اسان جا ۽ ملائيشيا جا وزير
اسانجي ٽئڪسي لسي، پڪي ۽ ويڪري رستي تان ترندي پئي ويئي. هي رستو گهڻو اڳ جو ٺهيل آهي جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس. ملاڪا کان ڪوالالمپور، ڪجانگ، اپوح ۽ ٻين شهرن ڏي ويندي آئون اڪثر هي هاءِ وي وٺندو هوس. 1980ع ڌاري جيئن ئي وزيراعظم مهاتير جي حڪومت شروع ٿي هن ٻين اهم ڳالهين سان گڏ رستن کي به ترجيح ڏني. ان کان اڳ ۾ ملائيشيا ۾ ايترا رستا نه هوندا هئا. ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن منهنجو پاڻي واري جهاز ذريعي اچڻ ٿيندو هو ته ملائيشيا جا شهر ڳوٺن کان بنهه ڪٽيل هئا. ڪيترن ڳوٺن ۾ ته مون 1980 تائين به سنهڙا پيچرا ڏٺا، جن تان ماڻهو پيرين پنڌ يا سائيڪلن تي ويندا هئا. گهڻو ڪري ڳوٺن جا ماڻهو ڳوٺن ۾ ته شهرن جا شهرن ۾ رهيا ٿي. ڳوٺن جا ماڻهو ڪپڙو گندي پٺاڻ ۽ سکن کان وٺندا هئا ته ڊبل روٽي بسڪيٽ تاملن کان جيڪي سائيڪلن تي سامان جون ڀريون رکي اهي پيچڙا ڏئي ڳوٺن ۾ ويندا هئا ۽ گهڻو تڻو ڪم اوڌر ۽ وياج تي هلندو هو.
۽ پوءِ اسي واري ڏهاڪي ۾ ملائيشيا جي سرزمين تي مهاتير محمد رستن جي ڄڻ ته ڄار وڇائي ڇڏي، ڳوٺ ڳوٺ تائين پڪا ۽ ويڪرا رستا ۽ نه فقط هڪ پر ٻه ٻه ٽي ٽي، جيئن هر قسم جو Alternative هجي ۽ هي رستا ان وقت جا آهن. ڏهه پنڌرهن سال اڳ جا ٺهيل. هيڏي مينهن ۽ ٽرئفڪ هوندي به ائين ٿا لڳن ڄڻ هاڻ ٺهيا هجن. رستي تي ڪئين قسمن جا بورڊ گذرندا ويا. ڪي قومي، ڪي بين الاقوامي ڪمپنين جا. رکي رکي مهمانن جي آڌرڀاءُ لاءِ Selamat Datang (ڀلي ڪري آيا) جو بورڊ نظر آيو ٿي. يا اڳيان ايندڙ ڪنهن اوچتي موڙ يا ٻي خطري کان ڊرائيور کي آگاهه ڪرڻ لاءِ AWAS (خبردار) جو بورڊ نظر آيو ٿي يا رفتار کي مقرر حد تائين رکڻ لاءِ HAD LAJU (رفتار جي پابندي) جو بورڊ نظر آيو ٿي. مونکي جُهڙ ۽ مينهن وڻندو آهي پر چوڌاري سڪل ٺوٺ زمين ڏسي لڳو ٿي ته روزانو مينهن وسڻ واري هن ملڪ ۾ مينهن وٺي ڪي ڏينهن ٿي ويا آهن. آسمان ۾ ڪا نالي ماتر هڪ به ڪڪري نه هئي.
جيتوڻيڪ صبح جو وقت هو پر سج جي تپش ايئرڪنڊيشن ٽئڪسيءَ ۾ اندر به محسوس ٿي رهي هئي. ظاهر آهي مينهن ۽ جهڙ ناهي ته ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور آفريڪا جي ملڪن: ڪينيا، يوگنڊا، تنزانيا، زائر، گهانا ۽ نائيجيريا وانگر آهن جيڪي سڀ ملڪ تقريباً ساڳي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهن جتي سج جا ڪرڻا سڌا پوڻ ڪري سخت گرمي ٿئي ٿي جنهن جي بچاءَ لاءِ پنهنجو مٿو ۽ خاص ڪري ڪنڌ ڍڪڻ کپي. سنگاپور ۽ ملائيشيا پاسي جا ماڻهو ڌوپ ڇٽي (Umbrella) مينهن کان وڌيڪ اس جي بچاءِ لاءِ کڻن ٿا. بنا ڇٽيءَ جي مينهن ۾ هلڻ ايڏو نقصانڪار نه آهي جيترو اس ۾ ڇو جو هتي جي اس ۾ يڪدم ڏينهن لڳيو وڃي Sun Stroke ٿئي ٿو ۽ وڌيڪ خطرناڪ حالتن ۾ اڌرنگ (Paralysis) پڻ. ان ڪري هن پاسي ايندڙ همراهن کي آئون هميشه مٿي ڍڪڻ لاءِ چوندو آهيان جو هتي جي اس سنڌ کان به خراب آهي. ڇو جو حيدرآباد ۽ سکر ته وري به 26 ۽ 30 کن Latitude تي آهن ۽ سج جا ڪرڻا پاسيرا ٿا پون. خاص ڪري سياري ۾ ته. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ته بلڪل زيرو ڊگري ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ۽ ٻارهوئي ساڳيو حال رهي ٿو. ويتر هن پاسي جي گهم ۽ گهُٽ (Humidity) ماڻهوءَ ۽ مرون کي ماري ٿي. اهڙي گرمي ۽ گهُٽَ ۾، ۽ رکي رکي پوندڙ مينهن ۾ وڻن ٽڻن ۽ جيتن جڻين ۾ واڌ ضرور اچي ٿي.
ٻاهر گرمي ۽ اس هئي تڏهن به مونکي هي ڄاتل سڃاتل نظارو وڻي رهيو هو ۽ پراڻن ڏينهن بلڪ سالن جون يادون ڌيان ۾ آڻي خوش ٿي رهيو هوس. منهنجي خيال ۾ سڀ کان گهڻو مون هن ملڪ ۾ Travel ڪيو آهي. پهريان ڏهه سال ٽئڪسين ۽ بسين ۾ جڏهن منهنجو هتي اچڻ جهاز ذريعي ٿيندو ۽ ان بعد ٻيو ڏهاڪو کن سال پنهنجي ڪار ۾ جڏهن مون هتي نوڪري ڪئي ٿي ۽ هاڻ پورن ٻارهن سالن جي يڪي Gap بعد هڪ دفعو وري آيو آهيان پر لڳي ائين ٿو ڄڻ ڪالهه وڃي اڄ موٽيو آهيان... آئون هتي جون مختلف جايون ۽ مختلف شخصيتون، جن سان منهنجو سٺو وقت گذريو، ياد ڪري ٻهڪڻ لڳس. دل چيو ٽئڪسي ائين ئي ويندي رهي ۽ منهنجو دماغ ائين ئي ماضيءَ جا ڏينهن ٽپندو وڃي ۽ گذريل وقت جي خوبصورت Events ۾ جهاتيون پائيندو رهي پر چيني ڊرائيور رکي رکي مونکي ڊسٽرب ڪندو رهيو. ابوظبي کان آيل فلائيٽ جو ٻڌي (جنهن مان آئون لٿو هوس) هو مونکي امير عرب سمجهڻ لڳو ۽ ڪجهه ڪجهه بيوقوف عرب پڻ. هاڻ هن کي ڪير سمجهائي ته ان فلائيٽ ابوظبي کان ڪوالالمپور پهچڻ کان اڳ ڪجهه مون جهڙا غريب پڻ ڪراچيءَ مان کنيا آهن. هو مون کي عرب ٽوئرسٽ سمجهي، ۽ ڪجهه وڌيڪ پئسا مون مان ڪڍڻ ڪارڻ، رکي رکي ڀڳل انگريزيءَ ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو هو جنهن مان کيس فائدو رسي سگهي. ”سڀاڻي ڪهڙو پروگرام اٿانوَ؟ آئون توهان کي ڪوالالمپور گهمائڻ وٺي هلان.“
”نو. ٿئنڪ يو.“ مون مختصر جواب ڏنومانس ٿي.
”ملائيشيا ۾ هاءِ وي ٺهي ويا آهن پر انهن تي هلڻ لاءِ ڊرائيور کي في ڏيڻي ٿي پوي.“ هن هڪ هنڌ رستي جو ٻه ڊالر ٽال ڏيندي ڍنڍڪو ڪيو. يعني آئون کيس اڃان وڌيڪ پئسا ڏيان. آئون چپ رهيس. ”چيني ڊرائيورن ۾ اهو ڪينجهو ڏاڍو آهي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
۽ پوءِ هڪ هنڌ جڏهن کلي مطلب جي ڳالهه تي اچڻ لاءِ چيائين ”توهان عرب وڏي پئسي وارا آهيو.“ ته مون پنهنجي بهتري ان ۾ سمجهي ته هن سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ بدران ملئيءَ ۾ ئي ڳالهايان ته منهنجي جند ڇٽي پوندي، سو ان ڳالهه تي وراڻيومانس ته
“Saya Bukan orang arab, Saya dari sini”
(آئون عرب نه آهيان. آئون هتي جو ئي آهيان.)
Oh! Dari Sini! Di mana awak tinggaal (هتي جو ئي آهين! ڪٿي جو؟)
منهنجي ملئي ڳالهائڻ تي وائڙو ٿي ويو ۽ پڇڻ لڳو ته ڪٿان آيو آهيان.
Saya Tinggal di Melaka. (آئون ملاڪا ۾ رهان ٿو) ۽ پوءِ ٻڌايومانس ته نوڪري به اتي اٿم.
منهنجيون اهي ڳالهيون ٻڌي هو ٿڌو ٿي ويو. بلڪ دل ۾ شڪر ڪري رهيو هوندو ته هتي جو رهاڪو ٿي ڪري يعني هتي جي واقفيت هوندي آئون ٽئڪسي ۾ پيو وڃان نه ته بس ۾ به وڃي سگهيس ٿي. ۽ پوءِ ڪوالالمپور ڇڏڻ وقت اها خبر پيئي ته ايئرپورٽ کان شهر ۽ شهر کان ايئرپورٽ هنن جي مونوريل به هلي ٿي جيڪا فقط ٽيهارو کن ڊالر وٺي ٿي ۽ هي جو ايئرپورٽ ٻاهران مونکي ورلي ڪو ماڻهو K.L (ڪوالالمپور) ويندڙ مليو جو اهي سڀ ان ريل ۾ شهر ڏي روانا ٿي ويا. بهرحال ملئي زبان ڳالهائڻ سان هو چپ ٿي ويو ۽ هوٽل تائين ماٺ ۾ رهيو. هونءَ به چوندا آهن ته جنهن ملڪ ۾ رهجي ان جي زبان سکڻ سان ماڻهو فائدي ۾ رهي ٿو.
آئون به هر هڪ کي اها نصيحت ڪندو آهيان ته ڪٿي به سال کان مٿي رهڻ جو آسرو ٿئي ته اتي جي جيتريقدر ٿي سگهي زبان سکجي ۽ جيترو جهٽ ٿي سگهي اوترو سٺو جيئن باقي رهڻ وارو عرصو ان کي استعمال ڪري سگهجي.
جهاز تي ويندڙ شاگردن کي تعليم دوران اها به نصيحت ڪندو آهيان ته پنهنجي ٽيڪنيڪل تعليم انجنيرنگ يا نيويگيشن سان گڏ ڪا فارين زبان به سکندا رهو. مثال طور عربي، فرينچ، جرمن، اسپيني يا جپاني وغيره ۽ کين اڪثر اهو چرچو ٻڌائيندو آهيان ته هڪ دفعي هڪ غريب ڪوئو ڪنهن ٻليءَ جي ور چڙهي ويو. ڪوئي گهڻو ئي ڀڄڻ جي ڪئي پر ٻليءَ پٺ نه ڇڏيس. آخر جڏهن ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو ته هڪ هنڌ بيهي زور زور سان ڪتي جي ڀؤنڪار ڪئي.
ٻلي ’ڀونءَ ڀونءَ‘ جو آواز ٻڌي ڊپ ۾ کڻي پويان پير ڪيا ۽ ڪوئي ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”سچ چيو اٿن ته ڌارئين زبان (Foreign Language) سکڻ ۾ فائدو آهي.“
هوٽل ۾ پهتس. بلڪ هوٽل کان اڳ جالان ڪلانگ لاما علائقي ۾ پهتس ۽ ان علائقي ۽ ماحول ۾ تبديلي ڏسي حيرت ٿي. ٻارهن سال اڳ جو ڇڏيل هي سهراب ڳوٺ ۽ مڇر ڪالوني جهڙو علائقو هينئر ڪلفٽن جهڙو بارونق ٿي پيو هو. گهڻ ماڙ عمارتون ۽ شاپنگ سينٽر ۽ چوڌاري Multi National ادارن جون آفيسون ۽ ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي اسڪول ۽ پوليٽيڪنڪ درسگاهن جا بورڊ ڏسي ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير ۽ سندس وزيرن ۽ سرڪاري ڪامورن جي ٽيم کي داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي، جن خانوٺ ۽ خدا آباد جهڙن ڳوٺن کي لورپول ۽ مانچسٽر بنائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ اسانجو ملڪ آهي جنهن جا ٻيا ڳوٺ ته ٺهيو پر رتوديرو، پير جو ڳوٺ، سنڌڙي، نئون جتوئي، هالا نوان ۽ سن به ڄڻ اتي ئي بيٺو آهي. ڪنهن به ڳوٺ جي ماڻهوءَ کان سندس ڳوٺ جي ترقيءَ جو پڇ ته چوندو: ”ها ابا ٿي آهي.“
”چاچا ڪهڙي ترقي ٿي آهي؟“ ته ان سوال جي جواب ۾ وراڻيندو:
”رئيس جي بنگلي تائين پڪو رستو ٿيو آهي.“
اسان وٽ ته ڪو غريب ته ڇا پر ڏسڻو وائسڻو ماڻهو به پنهنجي تر جي چونڊيل ميمبر يا وزير کي ڪجهه چئي نٿو سگهي. هڪ نوجوان دوست وزير سان هڪ دفعو سندس ڪراچي واري بنگلي تي سندس ڏنل ٽائيم مطابق صبح ساڻ ملڻ ويس. گهر ٻاهران لڳل تنبوءَ ۾ سندس ئي ڳوٺ جا ڏهاڪو کن غريب مرد ۽ ڪجهه پوڙهيون عورتون هٿن ۾ درخواستون کڻيو ويٺيون هيون. وزير کي اطلاع ڪرڻ بنا آئون به اتي ويهي رهيس. اطلاع به ڪيئن ڪجي. منهن مان ٻڙڪ ڪڍڻ کان اڳ سندس چوڪيدارن، نوڪرن، ڊرائيورن آيل ماڻهن کي ڇڙٻون ڏيئي ان تنبوءَ ۾ پئي وهاريو ”بابا ويهي رهو. اچڻ وارو آهي وزير. ڄاڻ ته آيو.“
وقت پاس ڪرڻ لاءِ آئون ڀر ۾ ويٺل همراهن جون خبرون ٻڌندو رهيس جيڪي ڏکن کان خالي نه هيون ۽ ڪيئن انهن مان هر هڪ قرض کڻي يا ڇيلو ڪڪڙ وڪڻي ڀاڙو ڪري ڳوٺ کان هتي ڪراچي ۽ ڪلفٽن تائين پنهنجي تر جي وزير سان ملڻ لاءِ آيو هو. وقت گذرندو ويو. ماڻهن جي رش وڌندي وئي. وڌندي وئي. وزير صاحب ڳوٺ ۾ ڪيل تقرير ۾ وعدو ڪري آيو هو ته بابا ڪراچي اچو ته توهان جي ڪم کي ضرور منهن ڏبو. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هي ميڙاڪو فقط ان ڏينهن نه پر جڏهن به وزير صاحب ڪراچيءَ ۾ آهي ته لڳو رهي ٿو ۽ وزير سان ملاقات جي آسري ۾ ڪيترا ته روز پيا جتيون گسائن. وزير جي اچڻ ۾ اڃان دير ٿي رهي هئي. ماڻهن جو تعداد اڃان وڌي رهيو هو. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته وزير صاحب کي ته آفيس ۾ به وڃڻو آهي ۽ هتي ڪيئن ۽ ڪيترن ماڻهن سان ملي سگهندو. بهرحال مون هڪ ٽارگيٽ ٺاهي ڇڏيو ته ساڍي نائين تائين منهنجو ساڻس ملڻ نه ٿيو ته آئون پنهنجي آفيس ڇڏي نٿي سگهيس ۽ آخرڪار ڪم به سندس آهي جنهن لاءِ پاڻ گهرايو اٿس منهنجو ته نه آهي. بهرحال ان دوران شايد کيس ئي خيال آيو ۽ پاڻ منهنجو پڇڻ لاءِ منهنجي گهر فون ڪيو جتان خبر پيس ته آئون ته صبح کان هتي آهيان. يڪدم نوڪر کي ٻاهر ڊوڙايائين جيڪو ميڙ ۾ دانهون ڪري مونکي ڳولي اندر وٺي آيو. ٻاهر ڇا گوڙ، گرمي ۽ ماڻهن (سائلن) جو طوفان متل هو ۽ اندر ڄڻ ٻي دنيا هئي..... سنهي سنهي ميوزڪ، ايئرڪنڊيشنز جي ٿڌڪار ۽ خوشبوئن سان وايومنڊل واسيو پيو هو. وڏو ڀاڪر پائي چيائين.
”يار ڪمال ٿو ڪرين. اندر هليو اچين ها نه.“
”ڌوڙ اچان ها. ڪا پهر ٻُڌڻ واري به آهي.“
پنهنجي ملڪ ۾ عوامي نمائندن جا هي نمونا ۽ ٻاهر انتظار ڪندڙ مجبور ماڻهن جون ڏکويل ڳالهيون ٻڌي آئون وائڙو ٿي ويو هوس ته هي آهي مسلمانن جو ملڪ! هيءَ آهي جمهوريت ۽ عوامي حڪومت جنهن لاءِ مرحوم ڀٽو صاحب روٽي، ڪپڙا، مڪان جا نعرا هڻندو رهيو.
وزير صاحب سرڪاري خرچ تي ٻه ٽي لنڊن فون ڪيا جتي سندس ٻار موڪلن جا ڏينهن، بقول سندس ’ڪاٽي‘ رهيا هئا ۽ هڪ اڌ نيويارڪ ڪيو جتي سندس دوست بزنيس شروع ڪرڻ لاءِ پهتا هئا. تيسين آئون مڪس ويل جي ڪافي اعليٰ درجي جي جپاني ناريٽاڪي ڪوپ ۾ پيئندو رهيس. فون ڪرڻ بعد صاحب بهادر ڪرسيءَ تان ڪوٽ کڻي پاتو ۽ هڪ نوڪر سندس بريف ڪيس کنئي ۽ باڊي گارڊ بندوق ڳچيءَ ۾ لڙڪائي.
”هلو ته هلي ڪچهري ڪريون.“ ڊرائنگ روم جي بلڪل در وٽ لڳل پجيرو گاڏيءَ ۾ گهڙندي هن چيو.
”ڪيڏانهن؟“ مون چيومانس.
”آفيس ۾.“ وراڻيائين.
”۽ هي پنجاهه سٺ کن غريب ماڻهو مين گيٽ ٻاهران تنبوءَ ۾ توهان سان ملڻ آيا آهن انهن جو ڇا ٿيندو؟“ مون پڇيومانس.
”انهن کي پاڻهي هي ’جوڪر‘ منهن ڏيندا“ هن پنهنجن خذمتگار چمچن ڏي اشارو ڪندي چيو.
”چڱو توهان ڀلا هلو ته آئون پنهنجي ڪار ۾ ٿو اچان.“ مون چيومانس.
”اها ڊرائيور کي ڏي ته اهو ڪاهي اچي. پاڻ هن گاڏيءَ ۾ ڪچهري ڪندا ٿا هلون.“ وزير صاحب چيو.
”مون وٽ ڊرائيور ناهي. توهان هلو آئون پنهنجي گاڏيءَ ۾ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ پڄان ٿو جتي توهان جي آفيس آهي.“ اهو چئي آئون مين گيٽ کان ٻاهر نڪتس. تنبوءَ ۾ ويٺل ماڻهن کي کڙڪ پئجي وئي هئي سو زالين مردين، ويندي پوڙها ۽ ڪجهه عذر وارا، پٽڪن ۽ سنڌي ٽوپين ۾، ابو ڇڻين ۽ اجرڪن ۾ گيٽ کان ٻاهر واري روڊ تي اچي بيٺا. سندن هٿن ۾ درخواستون هيون. آئون به انهن سان گڏ ٿي بيٺس. اهو ڏسڻ لاءِ ته وزير صاحب جا ’جوڪر‘ هنن غريب ماڻهن کي ڪيئن ٿا منهن ڏين. ماڻهو گيٽ تي ائين چهٽندا ويا ڄڻ وزير صاحب، اڳيان بيٺلن جا غم ان ئي وقت لاهي ڇڏيندو. وزير صاحب جي خذمتگار چمچن (بقول سندس ’جوڪرن‘) انهن کي ڌڪا ڏيئي هٽايو. ”بابا رستو ڇڏي بيهو. صاحب جي گاڏي نڪري. هن کي جلدي آهي.“
”اسين بنا ملڻ جي هن کي نه ڇڏينداسين.“ ڪجهه پوڙهين عورتن ۽ مردن دانهون ڪيون. گرمي ۽ اونهاري جي اس ۾ هو پگهر ۾ وهنتل نظر اچي رهيا هئا. هو چوڪيدارن ۽ نوڪرن کي وزير صاحب سان ملاڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪري رهيا هئا جن جي کين اهائي ورندي ملي رهي هئي ته ”بابا وزير صاحب پاڻ به توهان سان ملڻ لاءِ بيتاب آهي پر هينئر هينئر ڪنهن ضروري ميٽنگ لاءِ چيف منسٽر هائوس مان فون اچي ويو آهي. پاڻ نيرن به نه ڪئي اٿس...“
’واه سائين اسانجا عوامي نمائندا‘ منهنجي اندر مان نڪتو. گيٽ کليو ۽ وزير صاحب جي پجيرو گاڏي ٻاهر نڪتي. هن هڪ لمحي لاءِ ڊرائيور کي روڪڻ لاءِ اشارو ڪري شيشي کي ٿورو هيٺ ڪري وڏي بي نيازيءَ سان ماڻهن کي چيو.
”بابا خوش آهيو. ضروري سرڪاري ڪم لاءِ وزيراعليٰ هينئر جو هينئر گهرايو اٿم....“ ۽ پوءِ پنهنجي هڪ نوڪر کي نالي سان سڏ ڪري چيو، ”ابا فلاڻا! سڀني کان درخواستون وٺي صحيحن لاءِ مون وٽ کڻي اچ ته واسطيدار کاتن ڏي موڪلجن.....“ ۽ پوءِ اس ۾ سهڪندڙ سوالين کي وري مخاطب ٿيندي چيو: ”بابا فڪر جي ڳالهه ناهي. سڀني جا ڪم ٿي ويندا. اڃان به ڪو چاهي ته آفيس به اچي سگهي ٿو. منهنجا در توهان لاءِ کليل آهن.....“ اهو چئي هن شيشو هيٺ ڪيو ( گاڏيءَ جي ٿڌڪار ٻاهر ضايع ٿيڻ کان هن بچاءُ ڪيو) ۽ ڊرائيور سندس بچاءُ ڪيو جو بنا اشاري ملڻ جي گاڏيءَ کي فل اسپيڊ تي ڌوڪي ويو. ماڻهن جا ڏک درد دور ٿين يا نه پر پگهر ۾ پسيل اهي ماڻهو وزير کان دور ٿي ويا. هڪ ڪنڊ ۾ بيهي آئون اهو لقاءُ ڏسي رهيو هوس پر وزير صاحب جي مون تي نظر نه پيئي.
آئون پنهنجي آفيس ۾ ڪلاڪ کن ڪم ڪري پوءِ وزير سان ملڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ روانو ٿيس. اسيمبلي جي در وٽ بيٺل ماڻهن ۾ اڌ کن اهي به نظر آيا جيڪي صبح جو وزير جي گهر جي ٻاهران انتظار ڪري رهيا هئا ۽ وزير جي چوڻ تي هو ساڻس ملڻ لاءِ هتي آيا هئا. مون اندر وڃڻ جي ڪئي ته گيٽ تي بيٺلن ٻن دربانن مونکي روڪيو.
”فلاڻي وزير سان ملڻو اٿم.“ مون کين ٻڌايو.
”سائين پاس؟“ هنن ڊمانڊ ڪئي.
”ڇا جي پاس؟ پاڻ ئي گهرايو اٿس. کانئس فون ڪري کڻي پڇو.“ مون چيو مان.
”وزير صاحب ڪو پاڻ يا سندن ’فون‘ واندو آهي جو هر ماڻهوءَ لاءِ فون ڪري پيا پڇنداسين.“ هنن کتو جواب ڏنو.
”۽ هي ماڻهو؟“ مون در ٻاهر بيٺل ماڻهن ڏي اشارو ڪندي پڇيو. مونکي ڪجهه ڪجهه اهو گمان هو ته انهن مان ڪجهه ته ضرور ملي آيا هوندا. وزير صاحب خود پاڻ منهنجي اڳيان کين آفيس ۾ ملڻ لاءِ چيو هو.
”انهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت ناهي. انهن لاءِ وزير صاحب ڪا ديڳ ڀت جي نه لاٿي آهي.“ در تي بيٺل چوڪيدارن مان هڪ جواب ڏنو. بهرحال ٻئي دربان سخت بدتميز لڳا ٿي (يا شايد اهڙن هنڌن تي ڄاڻي اهڙي قسم جا ماڻهو رکيا ويا آهن.) انهن ڏينهن ۾ اڃان موبائيل فون نه نڪتا هئا. منهنجي گاڏيءَ ۾ وائرليس فون سسٽم هو ۽ مون سوچيو ته ڀرواري پوليس اسٽيشن تي فون ڪري پهرين ته هنن چوڪيدارن کي سبق سيکاريان جيڪي مونسان ئي ائين ڳالهائي رهيا هئا ته ڳوٺن کان ايندڙ هنن غريب ماڻهن سان ته الائي ڇا حال ڪندا هوندا. پر پوءِ گاڏيءَ تائين پهچندي ارادو بدلائي وزير صاحب کي فون ڪيم.
”يار هيءَ ڇا حرامپائي آهي؟ آئون گيٽ تان پيو ڳالهايان. هي تنهنجا گيٽ تي بيٺل....“
هو شايد ڳالهه سمجهي ويو جو يڪدم معافيون وٺندي چيائين، ”مونکان غلطي ٿي وئي. توکي پاس نه ڏنم. هتي هنن گارڊن تي سختي ڪئي اٿئون ته ڪنهن کي به نه ڇڏين. ان ڪري توکي پاڻ سان وٺي پئي آيس.“
پنجن منٽن ۾ هڪ ڇوڪرو پريان آفيس مان ڊوڙندو آيو. هن مون لاءِ پاس آندي هئي ۽ مون کي اندر وڃڻ ڏنو ويو. اندرين بلڊنگ ۾ ان وزير جي آفيس ٻاهران هڪ ٻيو مسخرو بيٺو هو. بندرو، ڪاري رنگ جو اڇي يونيفارم ۽ پڳڙيءَ ۾. 1947 کان اڳ واري انڊيا جي انگريز راڄ جو نمونو پيش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو. ”وزير صاحب سان Appointment آهي سائين، توهانجي يا نه...“
دل ۾ سوچيم ”يا نه“ ڇا؟ آئون ڪو هن جي آفيس ۾ بم Blast ڪرڻ آيو هوس ڇا. پر هن ڍينڍڙي چوڪيدار کي ملڪ ۽ وزير جي سيڪيورٽيءَ جو الڪو گهٽ پر پنهنجي لاءِ خرچي (جنهن کي انگريز راڄ ۾ ’بخشش‘ سڏيو ويندو هو) پنڻ جو فڪر وڌيڪ هو جو مون بعد ۾ ڏٺو ته ويندي هڪ ٻن سرڪاري آفيسرن، وزير سان ملي فائيل صحيح ڪرائڻ کان اڳ يا پوءِ هن جي هٿ تي مروٽيل سروٽيل نوٽ ٿي رکيو. مون ان چوڪيدار کي قبضي واري در وانگر اڳيان ريڙهي پاسي تي ڪيو.
وزير صاحب جي آفيس ۾ محفل متي هئي. ڪو صاحب پبلشر هو، لاهور کان هتي آيو هو ۽ وزير سان ٻٽاڪ سٽاڪ هڻي رهيو هو ته هو ڀٽي مرحوم جا سمورا ڪتاب ۽ تقريرون شايانِ شان ڇاپي رهيو آهي ۽ هن جي وڪري ۾ مدد ڪئي وڃي. (۽ سال ٻن بعد اسلام آباد ۾ ڪنهن دوست جي گهر انهن ڪتابن جي سيٽ کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ڇا ردي ڇپائي ٿيل هئي ۽ ڇا خراب پنو ۽ بائينڊنگ هئي. پروفن جون بيشمار چڪون ان کان علاوه) هڪ مخالف ڌر جو ليڊر پنهنجي پٽ جي ڪم سان آيل هو. ڪجهه سرڪاري ڪامورا هئا جن مان ڪجهه کي مون ٿي سڃاتو ۽ ڪجهه هنن مونکي ٿي سڃاتو. چانهه بسڪٽن جو دور هلندو رهيو. ڪچهري ۽ رکي رکي آفيس ۾ ويٺل همراهن جي ٽهڪن ۽ ٽن ٽيليفونن جي گهنٽين جو آواز گونجندو رهيو. جيئن وزير هڪ منو ٿيو ته کيس ٻڌايم ته صبح وارا تنهنجا غريب ڳوٺائي جن کي تو هيڏانهن اچڻ لاءِ چيو، اهي به مونسان گڏ گيٽ تي بيٺا آهن چوڪيدار هنن کي نه پئي ڇڏيو.
”اهي اتي ئي بيهي پاڻهي جتان آيا آهن اوڏانهن هليا ويندا.“ وزير صاحب پنهنجي پر ۾ شايد چرچو ڪيو جو ائين چوڻ بعد هو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو پر هنن ڏور کان ڪَهي آيل غريب ۽ اڃايل بکايل ڳوٺاڻن جي معصوم چهرن جو سوچي مونکي اهو ٽهڪ ڏيڻ جهڙو چرچو گهٽ پر Cruel Joke وڌيڪ لڳي.
”ڀلا هنن جي ڏنل درخواستن جو ڇا ٿيندو؟“ مون درخواستون گڏ ڪندڙ نوڪر نه ڏسي وزير صاحب کان پڇيو.
”اهڙين درخواستن جون هرهفتي ڪئين ڳوڻيون پيا ساڙيون.“ هن ٺهه پهه وراڻي پنهنجي حاضر جوابي جو ثبوت ڏنو يا پنهنجي لاجواب اٽڪل جو مونکي ڏيک ڏنو جيڪو ٻيو هن جهڙو عوام سان اڻ سچو ۽ دوکو ڪندڙ سياستدان ته ٻڌي شايد Impress ٿئي پر مونکي ڏک ٿيو جو آئون سنڌ جي سڄي لاٽ ۾ هن وزير کي وڌيڪ معتبر سمجهندو هوس. سوچيندو هوس عزت واري گهر جو آهي، غربت مان گذريو آهي ان ڪري غريبن جي ڏک درد جو احساس هوندس، تعليم دوران نوڪري به ڪئي اٿس ان ڪري Dignity of Labor جو احساس هوندس، پڙهيل ڳڙهيل آهي ان ڪري اسيمبليءَ ۾ علم ذريعي عوام لاءِ حق حاصل ڪري سگهندو پر هتي ته سائين اسانجو هرهڪ نمائندو وزير ٿي عوام جي نه پر پنهنجي زندگي ٺاهڻ ٿو چاهي.... ملائيشيا، جپان، سوئيڊن جهڙن ملڪن ۾ سالها سال رهي، ان جي ماحول کي هن پنهنجي سنڌ جي سياسي Scenario سان ڀيٽي گهُٽَ محسوس ٿيڻ لڳي.
جنهن ڪم لاءِ مونکي سڏايو ويو هو اهو ڪو عوام جي فائدي يا ضرورت جو نه پر وزير صاحب جو ذاتي هو. هن جو سوئيڊن وڃڻ جو ارادو هو ان لاءِ مونکي پنهنجي ڪنهن دوست کي پارت ڪرڻي هئي. مون سندس فون تان مالمو (سئيڊن جي ڏاکڻي شهر) ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ پاڪستاني دوست پروفيسر ممنون کي فون ڪري هن جي پارت ڪئي ۽ پوءِ وزير کان موڪلائي ٻاهر نڪتس. دروازي وٽ بيٺل ڪاري رنگ ۽ ڊينڊي قد جي Typical دربان هڪ دفعو وري منهنجو رستو روڪيو. پهرين هن مون کي وزير جي آفيس ۾ گهڙڻ نٿي ڏنو ۽ هاڻ شايد هن نٿي چاهيو ته آئون ٻاهر نڪران. بهرحال آئون سمجهي ويس ته اسان جي ملڪ ۾، توڙي کڻي پگهار ٺيڪ ٺاڪ هجي پر هيٺين گريڊ کان مٿئين تائين گهڻن جو گذر پِنَ تي هلي ٿو. بهرحال ان وقت هن گڏهه کي ڪهڙي خبر ته منهنجو ڪم نه پر سندس وزير جو ڪم مون ۾ هو. ان ڪري وزير کان ئي خرچي وڃي وٺي. هڪ دفعو وري مون هن کي ٻنهي هٿن سان ريڙهي پاسيرو ڪري پنهنجي وڃڻ جو رستو صاف ڪيو.
اها سنڌ جي Scene هئي ۽ هاڻ ملائيشيا جي سين جيڪا ان مٿئين واقعي کان گهڻو اڳ جو آهي. سنڌ وانگر ملائيشيا جي هڪ رياست ملاڪا آهي جنهن کي کڻي صوبو به سڏجي، جتي مون ڏهاڪو کن سال نوڪري ڪئي. جڏهن آئون ملاڪا جي هن نيول اڪيڊمي ۾ نوڪري لاءِ ويو هوس ته ان وقت جو چيف منسٽر، سال کن رکي نئين ٽرم جي چونڊن ۾ پئي وڌيڪ چئن سالن لاءِ وري چونڊيو ۽ ان بعد ٽئين ٽرم ۾ پڻ عوام کيس ئي چونڊيو. سندس والد صاحب به سياست ۾ هو ۽ اهو به هن رياست جو چيف منسٽر رهي چڪو هو. ملاڪا جي گهٽ آمدني هوندي به هُن هن صوبي جي چپي چپي کي ٺاهي ڇڏيو هو. منهنجو هم عمر ۽ هم خيال هجڻ ڪري منهنجو دوست ٿي ويو. جنهن ڳوٺ ۾ آئون رهيس ٿي ان جي ڀر واري ڳوٺ ۾ هي رهيو ٿي. هڪ ڏينهن ساڻس گڏ اسان واري ڳوٺ (ڪئالا سنگائي بارو) مان واڪ ڪري رهيا هئاسين ته هڪ سيڌي جي ننڍڙي دڪان مان ان جو مالڪ نڪري اچي ساڻس رستي تي مليو. بلڪ دڪان مان ئي هن کيس سڏ ڪري بيهاريو. ”تامبي چڪ تنگو سيڪاجپ“ (تامبي چڪ هڪ لمحي لاءِ ترسجانءِ) ۽ پوءِ دڪان تان لهي، ڊوڙي اچي مليس. تامبي چڪ ان وزير اعليٰ جي ذات هئي جيئن اسان وٽ جتوئي، چانهيو، وساڻ وغيره، ۽ سندس نالو عبدالرحيم هو.
”جناب اسان واري گهٽيءَ جي گذريل هفتي مينهن ۾ حالت خراب ٿي پئي آهي. بجليءَ جا پول به ڪري پيا آهن..... وغيره وغيره.“ هن پنهنجي گهٽيءَ جو مسئلو ٻڌايس ۽ ان ٻڌائڻ دوران هي وزيراعليٰ هن کي گلي ۾ هٿ وجهي هڪ دوست وانگر ٻڌندو رهيو ۽ ڏينهن ٻن ۾ مسئلي کي حل ڪرڻ جو وعدو ڪيائينس. دڪاندار وڃي پنهنجي دڪان تي ويٺو. اوسي پاسي جا ٻيا ماڻهو به ڏسندا رهيا. ٿورو اڳيان هلي عبدالرحيم کي چيم ته تنهنجي اها ڳالهه مونکي ڏاڍي وڻي. آفيس ۾ چيف منسٽر ٻاهر سڀ جو دوست
”يار هيءَ منهنجي Constituency آهي. هنن مونکي ووٽ ڏنا آهن. هتي جا مسئلا حل ڪرڻ منهنجو فرض آهي.“ هن چيو.
هاڻ هي مٿيون صفحو ڏيڊ اسان جي سنڌ يا پاڪستان جو ڪو به ماڻهو پڙهي تعجب کائيندو ته هي مون ڇا لکيو آهي. ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو ته وزيراعليٰ ائين ملندو وتي. جنهن ماحول ۽ معاشري سان اسان جو واسطو آهي ان جو هر باشندو ائين ئي سوچيندو. ان لاءِ هي ڳالهيون خوابن جي دنيا جون لڳنديون. مونکي به ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ اچي ائين محسوس ٿيو هو.
بهرحال ملاڪا جي نه رڳو هن وزيراعليٰ سان پر گورنر سان به سٺي دوستي رهي. ان ۾ اسان جو ڪمال يا جادو ناهي پر ملائيشيا جي حاڪمن، سياستدانن ۽ بيوروڪرئسي جو حسن اخلاق آهي. وزيراعليٰ جي آفيس جا دروازا رڳو منهنجي لاءِ هر وقت کليل نه هئا پر هر هڪ لاءِ. عوام جو ڪوبه ماڻهو ڪنهن به آفيسر يا وزير سان ملي سگهي ٿو ۽ سندس واجب ڪم ته بنا ملڻ جي فقط فون ذريعي اطلاع ڪرڻ تي به ٿي سگهي ٿو ۽ جي اهو ڪم غير قانوني آهي ته سلطان جي پٽ جو به نه ٿيندو.
ملاڪا جي وزيراعليٰ ۽ گورنر جي آفيسن جا دروازا هر وقت کليل رهڻ جي شاهدي منهنجا ڪيترا سنڌ کان ملائيشيا مون وٽ آيل مهمان ڏيندا. هڪ دفعي حيدرآباد جو ڊاڪٽر قادربخش ميمڻ مون وٽ مهمان هو. هڪ ڏينهن ملاڪا جي سير ڪندي چيومانس ته هل ته هلي هتي جي چيف منسٽر ۽ گورنر سان ملي اچون. هن کي يقين ئي نه پيو اچي ته بنا Appointment جي ايڏن اعليٰ حاڪمن سان ڪيئن ملي سگهبو ۽ پوءِ ٻي گهڙيءَ هنن وٽ ويٺي چانهه پيتيسين ۽ فوٽو ڪڍراياسين. ان کان علاوه هن وقت جيڪي ماڻهو مونکي ياد آهن ۽ مون وٽ ملائيشيا آيا ۽ هتي جي وزيراعليٰ ۽ گورنر سان مليا انهن ۾ دائود ڪاليج جو پرنسپال عبدالرزاق ميمڻ، PTV سان واسطو رکندڙ سلطانه صديقي، پروين راڄپر، C.V مظهر صديقي جي ڀيڻ نورجهان ۽ سندس گهر وارو انيس شيخ، ادي ماهتاب محبوب ۽ سندس گهر وارو ۽ ٻيا ڪيترا آهن.
اسانجي وزيرن، ٽيچرن، شاگردن، سرڪاري ڪامورن کي ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن کان سبق حاصل ڪرڻ کپي جيڪي اسان کان پٺتي هجڻ جي باوجود به، اڄ اسان کان گهڻو گهڻو اڳيان نڪري ويا آهن. اڄ سندن ڳوٺ ڳوٺ خوشحال آهي. سندن هرهڪ ماڻهوءَ جو خوشحاليءَ ڏي قدم آهي. کين نه تعليم جي خرچ جو فڪر آهي نه صحت لاءِ خرچ جو. نه نوڪريءَ جي ڳڻتي آهي ۽ نه رهائش جو اونو. هرشيءِ روٽين ۾ ٿيندي رهي ٿي ۽ بنا سفارش جي.
ٽئڪسي واري ڪجهه وڏين عمارتن وٽان ڦرندي مونکي پرل انٽرنيشنل هوٽل وٽ اچي لاٿو جيڪا گهٽ م گهٽ 25 ماڙ ته هوندي ڇو جو 18 ماڙ تي مونکي ڪمرو مليو هو. پنهنجي ڪمري جي بالڪنيءَ مان مٿي نگاهه ڪرڻ سان اڃا به ڪيتريون ماڙيون وڌيڪ مٿي نظر اچي رهيون هيون.
***