الطاف شيخ ڪارنر

ملائيشيا 12 سال بعد

الطاف شيخ جو هي سفرنامو ملائيشيا بابت لکيل آهي. هونئن ته زندگيءَ جو وڏو عرصو ملائيشيا ۾ گُذاريندي پاڻ ان مُلڪ توڙي شهرن تي گهڻو ئي لکيو اٿئون پر هن سفرنامي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو پاڻ ملائيشيا ڇڏي اچڻ کان 12 سال پوءِ وري وڃي ڪيل مُشاهدن جي بُنياد تي لکيو اٿن. اڳي ته کين جهازراني يا وري جهازين کي پڙهائڻ جي نوڪري لاءِ وڃڻو ٿي پيو جنهن لاءِ هوٽل ۾ اڳواٽ بُڪنگ ۽ سڄو شيڊول طئي ٿيل هوندو هو پر هن دفعي هي خانگي ٽوئر هو تنهنڪري مختلف انداز سان ڪيل سفر جو ذڪر آهي. پراڻن دوستن سان ملاقاتون ۽ اُهي جايون جتي پاڻ وڏو عرصو نوڪري ڪيائون اُهي ڏسڻ ۽ انهن تي رايا هن ڪتاب جو حصو آهن جيڪي يقيين پڙهڻ وٽان آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2497
  • 715
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ملائيشيا 12 سال بعد

وري ڪڏهن ملنداسين ساٿيو

هڪ ڏينهن ڪئپٽن رزاليءَ سان گڏ آفيس ٽائيم ۾ پنهنجي پراڻي اڪيڊمي ۾ به ويس. پنهنجي پراڻي آفيس ۽ گهر ڏسڻ جن ۾ مون زندگيءَ جا اٽڪل اٺ سال گذاريا ۽ اهو ڏسڻ ته پراڻن ماڻهن مان اڃان ڪير موجود آهي.
اڪيڊميءَ کي يونيورسٽي ليول تائين آڻڻ ڪري منجهس ڪيترائي ڊپارٽمينٽ، آفيسون ۽ آفيسرن ۽ شاگردن جي رهائش لاءِ گهر ۽ فلئٽ ٺهي ويا هئا. دراصل شاگردن ۾ به اڌ کان وڌيڪ آفيسر ئي ٿيا جيڪي مختلف جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آهن يا ڪورس ڪرڻ بعد ٿين. سو اهڙا شاگرد اڪثر پنهنجين زالن ۽ ٻارن سان رهن ٿا ۽ انهن جي رهائش لاءِ هڪ عام هاسٽل جو ڪمرو نه پر گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪمرن وارو فلئٽ ئي ٿئي ٿو.
مون 1988ع ۾ پنهنجي گهر جي پويان سنڌڙي انب جي چڪي هنئي هئي ۽ 1991ع ۾ ملائيشيا مان موٽڻ مهل اها چڪي وڌي وڻ ٿي وئي هئي پر اڃان ڦل نه جهليو هئائين. مونکي اها تشويش رهي ٿي ته سنڌ مان گهرايل چڪي ملائيشيا جي موسم ۽ ڌرتيءَ تي وڌي وڻ ٿيڻ تي اهو ساڳي سواد جو سنڌڙي انب ڏئي ٿو يا ملائيشيا جي عام ديسي انب جهڙو انب، مونکي ان وڻ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو سو پهرين پنهنجي پراڻي گهر جي پويان پهتس. پر وڻ غائب هو. منهنجي هڪ پاڙيسريءَ جي گهر اڳيان لڳل شريفي (Custard Apple) جا ٽي وڻ به ڪٽيل هئا. بعد ۾ اڪيڊمي جي ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن ڪئپٽن زين الاڪبر ٻڌايو ته اسان جي وڃڻ بعد جڏهن ڪئپٽن وارن شڪري اڪيڊميءَ جو ڪمانڊٽ (پرنسپال) ٿيو ته هن ميوي وارا سڀ وڻ ڪٽرائي ڇڏيا.
”۽ ڀلا آفيسن اڳيان 1989 ۾ اسان واري ڪمانڊٽ ڪئپٽن حمزي هڪ هزار کان مٿي وڻ دورين، رمبوتان، چڪن ۽ ٻين ميون جا هڻايا هئا، اهي؟“
”اهي به نئين پرنسپال 1996ع ڌاري ڪٽائي ڇڏيا.“ ڪئپٽن زين الاڪبر ٻڌايو.
”ڇو ڀلا؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”ان ڪري جو ميوي تان شاگردن جا جهيڙا ٿيندا رهيا ٿي. ميوي جي پچڻ کان اڳ ڇوڪرا ڪچو پٽي ويا ٿي. پراڻي پرنسپال ته نيڪ نيتيءَ سان هيترا سارا ميوي جا وڻ لڳرايا پر پوءِ هي حال ڏسي، نئين پرنسپال اهي ڪٽرائي ڇانو وارا وڻ هڻايا آهن.“
ڪئپٽن زين الاڪبر منهنجي ڏينهن ۾ ڪئپٽن رزالي سان گڏ شاگرد ٿي اسان وٽ پڙهڻ آيو هو. ان بعد ڪئپٽن ٿيو ۽ اڪيڊميءَ ۾ اسان سان ئي گڏ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ ترقي حاصل ڪندو ڪندو هاڻ ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن آهي. سندس زال ٽيريسا نالي ملائيشيا جي چينياڻي آهي ۽ هاڻ سندس مسلمانن جو نالو زرينا آهي. کين ڪيترن سالن تائين جڏهن ڪو اولاد نه ٿيو ته هنن 1987ع ۾ اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملئي همراهه (جنهن کي ڇهه ٻار اڳهين هئا) کان ستون ٻار نپائڻ لاءِ ورتو جنهن جو نالو ذوالفقار رکيائون. ملائيشيا ۾ ٻار نه ٿيڻ تي يا ڪنهن غريب اولاديءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ هن کان ٻار وٺي پالڻ عام ڳالهه آهي. ان لاءِ ٻار جي ماءُ سان ان وقت ڳالهايو ويندو آهي جڏهن هوءَ پيٽ سان هوندي آهي يعني ٻار پالڻ وارو سچي نيت سان ٻار پالڻ چاهي ٿو ۽ پوءِ اهو کڻي پٽ هجي يا ڌيءَ، صحتمند هجي يا ڪمزور ٻئي جو ٻار رکڻ لاءِ قانوني طرح ڪورٽ کان به اجازت وٺڻي پوندي آهي ۽ ڪجهه سالن لاءِ ڪورٽ جا نمائندا پالڻ واري تي نظر رکندا آهن ته آيا هو ڌارئين ٻار کي پنهنجي اولاد وانگر رکي ٿو يا نه. ساڳي وقت بعد ۾ ٻار ڏيڻ وارن جو واسطو ڪٽيو ويندو آهي ۽ ٻار کي اهو ئي ٻڌايو ويندو آهي ۽ هن کي اها ئي ڄاڻ هوندي آهي ته هو ڪنهن ٻئي ماءُ پيءُ جو ٻار نه آهي پر انهن جو ئي آهي جن وٽ هو رهيو پيو آهي. اوري پاڙي وارا ۽ مائٽ مٽ به ٻار کي سندس اصلي ماءُ پيءُ بابت ٻڌائڻ کي اخلاقي ڪمزوري سمجهن ڇو جو ٿي سگهي ٿو ٻار جي اصلي ماءُ پيءُ جو سماجي درجو گهٽ هجي، هو غريب هجن (۽ غربت ڪري هنن پنهنجي جگر جو ٽڪرو ٻئي کي ڏنو هجي) ۽ ان ڳالهه جو ٻار تي خراب نفسياتي اثر پوي.
1991ع ۾ اسين ملائيشيا ڇڏي رهيا هئاسين ته ڪئپٽن زين الاڪبر جي زال زرينه سندس گهر آيل هڪ مهمان ملئي عورت بابت منهنجي زال کي ٻڌايو ته اها پيٽ سان آهي ۽ جيڪو به ٻار ڄائس. ڌيءَ يا پٽ ته هن کيس (زرينه کي) هميشه لاءِ ڏئي ڇڏڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري آهي.
اسان ته 1991ع ۾ پاڪستان هليا آياسين ۽ سال بعد جڏهن ٻن سالن لاءِ مالمو (سئيڊن) جي ورلڊ مئريٽايم يونيورسٽيءَ ۾ وياسين ته اتفاق سان ڪئپٽن رزالي ۽ ڪئپٽن زين الاڪبر به اتي آيا هئا ۽ ٻارن سان گڏ ٻئي سال اسان جي پاڙي ۾ رهيا.
ڪئپٽن زين الاڪبر وارن کي هاڻ ٻه ٻار هئا. هڪ ذوالفقار جيڪو هاڻ ڇهن ستن سالن جو هو ۽ ٻيو به پٽ هوس شاهزوان. زرينه ڊسپلين جي سخت آهي ۽ ٻئي زال مڙس مذهبي آهن. هو سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ جتي قرآن پڙهائڻ لاءِ ڪو مولوي مشڪل سان ملندو هو اتي پاڻ ويهي پنهنجي وڏي پٽ کي قرآن پڙهائيندي هئي جيتوڻيڪ سندس شاديءَ کان اڳ ٻڌ ڌرم سان واسطو هو.
ڪئپٽن زين الاڪبر وٽ هڪ ڏينهن منجهند جي مانيءَ تي سندس پٽن سان به ملاقات ٿي. ذوالفقار سورهن سترهن سالن جو ٿي ويو هو. زرينه ڪچن ۾ اهو تئو، همام دستو ۽ ويلڻ وغيره ڏيکاريو جيڪو اسان ملائيشيا ڇڏڻ وقت کيس ڏنو هو.
اڪيڊمي جي آفيس ۾ منهنجو هڪ پراڻو ملئي دوست ابراهيم بن معروف به مليو. پاڻ ڪئڊٽن جي ڊسيپلين جو انچارج آهي. پاڻ بيحد همٿ وارو ۽ برجستو آفيسر ۽ يارن جو يار آهي. سخت مذهبي ۽ نماز روزي جو پابند آهي. سندس سڀ ڳالهيون اڪيڊمي جي ماڻهن کي پسند رهيون آهن پر ملئي عورتون دانهون ڪنديون هيون ته سندن مڙس شل ابراهيم بن معروف جهڙا مذهبي به نه ٿين. هنن جي ابراهيم تي ڪاوڙ ان ڪري هوندي هئي جو هن کي هڪ زال نه هئي. اڪيڊميءَ ۾ پنهنجي زال فاطمه ۽ ٽن ٻارن سان آيو. ڪجهه سالن بعد اڪيڊميءَ جي هڪ سهڻي ۽ بيحد ماڊرن روهيدا نالي هڪ ڪلارڪ ڇوڪريءَ سان نه فقط شادي ڪيائين پر کيس سندس پهرين زال فاطمه کان به وڌيڪ مولوياڻي بڻائي ڇڏيائين. ان مان به ٻه ٻار اسان هوندي ٿيس ۽ 1991ع ۾ اڪيڊمي ڇڏڻ وقت هن ملاڪا جي ڪنهن سرڪاري آفيس جي هڪ ننڍي نيٽي ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ سان ٽين شادي ڪئي. ۽ هينئر جڏهن ساڻس مليس ته کلندي پڇيومانس ته ”ابراهيم ڪهڙو حال آهي فاطمه ۽ روهيدا جو؟ ۽ ها سچي هڪ ٽينءَ سان به ته شادي ڪري رهيو هئين! ان سان شادي ٿي يا نه؟“
ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”ان سان ته شادي ڪيم پر ان بعد چوٿينءَ سان به ڪئي اٿم.“
”ابراهيم! ماڻهو آهين يا مسچٽو. حق تي غير مسلمان اسان مسلمانن تي کلون ٿا ڪن.“ مون چيومانس.
”شادي ڪري آئون جوابداري کڻان ٿو. زال جي به ۽ ٻارن جي به. اسان جهڙا ماڻهو انهن کان بهتر آهن جيڪي شاديءَ جي جوابداري کڻڻ بدران ڇوڪرين کي فلرٽ ڪندا وتن. مون سڀني زالن کي هڪ جهڙو سکيو ۽ خوش رکيو آهي. فاطمه ڪوالالمپور ۾ رهي ٿي. ان جي سڀني ٻارن گرئجيوئيشن ڪئي ۽ هاڻ ڪوالالمپور ۾ نوڪري ڪن ٿا. واپسيءَ ۾ تون ملي انٽرويو وٺندو وڃجانس.“
”بهرحال ابراهيم خوش هجين شال ۽ هن جهان ۾ ئي حورن جي هنجن ۾ هجين. بلڪه آهين“ مون کلندي کيس چيو.
مونکي ٻئي ڏينهن ملائيشيا جي هڪ ڏورانهين رياست ڪيلنتان جي گادي واري شهر ڪوٽا بارو وڃڻو هو جتي ابراهيم جي وڏي ڀيڻ فوزيا بنت خالد رهي ٿي. هن موبائيل فون ذريعي هن جي پٽن کي منهنجي لاءِ ٻڌايو ته منهنجي رهائش ۽ گهمائڻ جو بندوبست ڪن.
ترينگانو ۽ ڪيلنتان ملائيشيا جون اڀرندي واريون رياستون آهن جتي جا ماڻهو بيحد مذهبي آهن. آدم شماري گهٽ هجڻ ڪري اهي رياستون بيحد خاموش ۽ پرسڪون آهن. اتي جا تانگها ڪنارا ڌارين ملڪن کان آيل ماڻهن لاءِ ڪشش رکن ٿا. انهن رياستن جي شهرن: ڪوٽا بارو، ڪئالا تيرنگانو، بيسوت وغيره ۾ پهچڻ لاءِ سيون ميل گهاٽن ٻيلن ۽ جنگلن مان لنگهڻو پوي ٿي. وڻ ايڏا پراڻا، اتاهان ۽ گهاٽا آهن جو منجهند مهل لنگهندي به اونداهه رهي ٿي ۽ ڪار جون بتيون ٻاري هلڻو پوي ٿو. ڪٿي ڪٿي ڀولڙن جهڙا ننڍا ننڍا جانور به ملن ٿا پر سڀ کان گهڻو منجهائيندڙ هاٿي ٿين ٿا جن جو اوچتو رستو پار ڪرڻ تي حادثي جو امڪان رهي ٿو. بهرحال ان بابت ملائيشيا تي لکيل ڪتاب، ”خبرون کيڙائن جون“ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان.
اڪيڊميءَ مان ٻاهر نڪرڻ مهل مين گيٽ تي موجود سڪيورٽي گارڊ ڀاڪر پائي مليو.
”اتي ترس ته پاڻ فوٽو ڪڍرايون.“ آئون هن تامبيچڪ نالي سڪيورٽي گارڊ سان گڏ ٿي بيٺس. اڄ کان ويهه سال اڳ 1983ع ڌاري ’تامبي چڪ‘ هڪ ڇوڪري جي حيثيت ۾ مالهي ٿي هتي ڪم شروع ڪيو هو ۽ اسان جي گهرن اڳيان مشين سان گاهه ڪٽڻ ايندو هو ۽ آفيس ۾ نانگ اچڻ تي هڪ ٻئي مالهيءَ سان گڏ مارڻ لاءِ ايندو هو.
سندس تعلق ڀرواري ڳوٺ سان هو ۽ عيدن تي اسان جڏهن ٻين جي گهر ويندا هئاسين ته تامبي چڪ جي گهر به ويندا هئاسين. سندس ماءُ پيءُ ڏاڍا قربائتا هئا ۽ هر وقت پٽ جي پارت ڪندا رهندا هئا. سندس شادي به اسان جي سامهون ئي ٿي هئي. هاڻ ملڻ وقت مون سندس نالو گهڻو ئي ياد ڪيو پر دل تي نه آيو سندس قميص تي لڳل نالي جي ٽئگ تي به سندس ذات TAMBAY CIK لکيل هئي سو نالي بدران ذات سان پڪاري ساڻس مليس ۽ فوٽو بعد موڪلائي اڪيڊمي جي گيٽ کان ٻاهر نڪري هڪ دفعو وري اڪيڊمي جي ڪئمپس ڏي ۽ ٻاهر نانگ وانگر ور وڪڙ واري رستي ڏي آخري دفعو نهار ڪيم. زندگيءَ جا اٺ سال کن مون هن رستي تي واڪ ڪئي ۽ مٿس ملائيشيا جا ٺهيل Proton Saga ڪار هلائي. صبح جو ڌنڌ ۾ ۽ رات جو اوندهه ۾ ڪار جي روشنيءَ ۾ پريشان ٿي بيٺل ڀولڙن ۽ نانگن کي چپيو هوندم. رستن تي شيون وڪڻندڙ عورتن کان ناسي ليماڪ، اڊانگ چوچو، ساتي، ڊوڊول ۽ ٻيون ملئي شيون وٺي کاڌيون هوندم. هتي جي ماڻهن جي خوشين ۽ غمين ۾ پير ڀريو هوندم. اڄ سالن بعد هتي وري آيو آهيان. هي پَٽَ ڇڏڻ وقت سوچيو به نه هئم ته آئون هتي وري چڪر تي ايندس. شايد منهنجي هن ڌرتي ۽ هتي جي رهواسين سان ڪجهه وڌيڪ ئي Attachment آهي. خدا حافظ چوڻ وقت سڪيورٽي گارڊ تامبي چڪ به اهو ئي چيو ”توهان پهريان آهيو جو وري ملڻ آيا آهيو ۽ توهان پهريان آهيو جن هتي رهي، هتي جي زبان ڳالهائي ٿي. اسين توهان کي هر وقت ياد ڪندا آهيون.“
جواب ۾ مون به کيس اهو ئي چوڻ چاهيو ٿي ته ”آئون به توهان کي هر وقت ياد ڪندو رهان ٿو. دنيا جي هيترن ملڪن ۾ رهڻ جي باوجود مونکي ملائيشيا گهڻو پسند آهي“ پر افسوس جو آئون ايڏو Sentimental ٿي ويس جو منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ ڳلي مان آواز ئي نه نڪري سگهيو ۽ پوءِ ميلاپ ۽ جدائيءَ جون ملئي رباعيون ذهن ۾ بولاٽيون کائينديون رهيون.
“Malam ini merendang jagung,
Malam esok merendang serai,
Malam ini kita berkampung,
Malam esok kita bercerai.”

“Dari Mana hendak ke mana?
Tinggi rumput dari padi.
Tahun mana bulan mana,
Hendak kita berjumpa lagi?”
”اڄ اسان گڏ آهيون
ته سڀاڻي اسان لاءِ وڇوڙو آهي.“
”تون ڪٿي آهين ۽ ڪيڏانهن هليو وئين
اهو وري ڪهڙو ڏينهن ايندو
ڪهڙي سال جو
پاڻ وري ڪڏهن ملنداسين ساٿيو.“
***