الطاف شيخ ڪارنر

ملائيشيا 12 سال بعد

الطاف شيخ جو هي سفرنامو ملائيشيا بابت لکيل آهي. هونئن ته زندگيءَ جو وڏو عرصو ملائيشيا ۾ گُذاريندي پاڻ ان مُلڪ توڙي شهرن تي گهڻو ئي لکيو اٿئون پر هن سفرنامي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو پاڻ ملائيشيا ڇڏي اچڻ کان 12 سال پوءِ وري وڃي ڪيل مُشاهدن جي بُنياد تي لکيو اٿن. اڳي ته کين جهازراني يا وري جهازين کي پڙهائڻ جي نوڪري لاءِ وڃڻو ٿي پيو جنهن لاءِ هوٽل ۾ اڳواٽ بُڪنگ ۽ سڄو شيڊول طئي ٿيل هوندو هو پر هن دفعي هي خانگي ٽوئر هو تنهنڪري مختلف انداز سان ڪيل سفر جو ذڪر آهي. پراڻن دوستن سان ملاقاتون ۽ اُهي جايون جتي پاڻ وڏو عرصو نوڪري ڪيائون اُهي ڏسڻ ۽ انهن تي رايا هن ڪتاب جو حصو آهن جيڪي يقيين پڙهڻ وٽان آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2497
  • 715
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ملائيشيا 12 سال بعد

ملائيشيا - مختصر مختصر

ملائيشيا ۾ ڪوڪا ڪولا خلاف مهم
مغرب جي ملڪن جو، خاص ڪري آمريڪا (USA) ۽ برطانيا (UK) جو اسلام ۽ مسلمان ملڪن جي خلاف Negative رويي جو ردعمل ملائيشيا ۾ به ٿيو آهي. اڄ ڪلهه ملائيشا ۾ رهندڙ هزارين مسلمانن آمريڪي شربت ڪوڪاڪولا جو بائڪاٽ ڪندي ان جي خلاف باقاعدي مهم شروع ڪئي آهي. مسلم ڪنزيومر ائسوسيشن آف ملائيشيا جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري ناظم جوهان چيو ته هي بائيڪاٽ مغرب طرفان دهشتگرديءَ جي نالي تي مسلمان ملڪن جي اندروني معاملن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ دخل اندازي جي خلاف ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هي مسلمانن سان انصافي واري سلوڪ جي خلاف احتجاج آهي. هن ٻڌايو ته هيءَ مهم في الحال ڪجهه مهينن تائين جاري رکي ويندي. جنهن کانپوءِ هن بائڪاٽ جي اثرن جو جائزو وٺي آمريڪا جي ٻين مصنوعات جيئن ته ميڪڊونالڊ، ڪينٽڪي وغيره جي خلاف بائڪاٽ جو اعلان ڪيو ويندو.
ڪوڪاڪولا جي خلاف مهم شروع ڪرڻ کان اڳ شهر جي مختلف هوٽلن ۽ دڪانن ۾ ڪوڪاڪولا جون رکيل بوتلون ۽ دٻا هاريا ويا هئا.
***
ملائيشيا آئون سنگاپور جي هوائي ڪمپني SIA جي هوائي جهاز ۾ اچي رهيو هوس پر پوءِ ڪراچي ۾ آمريڪن قونصل خاني اڳيان بم ڦاٽڻ تي ٻئي ڏينهن کان سنگاپور وارن پنهنجيون پاڪستان ڏي اڏامون بند ڪري ڇڏيون ۽ مونکي ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS ذريعي اچڻو پيو. هاڻ جيئن ته ان ڳالهه کي مهيني کان مٿي ٿي چڪو هو سو مون سمجهيو ته سنگاپور وارن ڪراچي سروس وري شروع ڪري ورتي هوندي. آئون سنگاپور ايئرلائنز جي ڪوالالمپور آفيس ۾ پهتس. ٽڪيٽن جي ڊيسڪ تي ويٺل ملائيشيا جي ملئي ڇوڪريءَ ڀر ۾ ويٺل سنگاپور جي چيني ڇوڪريءَ کان ٿورو پاسيرو ٿي مون کي رازداري واري لهجي ۾ سرٻاٽ ڪيو:
”وڏا لاهه آهن، هي سنگاپوري. سنگاپور ۾ رهندڙ ملئي مسلمانن جي ته ٽڪو به نٿي هلي، باقي چيني هر ڳالهه ۾ مسلمانن خلاف آهن. انهن جي طرفداري اتي جا رهندڙ انڊين به ڪن ٿا. هاڻ هنگاما ۽ بم ڪٿي نه پيا ڦاٽن، هنن کي مڙيئي بهانو ٿي کتو پاڪستان وارن کان پري ٿيڻ جو.“
دل ۾ سوچيم سچ ٿي چوي. 11 سيپٽمبر جي حادثي بعد جن ڪيو (يعني عربن) انهن سان ته هي سينگاپوري رُکو نٿا ٿين جو هو پئسي وارا آهن - انهن جي اچڻ سان سنگاپور ناڻو ٿو ڪمائي باقي پاڪستانين لاءِ سختي ڪري ڇڏي اٿن جو هو غريب ۽ سياسي ۽ سفارتي طرح ڪمزور آهن. ايتريقدر جو انهن يورپي بحري جهازن کي به بندرگاهه ۾ نٿا اچڻ ڏين جن تي فقط هڪ يا ٻه پاڪستاني آفيسر يا خلاصي آهن. نتيجي ۾ ڪيترن يورپي جهازن جي مالڪن پاڪستانين کي پنهنجي جهازن تي نوڪري ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جو پاڪستانيءَ جي هجڻ ڪري هنن جي جهازن کي سنگاپور جهڙن بندرگاهن ۾ مسئلو ٿو ٿئي. ٻين لفظن ۾ سنگاپور وارن پاڪستان سان خبر ناهي ڪهڙي دشمني پارڻ لاءِ هڪ ڌڪ سان ٻه وار ڪيا آهن.
***
ملائيشيا جي هر هوٽل جي هرهڪ ڪمري ۾ قبلي جو رخ ڏيکارڻ خاطر ڇت تي تير جو نشان ٺهيل آهي جنهن جي ڀرسان عربي صورتخطيءَ ۾ قبله لکيل آهي جيئن ڪو مسلمان ڪمري ۾ نماز پڙهڻ چاهي ته ان تير واري طرف منهن ڪري نماز پڙهي. ڪيترين هوٽلن ۾ هوٽل جي هڪ ڪمري کي مسجد طور رکيو ويو آهي جيئن هوٽل ۾ رهندڙ مهمان جماعت سان نماز پڙهي سگهن. اهڙي ننڍڙي مسجد کي ملائيشيا ۾ SURAU (سورائو) سڏين ٿا.
جپان جي هوٽلن وانگر جتي هر ڪمري ۾ ٻڌ ڌرم جو ڪتاب رکيل هوندو آهي هتي قرآن مجيد رکيل آهي. ڪوالالمپور جي جنهن چيني مالڪ جي هوٽل ۾ آئون ٽڪيو هوس ان جي ڪمري ۾ ٻڌمت جو ڪتاب پڻ رکيل هو. قرآن جو ڇاپو ايڏو ننڍڙو هو جو Reading Glass (عينڪ) پائڻ سان به پڙهڻ ۾ Stress پئدا ٿيو. منهنجي خيال ۾ اهڙن هنڌن تي جتي مهمان مختصر عرصي لاءِ رهي ٿو، قرآن مجيد جو ٽيهه سيپارو رکڻ بدران هڪ سيپاري جي وڏي ڪاپي تفسير سان رکڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو- پوءِ اهو تفسير کڻي مولانا مودودي جو لکيل هجي يا مفتي شفيع محمد جو يا ڪنهن ٻئي جو - جيئن مسلمان توڙي غير مسلم ان کي معنيٰ ۽ سمجهاڻين سان پڙهي قرآن مجيد جي عظمت کان صحيح طرح واقف ٿي سگهن. هوٽل هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن واندو ويٺو آهي. هو اڪيلائي محسوس ڪري ٿو ۽ انهن ڳالهين مان جان ڇڏائڻ لاءِ هو ڪجهه پڙهڻ چاهي ٿو. هونءَ عام زندگيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ روزمره جي ڪمن ۽ ٻارن ۾ جيڪو بزي رهي اخبار به نٿو پڙهي سگهي ان کي هوٽل ۾ دلجمعي سان پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو. مون به جپان ۾ خاص ڪري ناروي ۽ فنلئنڊ پاسي جي ملڪن ۾ جتي سخت سيءَ ڪري ٻاهر به نڪرڻ نه پئي ٿيو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ نٿي مليو ته هوٽل جي ڪمري ۾ رکيل ٻڌ ڌرم جو ڪتاب ۽ بائيبل کڻي پڙهي ٿي. اهڙي طرح ڇو نه ڪو غير مسلم قرآن پڙهي هينئين سان هنڊائي ۽ پنهنجي مذهب سان Compare ڪري ته سچائي ڇا ۾ آهي.
***
ملائيشيا ۾ هاڻ مڙيئي ملئي ڊاڪٽرن جا بورڊ نظر اچن ٿا نه ته ملائيشيا جو وڏو شهر اپوح، پينانگ، جوهور بارو يا ڪوالالمپور هجي يا باتو پهات، موئر ۽ آئر حطام جهڙو ڳوٺ- جتي ڪٿي چيني ڊاڪٽر نظر ايندا هئا يا ڏکڻ انڊيا جا - جيڪي سالن کان هتي رهن ٿا ۽ هتي جا شهري آهن.
***
ملاڪا جي هوٽل سيمابوڪ جنهن ۾ڪجهه ڏينهن لاءِ اچي رهيس ان جي ڀر ۾ هڪ خوبصورت ڪلينڪ ”ڪلينڪ ڊاڪٽر حليم“ نالي آهي. ڊاڪٽر جو سڄو نالو ’ڊاڪٽر حاجي عبدالحليم بن حاجي راملي‘ ۽ ان جي هيٺان سندس ڊاڪٽري ڊگري MBBS بدران MBBCH لکيل هئي. در وٽ بيٺل نرس کان ان اکر (ch) جو پڇيم ته ڇا جو شارٽ فارم آهي پر هوءَ ٻڌائي نه سگهي.
ڊگري جي هيٺان “AIN Sams Univeristy Cairo” لکيل هو.
ڪو زمانو هو ملائيشيا جا ماڻهو ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ پاڪستان ايندا هئا. هاڻ پاڪستان بدران مصر ۽ ٻين مسلمانن ملڪن ۾ وڃن ٿا. ملائيشيا جي حڪومت پاڪستاني ڊاڪٽرن کي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ڏيندي ته ڪيٻائي ٿي پر سندن ملڪ جا اسان جي ميڊيڪل ڪاليجن مان ڊگري وٺي ملائيشيا پهچن ٿا ته انهن کي به ڊاڪٽر نٿا مڃين. نتيجي ۾ ملائيشيا جا شاگرد ڊاڪٽري، انجنيئري ۽ ٻين علمن ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان بدران ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا.
***
ملائيشيا جي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪندڙ LMC جي گرئجوئيٽ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ ٻڌايو ته هتي ملائيشيا ۾ پهچڻ تي کيس وڌيڪ پڙهڻ (MD ڪرڻ) لاءِ قبول نه پئي ڪيائون. چون ته اسان وٽ LMC جي ڊگري Recognise ناهي. پوءِ مڙيئي ڪجهه منٿ ميڙ ۽ ڪجهه نمونو ڪري داخلا ته ورتي اٿم. نوڪريءَ لاءِ به هتي (ملائيشيا ۾) هٿ پير هڻندس - ٿي سگهي ٿو ملي به وڃي پر اها حقيقت آهي ته اسان جي مقابلي ۾ انڊيا کان ايندڙ ڊاڪٽرن کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ داخلا به مليو وڃي ته نوڪري به. هنن جو هر ننڍو وڏو ڪاليج تعليمي معيار کان مٿاهون سمجهيو وڃي ٿو.
نوڪريءَ جي معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه. انڊيا، بنگلاديش ويندي سريلنڪا جا ماڻهو انگريزي ڳالهائڻ ۾ سٺا هجڻ ڪري اسان کان وڌيڪ آسانيءَ سان نوڪري حاصل ڪريو وڃن. مٿين ملڪن جو مئٽرڪ پاس به ڦر ڦر انگريزي ڳالهائي ٻئي کي Impress ڪري ويندو پر اسان جو پاڪستاني ڊاڪٽر، انجنيئر يا گرئجيوئيٽ سٺي انگريزي ڳالهائي نه سگهندو. اسين کڻي ڇا به چئون پر ملڪ کان ٻاهر اهو وڌيڪ ڪامياب آهي جيڪو انگريزي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهي ٿو.
***
ڪوالالمپور ۾ جمال ابڙو صاحب جي فرزند اطهر ابڙو سان گڏ سندس ڪار ۾ ائمپنگ روڊ کان سندس گهر ’تمن سري يوڪي‘ وڃي رهيو هوس. جالان (شاهراهه) تن رزاق تي ٽرئفڪ جئم هئي جنهن ۾ اسين به ڦاسي پياسين. مون واري پاسي دڪانن ۽ هوٽلن جي قطار هئي. اطهر کي چيم ته تون هن ٽرئفڪ مان نڪرڻ جي جيسين ڪا واهه ڳولهين تيسين آئون يادگار طور ڪجهه دڪانن جا نالا لکي وٺان ته هتي اسين ڦاٿا هئاسين. انهن مان ڪجهه هي آهن:
Rumah Tumbangan Pak Kung
پاڪ ڪنگ نالي ڪنهن چينيءَ جو پيئنگ گيسٽ هائوس. ڪوالالمپور ۾ رهائش لاءِ اهي Rumah Tumbangan تمام سستا ۽ سهوليت وارا آهن ۽ گهڻو ڪري اوسي پاسي جي ڳوٺن جا مڪاني ماڻهو - اڪيلا توڙي فئمليءَ سان هنن ۾ رهن ٿا ۽ اهي اهڙن هنڌن تي آهن جتي دڪان ۽ آفيسون ويجهيون آهن. سمجهو ته ڪراچيءَ جي صدر، برنس روڊ، جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ، کارادر ۽ چاڪيواڙي جهڙن علائقن ۾ آهن.)
Kedai Dobi dan Dry Klean
ڌوٻيءَ جو دڪان. ملئي زبان ۾ دڪان کي ڪيدائي سڏين جيئن عرب دنيا ۾ بقالا آهي. ملئي زبان هندي، سنسڪرت، عربي ۽ پارسي لفظن سان ڀري پئي آهي ۽ ڌوٻي ته اهڙو لفظ آهي جيڪو انگريزي زبان ۾ به عام ٿي ويو آهي. ملئي زبان ۾ به ڌوٻيءَ کي دوبي سڏين. سنگاپور جي ته هڪ علائقي جو نالو ئي ڌوٻي گهاٽ آهي. ڊراءِ ڪلين ملئي زبان ۾ به ساڳيو لفظ آهي باقي ملئي ۾ لکڻ وقت ’ڪ‘ لاءِ “K” لکيو وڃي ٿو ۽ نه انگريزي وانگر “C”
Restoran Hassan
حسن جي ريسٽورنٽ. ملئي زبان ۾ ريسٽورنٽ کي ريسٽوران سڏين جيئن اسان Bomb کي بم سڏيون، Drum ڊم يا بس اسٽئنڊ کي بس اسٽان سڏيون ٿا.
مٿين هوٽل جي ڀر ۾ هڪ ٻي کاڌي جي هوٽل (ريسٽورنٽ):
Restoran Nasi Kandar
هيءَ ريسٽورنٽ ڪنهن ماڻهوءَ جي نالي بدران کاڌي جي ڊش تي آهي. ملئي زبان ۾ ڀت Nasi سڏجي ٿو. ناسي گورينگ (فرائي چانور)، ناسي ايام (ڪڪڙ ۾ ڀت)، ناسي برياني (برياني)، ناسي ڪنيت (هيڊو ڀت) ..... اهڙي طرح ناسي ڪندار آهي جيڪو ملئي ماڻهن جي پراڻي عقيدي موجب ڪنهن کي (خاص ڪري زال ’مڙس‘ کي) پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ کارايو ويندو آهي. انهن ٽوڻن ڦيڻن بابت - جيڪي ملائيشيا جي ٻهراڙيءَ ۾ اڄ به عام آهن، پنهنجي هڪ سفر نامي ”ڳالهيون آهن ڳچ“ ۾ ”مڙس کي وس ۾ ڪرڻ جا ڏس“ عنوان تي تفصيل سان لکي چڪو آهيان.
Kedia Kain NQrishah نوريشاهه جو ڪپڙي جو دڪان. Kedai Emas سون جو دڪان. ملئي زبان ۾ سون کي ايماس سڏجي ٿو.
Kedai Cermin Mata عينڪن جو دڪان، ملئي زبان ۾ اکين کي ماتا سڏجي ٿو ۽ شيشي کي چرمن، چرمن ماتا معنيٰ اکين جا شيشا يعني عينڪون.
***
ڪوالالمپور کان اپوح ڏي ويندڙ روڊ تي هڪ هنڌ اسان جي ڪار هڪ کليل ٽرڪ جي پويان پويان هئي. سڄي ٽرڪ سوئرن سان ڀريل هئي. ڊرائيور انڊين هو - يعني ڏکڻ هندستان (ڪيرالا، مدراس پاسي) جو ڪو تامل ڳالهائيندڙ هو.
ڪئپٽن رزالي رکي رکي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ڪنهن طريقي سان پنهنجي ڪار ان ٽرڪ کان اڳيان ڪڍي پر ٽرڪ جاءِ نٿي ڏني يا جاءِ ڏني ٿي ته سامهون ايندڙ گاڏين ڪري هو Over take نٿي ڪري سگهيو. آئون محسوس ڪري رهيو هوس ته ڪئپٽن رزالي دل ئي دل ۾ خارون کائي رهيو آهي. هن ملڪ ۾ آئون به وڏو عرصو رهي چڪو هوس سو هتي جي قانون کان واقف هوس ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سوئرن کي رات جو ڍوئڻ کپي ۽ مينهون، ڍڳيون ٻڪريون وغيره کلي ٽرڪ ۾ کڻي سگهجن ٿيون پر سوئر کڻڻ لاءِ ان ٽرڪ کي چوڌاري ڍڪڻ کپي جيئن ٻئي جي نظر نه پوي. ظاهر آهي ملائيشيا جي اڌ آدم شماري ملئي مسلمانن جي آهي ۽ باقي اڌ آدم شماري (چيني ۽ سائوٿ انڊين) کي ملئي ماڻهن جي جذبات جو خيال ڪرڻ کپي. ملائيشيا جي سخت قاعدن قانونن جي باوجود چيني اهڙا نٺر آهن جو ڏينهن ڏٺي جو کلئي عام سوئر کڻيو پيا هلن.
مس مس جڏهن ٽرڪ کي پٺيان ڇڏي اڳتي وڌياسين ۽ سوئرن کي ڏسڻ کان جان ڇٽي ته ڪئپٽن رزاليءَ غم ۽ غصي مان چيو: ”اسانجي ملڪ ۾ رهندڙ چيني ته اسان مسلمانن جي Feelings جو خيال نٿا رکن پر انڊين به انهن جو ساٿ ڏين ٿا.“
***
ملائيشيا ۾ Safety کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. اليڪٽرڪ جي تارن ۽ سئچن کان وٺي پاڻيءَ جي نلڪن ۽ پائيپن تائين حڪومت طرفان هڪ معيار ٺهيل آهي. جنهن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ هر هڪ کي ان معيار جون شيون استعمال ڪرڻيون پون ٿيون. ڪنهن کي به سادي قسم جو سئچ يا پائيپ لڳائڻو ناهي جنهن مان باهه لڳي. پاڻي Leak ٿئي يا ڪو ٻيو نقصان ٿئي. بلڪ اهڙي سادي قسم جي شيءَ دڪانن تي ئي نظر نه ايندي.
***
ملائيشيا ۾ بئنڪن جو سسٽم به اهڙو صاف سٿرو ۽ سخت قسم جو آهي جو ورلي ڪا ٺڳيءَ جي واردات ٿئي ٿي. ايتريقدر جو ڪنهن کي ڪوڙو چيڪ به نٿو ڏئي سگهجي جيڪو اسان وٽ عام آهي. بئلنس کان ٽڪو وڌيڪ چيڪ ڪڍڻ تي 200 ڊالر ڏنڊ آهي ۽ ان جي معافي جي ڪا گنجائش ناهي جو هر شيءِ آٽوميٽڪ آهي. مثال جي ڳالهه توهان جي بئنڪ ۾ 150 ڊالر بئلنس آهن ۽ توهان ڪنهن کي 160 ڊالرن جو چيڪ لکي ڏنو آهي (يعني بئلنس کان ڪجهه ڊالر وڌيڪ). اهو چيڪ ان بئنڪ جي ڪنهن به برانچ مان مٽجي سگهي ٿو.
ڪئشر اهو چيڪ ڪمپيوٽر ۾ وجهڻ سان چيڪ واري جي صحيح قبول ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪئشر چيڪ تي لکيل رقم ٽائيپ ڪري چيڪ آڻيندڙ کي اها رقم ڪئش ۾ ڏئي ٿو. پر هن صورت ۾ جڏهن چيڪ جي رقم بئلنس کان وڌي آهي. جيئن ته ڪئشر 160 جو نمبر ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪندو ته ڳاڙهي بتي ٻري ويندي ۽ چيڪ آڻيندڙ کي پئسا ته نه ملندا پر چيڪ واري جو نئون بئلنس 200 ڊالر ڏنڊ ڪٽڻ تي 150 ڊالرن بدران ڪاٽو 50 ڊالر ٿي ويندو. پوءِ اها خراب خبر ٻڌڻ بعد چيڪ وارو کڻي ڪيڏو به چئي ته کانئس چڪ ٿي وئي پر ڪئشر ڪجهه به نٿو ڪري سگهي جو ڪمپيوٽر جي پرنٽر ان ئي وقت ڏنڊ جا پئسا هڻي نئين Statement ٺاهي ڇڏي.
ان سختيءَ مان اهو فائدو آهي جو ملائيشيا ۾ ڪو به ٻئي کي ته ڪوڙو چيڪ نٿو ڏئي پر پاڻ به بئلنس معلوم ڪري سوچي سمجهي پوءِ چيڪ ڪئش ڪرائي ٿو.
***
ڪئپٽن رزالي ۽ ڪئپٽن نورزالي - ڏاڙهيءَ وارن انهن ٻن مولوين، کي ڀر ۾ بيهاري سامهون لنگهندڙ هڪ همراهه کي ڪئميرا ڏنم ته اسان جو فوٽو ڪڍ.
ڪئپٽن نورزالي ٽال مٽول ڪرڻ لڳو. ”توهان بيهو ته آئون ٿو تصوير ڪڍان. ويندڙ همراهه کي نه سڏ.“ آئون سمجهي ويس. آخر مون به هنن ملئي ماڻهن جي وچ ۾ زندگيءَ جو وڏو حصو گذاريو آهي. اسان کان ڌار ٿيڻ کان جهلڻ لاءِ کيس ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي ڀر ۾ سوگهو ڪري بيهاريم ۽ ڌارئين همراهه کي ئي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيم: ”سِيلا انگڪت گمبار.“
فوٽو نڪرڻ بعد مون ڪئپٽن نورزالي کي شڪي ڪرڻ لاءِ گهوري ڏٺو.
”توهان ملئي ماڻهو ان معاملي ۾ سڌريائي ڪونه.“ مون نورزاليءَ کي ان ڳالهه بابت ٽوڪيو - هو ٽن ماڻهن جو گڏ فوٽو ڪڍائڻ کي بدسوڻ سمجهن ٿا. يعني ٽن ڄڻن جو فوٽو ڪڍائڻ تي هڪ ڄڻو مري ويندو.
نورزالي شرم کي پرچائڻ لاءِ چوڻ لڳو: ”بس يار اسان به ٻڌو آهي.“
”ٻڌو آهي!“ مون چيومانس، ”ڪٿي آهي ان جو حڪم؟ قرآن ۾، حديث ۾؟“ ۽ پوءِ مٿي منهن ڪري زور سان چيم ته منهنجا مولا اسان مان ڪنهن جا ڏينهن پورا ٿيا هجن ته به هينئر نه مارجانءِ نه ته نورزالي اسان جي مرڻ جو سبب دل جو دورو، بلڊ پريشر يا ڪو حادثو نه پر فوٽو ڪڍائڻ سمجهندو.
***
ڪوالالمپور ۾ رهائش دوران هڪ رات منصور شيخ مونکي ۽ اطهر ابڙو کي دابا (Thaba) نالي هڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ ۾ رات جي ماني کارائڻ لاءِ وٺي هليو. هوٽل جو مالڪ (50 ورهن جو لڳ ڀڳ) تاج محمد امين زوريءَ اچي اسان جي ٽيبل تي ويهي پڇڻ لڳو ته ماني ڪيئن آهي. يعني هن اهو احساس ٿي ڏيارڻ چاهيو ته هن کي سندس ريسٽورنٽ ۾ ايندڙ پاڪستاني گراهڪن جو خيال آهي. جواب ڏيڻ کان اڳ زور سان وڄندڙ هڪ بي سري پنجابي گاني کي بند ڪرڻ جو اشارو ڪري اطهر ابڙي چيس ”اسان هن هوٽل ۾ ماني جي خصوصيت لاءِ نه پر ويجهو هجڻ ڪري اچون ٿا.“
بلڪل صحيح جواب ڏنائينس. هوٽل جي مالڪ کي اهڙو سوال ئي نه ڪرڻ کتو ٿي - ڪو اتر يورپ جو شهر هيلسنڪي ۽ اسٽاڪهوم هو يا جپان ۽ ڪوريا جو شهر هو جتي هيءَ ئي هڪڙي هوٽل هجي ۽ اسان مانيءَ جي تعريف ڪريون. ڪوالالمپور ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن جي گهٽي گهٽي ۾ نه فقط بهترين پاڪستاني ۽ انڊين کاڌن جون هوٽلون ۽ ريڙها (گاڏا) آهن پر بنهه سستا پڻ.
هوٽل جو مالڪ پنهنجو فلسفو ٻڌائڻ لڳو ته هن هوٽل جو نالو هن داٻا ڇو رکيو جيڪو پوءِ ٿابا ٿي ويو. پهرين مان فلاڻي شهر ۾ هڪ ريڙهي تي ماني وڪڻڻ شروع ڪئي، جنهن کي ماڻهو دٻو چوندا هئا...
الائي ڇا پئي ٻڌايائين. سندس جملن ۾ اڙدوءَ کان وڌيڪ پنجابيءَ جا لفظ هئا. منهنجي اها ڪوالالمپور ۾ آخري رات هئي ۽ مون چاهيو ٿي ته هي هتان اٿي ته آئون اطهر ۽ خاص ڪري منصور کان خبرون پڇان جيڪو منهنجي ڪري پري کان هلي آيو آهي.
هوٽل جي مالڪ اهو قصو ختم ڪري پنهنجي حب الوطني جو احوال ڏيڻ لڳو ته هن لاءِ پاڪستان سڀ ڪجهه آهي.
”آزاديءَ وقت منهنجو ڏاڏو امرتسر کان هتي آيو ۽ هتي Settle ٿيو. آئون سترهن دفعا پاڪستان وڃي چڪو آهيان ۽ ستاويهه دفعا انڊيا پر جيڪو سڪون هتي ملائيشيا ۾ آهي اهو ڪٿي به نه آهي. بزنيس خاطر ٻاهر وڃڻو پوي ٿو نه ته ملائيشيا کان ٻاهر نڪرڻ تي دل ئي نٿي چوي. منهنجي ڀيڻ کي پاڪستان ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي پر اسان جي ماءُ هن کي پاڪستان وڃڻ کان منع ٿي ڪري. هوءَ چوي ٿي ته انڊيا ڀلي وڃ پر پاڪستان ۾ امن امان بنهه ناهي...“
ڪجهه ڏينهن اڳ ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير جي استعيفا ڏيڻ جي خبر ڪري همراهه غمگين ۽ خوفزده هو. ”مهاتير آهي جيڪو اسان ڌارين کي تحفظ ڏيو ويٺو آهي. ان جي وڃڻ بعد ڪير به وزيراعظم ٿيو ته اسان انڊين (ننڍي کنڊ جا پٺاڻ، پنجابي، تامل، سک، هندو، گجراتي) ماڻهن لاءِ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندو. اهو ئي حال وڃي ٿيندو جيڪو 1969ع واري امرجنسيءَ ۾ ٿيو هو. هتي جا اصلي باشندا ملئي پرانگ (وڏا ڇرا) کڻي هتي رهندڙ چينين ۽ اسان کي مارڻ نڪتا هئا.“
مٿين هوٽل جالان (شاهراه) الُو ڪلانگ تان نڪرندڙ پهرين گهٽي ”جالان اوان“ تي آهي.
***
ڪوالالمپور جي وچ شهر ۾ رهڻ لاءِ ڪا سستي هوٽل؟ ڪئپٽن نورزاليءَ ٻڌايو ته هو ڪوالالمپور ۾ هوٽل شيما ۾ رهندو آهي جيڪا فوراسٽار هوٽل KL انٽرنيشنل جي ڀر ۾ آهي. مسجد پاڪستان به اتي ئي آهي. پاڪستاني سفارتخاني جي ڪموڊور فهيم هڪ ٻي هوٽل گرانڊ سينٽرل پئانٽ جو ٻڌايو جنهن جو فن نمبر 26933988 آهي جنهن جو مالڪ يا شايد مئنيجر پاڪستاني آهي. اها هوٽل پڻ شهر جي وچ ۾ آهي ۽ ڏينهن رات جا 80 رنگٽ (اٽڪل 1300 رپيه) مسواڙ آهي جنهن ۾ نيرڻ پڻ شامل آهي.
***
اطهر ابڙي وٽ ويٺو هوس ته هن احمد حسين مخدوم جو نمبر ملائي مونکي ڳالهائڻ لاءِ فون ڏنو. احمد آواز مان مونکي سڃاڻي نه پيو. پوءِ نالو ٻڌايومانس ته ڏاڍي حب مان ڪا دير کيڪار ڪندو رهيو. هو ڪافي عرصي کان سنگاپور جي مئرين اڪيڊمي ۾ جهازن جي ڪئپٽنن کي پڙهائي پيو. منهنجي هن سان آخري دفعو ملاقات 1988 ۾ ملائيشيا جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ ٿي هئي جيڪا هو ڇڏي برونائيءَ جي شهر ڪئالا بلايت هليو ويو هو ۽ اتي جي جعفري بولقياه انجنيرنگ ڪاليج ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو هئائين. برونائي تمام سٺو ملڪ آهي. کيس تمام گهڻو پگهار ٿي مليو ۽ جيڪو اوڏانهن ويو ٿي اهو وري موٽيو ڪونه ٿي. پر سال ٻن بعد اسان ٻڌو ته ڪئپٽن مخدوم برونائي واري نوڪري ڇڏي سنگاپور هليو ويو آهي جيڪو سندس زال مونا جو ملڪ آهي.
ڪئپٽن احمد حسين ٻڌايو ته سندس ڀيڻ پروفيسر ثريا (جنهن ڏهاڪو سال کن اڳ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائي ٿي ۽ هاڻ انگلينڊ ۾ آهي) سنگاپور اچي پئي جنهن سان گڏ هو U.K روانو ٿيڻ وارو آهي جتان پوءِ هو هميشه لاءِ پاڪستان اچي رهڻ جو ارادو رکي ٿو.
”توکي برونائي جهڙي جاءِ ڇڏڻ نه کپندي هئي. خبر ناهي اها نوڪري تو ڇو ڇڏي؟“ مون احمد کان پڇيو. پاڻ کلندي وراڻيائين:
”اتي جيڪو وقت به هوس ته Pull ۽ Push لڳي رهي ٿي“
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيومانس.
”زال جي نوڪري ۽ ملڪ سنگاپور ٿيو ۽ آئون برونائيءَ ۾. هوءَ هر وقت مونکي سنگاپور اچڻ لاءِ ڇڪيندي رهي ٿي. جيڪو وقت مون وٽ برونائيءَ ۾ ايندي هئي ته مونکي سنگاپور ڏي ڌڪيندي هئي. نيٺ برونائي ڇڏي سنگاپور هليو آيس.“
ڪئپٽن احمد حسين جي ڳالهين مان ۽ اطهر ابڙي کان معلوم ٿيو ته احمد حسين بيحد مذهبي ٿي ويو آهي. ڏاڙهي به وڏي رکائي اٿس. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دعوت ۾ آيل سنگاپور ۾ رهندڙ پاڪستاني سفير سيد معيز بخاريءَ ۽ ملائيشيا جي هاءِ ڪميشن ۾ ڪم ڪندڙ سندس زال محترمه شيرين معيز پڻ احمد حسين جي ڏاڍي تعريف پئي ڪئي ته ڪئپٽن مخدوم هڪ نيڪ ۽ ٻين جي مدد ڪندڙ انسان آهي.
اطهر ابڙي کي چيم ته ذاتي ۽ گهرو زندگي کي پري رکي پيشه ورانه (Professional) لحاظ کان ڪئپٽن مخدوم هڪ قابل جهازي، نيويگيٽر ۽ سٺو ٽيچر آهي. هن سان گڏ مون ڪيترن ئي جهازن تي Sail ڪيو آهي. پاڻ بيحد دلير ڪئپٽن (۽ ڄاڻو پڻ) مڃيو وڃي ٿو. پاڻ پنج سال کن ملائيشيا ۾، ٻه ٽي سال برونائيءَ ۾ ۽ اٺ سال کن سنگاپور ۾ جهازين کي پڙهايو اٿس. ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ڪيترائي جهازي منهنجا به شاگرد آهن پر ڪئپٽن مخدوم کان هن تَرَ جو ٻچو ٻچو واقف آهي.
***
ڪوالالمپور ۾ اطهر ابڙي جي گهر رهڻ دوران ٻئي ڏينهن نيرن ڪري مون هن کي چيو ته تون ڀلي آرام سان پنهنجي ڪار ۾ اچجانءِ. آئون هتان واڪ ڪندو مين روڊ تان بس ۾ چڙهي شهر ٿو وڃان.
”سائين ائين وري ڪيئن ٿيندو. اهو ته خراب ٿو لڳي.“ اطهر چيو. هن کي اهو به انديشو هو ته متان آئون گم نه ٿي وڃان.
”تون فڪر ئي نه ڪر. آئون هن علائقي ۾ پهرين به رهي چڪو آهيان جڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڀاءُ ارشاد عباسي هتي رهندو هو ۽ هونءَ به مون لاءِ ڪجهه واڪ ڪرڻ ضروري آهي.“
آئون ڪاپي، پين ۽ ڪئميرا شولڊر بئگ ۾ وجهي نڪري پيس. ملائيشيا معنيٰ وڻ ئي وڻ. صبح جو وقت ٿڌي هوا سان گڏ وڻن ۽ گاهه جي سڳنڌ اچي رهي هئي. مين روڊ ٻن ٽن وڪڙن بعد هو. هر گهٽيءَ جو نالو نوٽ ڪندو ويس جيئن واپسي تي ان ئي هنڌ تي لهي ساڳيون گهٽيون لتاڙي اطهر ابڙي واري گهٽي ”جالان دوئا“ ۾ سندس گهر نمبر 17 کان اچي نڪران.
مين روڊ تي پهچڻ بعد چند وکن تي بس اسٽاپ ٺهيل هو. لوهي ڪنڊائتي ڇت جي هيٺيان بينچن بدران لڳل پائيپن تي اچي ويٺس ۽ بس جو انتظار ڪرڻ لڳس. صبح جو وقت هو، ورڪنگ ڊي هو - هرڪو پنهنجي آفيس يا ڪارخاني فئڪٽري ڏي ڊيوٽي لاءِ پئي ويو. وچ شهر ڏي ويندڙ هي اهم رستو هو سو گاڏين جا زوزٽ پئي ٿيا. آئون رکي رکي ڳاٽ کڻي پري کان ايندڙ مسافر بس ڏسڻ ٿي لڳس. پنج منٽ، ڏهه منٽ ۽ هاڻ پنڌرهن منٽ ٿي ويا، اڃان جڏهن بس نه آئي ته موٽر سائيڪل تي لنگهندڙ هڪ همراهه کي بيهاري پڇيم ته هتان بس لنگهندي به آهي يا نه - جيتوڻيڪ اهو سوال ڪندي عجيب پئي لڳم جو ٻارنهن سال اڳ تائين جيڪي هتي اٺ سال کن گذاريا هيم انهن ۾ هتان يا شهر جي ٻين حصن مان هر وقت اسان جي بس جي سائيز کان ننڍيون بسون لنگهنديون هيون جن جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ مني بس “Mini Bas” لکيل هوندو هو. اها اڌ رنگٽ (ڊالر) ڀاڙو وٺندي هئي ۽ شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ کان وڃي نڪربو هو. بهرحال هن موٽرسائيڪل تان لنگهندڙ همراهه جنهن جي پوءِ خبر پئي ته منهنجي هٿ جي اشاري سان نه بيٺو هو پر هو هن علائقي جا بس اسٽاپ صاف ڪرڻ وارو تامل هو ۽ هي بس اسٽاپ صاف ڪرڻ لاءِ بيٺو هو. هن مونکي ملئي زبان ۾ ٻڌايو ته لنگهندي آهي پر ڪلاڪ اڌ کانپوءِ.
”پوءِ هتان جا ماڻهو آفيسن ۾ ڪيئن وڃن.“ مون پڇيومانس.
”هي امير علائقو آهي. هر هڪ کي پنهنجي سواري آهي سو هتان بس دير دير سان گذري ٿي.“
ڪار ۾ سوٽ ۽ ٽاءِ ۾ ويٺل، مونکي خبر ناهي ڇا سمجهي ملئي زبان ۾ پڇيو. ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون زبانون ڳالهائڻ وارا رهن ٿا. فقط ننڍي کنڊ جا ئي پنجابي، پشتو، اردو، هندي، سنڌي، گجراتي، بنگالي..... وغيره وغيره زبانون ڳالهائڻ وارا رهن ٿا. سو ان حالت ۾ ملئي زبان ۾ گفتگو ڪرڻ بهتر آهي جيڪا سڀني کي اچي ٿي.... ويندي ٻه اڻ واقف چيني ملڻ وقت پنهنجي گفتگو جي شروعات ملئي سان ڪندا جو ملائيشيا ۾ جيڪي چيني زبانون: ٽيوچو، منڊارن، هوڪين، ڪئنٽونيزوغيره وغيره مادري زبانون ڳالهائڻ وارا آهن ۽ جيسين خبر پوي ته ٻنهي ڄڻن جي هڪ ئي مادري زبان ٽيوچو يا منڊارن وغيره آهي تيسين هو ملئي ۾ ڪميونيڪيشن ڪن ٿا. پر بهرحال آئون سمجهي ويس ته لفٽ ڏيڻ واري همراهه جو تعلق ڏکڻ هندستان سان آهي جو هو رنگ ۾ مونکان به ڪارو هو. ڪار ۾ سندن گنيش ڀڳوان جي مورتي ڏسي سمجهي ويس ته هندو ڌرم سان تعلق اٿس ۽ تامل گانن جو ڪئسٽ هلڻ مان سمجهي ويس ته سندس مادري زبان تامل آهي. اسان جي ننڍي کنڊ ۾ جيئن جيئن ڏکڻ طرف وڌبو ته اتي جا گهڻي کان گهڻا ماڻهو انگريزيءَ کان واقف ملندا. ڪيرالا ۽ تامل ناڊو صوبي ۾ ۽ اڃان به هيٺ سري لنڪا ۾ ته هرڪو انگريزي ڳالهائي سگهي ٿو چاهي هو کڻي ٽئڪسي ڊرائيور هجي، گاڏي تي شيون رکي وڪڻڻ وارو هجي يا هوٽل جو بئرو ۽ ريلوي اسٽيشن جو قلي، ۽ هي نئين ماڊل جي هونڊا اڪارڊ ڪار هلائڻ وارو ته شڪل توڙي پوشاڪ مان آفيسر ٿي لڳو سو هن ۽ پنهنجي سهوليت لاءِ مون کي انگريزي ڳالهائڻ لاءِ کيس ان زبان ۾ ٻڌايو ته ڪٿي به وٺي هل.
”ڪٿي به..؟“ هن حيرت مان پڇيو. مون هن کي Suspense مان ڪڍڻ لاءِ سڄي ڳالهه ٻڌائي ته آئون پاڪستان کان هتي گهمڻ آيو آهيان ۽ هتي ’تمن يوڪي‘ ۾ هڪ پاڪستاني دوست وٽ رهيل آهيان. هينئر شهر جي چڪر لاءِ نڪتو آهيان سو مون کي وچ شهر ۾ ڪٿي به لاهيندئو ته آئون گهمندو وتندس.“
”آئون به تنهنجي پاڪستاني دوست واري گهٽيءَ ۾ رهان ٿو،“ هن ٻڌايو، ”اهو ته نه آهي جيڪو غاليچن جو واپاري آهي؟“
”نه. اهو نه آهي. هي پاڪستان جي هاءِ ڪميشن ۾ ڪم ڪري ٿو.“ مون ٻڌايومانس.
”توهان ته چيو ته توهاڻ هتي گهمڻ آيا آهيو پر توهان منهنجي ملئي ڪيئن سمجهي؟“ هن کي اوچتو خيال آيو.
”دراصل آئون هتي ملاڪا ۾ اٺ نو سال کن نوڪري ڪري ويو آهيان ۽ ان کان اڳ به ڏهاڪو کن سال پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ ايندو ويندو رهيو هوس سو ملئي سکي ويو آهيان.“ مون کيس پنهنجي ائڊرس جو ڪارڊ ڏيندي ٻڌايو.
”توهان سان ملي خوشي ٿي،“ هن پنهنجو ڪارڊ ڪار جي هڪ کانچي مان ڪڍي مون کي ڏيندي چيو، ”آئون گائنا ڪالاجسٽ آهيان (يعني ويم جو ڊاڪٽر) ۽ منهنجو نالو ٿانيڪا سلام آهي“ مون سندس ڪارڊ تي نظر وڌي. هن MBBS بئنگلور يعني انڊيا مان ڪئي هئي.
K.Thanikasalam
MBBS (B’Lore), (FROG) London, (FICS (USA)
Consultant Obstertrician & Gynaecologist
آئون جالان رحمت ڏي وڃڻو آهيان جتي MIC بلڊنگ ۾ ”سري وري وومين سينٽر“ ۾ ڪم ڪريان ٿو. توهان چئو ته توهان کي اڳيان Jaletek مونو ريل اسٽاپ تي ڇڏي اچان.“ ڊاڪٽر ٿانيڪا پڇيو.
”اها ته توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي. صبح جو وقت آهي. دڪان اڃان کليا نه هوندا، تيسين آئون مونو ريل ۾ چڙهي شهر جو چڪر ڏيان.“ مون چيومانس. جاليٽيڪ اسٽيشن تي پهچي موڪلايوسين.
***

ملائيشيا جي هيءَ مونو ريل مونکي جپان کان به وڌيڪ صاف سٿري لڳي. ماڻهو به ڊسيپلين سان هر اسٽيشن تي چڙهيا لٿا پئي. گاڏي ڪمپيوٽرائيزڊ هئي يعني بنا ڊرائيور جي هلي رهي هئي.
تمن ڀاڳيا، تمن جايا، ڪيرنچي، ڀنگسار، پاسار سيني، مسجد جامع دانگ وانگي ۽ ڪمپونگ بارو جهڙين ريلوي اسٽيشنن تان ٿيندي جڏهن ريل ائمپنگ پارڪ پهتي ته آئون لهي پيس. ائمپنگ پارڪ ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران باجو ڪرونگ (ملئي ڊريس) ۾ هڪ ملئي ڇوڪري بس جو انتظار ڪري رهي هئي ته موبائيل فون تي ڪنهن سان ڳالهائي به رهي هئي. مونکي به اتان ’چوڪٽ‘ مارڪيٽ لاءِ بس ۾ وهڻو هو. آئون روج ۽ لپ اسٽڪ لڳل هن ڇوڪريءَ کي حيرت مان چتائي ڏسڻ لڳس جنهن جو احساس هن کي به ٿيو ۽ جنهن سان ڳالهائي رهي هئي تنهنکي Tungu Sekajap (ٿورو ترسجانءِ) چئي مون کان مرڪندي پڇيو ته آيا آئون ڪجهه چوڻ ٿو چاهيان.
”نه ڪجهه به نه. تنهنجي تصوير ڪڍڻ ٿو چاهيان. مون چيو.
”بوليح، بائيڪ لا“ (ڀلي. جيئن توکي بهتر لڳي.)
فوٽو ڪڍي بس ڪيم ته هن به ڳالهائي ختم ڪيو.
”ڇو؟“ هن کلندي مونکان پڇيو. هن منهنجي فوٽو ڪڍڻ (۽ شايد مرڪڻ جو پڻ) سبب ٿي معلوم ڪيو.
”ڳالهه ٻڌ. اڄ کان ويهه سال اڳ ملئي ڇوڪري ورلي ڪا شهر ۾ نوڪري يا آفيس ۾ ڪو ڪم ڪندي نظر ايندي هئي. شهرن جي آفيسن، هوٽلن، دڪانن ۽ بس اسٽاپن تي رڳو چيني ڇوڪريون نظر اينديون هيون يا ڪجهه انڊين. ڪٿي ڪا ورلي ملئي ڇوڪري نظر ايندي هئي جيڪا چهري توڙي ڪپڙي گنديءَ مان ڳوٺاڻي لڳندي هئي. تنهنجو فوٽو ان ڪري ڪڍيو اٿم ته جيئن اخبار ۾ ڏيان ته توهانجي وزيراعظم مهاتير ۽ سياستدانن ملائيشيا کي يورپ بنائي ڇڏيو آهي ۽ چيني ڇوڪرين سان گڏ گڏ هاڻ ڳوٺن جون ملئي ڇوڪريون پڻ ميڪ اپ ۽ اوچن ويس وڳن ۾ سهڻيون ۽ سمارٽ ٿيو شهرن ۾ وڏي اعتماد سان پيون هلن. نه ته ويهه سال اڳ ڳوش ۾ جنهن گهر ۾ وڃبو هو ته تو جيڏين ڇوڪرين جون مائرون پنهنجين ڌيئرن لاءِ چونديون هيون ته ”جنگل ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويون آهن.“ پر اڄ جي ڳوٺاڻين مائرن کي خوش ٿيڻ کپي ته هنن جون ڇوڪريون ڪوالالمپور جي آفيسن ۾ ڪم پيون ڪن، ڪوالالمپور جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم پيون حاصل ڪن، ڪوالالمپور جي...“
”....بس اسٽاپ تي موبائيل فون تي پنهنجن بئاءِ فرينڊس سان پيون رهاڻيون ڪن.“ هن منهنجي جملي کي پورو ڪري هڪ دفعو وري مرڪيو.
***
سڄي ملائيشيا ۾ نه ڪنهن عمارت تي ظاهر ظهور يا لڪ ڇپ ۾ ڊش لڳل آهي ۽ نه وري ڪيبل سسٽم آهي. ٽي ويءَ تي فقط ملڪ جا چار چئنل اچن ٿا جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري هوندي به وڏي حد تائين آزاد آهن. انهن تان انگريزي، ملئي، چيني ۽ انڊين پروگرام ڏيکارين ٿا، خبرون، ڊراما ۽ فلمون ڏين ٿا. انڊين پروگرام واري وقت ۾ گهڻي ڀاڱي انڊين هندي ۽ تامل فلمون هلائين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن انڊين مليالم فلمون يا پاڪستان جون پنجابي فلمون پڻ هلن. ملڪ جي مڙني اخبارن ۾ روزانو نه فقط انهن سڀني چئنلن جا پروگرام ۽ وقت ڏنو وڃي ٿو پر انهن پروگرامن جي Rating پڻ ته آيا هي فقط وڏن لاءِ آهي يا ٻارن لاءِ به. جيئن مائٽ ٻارن کي اهڙي پروگرام هلڻ وقت ٽي وي اڳيان ويهڻ نه ڏين.
رات جو 8 کان ٽي وي تي لکت جي صورت ۾ اهو اطلاع شروع ٿي ويندو آهي ته 8 ٿي ويا آهن. ٻارن کي بستر ۾ وڃڻ کپي. نائين تائين سڀ ٻار سمهي رهندا آهن. اهو ان ڪري ته جيئن وڏن سان گڏ معصوم ٻار نه جاڳن ۽ هنن کي ڳپل رات ننڊ ڪرڻ لاءِ ملي وڃي ۽ هو صبح جو اسڪول وڃڻ وقت تازا (Fresh) ۽ توانا (Healthy) محسوس ڪن. اسان جي ملڪ جون مائرون ٻارن سميت دير دير تائين ڪئبل ۽ VCR ڏسن. صبح جو ٻارن کي پَٽي اٿاري اسڪول موڪلين ۽ پوءِ پاڻ وري سمهي رات واري رهيل ننڍ پوري ڪن ۽ هوڏانهن هو ٻار جن کي حقيقت ۾ وڏن کان وڌيڪ ننڊ جي ضرورت آهي، اهي ڪنجهندا، ٿاٻڙندا ۽ رئندا اسڪول پهچن. پوءِ ڪلاس روم ۾ سڄو ڏينهن مغز ڳرو ۽ اُٻاسين جو ڦهڪو - وڏو ٿي اهڙو ٻار ذهين ٿيڻ بدران موڳو ۽ منجهيل رهيل ٿو.
ملائيشيا جا اسڪول سوير ئي شروع ٿين - ٻار فجر مهل اٿن ۽ منهن اونداهيءَ ۾ ئي اسڪول لاءِ گهر ڇڏين. چاهي مينهن هجي يا طوفان ستين بجي اندر هر ٻار کي اسڪول پهچڻو پوندو آهي. پوري ستين بجي اسڪولن جا مين گيٽ بند ٿي ويندا آهن.
ملڪ جون سڀ آفيسون 8 بجي کان شروع ٿين ۽ هر ننڍي توڙي وڏي آفيسر کي - ويندي ملڪ جي وزيراعظم مهاتير کي ڪارڊ پنچ ڪري وقت اندر پهچڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو آهي. ساڳي طرح موڪل مهل آفيس ڇڏڻ وقت ڪارڊ پنچ ڪرڻو پوندو آهي.
***
چيني درزياڻي ’سي يو‘ (Siew) جنهن جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، ٻارهن سالن بعد به مونکي اهڙي ئي سمارٽ ۽ صحتمند لڳي. کلندي ان جو سبب پڇيومانس. وراڻيائين: ”آئون اڳ به اهو ئي چوندي هيس ته پنهنجي صحت صحيح رکڻ لاءِ سادي ۽ گهٽ ماني کائجي ۽ پنڌ گهڻو ڪجي. اسان چيني ماڻهو ان تي عمل ڪريون ٿا ان ڪري اسان چينين کي بيماريون به گهٽ ٿين ٿيون، صحتمند ۽ سنها به رهون ٿا. ملئي ماڻهو به جيڪي ان ڳالهه تي عمل ڪن ٿا ته اهي به پنهنجي عمر کان ننڍا لڳن ٿا باقي ٻيا جيڪي کائڻ پيئڻ جا شوقين آهن، مٺاڻ گهڻو ٿا کائين هڪ هنڌ ويٺا آهن سي سست، ڦيڦا ۽ ٿلها نظر اچن.“
***
هڪ ملئي عورت پنهنجي ملئي قوم بابت ٻڌايو:
”ملئي عورتن وٽ پئسو ته اچي ويو آهي پر زور رڳو کاڌي کائڻ تي، اوچا ۽ ڍرا ڪپڙا پائينديون (ڍرا ان ڪري جو حد کان وڌيڪ ٿلهيون ٿي پيون آهن)، ميڪ اپ خريد ڪرڻ تي ۽ Facial Therapy تي پڻ چڱو پئسو ۽ وقت وڃائين ٿيون. ٿولهه گهٽائڻ لاءِ ورزش ڪرڻ يا کاڌي تي ڪنٽرول نٿو پڄين- زور رڳو منهنجي مساج ڪرائڻ تي ۽ اهي ڪم (مالشون پالشون) ڪرڻ واريون توڙي ڪريم لوشن ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ وارا سڀ چيني آهن جيڪي وڃن ملئي ماڻهن کي بيوقوف بنائيندا ۽ پئسو ڦريندا. ملئي مسلمان وٽ کڻي ڪيترو به پئسو اچي هو کپائڻ تي منٽ ڪري وٺندو ۽ چيني هن مان ڪمائي وٺندو.“
***
منهنجو هڪ پراڻو ملئي دوست ابراهيم بن معروف ۽ ٻين ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ جتي سخت Law & Order آهي ته اتي اڄ ڪلهه ڏوهه به وڌي ويا آهن. نشي (Drugs) ۽ چوري جي ڪيسن ۾ آفريڪا جي ملڪن کان آيل شيدي گهڻو Involve آهن جيڪي اسٽوڊنٽ ويزا تي اچن ٿا. ريپ جي ڪيسن ۾ هتي جا مڪاني ڊرائيور به ڏوهاري ثابت ٿيا آهن. خاص ڪري ڇوڪرين کي آڌي رات کانپوءِ اڪيلو ٽئڪسي ۾ سفر نه ڪرڻ کپي. هونءَ ته هي ملڪ ايڏو Safe ۽ سانت وارو هو جو رات جو اڪيلو به ڇوڪريون ڳهه پائي يا مِني اسڪرٽن ۾ پئي هليون ڪنهن نالو به نٿي ورتن.
***
”جالان (شاهراهه) مسجد انڊيا“ واري روڊ تي مسجد انڊيا به آهي ۽ گهڻو ڪري سڀ دڪان: سيڌي، ساڙهين کان زيورن جا انڊين جا آهن جن ۾ تامل، گجراتي، سنڌي ۽ سک اچي وڃن ٿا. فوٽ پاٿ تي ٻه سک زنانا ۽ مردانا بٽون، چيلهه جا بيلٽ ۽ بوٽ پالشون وڪڻي رهيا هئا. مون به هڪ ٻٽون ورتو. پئسا ڏئي هلڻ لڳس ته منهنجي ڀرسان بيٺل همراهه به ان وقت ان ميڙ مان ٻاهر نڪتو. هو تامل ٿي لڳو يا شايد گجراتي. مونکي به پاڻ وانگر ملائيشين انڊين (يعني هتي جو شهري) سمجهي راز واري انداز ۾ انگريزيءَ ۾ چيو: ”مهاتير (ملائيشيا جي وزيراعظم) کي استعيفا نه ڏيڻ کپي. نه ته هي بيوقوف ملئي مسلمان اسانجو جيئڻ حرام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.“
هو ڊنل ڊنل ٿي لڳو ۽ پوءِ ڪجهه سوچي مرڪيو ۽ چوڻ لڳو: ”نيور مائينڊ هاڻ اسان به هنن ڄٽن سان پڄڻ وارا آهيون. 1969ع واري ايمرجنسي جهڙو واقعو ٿيو ته به هنن کي ڏسي رهنداسين ۽ گهڻو گوڙ ڪيائون ته هن ملڪ جو يوگرسلاويا وارو حال ڪري ڇڏينداسين.“ ۽ پوءِ مهاتير جي تعريف ڪندو هڪ ڊپاٽمينٽل اسٽور ۾ هليو ويو.
***
نفيسه ۽ سندس ماءُ جپان جي شهر هيروشيما ۾ ٻه سال رهي آيون هيون. هو اتي منهنجي ڌيءَ مريم جون پاڙيسري هيون ۽ هاڻ منهنجو ملائيشيا ۾ اچڻ جو ٻڌي هنن مونکي مانيءَ تي گهرايو. ”مانيءَ جي تڪليف نه ڪريو. هتي اطهر جي گهر ئي هليا اچو ته گڏ چانهه به پَيون ۽ ملاقات به ٿي وڃي.“ مون چيومان.
”آئون توکي پنهنجي گهر جو باغ به ڏيکارڻ چاهيان ٿي.“ نفيسه جي ماءُ چيو.
مون شام جو ئي هنن وٽان ٿي اچڻ چاهيو ٿي جيئن جلدي پرائي گهر موٽي اچان. وعدي مطابق شام جو پنجين وڳي کان انتظار ڪندو رهيس. ڇهه ٿي ساڍا ڇهه ٿيا ڪو به وٺڻ نه آيو. مغرب جي نماز بعد جڏهن اونداهه ٿي وئي ته ان وقت نفيسه پجيرو ٽائيپ گاڏي ڪاهي آهي. دير سان اچڻ لاءِ معافيون وٺندي چوڻ لڳي ته توکي ته خبر هوندي Janji Melayu (ملئي ماڻهن جي وعدي) جي.
”نه“ مون چيو.
”ائين جيئن Sailors Promise چئبو آهي تيئن اسان ملئي جو وعدو هوندو آهي. چوندا صبح آهيون ته ايندا شام جو پيا آهيون ۽ شام جو وعدو ڪري رات جو پيا ايندا آهيون.“
”هاڻ هلڻ مان ڪهڙو فائدو. رات جو ڪهڙو هلي باغ ڏسان. هونءَ جيتوڻيڪ مونکي ڪجهه ملائيشيا جا ٻوٽا ڪراچي لاءِ کڻڻا هئا.“ مون چيو.
”توهان هلو اسان ڊنر تيار ڪئي آهي.“
نفيسه پرائيم منسٽر آفيس ۾ ڪم ڪري ٿي هوءِ جپان MSC ڪرڻ وئي هئي. سندس ڀيڻ نفيسا ڪوالالمپور ۾ ڪنهن فارين ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿي. ماءُ سنگاپور ۾ ۽ ان بعد ملائيشيا ۾ اسڪول ٽيچر رهي آهي. گهر ڪافي وڏو هو پر سڄو غاليچن، فريمن ۽ ٻاهرن ملڪن جي سوغاتن سان ڀريو پيو هو. نفيسه ٻڌايو ته هوءَ آفيس کان شام جو 5 بجي موٽي اچي سمهندي آهي. ان بعد 9 بجي اٿي فرينڊس سان گڏ ڪنهن هوٽل يا ڪلب ۾ ماني کائڻ وڃي، ان بعد يارهين ٻارهين گهر موٽي ڪمپيوٽر ۽ نيٽ تي دوستن کي خط لکي يا Chat ڪري.
”او مسٽر الطاف صبح جو آفيس لاءِ اٿيو نه ٿيندو آهي. ڏاڍي بزي لائيف گذري ٿي. ملائيشيا به يورپ وانگر ماڊرن ٿي ويو آهي ۽ اسان کي فاسٽ لائيف گذارڻي ٿي پوي....“
نفيسه مونولاگ جي صورت ۾ ڳالهائيندي رهي، ڳالهائيندي رهي. آئون چپ آخر سندس ماءُ کي چيم ته يورپ ۾ آئون به رهي آيو آهيان. هو ائين چرين وانگر ته زندگي نٿا گذارين. توهان ملئي ماڻهو پر سڪون زندگي گذارڻ وارا - توهان کي هي ڇا ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي ترقي هي حالتون پئدا ڪري رهي آهي ته پوءِ ته آئون اهو ئي چوندس ته اهڙي ترقيءَ کان ائين ڀلا آهيون.“
”تون صحيح ٿو چئين. پر منهنجي ڪير نٿو ٻڌي. هر هڪ کي نوڪري ملي وئي آهي. بي انتها پئسو اچي ويو آهي. هر هڪ وڏي کان وڏي ڪار وٺڻ ٿو چاهي. هرهڪ ولايت ۾ وئڪيشن گذارڻ ٿو چاهي ۽ سڀ ڪجهه هوندي به بيچيني آهي بي سڪوني آهي، ڊپريشن جي شڪايت آهي...“
هلڻ وقت مون جيڪي ٻه خاص ٻوٽا چاهيا ٿي اهي مونکي هنن پني ۾ ويڙهي ڏنا. ”آهي ته غيرقانوني ڪم پر آئون پنهنجي ملڪ کڻي وڃڻ چاهيان ٿو.“ مون چيومان.
نفيسه جي ماءُ منهنجي همت افزائي ڪندي چيو: ”مڙيئي خير آهي. آئون به جپان مان ٻه چار ٻوٽا لڪائي کڻي آئي هيس.“
***
ڪوالالمپور کان ڪراچي ايندي وقت هوائي جهاز ۾ باريسال (بنگلاديش) جو هڪ نوجوان مليو. هو دبئي وڃي رهيو هو. کيس ڪامرس جي ڊگري هئي ۽ ان سان واسطو رکندڙ آفيس جاب مليو هو. هو ڪجهه وقت ڪوالالمپور به ترسيو هو.
”ملائيشيا ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ Try ڇو نه ڪئي؟“ مون پڇيومانس.
”اتي به ملي ٿي پر مونکي ملائيشيا جو ماحول ۽ حالتون صحيح نه لڳيون.“ هن وراڻيو.
”ڇو ڀلا؟“
”هو سمجهن ٿا ته اسان کانئن نوڪريون کسي رهيا آهيون. دبئي وري به صحيح آهي. سڀ ۾ بهتر جپان آهي پر اهي نوڪري نٿا ڏين.“
***
هوائي جهاز ۾ ملائيشيا جي اوڀر وارين رياستن: ڪيلنتان ۾ ٽرينگانو جا ڪيترائي نوجوان ان هوائي جهاز ۾ هئا. ڪيترن کي سائي پڳڙي يا اڇي آر واري ٽوپي مٿي تي هئي. پڇڻ تي ٻڌايائون ته هو سڀ ڪراچيءَ وڃي رهيا آهن.
”ڪراچيءَ ۾ ڪٿي رهندئو؟“ مون پڇيومان.
”گرومندر ۾“ هنن جواب ڏنو.
”اتي ڇا آهي جتي رهندئو؟“ مون پڇيومان.
”مدرسه بنوروي.“
انجنيري، ڊاڪٽري ۽ ٻي تعليم جو پاڪستان ۾ معيار کڻي ڪري پيو آهي ۽ ڪو به ڌاريو اسان وٽ انهن سبجيڪٽن ۾ علم حاصل ڪرڻ نٿو چاهي پر تنهن هوندي به ملائيشيا، ڏکڻ فلپين ۽ ڏکڻ ٿائلنڊ جا ماڻهو پنهنجن ٻارن (پٽن توڙي ڌيئن) کي اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان موڪلين ٿا ۽ ان ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. فقط ڪراچيءَ ۾ ئي مدرسه بنوري ۽ الهدا انٽرنيشنل جهڙا ڪيترائي مذهبي درسگاهه آهن جتي ڏيهي توڙي پرڏيهي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون قرآن مجيد جو تفسير، حديث فقه، عربي لٽريچر، اسلامي قانون ۽ ٻين سبجيڪٽن ۾ علم حاصل ڪرڻ ۾ سعادت سمجهن ٿيون.
***
هوائي جهاز ۾ چڙهڻ کان اڳ ڪوالالمپور جي بين الاقوامي هوائي اڏي جي انتظار گاهه ۾ ڪيتريون ئي ملئي مهانڊن جون نوجوان عورتون هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ڏٺم. هنن جي جسم تي ملئي ڊريس هئي پر بيحد سادي ڪپڙي جي ۽ سادي نموني سبيل. سندن چهري مان غربت ۽ اداسي بکي رهي هئي. اڄ کان چوٿو صدي اڳ 1973ع واري دور ۾ اسانجو جهاز ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ ايندو هو ته ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ ملئي عورتون ڪجهه اهڙي نموني جون هونديون هيون.
مڃان ٿو ته ملائيشيا ۾ ڪويت ۽ سعودي عرب وانگر پيٽرول جون نديون نه پيون وهن ۽نه وري ڏکڻ آفريڪا ۽ بيلجم وانگر هتي هيرن جون کاڻيون ۽ ڪارخانا آهن پر هن ملڪ جي وزيراعظم ۽ سندس سياستدانن ۽ سرڪاري ڪامورن جي ٽولي محنت ۽ ايمانداريءَ سان هن ملڪ کي گذريل ڏهن سالن اندر دنيا جو هڪ ماڊرن ۽ امير ملڪ بنائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ شهر توڙي ٻهراڙيءَ جو ٻچو ٻچو اسڪول وڃي ٿو، هرهڪ کي روزگار جو ذريعو آهي، هرهڪ خوشحال آهي. اڄ ٻهراڙي ۽ ڳوٺن جون ڇوڪريون به ويس وڳا پائين ٿيون، سندن چپن تي سرخي ۽ مرڪ آهي، هنن کي مستقبل جي مايوسي نه حال جي پريشاني آهي. پوءِ هي ملائيشيا جي ڪهڙي حصي جون ملئي مسلمان عورتون آهن. آئون دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو ۽ پوءِ هنن وٽان لنگهندي هڪ کان پڇي وٺان ٿو.
“Dari Mana” (ڪٿان آيون آهيو)
”داري انڊونيشيا“ هوءَ ڊنل هرڻيءَ وانگر مون ڏي نهاري وراڻي ٿي.
“Pergi Mana” (۽ ڪيڏانهن وڃو پيون) مون پڇيو.
”ڪپادا ابوڌابي“ (ابوڌابيءَ ڏي) جوان ڏنائين.
”انتوق ڪرجا“ (پورهئي لاءِ؟) مون پڇيو.
“Ya” (ها)
چئبو ته هي ويچاريون سامهون واري ملڪ انڊونيشيا جون آهن ۽ امير عرب ملڪ ۾ نوڪري يا گهر جي پورهئي لاءِ وڃي رهيون آهن. ڪير پنهنجا ڪک ڇڏڻ چاهي ٿو. پر هو مجبور آهن. جيڪي شادي شده آهن اهي پنهنجي پٺيان ڇڏيل ٻچا ياد ڪري رهيون هونديون ۽ جيڪي ڪنواريون ڇوڪريون آهن اهي پنهنجا ماءُ پيءُ ڀائر ڀينرون ياد ڪري رهيون هونديون ۽ هنن جي والدين کي الڳ فڪر هوندو ته هنن جون ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون گهر ڇڏي ڌارين وٽ پورهيو ڪرڻ وڃي رهيون آهن ۽ جن ڌارين (عربن) جي Reputation ڪا خاص ناهي. هو پڪ ملائيشيا جي ڇوڪرين کي خوش حال ۽ سکيو ستابو ڏسي سوچينديون هونديون ته هو به هنن جهڙيون آهن. ساڳي موسم ۽ ساڳي ڌرتي آهي. وچ ۾ فقط سمنڊ جو سوڙهو درياهه آهي، پر هڪ طرف سٺن سياستدان ملڪ کي خوش حال بنائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف ٺڳ ۽ Corrupt سياستدانن ملڪ کي ڀينگيو ۽ عوام کي ڌارين جي در در تي ڌڪا کائڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي خيال ۾ نائيجريا ۽ انڊونيشيا اهي ملڪ آهن جن وٽ تيل (Oil) هجڻ جي باوجود به، غريب آهن.
جهاز ۾ ويهڻ تي هنن مان هڪ جي سيٽ منهنجي ڀر ۾ هئي. هوءَ پنهنجي ڏکن جا داستان ٻڌائيندي رهي: ”ٻچا ٻار ڇڏي ڌارئين ملڪ ۾ ڌارئين زبان ڳالهائيندڙن جي گهر ۾ انهن جو پورهيو ڪرڻ ڪنهن کي ٿو وڻي. انڊونيشيا کي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور کان به وڌيڪ ڌرتي ۽ مال آهي پر ليڊر صحيح نه هجڻ ڪري اسان غريب ٿي ويا آهيون....“ هن رکي رکي ڳالهه ٿي ڪئي. آئون سندس غم ۽ ڊپريشن جو اندازو لڳائي سگهيس پئي. انڊونيشي ۽ ملئي زبان ۾ تمام ٿورو فرق آهي جيترو شڪارپو ۽ ٺٽي جي زبانن ۽ لهجي ۾. بهرحال سندس ڳالهه آئون سؤ فيصد نه پئي سمجهي سگهيس ۽ هن تمام جهيڻي آواز ۾ پئي ڳالهايو پر هن جي ڳالهه جو مفهوم سمجهيس پئي ته هنن کي غريب بنائڻ ۾، هنن کي در در ڌڪا کارائڻ ۾. عورت ذات کي پورهيا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ ۾، پنهنجن ٻچن ٻارن کان ڏور رکڻ ۾، ملڪ جو تعليم ۽ صحت جو نظام ناقص بنائڻ ۾ ڪنهن ٻئي جو نه پر سندن ملڪ جي سياستدانن جو هٿ آهي جيڪي پنهنجا ته ڀڀ ڀريندا رهن ٿا پر عوام کي بکيو، بي روزگار ۽ بيمار بنائي ڇڏيو آهي. سندن نمائندا ۽ ليڊر سٺا هجن ها ته هو به ملائيشيا جي ماڻهن وانگر خوشحال هجن ها ۽ آخر ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ماڻهن ۽ ملڪ ۾ ٻيو فرق ئي ڪهڙو آهي.
هوءَ پنهنجي ملڪ جي ڳالهه ڪري رهي هئي پر مونکي ڄڻ پنهنجي ملڪ جي ڪهاڻيءَ جو ڪن تي پڙاڏو اچي رهيو هو.
نئين ملڪ ۾ نوڪري لاءِ وڃڻ وقت جيڪا شروع وارن ڏينهن ۾ ڊپريشن (مايوسي) حاوي رهندي آهي. اها هن جي مٿان طاري هئي. رکي رکي هن پنهنجن ٻن معصوم ٻارن ۽ پنهنجي بيمار ماءُ ۽ مسڪين پيءُ کي ياد ٿي ڪيو. پاڻ هي ٽيون دفعو عربن جي ملڪ ۾ وڃي رهي هئي.
ٻه دفعا اڳ نوڪري جي مدي کان اڳ ڇو موٽي آئي؟ مون سبب پڇيومانس.
”مالڪ سٺا نه مليا. هينئر به خوف ۾ وڃي رهي آهيان.“ هن جواب ۾ ٻڌايو.
***
”ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS جي هوائي جهاز ۾ ڪراچي کان ڪوالالمپور اچڻ وقت هنن ابوظبيءَ جي ڪنهن ڪئٽرنگ فرم جي ماني کارائي. هاڻ ڪوالالمپور کان ڪراچي ويندي وقت ملائيشيا جي ماني ڏني وئي. خير اهو ته ٺيڪ هو. جهاز به ملائيشيا جو هو ۽ اڏاڻو به سندن ملڪ جي هوائي اڏي ڪوالالمپور کان هو، سو ظاهر آهي هو پنهنجي ڪنهن هوٽل يا مني سپلاءِ واري ڪمپنيءَ جي ماني ڏيندا، پر ڪراچيءَ کان ايندي وقت ڪراچيءَ جي ماني نه ڏيڻ ڪري مونکي ٻه ٽڪا ڏک ضرور ٿيو. ابوظبي - جتان جهاز اچي رهيو هو، اتان ماني آڻڻ بدران هو ان قسم جي ماني ڪراچيءَ مان به کڻي سگهيا ٿي جتان کين ويتر سستي پوي ها. پر لڳي ٿو ته ڪراچيءَ جي ڪسٽمس جي ڏکين Formalities ڪري، ايئرپورٽ سان واسطو رکندڙ عام ۽ انٽيليجنس پوليس جا بيجا گهر گهر (خرچيءَ) ڪري ۽ ڪراچيءَ جي مڇي گوشت - ويندي پاڻيءَ جي Un-hygenic هجڻ ڪري ملائيشيا وارن چار پئسا وڌيڪ خرچي به ماني ابوظبيءَ مان وٺڻ کي ترجيح ڏني آهي.
***