن نورزالي آهي. منهنجو ڪلاس ميٽ- اسين ٻئي هڪ ئي وقت جهاز جا ڪئپٽن ٿيا هئاسين.“ ڪئپٽن رزاليءَ ٻڌايو ۽ مون ڪار ۾ وهندي کيس کيڪاريو. ”آپا خبر؟“ (ڪهڙي خبر) يعني خوش چاق؟ هن پڇيو.
”خبر بائيڪ“ (سٺي خبر) يعني سڀ خير آهي. مون وراڻيومانس ۽ ڪپئٽن رزاليءَ کي مخاطب ٿي چيم ته يار ڏاڙهيءَ ڪري آئون نورزاليءَ کي سڃاڻي نه سگهيس ”هيءَ ڏاڙهي ته ڪجهه به نه،“ رزاليءَ چيو، ”اصل ڏاڙهيءَ ۾ ته توهان هنکي سڃاڻي به نه سگهو ها.“
”ڪيئن ڀلا؟“ مون پڇيو.
”اسان ملئي ۽ چيني ماڻهن کي ته ڏاڙهي ٿئي کنڀ کنڀ. منهنجي گهاٽي آهي پر نورزاليءَ جي چاپئين ڏاڙهيءَ اڳيان اها به ڪجهه نه آهي. رنگ جو به اڇو آهي سو بلڪل افغاني ٿي لڳو.“
”پوءِ....؟“ مون رزاليءَ کي بيان جاري رکڻ لاءِ چيو.
”هن يارهين سيپٽمبر واري واقعي بعد هو جڏهن نائيجيريا کان پنهنجي بزنيس ٽرپ تان موٽيو پئي ته سنگاپور ايئرپورٽ تي پوليس کڻي سوگهو ڪيس. هي گهڻو ئي هنن سان ملئي زبان ۾ ڳالهائي ته آئون ملائيشيا جو ملئي آهيان پر هو چون ته نه تون القاعده جو ميمبر ٿو لڳين. ٻه ڏينهن جيل ۾ رکيائونس پوءِ سنگاپور ۾ رهندڙ ملائيشيا جي سفير وچ ۾ پئي هن جي جان ڇڏائي. ان بعد هتي پهچي پهريون ڪم اهو ڪيائين جو وڏي ڏاڙهي ڪوڙائي بلڪل فرينچ ڪٽ ڪيائين.“
مون پٺيان مڙي نورزاليءَ ڏي ڏٺو جيڪو لڳاتار مرڪي رهيو هو.
”اڙي ڪئپٽن نورزالي هي سچ ٿو چوي؟“ مون پڇيو.
”سر ٻيو ڇا ڪريان ڀلا! منهنجي ڪم جي نوعيت اهڙي آهي جو مونکي هر مهيني ٻاهر وڃڻو ٿو پوي. پوءِ ڪڏهن عرب ملڪن ۾ ته ڪڏهن ممباسا، دارالسلام، مئڊگاسڪر وغيره يا وري وچ ايشيا وارين رياستن ڏي. هاڻ توهان ئي ٻڌايو ته آئون ڪٿي ڪٿي جي جيلن ۾ ويهي اتي جي آفيسرن کي مطمئن ڪندو رهان ته آئون دهشتگرد نه آهيان. Saya Orang Melayu (آئون ملئي ماڻهو آهيان).“
ڪئپٽن نورزالي اپريل 1958 ۾ ملائيشيا جي ڏاکڻي شهر جي جوهرو ٻارو ۾ ڄائو. يعني ڪئپٽن نورزالي ۽ ڪئپٽن رزالي مونکان 14 سال ننڍا آهن. ٻئي ڄڻا گڏ ڪئپٽن ٿيا. ملائيشيا جي قومي جهاز ران ڪمپني MISC ۾ سال ٻه کن Sail ڪرڻ بعد رزالي ته ٽيچنگ جاب ۾ اچي ويو پر نورزالي به جلد سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ترنگانو رياست ۾ هڪ جهاز جي سروي ڪمپنيءَ ۾ سرويئر ٿي ويو. ٽي سال کن اتي رهڻ بعد انڊونيشيا ۾ مئرين لاجسٽڪ جو ڪجهه سال ڪم ڪيائين. اڄ ڪلهه ڪئپٽن رزاليءَ وانگر پنهنجو بزنيس ڪري ٿو ۽ سندس جهاز ران ڪمپني چارٽرنگ ۽ ڪارگو هئنڊلنگ جو ڪم ڪري ٿي جنهن ڪمپنيءَ جو پاڻ M.D آهي.
بهرحال اهو معلوم ڪري مونکي خوشي ٿي ته منهنجا شاگرد نه فقط چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ٿي دنيا جي سمنڊن تي جهاز هلائي رهيا آهن پر ڪناري تي ويهي اهي بزنيس ۽ ڪم ڪري رهيا آهن جن لاءِ هونءَ چيو ويندو هو ته فقط انگريز ۽ يورپي ئي ڪري سگهن ٿا.
ڪار ڪوالالمپور جو شهر ڇڏي هاڻ هاءِ وي وٺي ملاڪا ڏي وڃي رهي هئي. مون ڪئپٽن رزاليءَ جي منهن ڏي گهوري سندس ننڍپڻ جي چهري کي ڌيان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪئپٽن رزاليءَ کي ته جهاز وارن ڏينهن کان وٺي ننڍي ڏاڙهي هئي. سئيڊن ۾ اچي ٿوري وڏي ڏاڙهي ۽ ڄاريءَ جي ٽوپي پائڻ شروع ڪيائين پر مونکي ياد نه اچي رهيو هو ته ڪئپٽن رزاليءَ کي شروع کان ڏاڙهي هئي. يا شايد هيس پر ويهه پنجويهه شاگردن جي ڪلاس ۾ ڪٿي ٿي هرهڪ جي صورت ياد رهي.
”ڪئپٽن نورزالي توکي تعليم وارن ڏينهن کان ڏاڙهي هئي؟“ مون پڇيومانس.
”نو سر! آءِ واز اي بئڊ بئاءِ آن شپ.“ (آئون جهاز وارن ڏينهن ۾ مذهبي نه هوس) ڪئپٽن نورزاليءَ کلندي انگريزيءَ ۾ وراڻيو.
ملاڪا ويندي ويندي رستي تي ڪئپٽن رزالي پنهنجي ڪار کي موڙي ملائيشيا جي نئين شهر پُترا جايا ۾ وٺي آيو جيڪو آفيسن جو شهر سڏي سگهجي ٿو. ملڪ جي وزيراعظم جي آفيس کان وٺي هر سيڪريٽري ۽ وزير جي آفيس هتي ٿيندي. هن شهر تي ڪروڙين بلڪه اربها ڊالر خرچ اچي رهيو آهي. هن نئين شهر جي ڪجهه پروجيڪٽن جو ڪم ڪئپٽن رزاليءَ جي ڪمپنيءَ کي مليل آهي جن جي سلسلي ۾ هو هتي ايندو رهي ٿو پر هينئر هو وچين (عصر) نماز پڙهڻ لاءِ ۽ مونکي هي نئون شهر ڏيکارڻ لاءِ ترسيو. نماز بعد ڪئپٽن رزالي اتي جي هڪ ريسٽورنٽ مان رستي تي کائڻ لاءِ ڪجهه Potato Chips ۽ Pea-nuts وٺڻ ويو. تيسين نورزالي ۽ آئون مسجد جي وڏي اڱڻ جي هڪ ڪنڊ ۾ بيهي سامهون وزيراعظم جي لاءِ ٺهندڙ گهر کي ڏسڻ لڳاسين.
”نورزالي هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ.“ منهنجي اوچتي سوال تي نورزالي ٿورو حيران ۽ پريشان ٿي ويو ته خبر ناهي آئون ڪهڙو سوال ٿو ڪريان.
”مسٽر الطاف پڇو.“ نورزاليءَ چيو.
”نورزالي تنهنجو ننڍي هوندي ته مذهب ڏي ايڏو رجحان نه هو. پوءِ هيءَ تبديلي ڪيئن رونما ٿي؟“ مون پڇيو.
”پاڪستان مان ڪنهن تبليغي جماعت جا ڪجهه ماڻهو هتي ملائيشيا آيا هئا انهن جو واعظ ٻڌي آئون ڏاڍو متاثر ٿيس. انهن ۾ ڪيترا ڊاڪٽر انجنير ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر هئا پر هنن جي مذهبي ڄاڻ تمام وسيع هئي. ڪيترا اهڙا سوال ۽ ڳالهيون جيڪي مون لاءِ مونجهارو هيون ۽ مون انهن جا جواب چاهيا ٿي انهن کان هنن آگاهه ڪيو. پوءِ ٽي ڏينهن کن گهر ڇڏي هنن سان گڏ ملائيشيا جي ٻين ڳوٺن ۾ تبليغ دوران مون کي پنهنجي اندر ۾ هڪ قسم جي روشني محسوس ٿي ۽ مونکي سمجهه ۾ آيو ته هن دنيا جا مزا فقط چند ڏينهن لاءِ آهن پوءِ اسان کي واپس رب پاڪ ڏي پهچڻو آهي جتي اسانجي عملن مطابق هميشه لاءِ جزا يا سزا ملڻي آهي.
مَتَاعَ الحَيٰوةِ الدُّنيَا ثُمَّ اِلَينَا مَرجِعُکُم فَنُنَبِّکُمُ بِمَا کُنتُم تَعمَلُونَ.
ان کان پوءِ مونکي سمجهه ۾ اچي ويو ته هيءَ زندگي هڪ مختصر زندگي آهي. هڪ امتحان آهي. اصل زندگي مرڻ کان پوءِ جي زندگي آهي جيڪا هميشه جي زندگي آهي. مون ان ئي وقت توبه استغفار ڪئي ۽ جانورن جهڙي بي ترتيب ۽ عياشيءَ جي زندگي ڇڏي ڏني. منهنجي هر وقت پنهنجي رب پاڪ کان اها التجا آهي ته مونکي هدايت ڏئي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ان تي قائم رکي. رَبَّنَا لاَتُزِغ قُلُو بَنَا بَعدَ اِذ هَدَيتَنَا وَهَب لَنَا مِن لَّدُنڪَ رَحمَةَ ج“
”آمين ثُم آمين. ڪئپٽن نورزاليءَ اسان لاءِ به دعا ڪجانءِ.“ مون نورزاليءَ کي ڀاڪر پائيندي چيو.
ايتري ۾ ڪئپٽن رزالي اسان لاءِ کائڻ جون ڪجهه شيون وٺي آيو.
”ڀلا پوءِ رزالي هاڻ ڇڪيون پنڌ کي؟“ مون هتان نڪرڻ ۽ ملاڪا هلڻ لاءِ جلدي ڪئي.
”مسٽر الطاف ڪجهه چڪر ته ڏي. هن نئين ۽ ماڊرن شهر تي اربها رپيا خرچ آيو آهي. ايندڙ سال تائين جڏهن ٺهي راس ٿيندو ته هن جو ذڪر پيٽروناس ٽاور وانگر گنيس بڪ آف رڪارڊس ۾ اچي ويندو.“
”يار رزالي سچ ٿا توهانجي غريب رياستن (ڪيلنتان ۽ ترنغانو) جا ماڻهو چون ته اجايو مهاتير ويهي خرچ ڪيو آهي. پئسي جي زور تي ته هرڪو نمايان ٿي سگهي ٿو ۽ توهان به اهڙن آسان طريقن سان دنيا جو رڪارڊ قائم ڪري نالو مٿاهون ڪرڻ چاهيو ٿا يا وري اخبار ۾ پڙهندو آهيان ته ملائيشيا جي هڪ همراهه هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ هڪ سؤ کان مٿي نانگن سان هڪ هفتو گذاري رڪارڊ قائم ڪيو يا ڪنهن ڇوڪريءَ ڳل تي زهريلو وڇون رکي ملڪ جو نالو پئدا ڪيو يا ملائيشيا جي هڪ همراهه جي جسم ۾ چقمقي ڪشش آهي ۽ لوهه جي شيءَ هن جي جسم کي چنبڙيو وڃي...“ مون کلندي ڪجهه چرچي ۾ ڪجهه سچ وچ واري انداز ۾ چيو.
”ڀلا اهي سڀ ڳالهيون ڇڏيو. اسان واري ڪلاس ميٽ بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟“ رزاليءَ چيو.
”ڪهڙو ڪلاس ميٽ؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”اظهر منصور، سر.“ نورزاليءَ چيو، ”اسان وڏن آفت جيڏن جهازن کي هلائي دنيا جا ويهه چڪر هنيا ته به ايڏو نالو پئدا نه ڪيو جيڏو اظهر منصور هڪ چڪر ۾ پئدا ڪيو. اهو به هڪڙي ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾!“ اسين سڀ کلڻ لڳاسين.
”اظهر ته واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو،“ مون رزالي ۽ نورزاليءَ کي مبارڪون ڏيندي چيو، ”مون جڏهن پاڪستان ۾ توهانجي ڪلاس ميٽ اظهر منصور بابت اخبار ۾ پڙهيو ته هن هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ ڇهن مهينن اندر دنيا جو ڦيرو ڪري رڪارڊ قائم ڪيو آهي ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. مون ڪالهه اظهر کي ڏاڍو ياد پئي ڪيو. ٿيو هينئن جو هوٽل ۾ اڪيلو اڪيلو ليٽي مونکي عجيب گهٽ ۽ مونجهه (Depression) اچي پئدا ٿيو ۽ اڪيلائيءَ جو احساس ايڏو ٿيو جو پڪو ارادو ڪيم ته ملائيشيا ۾ وڌيڪ ڏينهن گهمڻ ڦرڻ بدران سڀاڻي ئي جيڪر ڪراچيءَ هليو وڃان. پر پوءِ اوچتو اظهر جو خيال اچي ويو ۽ سوچڻ لڳس ته آئون ته ڪيترن ئي سڃاڻن ۽ ڌارين سان ٻاهر نڪري ملي سگهان ٿو يا ڪمري ۾ ويٺي ويٺي فون تي ڪچهري ڪري سگهان ٿو. ٽي وي ڏسي سگهان ٿو، جنهن وقت دل چئي مان کائي سگهان ٿو ۽ ننڊ اچڻ تي ان وقت ئي سمهي سگهان ٿو وغيره وغيره پر ويچاري اظهر هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ وچ سمنڊ ۾ ڇهه مهينا اڪيلي سر ڪيئن گذاريا هوندا.“
پنهنجي ملئي (ڪنهن زماني ۾ شاگرد پر هاڻ دوست) همراهن کي کلندي سندن شوق يا ڪمزوريءَ ڏي ڌيان ڇڪائيندي چيم: ”توهان ملئي ماڻهن کي ڏاڍو شوق آهي ته ڪنهن نموني سان توهان جي ملڪ جو نالو نيوز ميڊيا ۾ اچي ان لاءِ توهان عجيب غريب ڇرڪائيندڙ ڪم به سرانجام ڏيو ٿا جيئن دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪيڪ ٺاهيو ٿا يا وڏي ۾ وڏو جهنڊو يا ان جو ڏنڊو ٺاهيو ٿا. پر منهنجي نظرن ۾ جيڪڏهن ڪو ڪمال آهي ته اهو اظهر جو آهي جنهن يورپي گورن جو به رڪارڊ ڀڃي ڇڏيو. اظهر جو اهو ڪم واقعي هڪ وڏي دليريءَ جو آهي جنهن تي ملائيشيا جيڏو فخر ڪري اهو گهٽ آهي.“
دراصل اظهر منصور نه فقط ملائيشيا وارن جو هيرو آهي پر اسان مسلمان ۽ ايشيا جي رهواسين جو پڻ. ڇو جو هن کان اڳ ان ڪم ۾ فقط پورپين ۽ انگريز اڳ اڳ هوندا هئا. خاص ڪري انگلنڊ، ناروي ۽ هالنڊ پاسي جا جن پاڻ کي بهترين ۽ بهادر جهاز ران ٿي سمجهيو. پر اظهر دنيا جو رڪارڊ ٽوڙي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هڪ ڪمزور ايشين به مقابلو کٽي سگهي ٿو جيڪڏهن هن جو ارادو پڪو ۽ پختو آهي ته. هن اڪيلي سر هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ ڇهه مهينا ڏهه ڏينهن جبل جيڏين ڇولين، سرد ۽ طوفاني راتين ۾ 21760 ناٽيڪل ميل (اسانجا زميني اٽڪل چاليهه هزار ڪلو ميٽر) جو سفر ڪري دنيا جو ڦيرو مڪمل ڪيو.
اظهر کي ننڍي هوندي کان ترڻ ۽ جهاز رانيءَ جو شوق هو. بنيادي تعليم پنهنجن ڪلاس ميٽن (ڪئپٽن رزالي ۽ ڪئپٽن نورزاليءَ جهڙن) سان گڏ سنگاپور جي پوليٽيڪنڪ ناٽيڪل اسڪول مان ورتي جو انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ اڃان ڪا مئرين اڪيڊمي نه کلي هئي. تعليم بعد هن مختلف جهازن تي Sail ڪيو پر اظهر کي ننڍي هوندي کان وٺي وڏن ڪَلَ وارن جهازن کان وڌيڪ سڙهه تي هلندڙ ننڍڙيون ٻيڙيون پسند هيون. 1985ع ۾ ساراه نالي ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ۽ 1986ع ۾ ايزاز نالي پٽ ڄمڻ بعد اظهر وڏا جهاز هلائڻ ڇڏي ملائيشيا جي سامونڊي شهر ڪوٽاڪنابالو ۾ اچي رهيو جتي جي هڪ Yachting ڪلب ۾ شوقينن کي ٻيڙي هلائڻ سيکارڻ لڳو ۽ ان سان گڏ اڪيلي سر ڊگها ڊگها سفر (Voyages) ڪرڻ لڳو. ماڻهو چوندا هئا ته هي نه موٽندو پر هي هميشه ڪامياب رهيو. آخر هن جي دماغ ۾ اها ڳالهه آئي ته ڇو نه اڪيلي سر ٻيڙيءَ ۾ دنيا جو ڦيرو ڪجي. هي اهو ڪم آهي جو دنيا جي فقط چند ماڻهن ڪيو آهي ۽ ان شوق ۾ ڪئين جهاز ران پنهنجي ٻيڙي ۽ جان ٻوڙي ويٺا. اظهر جڏهن پنهنجي شوق جو اظهار ڪيو ته هرهڪ هن تان کلڻ لڳو. سندس شوق جي جڏهن ملڪ جي وزيراعظم مهاتير کي خبر پئي ته هن اظهر کي سڏائي سندس همٿ افزائي ڪئي ۽ کيس حڪومت طرفان ٻيڙي ۽ مدد مهيا ڪئي جنهن جي موٽ ۾ اظهر ڪاميابي حاصل ڪري ملڪ جو نالو ۽ مان مٿاهون ڪيو.
“Boleh Jalan Sekarang” (هاڻ پنڌ کي ڇڪجي) ڪئپٽن رزاليءَ هلڻ لاءِ اعلان ڪيو ۽ اسان ملائيشيا جو هي نئون ٺهندڙ شهر ”پتراجايا“ ڇڏي ”ملاڪا“ ڏي روانو ٿيڻ لاءِ اچي ڪار ۾ ويٺاسين.
”رزالي اهو ته ٻڌاءِ ته سئيڊن ۾ هئاسين ته اتي به توکي ڏاڙهي هئي يا هاڻ رکائي اٿئي.“ هاءِ وي تي پهتاسين ته مون رزاليءَ کان پڇيو.
”سئيڊن ۾ هئي پر هاڻ وڏي رکائي اٿم ۽ هيءَ اڇي ڄاري جي ٽوپي به پايان ٿو. مونکان منهنجا دوست اڪثر پڇندا آهن. ته مون ڪا مذهبي پارٽي Join ڪئي آهي ڇا؟ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي. ماڻهو ته يورپ ۾ به پنهنجي مسلمان هجڻ جي سڃاڻپ قائم رکن ٿا. جتي ڌارين لاءِ نفرت جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. هي ته اسانجو پنهنجو ملڪ آهي. آئون خوش نصيب آهيان جو آئون يورپ يا آمريڪا بدران هتي ملائيشيا ۾ رهان ٿو جتي مونکي ڪوبه ڏاڙهي رکڻ يا ٽوپي پائڻ کان جهلي نٿو سگهي. هونءَ آئون دوستن کي چوندو آهيان ته مون ڏاڙهي ان خيال کان نه رکي آهي ته ٻين تي رعب ويهي يا خبر پوي ته آئون مذهبي ٿي ويو آهيان پر هيءَ منهنجي ڏاڙهي ۽ ٽوپي منهنجا چوڪيدار آهن. مونکي غلط ڪم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ گارڊ آهن. مونکي شيطان کڻي ڀٽڪائي به تڏهن به آئون ڏارهيءَ هوندي ڪنهن ڊسڪوٿي يا غلط محفل ۾ نٿو وڃي سگهان. سو هيءَ ڏاڙهي مون پنهنجو پاڻ کي هر وقت خبردار ڪرڻ لاءِ ڄڻ پهريدار وهاريو آهي.“
ڪئپٽن رزاليءَ جي اها ڳالهه ٻڌي هن وقت ڪرڪيٽ پليئر انور سعيد جي ڳالهه ياد اچي رهي آهي جنهن ڏاڙهي رکڻ بابت جدي جي انگريزي اخبار Arab News کي انٽرويو ڏيندي چيو:
“The beard has had a strange spiritual effect on me which I cannot describe. When you wear a sweater it gives you warmth inside. Also, my beard has affected the people around me. They never utter a filthy word in my presence. So my five senses are protected from exposure to bad things”
اڄ کان ٻارهن سال اڳ جڏهن ملائيشيا ڇڏي رهيو هوس ته تيستائين فقط ڪوالالمپور کان ملاڪا تائين هائي وي ٺهيل هو پر هاڻ اهو اڳيان جوهور بارو ۽ سنگاپور تائين ٺهي ويو آهي. اسانکي ملاڪا جي هڪ ننڍڙي شهر مسجد تاناح ۾ وڃڻو هو جتي ڪئپٽن رزالي ۽ ڪئپٽن نورزاليءَ جو گهر ۽ آفيس آهي. ڪئپٽن رزاليءَ چيو ته ”آئون پنهنجو پرائيويٽ بزنيس پاڪستان ۾ ڪرڻ چاهيان ٿو. شپ چارٽرنگ يا پام آئل جو سِروي ڪرڻ چاهيان ٿو. ان لاءِ تون اسان جو ساٿ ڏي ته شروع ڪريان.“
”مونکي بزنيس يا پرائيويٽ انٽرپرائيز لاءِ ڪا دلچسپي ڪانهي ۽ تون به ماٺ ڪري ويهه.“ مون چيو.
”ڇو ڀلا؟“ ڪئپٽن نورزاليءَ تعجب مان پڇيو.
”ملئي ماڻهوءَ کي واپار جهڙي شيءَ ۾ هٿ نه وجهڻ کپي، ڇو ته ملئي ماڻهو زمينداري ۽ نوڪريءَ ۾ ئي ڪامياب رهن ٿا. هنن کي واپار جي ور وڪڙن ۽ ٺڳين چالاڪين جي ڪا خبر ناهي.“
”پر الطاف! ڪئپٽن نورزاليءَ جي زال هن کي واپار لاءِ زور ٿي ڀري.“ ڪئپٽن رزاليءَ چيو.
”ڪير آهي؟“ مون پڇيو.
”چينياڻي آهي.“ رزاليءَ چيو.
”پوءِ نورزالي ڀلي بزنيس ڪري“ مون چيو.
”ڇو....؟“ نورزالي ۽ رزالي هڪ ئي وقت پڇيو.
”ڇو جو چيني تيز آهن ۽ هر اهو ملئي جنهن جي زال چينياڻي آهي ان پنهنجي مڙس کي به هوشيار ڪري ڇڏيو آهي. ڪئپٽن حمزي کي ڏسو، ڪئپٽن زين الاڪبر ڏسو.“
’مسجد تاناح‘ اچڻ کان اڳ ڪئالا سنگائي بارو ڳوٺ ٿو اچي جتي ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي آهي ۽ جتي مون زندگيءَ جا اٺ سال کن گذاريا. اسان سريمبان شهر کان پوءِ پورٽ ڊڪسن وٽان ٿيندا ڪئالا لنگي نالي ڳوٺ وٽان لنگهياسين ته سج لهي رهيو هو. هي اهو ڳوٺ آهي جتان اسان اڪثر آچر ڏينهن مڇي ۽ گانگٽ خريد ڪرڻ ايندا هئاسين. ڪئالا لنگي ڳوٺ ۾ ملئي مهاڻا ۽ چيني مڇيءَ جا واپاري رهن ٿا. نه فقط ڳوٺ جا پر ڏورانهن ڪنارن جا مهاڻا ڦاسايل مڇي هنن چينين وٽ اچي وڪڻن ٿا جيڪا هو پري پري شهرن تائين ڪڏهن ته سنگاپور ٽرڪن ۽ ٻيڙين ذريعي موڪلين ٿا. رستي جي ڪناري تي هڪ چيني، گدام اڳيان ڳاڙهي رنگ جون مڇيون ڌوئي رهيو هو. مون وانگر ٺوڙهو ٿي ويو هو ۽ شڪل به ڦري وئي هيس پر مون سڃاڻي ورتومانس. هن کي ڪهڙي خبر ته ساڻس مڇين ۽ مهاڻن بابت سوال ڪندڙ جيڪو ٻارهن سال کان گم ٿي ويو هو سو هن وقت هن گاڏيءَ ۾ سندس اڳيان گذري ويو. چئن پنجن ميلن کانپوءِ ڪئالا سنگائي بارو هو.
”ٻانگ اچڻ واري آهي اڪيڊمي واري سورائو (مسجد) ۾ نماز پڙهجي يا مسجد تاناح گهر پهچي؟“ ڪئپٽن رزاليءَ پڇيو.
”ڪئالا سنگائي بارو گاڏي جهلجانءِ ته اڪيڊمي واري مسجد ۾ نماز پڙهنداسين.“ مون ڪئپٽن رزاليءَ کي چيو.
”احمد ينگ چِڪ جو سهرو بيٺو هو. هن جو گهر ياد اٿئي نه؟“ ڪئپٽن رزاليءَ رستي جي ٻنهي ڪنارن تي ڪاٺ جي ٺهيل گهرن مان هڪ ڏي اشارو ڪندي پڇيو. احمد ينگ چڪ پهرين شاگرد جي حيثيت ۾ اڪيڊمي ۾ آيو هو. انجنيري (مئرين) جا امتحان پاس ڪري اسان وٽ ليڪچرار ٿي رهيو. اڪيڊميءَ جي ڪئمپس ۾ رهڻ بدران ڪئالا سنگائي بارو (Kaula Sungui Baru) ۽ ڪئالا لنگي ڳوٺن جي وچ ۾ سندس سهري جي هن گهر ۾ رهندو هو ۽ اسان هن وٽ اڪثر ويندا هئاسين ۽ هاڻ ڪئپٽن رزالي منهنجي يادگيري ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ پڇي رهيوهو ته آيا مونکي هن جو گهر ياد آهي يا نه.
”رزالي اڃان ته ياد اٿم،“ مون جواب ڏنومانس ۽ ان وقت گذرندڙ گهرن ڏي اشارو ڪري چيومانس ته ”اجهو اهو سبتو ڊرائيور جو گهر، اسانجي گهر ڪم ڪندڙ ماسيءَ جو گهر.....“
”چئبو ته توکي هرهڪ جو نالو ۽ گهر به اڃان ياد آهن!“ ڪئپٽن نورزاليءَ تعجب مان پڇيو.
”نورزالي خبر اٿئي مون لاءِ ۽ منهنجي فئملي لاءِ ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي اسان گهرو زندگي جي شروعات ڪئي.“ مون ڪئپٽن نورزالي کي پنهنجي زندگيءَ جي شروعاتي سالن بابت ٻڌايو، ”آئون فقط شروع جا ڏهه ٻارهن سال پنهنجي ڳوٺ گهر ۾ رهيس ان بعد چوٿو صدي (پنجويهه کن سال) مختلف شهرن جي هاسٽلن ۽ جهازن تي گذاريندو رهيس. ان دوران شادي ڪيم، ٻار ٿيا اهي به مون سان گڏ رهيا ۽ پوءِ جڏهن ملائيشيا گهر وٺي اچي رهياسين ته هو سمجهڻ لڳا ته سندن اصل ڳوٺ اهو آهي جتي اسڪول، کيڏڻ جا ميدان هڪ جيڏا ٻار هئا جن سان هنن ملئي ٿي ڳالهائي ۽ انهن جي مائرن کي هنن چاچيون ۽ ماسيون ٿي سمجهيو. ايتريقدر جو نون سالن بعد ڳوٺ آياسين ته هو ڪي ڏينهن اهو ئي پڇندا رهيا ته گهر ڪڏهن هلبو. يعني ملائيشيا ڪڏهن هلبو. هو اڙدو سنڌي به پوءِ سکيا. پهرين توهانجي ملئي زبان پڙهيا ۽ پاڙيوارن جي واتان ٻڌئون. ساڳي وقت مون لاءِ به گهرو توڙي ڪناري جي زندگي ملائيشيا ۾ ئي شروع ٿي نه ته ان کان اڳ پيٽارو ۽ چٽگانگ جي هاسٽلن ۾ هوس يا سمنڊ تي جهاز ۾- سو مونکي ٻڌاءِ ان پاڙي، ان ڳوٺ ۽ ان ملڪ کي آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان. مونکي هنن ڳوٺن جي گهٽي گهٽي ۽ گهر گهر ياد آهي ۽ انهن ۾ رهندڙ پيارن ۽ سادن ماڻهن جي خوشين ۽ ڏک درد جي ڪهاڻين کان واقف آهيان. هنن جي شادين ۾ ڄاڃي ٿي ۽ قضين تي ڪانڌي ٿي آئون لڳاتار نو سال هنن اوس پاس جي ڳوٺن جي گهرن، دڪانن، قبرستانن ۽ سمنڊ جي ڪناري تي هليو آهيان سو ڪيئن ٿو آئون هتي جي ماڻهن کي وساري سگهان.
”نورزالي خبر اٿئي آئون جڏهن 1982ع ۾ هتي آيو هوس ته انهن ڏينهن ۾ منهنجي آفيس جي ڪلارڪ ڇوڪري سائما کي پٽ ڄائو هو. هن ان جو نالو ’الطاف‘ رکيو ۽ مونکي چيو سر توهانجو نالو ٿورو ڏکيو آهي پر اسان لاءِ نئون ۽ دلچسپ آهي سو پٽ جو نالو اهو رکيو اٿئون. سائما جو مڙس ’مسجد تاناح‘ شهر واري بئنڪ ۾ ڪئشير هو. آئون جڏهن بئنڪ تي ويندو هوس ته هو سڀني کي ٻڌائيندو هو ته اهو آهي Expatriate (ڌارئين ملڪ جو) جنهن جي نالي تان اسان پنهنجي پٽ جو نالو رکيو آهي. 1991ع ۾ ملائيشيا مان موٽيس پئي ته هو اٺ نون سالن جو هو ۽ ٽئين ڪلاس ۾ هو ۽ هينئر هو پورن ويهن سالن جو آهي. هتي اچڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ هن جي ماءُ پيءُ جو عيد ڪارڊ آيو هو جنهن ۾ لکيو هئائون ته سندن پٽ الطاف آرمي ۾ ليفٽيننٽ آهي.‘ ۽ آئون اهو پيو سوچيان ته وقت ڪيئن ٿو جهٽ گذريو وڃي. ڪالهوڪا ٻار اڄ وڏا ٿي ويا ۽ وڏا پوڙها ٿي ويا.“
ايتري ۾ اسان اچي ڪئالا سنگائي باروءَ ۾ پهتاسين. ٻانگ اچي چڪي هئي. جلدي جلدي گاڏيءَ مان لهي مسجد ۾ گهڙياسين. امام تڪبير هڻي رهيو هو. اڳئين صف مڪمل ٿي چڪي هئي. آئون ٻي صف ۾ اچي بيٺس. نظرون ڦيرائي ڏٺم ته چار پنج سڃاڻا لڳا هنن به مونکي ڏٺو. ٿي سگهي ٿو هنن نه سڃاتو هجي. هي پَٽَ ڇڏي مونکي ٻارهن سال ٿي ويا هئا. شروع جو سال ٻه کڻي هنن کي منهنجو نالو ۽ چهرو ياد رهيو هجي. هاڻ ڪو ياد يا پاد. پر جيڪڏهن هنن سڃاتو به هجي ته هن وقت هو نه کيڪار ڪندا نه سڃاڻپ جو اظهار. ملئي ماڻهن جي اها لاجواب عادت آهي جنهن جي واکاڻ آئون ٻين سان به ڪندو آهيان ته هو نماز جوٽڻ کان اڳ پنهنجو ڌيان ٻين ڳالهين ۽ اوسي پاسي جي ڏيک کان هٽائي نماز ڏي مڪمل Concentration ڪندا. ان لاءِ ڀلي هنن کي منٽ ٻه لڳي ۽ تيسين نماز جي نيت ڪري تڪبير (الله اڪبر) نه چوندا.
نماز ۽ دعا بعد هڪ ٻئي پويان ڪيترائي ”سلامت داتنغ“ (ڀلي ڪري آئين). ”بيلاڪ اواڪ داتنغ“ (ڪڏهن توهان جو اچڻ ٿيو)، ”انچڪ الطاف ڪنال سايا“ (مسٽر الطاف مونکي سڃاڻين ٿو) وغيره وغيره چئي ملڻ لڳا جيڪي اوسي پاسي جي ٻهراڙين جا هئا ۽ منهنجي ڏينهن ۾ اڪيڊمي ۾ ڊرائيور، مالهي يا سيڪيورٽي گارڊ جهڙو ڪم ٿي ڪيائون. هڪ ته اهو به هو جنهن جو ڪم ڪلاس روم ۽ آفيس مان نانگن کي ڀڄائڻ يا مارڻ هو. (ياد رهي ته ملائيشيا نانگن جو ملڪ آهي). بهرحال ڪيترا رٽائرڊ ٿي چڪا هئا. سندن ٻار ڪوالالمپور، شاهه عالم ۽ جوهور بارو جهڙن شهرن ۾ پڙهي رهيا هئا.
نماز بعد باقي ڏهاڪو کن ڪلوميٽر پري مسجد تاناح رزاليءَ جي گهر پهتاسين. رستي نورزاليءَ کي سندس گهر لاٿوسين.
***