ڪوالالمپور ايئرپورٽ کان ٻاهر.....
بهرحال هو ته جهاز ۾ بيئر ۽ وسڪي پيئندا رهيا پر هاڻ ڪوالالمپور هوائي اڏي تي منهنجا بنا پيئڻ جي هوش خطا ٿي ويا هئا. هڪ ته جهاز مان سڀ کان آخر ۾ لٿس ۽ گهڻو اڳ جا لٿل مسافر ٽڙي پکڙي ويا هئا. چوڌاري هوٽلون ۽ دڪان به هئا. شايد ڪي انهن ۾ گهڙي ويا. بهرحال سامهون باٿ روم ڏسي آئون ان ۾ هليو ويس ڇو جو revolving belt تان سامان (بئگ وغيره) کڻڻ بعد باٿ روم جو رخ ڪرڻ بيوقوفي آهي. پر ان وقت باٿ روم ۾ بنا سامان جي وڃڻ به منهنجي بيوقوفي هئي جو ٻاهر نڪري ڏسان ته ڪاريءَ وارا ڪک هئا، پنهنجا ساٿي مسافر غائب ٿي چڪا هئا. ’ڏاڍي ٿي،‘ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ’هونءَ ته ’انڌن به وڃي ملتان ڳوليو‘ سو آئون به هر شيءِ ڳولي ته وٺندس پر هاڻ مون کي به انهن ملتان ويندڙ نابينائن وانگر وقت ضايع ڪرڻو پوندو ۽ ماڻهن کان پڇ پڇ ڪرڻي پوندي.‘ اهو سوچي ايئرپورٽ جو جائزو وٺي رهيو هوس ته ڀرسان ريسٽورنٽ جي ڪنڊ وٽ هڪ پاڪستاني همراهه کي سگريٽ ڇڪيندو ڏٺم. اها سموڪرس ڪارنر هئي جتي ڪو به سگريٽ پي سگهيو ٿي نه ته هوائي اڏي جي باقي حصي ۾ توڙي هوائي جهاز ۾ ڇهن ڪلاڪن جي سفر دوران ڪنهن کي به سگريٽ پيئڻ جي اجازت نه هئي.
هي همراهه جيڪو عمر ۾ مونکان پنج ڇهه سال کن وڏو ٿي لڳو جهاز ۾ مونکان ٻه قطارون اڳ واري سيٽ تي ويٺل هو. مونکي ان وقت به هُو ڄاتل سڃاتل لڳي رهيو هو پر آخر تائين چڱي طرح Locate ڪري نه سگهيس ته ڪير ٿي سگهي ٿو. گهڻو شڪ اهو ئي هوم ته افتخار صاحب هوندو جيڪو اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ته هي صاحب ڪوالالمپور ۾ هوندو هو ۽ ڪوالالمپور ۾ ٿيندڙ پاڪستانين جي دعوتن ۾ هن افتخار صاحب سان اڪثر ملاقات ٿيندي هئي. پاڻ سنگر مشين جي بين الاقوامي فرم جو ملائيشيا لاءِ نمائندو هو. پاڻ پاڪستان ڪرڪيٽ يا شايد هاڪي قومي ٽيم جو رانديگر به هو. جهاز ۾ سستي ڪري نه مليو مانس ۽ پاڻ به مونکي نه پئي سڃاتائين. ان ڪري ماٺ ۾ هوس پر هاڻ ’جاني نه پائي‘ جي مصداق مٿان وڃي بيٺو سانس ”اسلام عليڪم، آپ افتخار صاحب هين؟“ مون پڇيومانس.
”نه. آئون افتخار ته نه آهيان، جيتوڻيڪ آئون ان کي سڃاڻان. توهان ڪريو خبر؟“ هن به اڙدوءَ ۾ پڇيو.
”بس جهاز ۾ گڏ هئاسين. پهريون دفعو هتي آيو آهيان توهان ڪريو خبر ڪٿان نڪربو؟“ مون پڇيومانس.
”اچو اچو. منهنجو ته هتي سال ۾ ٻه ٽي دفعا اچڻ ٿيندو رهي ٿو.“ هن سگريٽ کي ائش ٽري ۾ اڇليندي چيو، ”توهان پاڻ؟“
”منهنجو شپنگ سان واسطو آهي نالو الطاف شيخ اٿم.“
نالو ٻڌي هن زور سان هٿ ملايو ”نه مون توهان کي سڃاتو ۽ نه توهان مونکي سڃاتو آهي. آئون ڪئپٽن شميم علوي آهيان.“
مون سندس چهري کي غور سان ڏٺو. ماڻهو ڪيڏو به پوڙهو ٿي وڃي سندس چهري مان ڪجهه نه ڪجهه جوانيءَ جي ڏينهن جون جهلڪيون نظر اچن ٿيون. مون شميم علوي صاحب کي ٽيهارو کن سال اڳ ڏٺو هو جڏهن هو ڦوه جوانيءَ ۾ هو. ”ابوه! چئبو ته جُهونا ٿيا جهاز“ وارو لقاءُ آهي.
”يار آپ تو اِدهر هي رهتي تهي.“ شميم علوي صاحب چيو.
”جي هان. آئون هتي ڏهه سال کن هوس پر ان کي به ٻارهن سال ٿي ويا. ويندي هي ايئرپورٽ به پوءِ ٺهيو آهي. بهرحال هن وقت مون صحيح پائلٽ (گائيڊ) جهليو آهي.“ مون کلندي ڪئپٽن شميم کي چيو.
ڪئپٽن شميم علوي ڪافي سالن کان ملائيشيا جي جهازران ڪمپني MISC (ملائيشيا انٽرنيشنل شپنگ ڪارپوريشن) جو پاڪستان ۾ نمائندو آهي. ملائيشيا جا جهاز ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندا آهن ته هو ۽ سندس پرائيويٽ ڪمپني انهن جهازن کي Look After ڪندي آهي ۽ جهازين جون ضرورتون پوريون ڪندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ملائيشيا جي جهازن تي آفيسرن جي ضرورت پوندي آهي ته شميم صاحب پاڪستان مان جهاز ران آفيسر ملائيشيا موڪليندو آهي.
”اميگريشن ۽ سامان ڪٿان ملندو؟“ مون شميم صاحب کان پڇيو جيڪو جهازن جي ڪم جي سلسلي ۾ هيڏانهن ايندو رهي ٿو.
”هجي ڪجهه نه ٿيندو.“ هن ٻڌايو، ”هتان پاڻ کي هن ٽرين ۾ چڙهي ٻئي هنڌ هلڻو پوندو. پنهنجو بئگيج وارو سامان به اتي پهچي ويو هوندو. اميگريشن ۽ ڪسٽم به اتي ٿيندو.“ علوي صاحب اڳيان بيٺل ٻن ٽن گاڏن جي اليڪٽرانڪ ريل ۾ وهندي ٻڌايو.
”چئبو ته جنهن کي خبر نه هجي سو سامان لاءِ هتي ئي اٻاسيون پيو کائي.“ ريل هلڻ وقت مون شميم صاحب کي چيو. ريل ڪمپيوٽر پروگرامڊ هئي ۽ بنا ڊرائيور جي هلي رهي هئي،
”ان چڪر ۾ خبر اٿئي هڪ دفعي وڏو مسئلو ٿي پيو،“ شميم صاحب ٻڌايو، ”ملائيشيا وارن کي سندن ڪنهن جهاز هلائڻ لاءِ ٻن آفيسرن جي سخت ضرورت هئي جن جي نه هجڻ ڪري عملو مڪمل نٿي ٿيو ۽ سامان سان ڀريل جهاز بندرگاهه ۾ بيٺو هو. هنن مون کي فون ڪيو ته پاڪستاني آفيسر هينئر جو هينئر ايمرجنسيءَ ۾ موڪل. مون سندن موڪليل Fax جي آڌار تي ان ئي ڏينهن ويزا به ٺهرائي. ٻئي ڏينهن صبح جو فلائيٽ هئي ۽ هتان Stand By وارا ٻه همراهه روانا ٿي ويا. مون گهر پهچي ڪوالالمپور آفيس ۾ فون ذريعي اطلاع ڪيو ته همراهن کي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڇڏيو پيو اچان بس چند ڪلاڪن ۾ پهچڻ وارا هوندا. ايئرپورٽ جون سموريون Formalities پوريون ڪرائي کين جهاز (پاڻي واري جهاز) تي پهچائجو ته جيئن توهان جو جهاز لنگر کڻي سفر لاءِ روانو ٿي وڃي.“
”توهان بي فڪر ٿيو اسان جو ماڻهو ڄاڻ ته ايئرپورٽ ڏي نڪتو.“ هنن مون کي ورندي ڏني ۽ آئون به بي فڪر ٿي آفيس هليو آيس. بهرحال اها هڪ نارمل روٽين آهي، جهازي (Seafarer) پنهنجا جهاز Join ڪرڻ لاءِ هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ باءِ ايئر ايندا ويندا رهن ٿا ۽ شپنگ آفيس ۾ پروٽوڪال ڊپارٽمينٽ وارا ايڏو ايڪسپرٽ ٿين ٿا جو هو هوائي اڏي تان جهازين کي يڪدم Clear ڪرايو وٺن ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل پاڻيءَ جي جهاز تي پهچايو ڇڏين. منجهند جو ٻارهين بجي ڌاري آفيس ۾ چانهه دوران اهو ئي سوچي رهيو هوس ته هتان روانا ٿيل پاڪستاني آفيسر ملائيشيا جي ضرورت مند جهاز تي هاڻ پهچي چارج وٺي چڪا هوندا ته اتي ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. فون کڻان ته ٻئي پاسي کان MISC آفيس جو نمائندو هو.
”ڪر خبر اسانجا همراهه ملائيشيا پهتا؟“ مون پڇيومانس.
”ان لاءِ ته فون ڪيو اٿم. هڪ به نه پهتو آهي.“ هن وراڻيو.
”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. آئون کين ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ تي اندر ڪري پوءِ موٽيو آهيان. تون کين ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ تي Receive ڪرڻ ويو هئين؟“ مون کانئس پڇيو.
”بلڪل. بلڪل. آئون هن وقت به ايئرپورٽ تان پنهنجي هئنڊ فون تان ڳالهائي رهيو آهيان ۽ اميگريشن سيڪشن وٽ بيٺو آهيان. هجن ها ته پهرين هتي پهچن ها. هڪ هڪ ٿي سڀ اچي ويا آهن. آخري ماڻهو جيڪي قطار ۾ بيٺا آهن اهي عرب فئمليون آهن.“ هن ٻڌايو ۽ آئون ڏاڍو پريشان ٿي ويس ته هي ڊرامو آخر ڪيئن ٿي ويو. جيڪڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تان هو هوائي جهاز ۾ نه چڙهن ها ته ان وقت ئي مون کي اطلاع ڪن ها. تنهنجي معنيٰ ته هو هوائي جهاز ۾ ته چڙهيا آهن..... ايتري ۾ مونکي يڪدم ڌيان اچي ويو ته هي هوائي جهاز مان لهڻ بعد اليڪٽرانڪ ريل ۾ چڙهي ايئرپورٽ جي هن ٻئي پاسي ۾ اچڻ بدران اتي پهرين حصي ۾ جيڪو ويندڙ مسافرن جو انتظار گاهه آهي، اتي ڪٿي سگريٽ پي رهيا هوندا ۽ سوچي رهيا هوندا ته سندن پاسپورٽ تي ٺپو به اتي لڳي ويندو ته بئگيج به اتي ملي ويندو.... هاڻ جيسين کين هوش اچي يا ڪو کين ٻڌائي..... مون يڪدم ملائيشيا جي آفيس واري کي چيو ته همراهه ڪيڏانهن به گم نه ٿيا اٿئي. هوائي جهاز مان لهي اتي ئي ڪٿي سگريٽ پي رهيا هوندءِ. ڪجهه دير بيهي انتظار ڪر، ڄاڻ ته پهتئه.
۽ پوءِ ٿوري دير کانپوءِ ملائيشيا کان فون آيو ته مون صحيح ٿي چيو. ”هو ٻئي هاڻ ٽلندا پيا اچن.“ شميم صاحب پنهنجو قصو پورو ڪيو ته ٽرين اچي ڪوالالمپور ايئرپورٽ جي ٻي حصي ۾ پهتي جتي پاسپورٽ تي ٺپو هڻڻ وارا به هئا ته ڪسٽم وارا به ۽ اسانجو ڪراچي ايئرپورٽ تي بئگيج ۾ ڏنل سامان به گول پٽن تي ڦري رهيو هو. اسان جي جهاز وارا مسافر ۽ هڪ ٻن ٻين آيل اڏامن جا مسافر به اتي ميڙاڪو ڪيو بيٺا هئا.
منهنجي هن سفرنامي جي پڙهندڙن کي ڪوالالمپور جي هن نئين ايئرپورٽ جي آئيڊيا هن مثال مان ٿي سگهي ٿي. هوائي اڏي جو پهريون حصو ڄڻ منهوڙي وانگر ٻيٽ آهي جتي جهاز اچيو Land ڪن ۽ مسافرن لاءِ فقط هوٽلون، دڪان، باٿ رومون آهن ٻيو ڪجهه به نه. ڪو غير قانوني مسافر ڀڄڻ به چاهي ته ڪيڏانهن وڃي؟ ان ٻيٽ نما جاءِ تان کيس ڪابه بس، ٽئڪسي يا ٻيڙي ڪياماڙي وٺي اچڻ لاءِ ناهي. بنا ويزا ۽ غير قانوني اچڻ وارو اتان ئي پنهنجي ملڪ موٽايو وڃي ٿو. هن جي سفارش يا پارت ڪرڻ وارو اتي ڪو ماڻهو ڇيڻو ناهي. ان بعد مسافر اتي بيٺل واحد اليڪٽرانڪ ٽرين ۾ چڙهي ڪياماڙي پهچن ٿا جتي اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪنگ بعد ٻاهر نڪري بس يا ٽئڪسي وٺي وڻين ته صدر يا ڪلفٽن هليا وڃن يا حيدرآباد ۽ سکر هليا وڃن. سو اسان به ريل ذريعي ان ڪياماڙي واري حصي ۾ پهچي وياسين جتي اسانجو سامان اسان جي پهچڻ کان اڳ ڪنهن زمين دوز بيلٽ يا گاڏيءَ ذريعي پهچي ويو هو. بئگ ۽ پنهنجن ڪتابن جو کوکو هلندڙ بيلٽ تان کڻي ٽراليءَ تي رکيم. ملائيشيا بابت لکيل ڪتابن جا ڪجهه سيٽ ملاڪا رياست جي چيف منسٽر، پاڪستان هاءِ ڪميشن جي هاءِ ڪمشنر، پنهنجي نيول اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ (جنهن اڪيڊمي ۾ مون اسيءَ وارو ڏهو پڙهايو هو) ۽ ٻين ملئي دوستن لاءِ آندا هئم. خاص ڪري انهن لاءِ جن ۾ هنن جون تصويرون پڻ ڏنل آهن. 72-1971 کان وٺي سنگاپور ۽ ملائيشيا بابت پنهنجن ڪيترن ئي سفرنامن ۾ لکندو اچان پر منهنجا ڇهه ڪتاب اهڙا آهن جن ۾ رڳو ملائيشيا جو احوال آهي.
ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه،
ملائيشيا منهنجي من ۾،
جت جر وهي ٿو جال،
مڪليءَ کان ملاڪا،
ڳالهيون آهن ڳچ، ۽
اوهريا جي عميق ڏي.
سامان کڻي ڪئپٽن شميم علويءَ کان موڪلايم. هن جي لاءِ MISC (ملائيشيا جي جهاز ران ڪمپنيءَ) پنهنجي گيسٽ هائوس يا ڪنهن هوٽل ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو هوندو. منهنجو پهرين ٽن ڏينهن جي رهائش جو بندوبست ڪنهن پرل انٽرنيشنل نالي هوٽل ۾ ايئرڪمپنيءَ جي ٽڪيٽ سان لاڳو هو.
”چڱو پوءِ سدائين گڏ. ڪراچيءَ ته ضرور ملبو پر ٿي سگهي ٿو هتي ڪوالالمپور ۾ MISC جي آفيس ۾ ملاقات ٿي وڃي جو ڏينهن ٻن بعد مونکي ان آفيس ۾ چڪر هڻڻو آهي جتي جا ڪيترائي جهازي آفيسر ڪنهن زماني ۾ منهنجا شاگرد هئا. انهن سان ضرور ملڻ ايندس.“ مون ڪئپٽن شميم کي ٻڌايو. اميگريشن ۽ ڪسٽم ۾ ڪو مسئلو نه ٿيو. سامان سوڌو ٻاهر نڪري آيس ته ڄڻ ڪنهن جيل مان آزادي ملي. نه ته اڄ ڪلهه يارهين سيپٽمبر واري واقعي کانپوءِ هر مسافر، خاص ڪري مسلمان ۽ پاڪستاني يا عرب ڄڻ ته دهشتگرد آهي. ايئرپورٽ جو عملو ائين ٿو ڏسي، سوال ڪري ۽ سامان چيڪ ڪري ڄڻ هنن کي اها پڪ آهي ته توهان ئي دهشتگرد آهيو. بس رڳو ثبوت خاطر هنن کي توهان جي ڪپڙن مان يا بئگ ٿيلهي مان بم ۽ پستول ڳولڻو آهي.
ڪراچيءَ ۾ به چڪاس جو حال خواريَ جي حد تائين هو. ويتر سست، موڳي ۽ شايد ضرورت کان گهٽ اسٽاف هجڻ ڪري هر هنڌ ڊگهي قطار هئي ۽ آهستي آهستي هڪ هڪ مسافر فارغ ٿيو ٿي. هٿ جي سامان تي ٽئگ هڻو. بورڊنگ ڪارڊ تي صحيح ڪريو. ويندي هڪ لوڊر (سامان وٺڻ وارو) هڪ عورت پئسينجر کان ٿو پڇي ته ملائيشيا ڇو ٿي وڃين؟ ويزا اٿئي؟..... ڀائي تنهنجو ڇا وڃي ان ۾! اهو ڪم اڳتي ٿيندڙ چڪاس ۾ ڪو انٽيليجنس وارو ته پڇي سگهي ٿو پر تون نه. تنهنجو ڪم فقط سامان جي تور ڪرڻ ۽ ان تي ٽئگ هڻڻ آهي ۽ ٽڪيٽ جاچڻ آهي ته ان فلائيٽ جي آهي ۽ اصلي آهي يا نقلي. ۽ پوءِ ٻين هنڌن تي به ڊگهيون قطارون هيون. عورتون، ٻار، پوڙها جوان سڀ قطار ۾ ٻگهه پکي وانگر ڪڏهن هڪ ٽنگ تي ته ڪڏهن ٻي ٽنگ تي بيهي ساهي ٿي پٽيائون. پاسپورٽ تي ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ Exit جو ٺپو هڻائڻ وقت هر هڪ جو ڪئميرا ذريعي فوٽو ڪڍي رهيا هئا. ڪمپيوٽرائزڊ لسٽ چيڪ ڪري رهيا هئا ته هي مسافر ڪنهن ٿاڻي تي ڏوهه جي ڪيس ۾ گهربل ته نه آهي يا هن جو نالو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ وارن تي بندش لڳل ماڻهن ۾ ته نه آهي. القاعده يا ٻي ڪنهن تنظيم جو دهشتگرد ته نه آهي. ويندي عورتن سان گڏ ننڍن ٻارن جي به چڪاس ٿي رهي هئي. دل ۾ چيم ’شل ڪو دهشتگرد کين ائين لڀي پوي!‘ اصل ڏاڙهين مڇين وارا دهشتگرد ته بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي برقعا پائي بدين ۽ ٺٽي پاسي کان بتيلن ۾ گلف ۽ مالديپ ٻيٽن کان وڃيو نڪرن ۽ هي ويٺا نانگ جي نشان کي لٺين سان ڪُٽين ۽ اسان مسافرن کي تنگ ڪن.
پاسپورٽ تي ٺپو لڳڻ بعد آرمي وارن جي چڪاس هئي اتي قطار، ان کان علاوه ايئرپورٽ اٿارٽي جا سپاهي اليڪٽرانڪ اسڪينر سان ڌار ۽ هٿن سان ڌار هر مسافر جو جسم ڄڻ مالش ڪري رهيا هئا. آخر ۾ جڏهن هوائي جهاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ انتظار گاهه (Waiting Lounge) ۾ پهتس ته حساب لڳايم ته ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ڪلاڪ پنجويهه منٽ قطارن ۾ بيهي هاڻ هتي پهتو آهيان. ’ٻه چار ضروري ڪم ٿي پيا آهن جن ڪري ملائيشيا وڃڻو اٿم جي رڳو گهمڻ ۽ دوستن ۽ شاگردن سان ملڻ هجي ها ته هتان ئي موٽي وڃان ها.‘ مون سوچيو هو. خبر ناهي اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي هن افراتفري ۽ خواري واري دور ۾ ٿائلنڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا يا يورپ ۽ آمريڪا گهمڻ وڃن ٿا. خير سنگاپور ته پاڪستانين لاءِ اهڙي ٽوٽل Ban هڻي ڇڏي آهي جهڙي رول ڪتن جي فضيلت وارن گهرن ۾ گهڙڻ کان. چي پاڪستاني دهشتگرد آهن. پاڪستاني چوريون ٿا ڪن. جهيڙا جهٽا ٿا ڪن، ٺڳيون ٿا ڪن - امن ۾ خلل ٿا پئدا ڪن. ڪنهن حد تائين اهي صحيح به آهن. پنهنجي ڳالهه کي صحيح قرار ڏيڻ لاءِ هنن وٽ ثبوت به آهن. ملائيشيا پاڪستانين کي اچڻ ڏئي ٿو پر ويزا سوچي سوچي، جانچي جونچي پوءِ ڏئي ٿو. ٿائلنڊ ۾ مڙيئي سولائيءَ سان مليو وڃي جتي يورپ ۽ آمريڪا جي ٽوئرسٽن دهشتگردي ۽ AIDS جي بيماريءَ جي خوف کان اچڻ گهٽائي ڇڏيو آهي. سندن چڪلا خالي ٿي پيا آهن ان ڪري پاڪستانين کي اچڻ ڏنو پيو وڃي (شايد)، جيئن اتي جي رنڊين، کنڊين ۽ کدڙن جو روزگار ته چالو هجي..... اڄ جو دور اهڙو ٿي پيو آهي جو نوڪري، واپار يا تعليم جهڙي مجبوري لاءِ ڀلي ڪو انجنير، ڊاڪٽر، بزنس مئن يا شاگرد ملڪ ڇڏي ٻاهر نڪري - باقي پئسو ۽ وقت وڃائي تفريح لاءِ ٻاهر نڪرڻ واري کي کپي ته گهر ۾ ئي ڊسڪوري يا نئشنل جاگرافڪ جهڙو چئنل ويهي ڏسي يا رسالو کڻي ويهي پڙهي. يا انگريزي نٿي اچيس ته هن سفرنامي کان علاوه عبدالحئي پليجي، مهتاب محبوب، رشيده بلوچ، تاجل بيوس، تنوير عباسي، آغا سليم، فهميده حسين ۽ هدايت ۽ عنايت بلوچ جهڙن ٺاهوڪن مسافرن جا سفرناما ويهي پڙهي.... آئون اهو سڀ ڪجهه سوچيندو ڪوالالمپور جي هوائي اڏي کان ٻاهر نڪتس. آيل مسافرن جي آڌر ڀاءُ لاءِ ڪيتائي مائٽ، عزيز ۽ دوست بيٺا هئا. انهن ۾ منهنجو ڪوبه سڃاڻو نه هوندو ان ڪري ان ميڙ ۾ هر هڪ کي چتائي ڏسڻ- ڳولڻ اجايو هو. هيءَ منهنجي بزنيس يا آفيشل ٽرپ به نه هئي جو ڪو آفيس وارو مونکي وٺڻ لاءِ آيو هجي. هيءَ منهنجي خانگي وزٽ هئي ان ڪري مونکي هر ڳالهه جو بندوبست پاڻ ڪرڻو هو. هڪ ڪنڊ ۾ مختلف هوٽلن جا نمائندا پلي ڪارڊ جهليو بيٺا هئا. ’ٿي سگهي ٿو جنهن هوٽل ۾ منهنجي رزرويشن هجي ان هوٽل وارا وٺڻ لاءِ آيا هجن. ظاهر آهي هن مون واري فلائيٽ ۾ فقط آئون ته ان هوٽل جو مهمان نه هوندس.‘ مون دل ۾ سوچيو ۽ هوٽلن جا نالا پڙهيا جن جي مهمانن کي وٺڻ لاءِ انهن جا نمائندا آيا هئا. پلازه هوٽل..... ڊئنسٽي هوٽل..... اِڪيٽوريل هوٽل...... منڊارن هوٽل....... ريجنٽ هوٽل...... شيرٽن هوٽ....... شنگريلا هوٽل..... مئرلن هوٽل...... وغيره وغيره ڪٿي به پرل انٽرنيشنل هوٽل جو نالو نظر نه آيو. ظاهر آهي هتي فائواسٽار هوٽلن وارا پنهنجن مهمانن کي وٺڻ لاءِ آيا هوندا. پرل انٽرنيشنل هوٽل جنهن ۾ منهنجي بڪنگ ٿيل هئي ۽ جنهن جو نالو هينئر ٻڌو اٿم ڪا فور يا ٿري اسٽار هجي تڏهن به وڏي غنيمت، سوچڻ جي ڳالهه آهي ڪوالالمپور جهڙي شهر ۾ جيڪو اڄ ڪلهه يورپ جي سڌريل ۽ سهڻن شهرن سان ٽڪر ٿو هڻي، جتي دنيا جي هر جديد شيءِ ۽ Facility موجود آهي ۽ جيڪو ايشيا جي باحفاظت ترين شهرن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو اتي 60 ڊالرن ۾ چار ڏينهن ٽي راتيون سو به نيرن سان گڏ ڪنهن ٿري اسٽار هوٽل ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. ۽ ان هوٽل وارن MAS جي هوائي مسافرن لاءِ اها ايڏي سستائي ڪئي آهي جو کين ان مسواڙ مان شايد ئي ڪو ٽڪو پئسو بچي! سو ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڌوڙ پائيندا ۽ اهو ناممڪن آهي ته هو شهر کان هيڏو پري (ڄڻ ڪراچيءَ کان ٺٽو يا نوري آباد ٿيو) ڪوالالمپور جي هن نئين ايئرپورٽ تي بس يا ٽئڪسي موڪليندا. اڃان به سبانگ جايا وارو ويجهو هوائي اڏو هجي ها ته اهڙين هوٽلن مان ڪا ڦاهو کڻي ڦڪي ها. ڪوالالمپور جو پراڻو هوائي اڏو اڄ ڪلهه ڊوميسٽڪ فلائيٽ لاءِ آهي. آئون اهو سوچي رهيو هوس ته سامهون هڪ نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جيڪي هڪ ڪوسٽر ٽائيپ بس ۾ چڙهي هيا هئا، مون تي نظر پوڻ تي مونسان ملڻ لاءِ لهي آيا.
”انڪل آئون علي آهيان ۽ هيءَ منهنجي ڪنوار آهي“ آءٌ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس ۽ هو به سمجهي ويا ان ڪري وڌيڪ سڃاڻپ ڪرائڻ لڳا.“
آئون توهان جي ڀاڻيجي سهيل شيخ جو دوست ۽ پاڙيسري آهيان....“ اتي مون کين سڃاڻي ورتو ۽ کين شاديءَ جي مبارڪ ڏني ۽ سندن شادي جيڪا هفتو کن اڳ هئي نه اٽينڊ ڪرڻ جي معذرت ڪئي.
”ڪريو خبر هتي ڪيئن؟ نوڪري هتي آهي ڇا؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”نه انڪل اسان هڪ ٽريول ايجنسي معرفت هني مون ملهائڻ لاءِ آيا آهيون. اسان جو سڄو گروپ هينئر پينانگ وڃي رهيو آهي جتي ٽي ڏينهن رهڻ بعد بئنڪاڪ وينداسين ۽ اتان پوءِ ڪوالالمپور موٽي اينداسين.“
“Wish you a good luck” مون کي خدا حافظ ڪندي پارت ڪئي، ”پنهنجي پاسپورٽ ۽ پئسي ڏوڪڙ جو خيال ڪجو، خاص ڪري ٿائلنڊ ۾.“
هنن جي بس پينانگ ڏي رواني ٿي ته مون ڪوالالمپور ويندڙ ڪنهن بس يا ٽئڪسي جو جائزو وٺڻ چاهيو. ماڻهن جي ميڙ مان هڪ سائوٿ انڊين (تامل) نڪري اچي مونکي پاسو ڏنو.
“Can I help you” آئون توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو. هن پڇيو.
”تون ڪير آهين، ميان؟“ مون پڇيومانس، ڇو جو هو ڪجهه چورن وانگر لڪي، ڳجهه ڳوهه واري نموني ۾ ڳالهائي رهيو هو.
”آئون ٽئڪسي ڊرائيور آهيان.“
”۽ ٽئڪسي ڪٿي آهي؟“
”او هوڏانهن بيٺي آهي، ڪيڏانهن هلندائو؟“
”پرل انٽرنيشنل ۾، پر گهڻو وٺندين؟“
”ستر رنگٽ“ (يعني ملائيشيا جا ڊالر) هن ٻڌايو. مونکي ڀاڙي کان وڌيڪ سندس چرسي چهري کان گهٻراهٽ ٿي. ڪجهه مزو نه آيو. اڪيلو هوس. کيسي ۾ مهيني کن جي رهائش جي خرچ پکي جا پئسا هئا، پاسپورٽ ۽ رٽرن ٽڪيٽ هئي. ملائيشيا ۾ کڻي ايڏو ڪرائيم (ڏوهن جو تعداد) نه آهي پر منهنجي دل نه مڃيو ۽ مڪاني دوستن ۽ سڃاڻن مان ڪنهن کي ان ڳالهه جو به اطلاع نه ته آئون ڪهڙي نمبر واري ٽئڪسي ۾ ڪهڙي هوٽل ڏي وڃان پيو. آئون کيس انڪار ڪري ٿورو اڳيان رڙهيس ته هڪ چيني ڊرائيور پاسو ڏنو.
”ڪيڏانهن هلڻو آهي؟“
”پرل انٽرنيشنل هوٽل“ جواب ڏنومانس.
”ڪٿي آهي اها؟“ هن پڇيو. مون رٽرن ٽڪيٽ مان Staple ڪيل هوٽل ۾ رهائش واري ڪوپن تي پهريون دفعو غور ڪري وڏن اکرن ۾ لکيل هوٽل نالي هيٺان تمام ننڍڙن اکرن ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان اڳ چيني ڊرائيور ذري گهٽ مونکان هٿن مان ٽڪيٽ کسيندي ائڊريس پڙهڻ لڳو. منهنجي ناراضگي جي اظهار تي يڪدم چوڻ لڳو ”سائين واپس ٿو ڪريان. ڀڄي ڪونه ويندس.“
”ٽئڪسي ڊرائيور ٿي توکي شهر جي هوٽلن جي خبر ناهي؟“ مون کانئس ٽڪيٽ ۽ هوٽل وارو ڪوپن وٺندي چيو. تيستائين هن ائڊريس پڙهي ورتي هئي ۽ وراڻيائين: ”نه هيءَ هوٽل شهر ۾ نه آهي هاڻ ڪا ويجهڙائيءَ ۾ ٺهي آهي ان ڪري آئون پهرين نه ويو آهيان. شهر ۽ ايئرپورٽ جي وچ ۾ آهي. جالان ڪلانگ لاما تي.“ (يعني ڪلانگ لاما“ روڊ تي. ملئي زبان ۾ جالان جي معنيٰ هلڻ به آهي ته جالان جي معنيٰ روڊ، رستو شاهراهه به آهي). جالان ڪلانگ لاما جو ٻڌي مونکي حيرت لڳي. مار پوي منهنجي ٽريول ايجنٽ کي. اڀري سڀري ڪنهن اهڙي هوٽل جو بندوبست ڪري ها جيڪا شهر جي وچ ۾ ته هجي ها جتان آئون واڪ ڪري مختلف دڪانن، آفيسن، پارڪن ۽ عمارتن ۾ پيو وڃان ها. ۽ جالان ڪلانگ لاما ڪو شريفن جو علائقو ته نه آهي. ڪراچيءَ ۾ جي رڳو ان روڊ جو نالو پڙهان ها ته اها هوٽل ڪڏهن به قبول نه ڪريان ها جو ڪوالالمپور ۽ ان جي ٻهراڙي واري سڄي علائقي ۽ هڪ هڪ رستي کان واقف آهيان. هي روڊ فئڪٽرين ۽ ڪارخانن کان مشهور آهي ان ڪري ان روڊ جو نالو ئي ڪلانگ آهي معنيٰ ڪارخانا. ۽ لاما معنا پراڻيون. سمجهه ته شيرشاهه وارو علائقو آهي جتي ٻيلن ۽ ڪاٺ چيرڻ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ڏکڻ انڊيا جا موالي ٽائيپ ۽ اڻ پڙهيل تامل مزدور رهن ٿا. ان روڊ تي انهن جي وندر لاءِ سستي قسم جا مئخانا ۽ جوا خانا هوندا هئا ۽ هر ايندڙ ڏينهن تي اخبارن ۾ سندن خبرون پڙهندا هئاسين ته اڄ تاملن جو پنهنجو پاڻ ۾ جيهڙو ٿيو ۽ اڄ هنن جو چيني مزورن سان فساد ٿيو. ڪنهن تامل مزور نشي ۾ پنهنجي زال کي موچڙا هنيا يا فلاڻي فيڪٽري جي انڊين مزورن جو گهر ۾ ٺهيل ڪچو شراب پيئڻ ڪري موت ٿيو يا جوا ۾ گدي ڪرڻ تي ٻه ڌريون وڙهي پيون.... وغيره وغيره ۽ ڪوالالمپور جي بندرگاهه پورٽ ڪلانگ ۾ ويندي اسانجو اڪثر هن رستي تان لنگهه ٿيندو هو.
جاگرافيائي لحاظ کان هي هوائي اڏو ڄڻ ته نوري آباد ۾ هو جتان ڪراچي اچڻ وقت هيءَ هوٽل صدر يا نرسريءَ ۾ هجڻ بدران سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ هئي. هر ٻاهر جو آيل چاهيندو ته شهر جي وچ ۾ رهان.
مون في الحال هن چيني ڊرائيور کي به ڀڄائي ڇڏيو جيڪو ان هوٽل تائين هلڻ لاءِ سٺ ڊالر گهري رهيو هو. ڪهڙي به هوٽل آهي ڪهڙو به روڊ آهي ان کي پوءِ ڏٺو ويندو پر هي ٻئي ڊرائيور، مون کي لڳو ته مونکان شايد ڀاڙو به گهڻو پيا وٺن ۽ ويتر جي هوٽل هٿ نه آين ته ان هوٽل کي ڳولهڻ لاءِ يا شهر ۾ اچي ٻه ڪا هوٽل ڏسڻ لاءِ مونکي سهراب ڳوٺ جهڙي جالان ڪلانگ لاما تان ٻي ٽئڪسي ڪٿان ملندي.
ايئرپورٽ مان نڪرڻ واري در وٽ ملائيشيا ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ جي آفيس ڪائونٽر تي ويٺل رسيپشنسٽ ڇوڪريءَ کي ان هوٽل ۾ وڃڻ لاءِ چيم تنهن سرڪاري طرح مقرر ڪيل ٽئڪسين جي هڪ ڊرائيور (جنهن جو وارو هو) کي گهرائي. هوٽل تائين ڇڏڻ جي بل جي رسيد ٺاهي مونکي ڏني.
”پنجانوي رنگٽ پليز.“
چيني ڊرائيور جيڪو پهرين ٻن ڊرائيورن کان وڌيڪ خطرناڪ لڳي رهيو هو. اهو اچي ويو، ڀاڙو جيڪو هنن جي ڀاڙي کان تمام گهڻو هو ان جي رسيد ڪٽجي وئي، هاڻ ڇا ٿو ڪري سگهجي. سؤ رنگٽ جو نوٽ ڪڍي ڇوڪريءَ حوالي ڪيم جنهن جيڪي پنج رنگٽ واپس ڪيا اهي هن نئين چيني ڊرائيور کي اڳواٽ ٽِپ طور ڏنم (جيتوڻيڪ ملائيشيا ۾ ٽپ جو رواج بنهه ناهي) ڊرائيور منهنجو سامان کنيو ۽ اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين.
هڪ سؤ رنگٽ يعني پاڪستاني 1600 رپيا. هونءَ يورپ ۽ USA جي لحاظ کان کڻي گهڻو ڀاڙو نه هجي پر ايشيائي ملڪن جي حساب سان اهو گهڻو ڀاڙو آهي جڏهن ته غير سرڪاري طرح هلندڙ ڊرائيور ستر ۽ سٺ رنگٽ وٺي رهيا هئا جيڪي آرام سان 50 رنگٽن تائين اچي وڃن ها. ۽ هيڏانهن سرڪاري طرح ٽوئرسٽن کي همٿائڻ بدران ٻيڻو ڀاڙو ڦريو پيو وڃي. دراصل انهن ڳالهين ۾ ملائيشيا مار کايو وڃي. ڪيترن سببن سان گڏ هڪ اهو به سبب آهي ته هتي آيل مسافر ٽهيو وڃن ۽ هتي جي حڪومت ملائيشيا گهمڻ جي جيتري اشتهاربازي ڪري ٿي اوترا ماڻهو هتي گهمڻ لاءِ نٿا اچن جو هو سرڪاري طرح هرشيءَ جو اگهه اهو رکڻ چاهين ٿا جيڪو لنڊن ۽ پئرس ۾ آهي. جيڪو ٽوڪيو ۽ نيويارڪ ۾ آهي.
***