سيلف ڊولپمينٽ

انتظامي معاملن جا رهنما اصول

ڪتاب ”انتظامي معاملن جا رهنما اصول“ اصل ۾ پيٽريڪا ميڪليگن ۽ ڪرسٽونيل جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار خليل الرحمان شيخ صاحب آهي.
هن ڪتاب ۾ آفيسن، اسڪولن، هر قسم جي ادارن ۽ ڪاروباري مقصدن جي ڪامياب انتظام هلائڻ جا طريقا ۽ حڪمت عمليون شامل آهن. سنڌيڪا اڪيڊمي پاران هي ڪتاب 2013ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book انتظامي معاملن جا رهنما اصول

2. زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام جي ناڪامي ۽ ان کان بچڻ

هڪ اداري ۾ انتظامي، خدماتي ۽ ٻين شعبن ۾ مخصوص انتظاميا کان سواءِ اداري جي ملازمن جي شرڪت تي ٻڌل نظريو نهايت تيزي سان عام ٿي رهيو آهي. شرڪت جي ان تصور ۽ نظريي کي وڏي پئماني تي پذيرائي ملڻ جا بيشمار سبب آهن. مثلاً هر قسم جي معلومات ۽ اطلاع فوري طور نهايت تيزي سان ۽ گهڻي مقدار ۾ ضرورت جي وقت دستياب هوندا آهن، انهن اطلاعن ۽ معلومات مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ عمل جوڳا ذريعا به موجود آهن. هن مهل تائين ان سلسلي ۾ اسان کي انهن ماهرن جي ضرورت هئي، جيڪي ان معلومات ۽ اطلاعن کي انهن جي نوعيت جي اعتبار کان درجي بندي ڪري سگهن ۽ انهن جي وضاحت ڪري سگهن. اهو وڌيڪ ته معلومات ۽ اطلاعن کي استعمال ڪندڙ فردن کي انهن جي خواهش ۽ مرضي مطابق هن جي ڪم جي نوعيت جي لحاظ کان اها معلومات ۽ اطلاع فراهم ڪري سگهجن.
جيڪڏهن اسان گذريل دور تي نظر وجهون ته معلوم ٿيندو ته اڳي ادارن ۾ اهو سمورو ڪم رڳو هڪ شخص جي هٿ ۾ هوندو هو ۽ پر جديد دور ۾ حالتون تبديلي ٿي چڪيون آهن. اها معلومات ۽ اطلاع سڌو سنئون هر شخص جي پهچ ۾ اچي چڪا آهن ۽ هر شخص پنهنجي خواهش ۽ پنهنجي ڪم جي نوعيت جي اعتبار کان سڌو سنئون معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو. هاڻي ماڻهو ڪنهن به قسم جي زورآواري ۽ اختياراتي ڏاڍ ۽ ڪنهن به قسم جي مداخلت کانسواءِ ان معلومات ۽ اطلاعن جي مدد جي ذريعي پنهنجو ڪم پاڻ ڪري سگهن ٿا.
اهو نئون طريقو ۽ نظريو، پنهنجي ارتقائي مرحلن جي لحاظ کان، عوامي حڪمت عملي جي تعين جي ڏس ۾، پنهنجو گهرو اثر ڇڏيندو ۽ دفترن ۾ به اهو طريقو نهايت موثر ثابت ٿيندو، جتي ماڻهو ڪمپيوٽر ۽ ٽيلي ويزن ذريعي مقامي ۽ قومي مسئلن ۽ معاملن جي ڏس ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن.
ان کان سواءِ عالمگيريت جهڙي طاقتور ۽ اهم عنصر جي ذريعي ”شراڪت جو نظريو“ نهايت تيزي سان مقبول ٿي رهيو آهي. ماضي ۾ ماڻهو، ادارا ايتري تائين جو قومون به، جيڪي نسبتاً باقي دنيا کان الڳ هيون يا سمجهيون وينديون هيون، اهي به هاڻي فيڪس، ٽيليويزن ۽ موبائل فون جي ذريعي باقي دنيا سان سڌو سنئون رابطي ۾ اچي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي تجارتي ادارا به مختلف ملڪن ۾ پنهنجيون شيون ٺاهين ۽ وڪرو ڪن ٿا.
مختلف ادارن ۾ ڪارڪردگي، ڪم ڪار جو طريقيه ڪار ۽ سطحي لحاظ کان قائم حدون ختم ٿي رهيون آهن. گراهڪ ۽ انهن کي شيون فراهم ڪندڙ ادارن ۽ فردن کي اهو فهم ۽ شعور حاصل ٿي چڪو آهي ته، هاڻي انهن وچ ۾ رڪاوٽن ۽ ڀتين کي ڊهڻ گهرجي. هڪ ٻئي تي وڌ کان وڌ ڀاڙڻ لاءِ شراڪت ۽ سهڪار گهربل آهي. هن وقت عالمگير رابطن ۽ ناتن جو انحصار موثر شراڪت ۽ زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام جي فوري زوال تي آهي.
فني مهارت سبب افرادي قوت جي وسيع پئماني تي منتقلي ۽ ڦهلاءَ سبب ”شراڪت جي نظريي“ کي وڌيڪ پذيرائي ۽ مقبوليت حاصل ٿي آهي. فني مهارت سبب هر قسم جي ذميوارين ۽ ڪمن جي نوعيت ۾ تبديلي اچي رهي آهي، جنهن سان وقت جو زيان گهٽجي ويو آهي ۽ اهو فالتو وقت ”شراڪت جي نظريي“ کي عملي جامو پهرائڻ تي خرچ ڪري سگهجي ٿو.
جيئن ته فني مهارت سبب ڪنهن به شيءِ يا خدمت جي پيدائش جي ڏس ۾، گهٽ افرادي قوت جي ضرورت هوندي آهي، ان ڪري هر ڪارڪن جي ذميواري ۾ شامل پيداواري هدف جي وسعت ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، ان سبب هر انفرادي ڪارڪن جو ڪم ۽ ان متعلق ذميواري وڌي وڃي ٿي. جيئن ته پاڻمرادو ڪم ڪندڙ اوزارن ۽ ڪمپيوٽر جي مدد سان روزاني وارا ۽ اهم ڪم سٺي نموني اڪلايا وڃن ٿا ان ڪري هڪ نئون ڪارڪن چند مخصوص ذميواريون ادا ڪندو آهي. ان ڪارڪن (مرد يا عورت) کان اها توقع ڪئي ويندي آهي ته هو مختلف معلومات ۽ اطلاعن تائين پهچ حاصل ڪري، معاملي يا مسئلي جي پس منظر کي سمجهي، گراهڪن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ فوري ۽ مناسب جواب فراهم ڪري .
مختلف ڪمن ۽ ذميوارين جي ادائگي لاءِ فني مهارت پنهنجو پاڻ ئي هر ڪارڪن جي اهميت ۾ اضافو ڪري ٿي. فني مهارت جي ڪري ڪارڪن جي ذميواري ۽ فرض نهايت اهم حيثيت اختيار ڪري وڃن ٿا ۽ پوءِ ان ذميواري ۽ فرض کي سهڻي نموني ادا ڪرڻ جو خيال به هن جي دل ۾ موجود رهندو آهي ته جيئن ڪو ٻيو شخص ان ڪم مان نقص نه ڪڍي سگهي. بهرحال ڪنهن به انفرادي ڪارڪن جي ڪم ۽ ذميواري تي ڪڙي نظر جا قديم ۽ پراڻا طريقا انهن حالتن ۾ لاڀائتا ۽ مناسب نه سمجهيا ويندا آهن.
جيڪڏهن ڪنهن قسم جو ٻيو ڪارڻ موجود نه به هجي، پر جيڪڏهن نئين افرادي سگهه موجود هجي ته پوءِ، ادارن کي لازمي طور تي شراڪت جو نظريو ۽ تصور اختيار ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪارڪنن کي پوري زندگي لاءِ ملازمت جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي (ادارن لاءِ اهو ممڪن نه آهي ) ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ادارن جي معاملي ۾ ان حد تائين شرڪت جي اجازت ڏيڻ گهرجي ته اهي جيستائين ان اداري جي ملازمت ۾ آهن، پنهنجي راءِ ۽ تجويزن جو اظهار ڪري سگهن ۽ انهن کي انتظاميا آڏو پيش ڪري سگهن. پراڻي قسم جي سرپرستي ۽ حاڪماڻي نظم ۽ ضبط کي ختم ڪري فهم ۽ شعور جي هڪ نئين احساس تي ٻڌل نظم ۽ ضبط لازمي طور رائج ڪرڻ گهرجي، مثال طور
” هاڻي منهنجي زندگي جا سڀئي رخ منهنجي ئي وس ۾ آهن. ڇاڪاڻ ته پنهنجي ماحول ۾ ٿيندڙ سڀ فيصلا منهنجي اثر هيٺ آهن.“
جڏهن نئين افرادي قوت ۾ مختلف نوعيتن جي لحاظ کان اضافو ٿيندو آهي ته پوءِ شراڪت جي ان خواهش ۾ اوترو ئي اضافو ٿي ويندو آهي. شراڪت جي ان خواهش ۽ ضرورت جي ڪري پهريان ئي ادارن جي معاملن ۽ نظام تائين ملازمن جي پهچ لاءِ شديد دٻاءُ پيدا ٿي رهيو آهي.
گراهڪن ۾ وڌيڪ فهم ۽ سمجهه جو ظاهر ٿيڻ هڪ وڌيڪ اهم عنصر آهي، جنهن سبب ادارا ”شراڪت جي نظريي“ طرف تيزي سان لاڙو ڪري رهيا آهن. ٻي مهاڀاري لڙائي کان اڳ هينري فورڊ (henry ford) وانگر ڪو به شخص، جيڪو پنهنجي اداري ۾ ڪارون تيار ڪندو هو، اهو چئي سگهي پيو ته جيستائين سندس ادارو ڪاري رنگ جون ڪارون تيار ڪري، ڪو به شخص پنهنجي پسند جي رنگ جي ڪار حاصل ڪري سگهي ٿو. پر موجوده دور ۾ ان قسم جو رويو ۽ تصور سراسر تباهي ۽ ناڪامي جو ڪارڻ آهي. گراهڪن جي اطمينان لاءِ ”معيار“ نهايت گهٽ ۾ گهٽ شرط جي حيثيت اختيار ڪري رهيو آهي. مستقبل ۾ هر گراهڪ جي اها خواهش ۽ توقع وڌي ويندي ته ان جي خواهش ۽ ضرورت کي فوري طور سمجهيو وڃي ۽ فوري طور تي اها خواهش ۽ ضرورت پوري ڪرڻ جو انتظام ڪيو وڃي.
اڄ جي دور ۾ گراهڪن جي هڪ کان ٻئي دوڪان جي چڪر هڻڻ جي صلاحيت ۽ شين جي چونڊ جي ڏس ۾ وڏي حد تائين اضافو ٿي چڪو آهي. ادارن کي لازمي طور گهرجي ته اهي پاڻ کي هڪ اهڙي حالت ۾ کڻي اچن جتان اهي گراهڪن جي ضرورتن ۽ خواهشن کي جلد کان جلد ممڪن حد تائين پورو ڪري سگهن. جنهن شخص جي سامهون گراهڪ پنهنجي ضرورت ۽ خواهش جو اظهار ڪندو آهي، ان کي واقعي ايترو بااختيار ڪرڻ گهرجي جو اهو گراهڪن کي مطمئن ڪري ۽ ان کي هٿ مان وڃڻ نه ڏئي. ٻين لفظن ۾ ماڻهن ۾ سوچڻ سمجهڻ، چونڊ ڪرڻ ۽ سهڪار ڪرڻ جي صلاحيت هئڻ گهرجي.
مٿي ڏنل ۽ تبديلي جي ڏس ۾ ٻيون قوتون الڳ الڳ ڪم نه ٿيون ڪن. اهي هڪ ئي وقت ۽ هڪ ٻئي کان متاثر ٿي ڪم ڪنديون آهن جنهن سبب دنيا عالمگير ۽ جامع حيثيت اختيار ڪري رهي آهي. جيئن جيئن هڪ ٻئي تي ڀاڙڻ ڪري باهمي طور تي ڪم ڪندڙ قوتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تيئن گهڻ رخي امڪانن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. خوش قسمتي اها آهي ته ان خيالن جي گهڻائي جي نئين ترڪيب جي ڪري، اسان دنيا ۾ وڌندڙ نون خيالن ۽ پيچيدگي کي سمجهڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ لائق ٿي ويندا آهيون. جهڙي طرح سائنس جو وسيع علم طبيعات، حياتيات، سماجيات، ايتري تائين جو معاشيات جي علمن جي وضاحت ۽ تشريح ڪري ٿو، اهڙي طرح سادن لفظن ۾ جامعيت ۽ رنگبرنگي جو اهو علم مستقل پيدا ٿيندڙ تبديلين ۽ متحرڪ نظامن جي اصولن ۽ قانون تي واضح ڪري ٿو. هاڻي اسان کي معلوم ٿي چڪو آهي ته موسم، معاشيات، سماجيات، منڊين ۽ ادارن متعلق اسان وٽ ڪيتري به ڀرپور ۽ مڪمل معلومات هجي، پر پوءِ اسان ان متعلق واضح نموني نه ڪو فيصلو ڪري سگهون ٿا ۽ نه وري انهن کي مڪمل طور پنهنجي اثر هيٺ آڻي سگهون ٿا.
جامعيت يا نون نون خيالن جو اهو نئون علم، شراڪت جي نظريي جي صورت ۾ اڀري رهيو آهي. ان جي ڪري اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن جامعيت ۽ خيالن جي گهڻائي جو اهو نظام جزوي طور تي گڏ ڪم ڪرڻ شروع ڪندا ته پوءِ حالتون ڪهڙيون ٿي وينديون آهن. ان سبب شراڪت جي نظام جي ڏس ۾ اطلاعن جي وسيع فراهمي ۽ وهڪري متعلق ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ جائزو ورتو ويندو آهي. ان جي ذريعي پتو لڳايو ويندو آهي ته جڏهن هڪ نظام ايترو ڏکيو ۽ گهڻ رخائون ٿي وڃي جو ان کي پنهنجي اثر هيٺ نه آڻي سگهجي ته پوءِ اسان جو رويو ۽ عمل جو طريقو ان تي ڪيئن اثر انداز ٿيندو. ان گهڻ رخي ۽ ڏکئي نظريي جا نتيجا، شراڪتي نظرئي جي ذريعي نظم ۽ ضبط رائج ڪرڻ جي ڏس ۾، اڀرندڙ فهم ۽ بصيرت جي بلڪل مطابقت ۾ آهي. حقيقت ۾ ان سبب بصيرت ڀرين فڪرن شاهوڪار ۽ ان ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جڏهن ادارو ۽ ان ۾ رائج نظم ۽ ضبط جو ماحول، ٻئي نهايت ڏکيا، اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل ۽ هڪ ئي شخص جي هٿن ۾ هجن ته، اداري جي ڊگهي مدت جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. شراڪت جي نظريي جو مثال ائين ڏئي سگهجي ٿو ته هڪ ٻيڙي ۾ ويٺل ڪپتان جي طرفان ٻيڙي هلائيندڙن کي هدايتون جاري ڪيون وڃن، پر ان کان بهتر آهي ته صاف ۽ شفاف سمنڊ ۾ هڪ لچڪيدار ڪاٺ جو تختو وهي رهيو آهي ۽ ان جي حفاظت ۽ نگراني لاءِ بيشمار ماڻهو موجود آهن. ان ڏکئي ۽ جامع نظام جي ڪاميابي لاءِ هر شخص جي ترت، عملي ۽ محتاط شراڪت گهربل آهي.
جڏهن اسان ماضي جي صورتحال تي نظر وجهون ٿا ته اسان لاءِ شراڪت جي تصور کي سامهون ۽ عام ڪندڙ قوتن جي سڃاڻپ آسان ٿي وڃي ٿي. جيئن ته اهي قوتون آهستي آهستي گڏ اڀرنديو آهن، ته اسان تبديلي تي ٻڌل گهربل مقصد لاءِ گهربل قوتن جي استعداد ۽ نوعيت متعلق غلط فهمي ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ ان کي ڪمتر سمجهڻ جي خطري ۾ گرفتار ٿي وڃون ٿا. شراڪت جي لاءِ چونڊيل ادارا ۽ شراڪت لاءِ شعوري طور اختيار ڪيل زندگي جو رستو ۽ طريقو، انهيءَ ڊرامائي ۽ غير معمولي تبديلي کي ظاهر ڪري ٿو ته اسان سماجي، سياسي ۽ معاشي زندگي جي نظام جو هڪ حصو هئڻ جي حيثيت ۾ پنهنجن فرضن ۽ ذميوارين کي ڪهڙي طرح نڀايون ٿا ۽ انهن نظامن کي ڪيتري اهميت ڏيون ٿا.

[b]زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام جو عروج ۽ زوال
[/b] موجوده دور جي انساني ادارن کي ٻن وڏن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
1- زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام
2- شراڪت جي نظريي تي ٻڌل نظام
جن ادارن ۾ شراڪتي نظام رائج آهي اهي ادارا زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام کي ڇڏي هن طرف آيا آهن تنهن ڪري هڪ نظام جي پڄاڻي. زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام جي نافذ ٿيڻ جي مدت جي وضاحت ڪري سگهو ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ شراڪت جي نئين دور جي خصوصيتن جو ذڪر به ڪري سگهو ٿا. اڄ جي دور ۾ ان بيان ۽ وضاحت جي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي جو، اسان مان اڪثر ماڻهو ماضي ۾ ۽ شايد اڄ به زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ جي بنياد تي قائم ادارن لاءِ ڪم ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جي وچ ۾ پنهنجي زندگي گهاري رهيا آهن. ان قسم جي ادارن ۾ هيٺ ڏنل ادارا شامل آهن.
1- ڪٽنب
2- تعليمي ادارا
3- آفيسون
4- حڪومتون
اها ڳالهه ايترو ئي اهم آهي جو اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن ”شراڪتي نظريي“ جو مڪمل ۽ ڀرپور مزو نه ماڻيو. انهن حقيقتن جي ڪري ڪنهن تبديلي جي شروعات ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ ۾ مشڪل پيش ايندي آهي. اسان جنهن نظام هيٺ وڌياسين ۽ پرورش حاصل ڪئي، هن مهل تائين اسان کي ان نظام جو صحيح ۽ حقيقي پس منظر به معلوم نه آهي، اسان اڃان تائين ان نظام يعني ”شراڪت“ بابت گهري فهم ۽ شعور کان محروم آهيون.
دنيا جي سڀني ملڪن ۾ 30 صدين کان وڌيڪ عرصي کان ”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ هڪ اهم ۽ مرڪزي اداري جي صورت ۾ موجود رهيو آهي. ” ان مدت جي دوران“ ان نظام جي نفاذ ۽ اظهار جي طريقن ۾ تبديلي اچي چڪي آهي. مصر ۽ روم ۾ رائج اهو نظام وچين دور جي جاگيرداراڻي نظام کان مختلف هو. ارڙهين ۽ اڻويهين صدي عيسوي ۾ رائج شهنشاهيت، ملوڪيت ۽ استعماري حڪمت عمليون، ويجهي ماضي ۾ رائج سرمائيداراڻي يا ڪميونسٽ / سوشلسٽ زندگي جي نظام هيٺ کڄندڙ قدمن کان مختلف هيون.
ڌيان طلب نقطو اهو آهي ته اسان تاريخ جي ٽن هزار سالن جي مصيبتن ڀريل سفر ۾ جتي به بيٺل آهيون، اسان کي اتي ”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ“ تي ٻڌل انتظامي قدمن ۽ طريقن سان واسطو پئي ٿو. اميرن ۽ معززن جو ننڍو گروهه حڪومت ڪري ٿو، ”غور ۽ فڪر“ ڪري ٿو. ان گروهه جا رڪن، اداري جا سرپرست به سڏائي سگهن ٿا، جڏهن ته عوام جي اڪثريت ان گروهه جي حڪمن جي غلام آهي ۽ انهن جي حڪمن تي عمل ڪندي آهي. عوام قانون ۽ حاڪمن جو خدمتگار آهي. تحفظ ۽ سلامتي جو احساس انهن جي وفاداري جو انعام آهي. ان کان سواءِ لقب ۽ انعام به انهن جي حصي ۾ ايندا آهن. سهولتون ۽ رعايتون ان جي سماجي مرتبي جون علامتون آهن ۽ انهن کي هر وقت حڪومت جي سرپرستي جي ضرورت هوندي آهي. هيٺين طبقي جي فردن جي مقابلي ۾ مٿين طبقي جي فردن کي آساني سان سڃاڻي سگهجي ٿو. مٿين طبقي جا فرد گائون پهرين ٿا، زيور، هيرا جواهر استعمال ڪن ٿا ۽ ڪنڌ ۾ ٽاءِ پائين ٿا، محلاتن ۾ رهن ٿا ۽ اچ وڃ واري جاءِ تي موجود انهن جا دفتر نهايت شاندار آهن. اهي پنهنجي اداري طرفان مهيا ڪيل سينگاريل ڪارن ۾ سفر ڪن ٿا، جڏهن ته هيٺين طبقي جا فرد پنهنجي زندگي جون ضرورتون محنت ۽ مزدوري ذريعي پاڻ مهيا ڪندا آهن. ان قسم جي زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل ادارن ۾ اخلاقي قدرن جو ٻٽو معيار رائج آهي. مٿين طبقي جا فرد يا حڪومت ۾ اعليٰ عهدن تي فائز فرد، سرڪاري يا پنهنجي اداري جي خرچ تي سڀ شراب پي سگهن ٿا، کاڌو کائي سگهن ٿا ۽ پنهنجي ذاتي ۽ نجي ضرورتن جي لاءِ حڪومت ۽ اداري جون شيون ۽ اوزار استعمال ڪري سگهن ٿا. ان کان سواءِ پاڻ ۾ ڏي وٺ ڪري سگهن ٿا. هيٺين طبقي جا فرد، پنهنجي ملازمت وڃائي ويهندا آهن ۽ ان ڏوهه ۾ انهن کي جيل موڪليو ويندو آهي ۽ آخر ۾ مجبوري، ناجائز دٻاءُ، طاقت جي بي انداز استعمال، ڌمڪين ۽ عهدي کان محرومي جي خطرن ۽ مالي نقصان جي ڊپ سبب هيٺين طبقي جا ماڻهو پڇتاءَ جي تصوير بڻجي، مٿين طبقي وارن جي مقصدن ۽ مفادن جي تڪميل لاءِ انهن آڏو قطار ٻڌي بيهندا آهن.
ماضي ۾ رائج آمراڻين ۽ جابراڻين حڪمت عملين جو دفاع رڳو ان بنياد تي ڪري سگهجي ٿو ته، ان وقت اهڙي قسم جي حڪمت عملين کانسواءِ ٻيو ڪو حل نه هو. صدين تائين اهي ظالماڻا ۽ تشدد ڀريل واقعا ظاهر ٿيندا رهيا. عوام کي پنهنجي حفاظت لاءِ هڪ طاقتور گروهه جي ضرورت هئي، جيڪو تشدد جو جواب تشدد سان ڏي. اڻويهين ۽ ويهين صدي ۾ ظاهر ٿيندڙ تيز رفتار صنعتي ترقي، انهيءَ زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام طرفان اختيار ڪيل پيداواري مهارتن، آفيسر شاهي ۽ فيصلي واري قوت جو نتيجو هئي. انهن سڌارن ۽ ڪاررواين جي ڪري وچون طبقو وجود ۾ آيو ۽ ان طبقي کي دولت اهڙي طرح حاصل ٿي وئي جو اهو طبقو پنهنجي طور تي ايتري دولت حاصل ڪرڻ جو تصور به نه پئي ڪري سگهي.
ان حقيقت ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ماضي ۾ رائج زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام جي ڪري پوري دنيا ۾ عام شخص جي معيار زندگي بهتر ٿيو آهي. بهرحال اسانجو خيال آهي ته استحصال پڌرو هجي يا مخفي ، ان کي اخلاقي لحاظ کان جائز ۽ پسنديده قرار نٿو ڏئي سگهجي ۽ نه وري بيروزگاري ۽ ڇانٽي کان سواءِ ملازمت کان فارغ ٿيڻ متعلق سوچڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جي عمل کي معاشي طور تي انصاف ڀريو سمجهيو وڃي ٿو. اڄ جي هن دور ۾، جڏهن دولت جام ٿي چڪي آهي، معلومات ۽ اطلاعن وارا ذريعا، ججهي انداز ۾ موجود آهن. انساني حقن جي دائري ۾ وسعت اچي رهي آهي ۽ جمهوريت ترقي ڪري رهي آهي ته ان دور ۾ زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام نه رڳو فرسوده حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، پر ان کي اسان مجرماڻو به چئي سگهون ٿا.
جيڪڏهن ڪنهن به طرح ان نظام جي ڪري ڪجهه ترقي ٿي، ته هر ڪاميابي وانگر ان جي تباهي جو ٻج به ان ۾ لڪل آهي. ان جبري اختياراتي نظام جو هڪ ناڪاري ۽ اونڌاهو پاسو به آهي ۽ اڄ جي دنيا ۾ اهڙيون علامتون ۽ اشارا موجود آهن جيڪي ان ناڪاري ۽ اونداهي پاسي جو نتيجو آهن ۽ ان ڳالهه جا اشارا ملي رهيا آهن ته اسان واپس ان جابراڻي نظام جي ان سطح ڏانهن موٽي رهيا آهيون، جتي ان جي اهميت ٻڙو ٿي وڃي ٿي.
”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ هيٺ شهري، ملازم ۽ ايستائين جو گراهڪ به لازمي طور تي هڪ بي اختيار ۽ بدترين اداري جا محڪوم ٿي وڃن ٿا. ان نظام جا ڇاڙتا ۽ انهن ڇاڙتن جا ماڻهن سان تعلقات خطرناڪ بنيادن تي قائم ٿيندا آهن. گهٽ ۾ گهٽ خطرناڪ آمراڻي نظام هيٺ به منتظمين اداري جا سرپرست هوندا آهن، جڏهن ته ملازم انهن جا خادم ۽ وفادار هوندا آهن. پوري دنيا ۾ اڪثر اداري جي سرگرمين تي ڪٽنبن جي انحصار جي وسعت، غير معمولي طور تي وڌ کان وڌ ٿي رهي آهي، ايستائين ته اڄ جي دور ۾ منتظمين اها شڪايت ڪندا آهن ته ”سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود ملازم وفادار نه آهن“.
ان نظام هيٺ اختياريون ”خدمت گذاري ۽ محڪومي“ جي همٿ وڌائڻ لاءِ، مختلف قسم جا خطرناڪ طريقا ۽ قدم آزمائي چڪيون آهن. قديم زماني ۾ ان مقصد لاءِ ظالماڻي قوت، استحصال ۽ ڌمڪيون عام طور تي استعمال ڪيون وينديون هيون. اسان لاءِ نهايت شرم جو مقام آهي ته اهڙي قسم جا طريقا هينئر به رائج آهن ۽ هاڻوڪي دور ۾ بااختيار ماڻهن ظاهري ۽ جسماني طور تي استحصال ۽ دٻاءُ بجاءِ مادي انعام، لالچ ۽ سزائن ۽ پابندين کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو آهي. ڪجهه ادارن ۾ اعليٰ آفيسر پنهنجي نظر جي عينڪن پويان ڏسندي ۽ گهوريندي انهن جي ڪمرن ۾ ايندا آهن ۽ چوندا آهن.
”هاڻي وڌيڪ ڪو سوال نه ڪندا، ڇا ٻيو ڪجهه پڇڻ چاهيون ٿا؟“ يا ”ڇا توکي خبرآهي ته تون ڇا چئي رهيو آهين ۽ ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهين؟“ ان قسم جو جذباتي ذهني دٻاءُ، استحصال، اختياراتي ڏاڍ جو رڳو هڪ مثال آهي. ان طريقي سان آفيسر ۽ ماتحت وچ ۾ هڪ مخصوص فاصلو قائم رهندو آهي.
البرٽ ڪوپ مين (Albert Koopman) نالي هڪ ماهر (Consultant) مطابق ادارن ۾ ملازمن تي ناجائز دٻاءُ وجهڻ ۽ ان جو استحصال ڪرڻ لاءِ هڪ ترغيبي ۽ لالچ تي ٻڌل طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو هڪ عام طريقي جي حيثيت سان رائج آهي. البرٽ ان طريقي کي ”بسڪوٽ جي دٻي“ جي نالي سان پڪاريندو آهي. ان طريقي مطابق منتظمين، آفيسرن ۽ ماتحتن وچ ۾ تعلق ۽ رابطو لالچ ۽ ترغيب ذريعي پيدا ڪيو ويندو آهي. جنهن سبب ماتحت پنهنجن آفيسرن جي ڊپ هيٺ دٻيل هوندا آهن ۽ ڪڏهن به زبان تي شڪايت نه آڻيندا آهن. ان ڏس ۾ هيٺ ڏنل ترغيبون استعمال ڪيون وينديون آهن.

1- اداري طرفان تربيتي سهولتن جي فراهمي
2- اداري جي گاڏين جو مفت استعمال
3- اداري طرفان مفت طبي سهولتون
4- عهدي ۾ ترقي
5- پگهار /معاوضي ۾ اضافو
6- سماجي ۽ راندين جي ڪلبن ۾ مفت داخلا جي اجازت
7- عام اچ وڃ واري جاءِ تي موجود دفتر جي فراهمي
8- اداري جي ڪنهن به ڪميٽي ۾ رڪن طور شموليت
9- اداري جي صدر، چيئرمين يا مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات
10- گاڏين لاءِ پارڪنگ جي مفت سهولت.

مٿي ڏنل ”بسڪوٽ جي دٻي“ جي ذريعي آفيسر، ظاهري طور ماتحتن کي سهولتون فراهم ڪندا آهن، پر حقيت ۾ اهي ان ذريعي ماتحتن کي پنهنجن احسانن هيٺ دٻائي، انهن کي خدمت گذاري تي مجبور ڪندا آهن ته جيئن اداري جا سڀ ماتحت ملازم، ڪجهه اعليٰ اختيار رکندڙ آفيسرن جا محڪوم ۽ وفادار هجن.
ادارن ۾ عدم مساوات تي ٻڌل رجحان ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ان کان سواءِ اهو رجحان بين الاقوامي سطح تي به عروج حاصل ڪري رهيو آهي. مثال طور تازوئي برطانوي ۽ آمريڪي تجارتي ادارن ۾ معاوضن ۽ پگهارن جي ڏس ۾ هڪ جائزي جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ان جائزي جي مطابق چيف ايگزيڪيوٽو، چيئرمين ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جا رڪن اداري جي باصلاحيت ۽ ذهين ملازمن جي مقابلي ۾ سئوڻ تي وڌيڪ معاوضو وصول ڪري رهيا آهن. دولت جي ورهاست ۾ اها ظالماڻي اڻ برابري ۽ عدم مساوات مقامي تجارتي ادارن کان سواءِ قومي ۽ بين الاقوامي تجارتي ادارن ۾ ان حد تائين رائج آهي جو ان جي ڪري اداري جو سڪون ۽ پائيداري خطري ۾ پئجي ويا آهن.
پيداواري شعبي ۾ زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل طريقن جي استعمال سبب سماجي طور تي به تعصب پيدا ٿي چڪو آهي. ان سماجي تعصب ۽ تضاد جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

1- 1800ع کان اڳ برطانوي يا فرانسيسي ڪاروباري طبقن ۾ فرق ۽ اختلاف
2- هندوستان ۾ ذات پات جو نظام
3- ٻي مهاڀاري لڙائي کان اڳ جرمني ۾ نازي نظام
4- وراثت جي ڏس ۾ جاپاني شاهي ڪٽنب جون شديد سماجي پابنديون.
5- آمريڪا ۾ نسلي متڀيد ۽ غلامي وارو نظام
6- آفريقا ۾ گهڻ رخي متڀيد ۽ تعصب

مٿي ڏنل سڀ طريقا ۽ نظام، حاڪماڻي ناجائز دٻاءَ، استحصال جي جون نشانيون آهن. شديد استحصال جي ذريعي محڪوم طبقن تي ناجائز دٻاءَ وڌو ويندو آهي. اجتماعي ڀلائي ۽ دولت کي اقربا پروري ذريعي ورهايو ويندو آهي. اهڙي طرح سهولتن ۽ موقعن کي به پنهنجي من پسند فردن ۾ ورهايو ويندو آهي، جنهن جي ڪري هيٺين طبقي جا فرد ڀلائي ۽ دولت ۾ پنهنجي حق کان محروم ٿي وڃن ٿا.
سڀني ڪاروباري ۽ حڪومتي ادارن ۾، جتي ”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ“ تي ٻڌل اصول ۽ نظام نافذ ۽ رائج آهي، خوش قسمتي اها آهي ته ڪاروباري ادارن ۾ هر طرح جو انتظام هڪ ئي شخص جي هٿ ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن اهي ان نظام مطابق عمل نه ڪن ته ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندا آهن. حڪومتي ادارن ۾ ان قسم جو سخت گير نظام نه هوندو آهي ۽ اهي صدين کان رائج اڌ چونڊيل طريقا استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اڃا تائين عوام کان ڀتو وصول ڪري حڪومتي خزاني ۾ جمع ڪرائي رهيا آهن.
زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام جو هڪ وڌيڪ اونداهون پاسو به آهي. ان نظام هيٺ اهڙا معاشي طريقا ۽ قدم کنيا ويندا آهن، جيڪي پنهنجي نوعيت جي اعتبار کان ”رتو ڇاڻ“ ۽ ”استحصالي“ آهن. اهي طريقا ايندڙ نسلن لاءِ ڳنڀير ۽ سنگين مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن.
زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل ادارا ۽ رويا، ٻيلن جي خاتمي جو سبب بڻجي رهيا آهن. ٻين لفظن ۾ ان نظام ذريعي ماحول ۽ فضا کي گدلاڻ کان محفوظ رکڻ ۽ صاف ڪرڻ جي حوالي سان، زمين جي پيداواري سگهه ۽ صلاحيت کي گهٽايو پيو وڃي ۽ اختياراتي ڏاڍ جي ان نظام هيٺ، دنيا هڪ ريگستان ۾ تبديل ٿي رهي آهي. ان نظام جي رکوالن اوزون جي تهه ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب فضا، زمين ۽ سمنڊ گدلاڻ جو شڪار ٿي چڪا آهن. پنهنجي ملڪ، پنهنجي سماجي ۽ آئنده معاشي ضرورتن کي سامهون رکڻ بدران رڳو پنهنجن مفادن جي تحفظ جي خاطر، اختياراتي ڏاڍ جو اهو نظام هر پنجويهه منٽن کانپوءِ هڪ حياتياتي ذري کي ختم ڪري رهيو آهي. ان افسوسناڪ ۽ بدقسمت صورتحال ۾ به ”شراڪت جي نظريي“ تي يقين رکندڙ ادارا هر قسم جو قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن ۽ مختصر وقت ۾ فيصلا ڪري سگهن ٿا. سهڪار ۽ شراڪت جو گهٽ ۾ گهٽ مفهوم اهو آهي ته هڪ اهڙو معقول مرڪز (forum) مباحثي لاءِ هئڻ گهرجي، جتي ايندڙ نسلن جي ڪجهه نه ڪجهه داد رسي ٿئي ۽ اهي نمائندا پنهنجون تجويزون، رايا ۽ مشورا انتظاميا آڏو پيش ڪري سگهن. تاريخدان پال ڪينيڊي (1993ع Paul Kennedy) مطابق اهو نظام، جنهن جو بنياد استحصال جي اصول تي قائم هجي ڪڏهن به پائيدار ٿي نٿو سگهي ۽ نه ئي برقرار رهي سگهي ٿو. ان مطابق آسمان، ماحول، زمين سمنڊ ۽ سماج زندگي جا باريڪ تهه، آهن جن کي اسان لامحدود مدت تائين نقصان نٿا پهچائي سگهون. ڇاڪاڻ ته اسان پهريان ئي ان معاملي ۾ ڪافي سفر ڪري چڪا آهيون.
”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ پاڻ پنهنجن هٿن سان ئي زوال پذير آهي. 1980ع جي ڏهاڪي جي آخر ۽ 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ ”اوڀر يورپ (eastern Europe)“ ۾ قائم آفيسر شاهي ۽ آمراڻين حڪومتن جي تباهي ۽ زوال دنيا جي ان حصي ۾ ”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ جي پڄاڻي جون علامتون ۽ اشارا آهن.
ان سان گڏوگڏ، مغربي سرمائيداراڻي نظام هيٺ قائم غير شراڪتي ۽ آفيسر شاهي پنهنجي بقا ۽ ڪاميابي جي صلاحيتن کان محروم ٿي رهيا آهن. 1970ع ۾ فارچون مئگزين (fortune magazine) ۾ شايع ٿيندڙ 5 سئو وڏن ادارن تي مشتمل فهرست مان ڪيترائي ادارا ختم ٿي چڪا آهن يا وري انهن کي ٻين ادارن خريد ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ٻين ادارن طرفان انهن ادارن جي خريداري ۽ ضم ٿيڻ سبب، ڪجهه ادارن جون حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، پر انهن ۾ چڱا ادارا مقابلي جي صلاحيت نه رکڻ سبب زوال پذير آهن.
ان قسم جي صورتحال رڳو آمريڪا تائين محدود نه آهي، برطانيا ۾ جيگوار (Jaguar)، هاڻي فورڊ (Ford) جي ملڪيت آهي، ۽ رولس رائس ( Rolls Royce) ۽ جرمني ۾ ڊيملر بينز (Daimler bans) جو وڪرو گهٽ ۾ گهٽ ٿي رهيو آهي. جيڪي ادارا هاڻي به ان اصول کي پنهنجي ترقي جو ڏاڪو سمجهن ٿا، مثال طور ٽرمف اينڊ برٽش ليلينڊ گهٽ يا وڌ دنيا جي صفحي تان مٽجي چڪا آهن. اهڙي طرح ماضي جا عظيم ادارا، جن جي چوڌاري ڪنهن اداري جي پهچ ممڪن نه آهي. مثال طور جنرل موٽرز ۽ انٽرنيشنل بزنس مشنز (International Business Missions). جيڪڏهن انهن ادارن به 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ ٿيندڙ خراب حالت کي درست ڪرڻ لاءِ ڪو قدم نه کنيو ته انهن جو زوال ٻين لاءِ آئينو هوندو.
انهن ادارن ۾ ”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ جي تسلسل حقيقت ۾ ان جي معاشي زوال ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ممڪن آهي ته زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ، بذات خود، ان زوال جو ذميوار نه هو، پر ”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ سبب فڪر جي مختلف طبقن تي مشتمل گراهڪ نهايت تيزي سان ان نظام تي پنهنجو اعتماد ۽ ڀروسو وڃائي رهيا آهن. ان نظام جا پوئلڳ ادارا، مقابلي جي ڏس ۾ مسلسل تبديل ٿيندڙ حالتن جي حوالي سان ناواقفيت ۽ غيرفهم جو مظاهرو ڪري رهيا آهن ۽ ڊگهي مدت جي مقابلي جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اداري جي توانائي ۽ صلاحيتن کي نهايت تيزي سان استعمال ڪرڻ ۾ لچڪ جو مظاهرو نه ڪري رهيا آهن.
ايتري تائين جو جپان ۾ به، جتي ان جو هڪ مخصوص اعليٰ اختياري، زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام رائج آهي. معاشي مسئلا وڌي رهيا آهن. سوني انٽرنيشنل (Sony International ) جي چيئرمين اڪيو مورٽيا (Akiomortia) اعتراف ڪيو آهي ته جاپاني صنعت کي هن وقت هڪ نئين انتطامي نظام جي ضرورت آهي. ٽائچي ساڪيا (1991ع Taichi Sakaiya) جو چوڻ آهي ته هڪ نئين انتظامي نظام کي اختيار ڪرڻ ۾ لچڪ ۽ صلاحيت کان محرومي جي ڪري، جاپاني صنعت بين الاقوامي طور يا خاص طور آمريڪي صنعت جي مقابلي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندي.
جيڪڏهن اسان ماضي تي نظر وجهون ته اسان کي اهو معلوم ٿي سگهي ٿو ته ويهين صدي جي وچ کان وٺي اڄ تائين، انهن ادارن جي ڪاميابي ۽ ترقي مشڪل بلڪه ناممڪن رهي آهي، جيڪي انتظامي قدم جي طور تي ناجائز دٻاءُ، وسيلن ۽ ذريعن جو غير منصفاڻو طريقو ختم نٿا ڪن. ان صورتحال جو صرف هڪ ئي متبادل موجود آهي ته شراڪت ۽ سهڪار تي ٻڌل ننڍا وڏا نظام تشڪيل ڏنا وڃن. اهڙي طرح اميد ۽ توقع اها آهي ته شراڪت جي ذريعي، عوام جي گهٽ ٿيل توانائي ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اهليت کلي سامهون اچي ويندي ۽ ان جي ڪري عهدا ۽ هڪ ٻئي جي محتاجي جو سلسلو ختم ٿي ويندو، جيڪو صرف ۽ صرف خرچ، لاڳت ۽ اختياراتي ڏاڍ ۾ اضافي جو سبب آهي.

[b]شراڪت جي طرف تبديلي....... ۽ لاڙو
[/b] هاڻي ويهين صدي جي شروعات ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن جنهن سبب ”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ جو زوال ۽ شراڪتي نظام جو عروج روشن ڏينهن وانگر واضح نظر اچي رهيو آهي، هي هڪ اهڙو وقت آهي جڏهن هڪ نظام ٻئي نظام ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. ان وقت ۽ گهڙي جي تبديلي هڪ ئي وقت ان تبديلي ۽ تخليق وانگر آهي، جڏهن سائنسي تجربن سبب زمين جي سطح تباهه ٿي ويندي آهي.
روايتي طور طريقن جي مالڪ ادارن جي اڪثريت هميشه ڪاميابي لاءِ جدوجهد ۽ ڪوشش ۾ مصروف رهندي آهي. اهي ادارا باهمي طور ان ڌڪ ڌڪان جي ڪيفيت ۾ مبتلا رهندا آهن. ڪجهه سست رفتاري سبب هڪ قدم اڳتي وڌڻ سان گڏ ٻه قدم پوئتي ٿي ويندا آهن ۽ ڪجهه ادارا غير معمولي ڦڙتي سان گڏ آسمان کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي مقابلي جي ڊوڙ ۾ رڪاوٽ به اچي ويندي آهي. آخرڪار زميني حقيقتون تبديل ٿيڻ شروع ٿينديون آهن. انهن جي رستي ۾ اختلافن جا وڏا جبل، مشڪلاتن ۽ جڳهڙن جون وڏيون واديون اچي وينديون آهن. اهي ڪڏهن ٻيٽن کي آباد ڪندا آهن ته ڪڏهن ويران ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ هميشه وڏين ۽ اهم تبديلين کان اڳ زلزلو اچي ويندو آهي.
هاڻي اسان هڪ اهڙي دور مان گذري رهيا آهيون، جڏهن شراڪتي نظام، زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام تي ڇانئجي رهيو آهي. انهن ٻنهي قسمن جي نظامن ۾ هزارين سالن تائين پاڻ ۾ وٺ وٺان رهي. چار سئو قبل مسيح ۾ پيلوپوناسيا (Peloponnasia) ۾ ٿيندڙ لڙائي بعد جمهوريت سپارٽا (Sparta) ٿينز تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جهڙي طرح سائنسي تجربن سبب زمين جون سطحون تباهه ۽ برباد ٿي وينديون آهن، اهڙي طرح شراڪت ۽ جمهوريت جي تبديلي ۽ لاڙي جو عمل، انساني ادارن جي انتظام جي حوالي سان نهايت اهميت جو حامل آهي.
اهم تبديلين جي مطالعي ۽ تبديلي جي وسعت جي مشاهدي متعلق فهم ۽ ادراڪ جي حاصلات هڪ انتهائي اهم ڳالهه آهي. ان عمل کانپوءِ اسان تبديلي ۽ صدمي، جهڙو 1994ع جي شروعات ۾ اڳوڻي سوويت يونين ۾ ڏسڻ ۾ آيو، کي سمجهي سگهون ٿا. جيتوڻيڪ اهي تبديليون آمراڻي قدر ۽ سازش جي لامحدود رد عمل جو نتيجو هونديون آهن، پر پوءِ به اهي حالتون تبديلي جي عمل جو حصو هونديون آهن. ان صدمي ۽ جنبش کان پوءِ اها ناقابل ترديد حقيقت سامهون ايندي آهي ته بنيادي تبديلي اچي رهي آهي.
جيتوڻيڪ، مڪمل شراڪتي اداري يا نظريي جو ڪو ڊگهي مدت وارو ۽ پائيدار مثال هينئر تائين سامهون نه اچي سگهيو آهي. پر شراڪتي نظام کي اختيار ڪرڻ سبب مستقبل جي حالتن جي هڪ ننڍي جهلڪ پيش ڪري سگهجي ٿي. اهو اهڙي طرح جو ڪم نه آهي ته جهڙي طرح شروعاتي محقق پاران ننڍن کنڊن (Sub continents) جون شڪليون دريافت ڪرڻ جي ڏس ۾ حالتون پيش آيون. ڪنهن به محقق ۽ تاريخدان آفريقا يا آمريڪا جي سڀني سامونڊي علائقن جو نقشو تيار نه ڪيو. مختلف محققن مختلف موقعن تي مخصوص تفصيل گڏ ڪيا. مثال طور سامونڊي علائقا، ميداني علائقا، ماٿريون ۽ جابلو علائقا، ان کان اڳ ته ڪو ٻيو شخص نوان علائقا ڳولي ها. محققن گهڻي حد تائين صحيح ۽ مددگار نقشا تيار ڪري ورتا هئا ته جيئن اهي نقشن ذريعي ان معلومات ۽ حاصلات کي وڌيڪ يقين سان پيش ڪري سگهن. اهڙي طرح، شراڪت کي دريافت ڪرڻ، ان جي وضاحت ڪرڻ ۽ ان متعلق نقشو يا تفصيل تيار ڪرڻ جو عمل اهڙي طرح آهي جهڙي طرح شروعاتي محققن کي ان وقت صورتحال درپيش هئي.

[b]شراڪت جي شڪل و صورت
[/b] ”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ هيٺ منتظمين ۽ آفيسر رٿائون تيار ڪندا آهن ۽ ملازم ان کي عملي شڪل ڏيندا آهن. ان ڪري نظام ۾ حڪمت عملي ۽ منصوبي جي جوڙجڪ ۽ ان تي عملدرآمد ٻه الڳ الڳ معاملا ۽ سرگرميون آهن. ان جي ابتڙ شراڪتي نظام هيٺ ڪيترائي ماڻهو، هڪ رٿا متعلق پنهنجن خيالن جا گهوڙا ڊوڙائيندا آهن، پر ان جو رخ مختلف هوندو آهي. مثال طور، جيڪڏهن هڪ انجنيئر ۽ هڪ ڪارڪن جي سامهون هڪ پيداواري مسئلو سامهون ايندو آهي ته، ان مرحلي تي اهي انجنيئر، هڪ نهايت پيچيده ۽ ڊگهي مدت وارو حل تجويز ڪرڻ تي پنهنجو ڌيان رکندو، جڏهن ته ڪارڪن، ان مسئلي جي ڏس ۾ پيش ايندڙ عملي مشڪلاتن کان آگاهه ڪندو آهي ۽ فوري طور عمل جوڳو متبادل حل تجويز ڪندو آهي. يا فرض ڪريو، هڪ ٽرڪ ڊرائيور ۽ اڪائونٽنٽ پاڻ ۾ خرچن ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي آڻڻ متعلق ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا، انهيءَ صورتحال ۾ ٽرڪ ڊرائيور پنهنجي ٽرڪ ۾ لڌيو ويندڙ سامان جي معاوضي، وقتن ۽ رستن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو. جڏهن ته اڪائونٽنٽ، ٽرڪ اوڌر تي حاصل ڪرڻ ۽ خريد ڪرڻ متعلق پنهنجو تجزيو پيش ڪندو آهي. ٻئي پاسي وڪرو ڪرڻ تي مقرر شخص شين جي وڪري لاءِ نوان نوان موقعا ڳولهيندو آهي ۽ پنهنجي خيالن ۽ احساسن کي بحث ڪرڻ لاءِ پيش ڪري سگهي ٿو.
زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظآم هيٺ اعليٰ عهدن تي مقرر فرد اجتماعي طور تي ”انتظاميا“ سڏائيندي آهي. اڪثر شراڪتي ادارن ۾ ملازم پاڻ ئي منتظم هوندا آهن. اهي پنهنجي مرضي ۽ خواهش مطابق ڪم ڪندا آهن، جن جو ڪردار رسمي نوعيت جو هوندو آهي. جيڪي ادارن جي حڪمت عملين جي جوڙ جڪ ۾ جوابدهه هوندا آهن، پر اهي انهن حڪمت عملين کي نافذ ڪرڻ جي ڏس جا ذميوار نه هوندا آهن. اهي قائداڻي اتحاد جو هڪ حصو هوندا آهن. (پيٽرز Peters 1988) هڪ سربراهي اتحاد ۾ هر شخص ، هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ ان کي هر قسم جي معلومات ۽ اطلاعن تائين پهچ هوندي آهي ۽ روايتي طور تي هر ڪارڪن يا فرد انتظاميا جو رڪن هئڻ جو استحقاق رکي ٿو. انهن عهديدارن جي مهارت ۽ ذهني صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ ۽ ان مان فائدوکڻڻ جي ڏس ۾ ڪيترائي عملي نظام موجود هوندا آهن. ان جي ابتڙ ”شراڪتي نظام“ ۾ هر شخص جي عزت، حق ۽ فرض ۽ ذميوارين جو احترام ڪيو ويندو آهي.
ادارن ۾ موجود روايتي نظامن هيٺ اڪثر اعليٰ اختياراتي عهديدار، پنهنجو علم لڪائي رکندا آهن ۽ ان علم کي پنهنجي طاقت، قوت ۽ عهدي تي برقرار لاءِ استعمال ڪندا آهن. شراڪتي ادارن ۾ ان قسم جي رويي ۽ هلت کي ”علم جي خزاني جي چوري“ سان تعبير ڪيو ويندو آهي. علم جي حاصلات ۽ علم جو ڦهلاءُ ٻه اهم اخلاقي گڻ آهن. ماڻهو هڪٻئي کي علم سيکاريندا آهن ۽ هر شخص شاگرد هوندو آهي. انهن حالتن ۾ انتظاميا هڪ شاگرد جي ڪردار کان سواءِ معلم جو ڪردار به ادا ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هرگز حيران ڪندڙ نه آهي ته روايتي قائد هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪري چڪا آهن.
ڪارڪردگي جي مفهوم کي به مختلف انداز ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو. اختياراتي ڏاڍ جي نظام هيٺ ڪارڪردگي جو مفهوم رڳو حصيدارن لاءِ مالي فائدن جي حاصلات آهي. شراڪتي اداري ۾ ڪارڪردگي جو مفهوم آهي گراهڪ، شين جي معيار طرف ڌيان ڏيڻ ۽ اداري لاءِ فائدا حاصل ڪرڻ. ان نظام هيٺ مختصر ۽ ڊگهي مدت وارن قدرن ۽ مختلف فڪر جي طبقن جي فردن کي مطمئن ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آهي. ان نظام هيٺ هر شخص ان قسم جو ماحول ۽ حالتون تخليق ڪرڻ لاءِ برابر جي ذميواري آهي. مثال طور ڪارڪنن جا حق به هوندا آهن ۽ اهي ذميوارين کان آجا نه هوندا آهن. اهي انهن سربراهن کان جواب گهري سگهن ٿا، جيڪي قيادت جي ذميواري نٿا کڻن ۽ انهن کي ڪارڪردگي ۽ شراڪت جي ڏس ۾ پنهنجي ناڪامي جي ذاتي نتيجن کي لازمي طور قبول ڪرڻو هوندو آهي.

[b]زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام جي پنهنجائپ
[/b] شراڪتي نظام طرف منتقلي يا تبديلي هڪ سست عمل آهي، جنهن ۾ چڱو وقت لڳي ويندو آهي. ان سلسلي ۾ اهو عمل اچرج ۾ وجهندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ نه هئڻ گهرجي. ”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ انساني زندگي ۽ موجودگي جي تصور سان ئي وجود ۾ ايندو آهي. ان کان سواءِ باقي سڀ نظام قديم ۽ پراڻن ناتن، رابطن ۽ مفروضن جا ترجمان آهن. مثال طور ڪاروباري تعليم ڏيندڙ سڄي دنيا جا اڪثر اسڪول، انتظامي نظرين ۽ خيالن جي حوالي سان ”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ تي مشتمل فڪر جي طريقي جي تعليم ڏيندا آهن. اڄ جي دور ۾ اها ڳالهه غير متوقع نه آهي ته اسان هينئر هڪ به ليڪچر نه ٻڌون (تعليم ڏيڻ جو جبري طريقو) جنهن ۾ اهو ٻڌايو وڃي ته رٿابندي، انتظام، معائنو ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ همت افزائي جهڙا قدم صرف انتظاميا جو استحقاق آهي. اهو عمل بذات خود انفرادي طور تي قدر لائق ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ان پروگرام کي سينگاريل ڪمرن ۾ ويهي طاقت جي حاصلات لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته، ان جي اهميت ٻڙي کان به گهٽ ٿي وڃي ٿي.
حقيقت اها آهي ته مختلف قسم جا نظام پنهنجي پنهنجي جڳهه تي ڏاڍا شاندار ۽ اختيار ڪرڻ لائق آهن. جنهن اداري به ان شراڪتي نظام کي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان کي معلوم آهي ته تبديلي جي ان عمل مان گذرڻ لاءِ ڪيتريون ئي مشڪل ۽ پيچيده حالتون سامهون اچي سگهن ٿيون. تبديلي ڀلي اک ڇنڀ ۾ ظاهر ٿئي، پر ان تڪڙي تبديلي پويان صدين جي رياضت جو دخل هوندو آهي. پراڻيون عادتون، طريقا ۽ روايتون ترڪ ڪرڻ ۾ سالن جا سال لڳي ويندا آهن. ان کان سواءِ اهو ڪهڙو عمل لائق طريقو آهي ۽ ڪهڙو عمل لائق نه آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ به وقت گهربل آهي. ان کان سواءِ اڳوڻي نظام جي سخت قاعدن ۾ موجود انهن مهارتن متعلق به علم حاصل ڪرڻ لاءِ وقت خرچ ڪرڻو پئي ٿو ته جيئن شراڪتي نظام هيٺ سڀ پنهنجيون پنهنجيون ذميواريون ۽ فرض ادا ڪري سگهن.
عام طور تي ادارن ۾ ڪنهن وڏي تبديلي جون مخالف قوتون موجود هونديون آهن. اهي قوتون هڪ اهڙي انساني بدن وانگر هونديون آهن، جڏهن اهو جسم ڪنهن وڏي تبديلي مان گذرندو آهي، يعني پهريان ان کي اڪيلو ڪندو آهي ۽ پوءِ حملو ڪندو آهي. اهو نئون عضوو ڪم ڪرڻ کان پهريان ئي مري ويندو آهي. هڪ نظام ۾ موجود سڀ رخ گڏجي هڪ اهڙي قوت جي حيثيت اختيار ڪن ٿا، جيڪا ڪنهن به نئين شيءِ تي ضابطو آڻڻ جي وڌ کان وڌ صلاحيت سان مالا مال هوندا آهن.
”زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ تي ٻڌل نظام“ کان شراڪتي نظام طرف تبديلي جي راهه ۾ رڪاوٽ ۽ مزاحمت، شراڪتي نظام کان انڪار جي هڪ شڪل آهي. رڳو ڏيکارڻ لاءِ شراڪت ۽ سهڪار تي ٻڌل هڪ ٻه قسم کڻڻ بعد، آفيسر اهو سمجهڻ لڳندا آهن ته اهي ملازمن کي آسرا ڏئي، شراڪتي نظام کان انڪار جي لڙائي کٽي چڪا آهن. انهن آفيسرن کان سواءِ ٻيا اعليٰ اختياراتي عهديدار، شراڪتي نظام هيٺ، ڪجهه قدمن جي نفاذ کانپوءِ اهو ظاهر ڪرڻ لڳندا آهن ته ڄڻ ته واقعي شراڪت عملي طور وجود ۾ اچي چڪي آهي. پر ان دوران اختياراتي ڏاڍ هيٺ جوڙيل اصول ۽ قانون پنهنجي شدت سان گڏ نافذ رهندا آهن يا جيڪڏهن مڪمل شدت سان رائج نه به رهندا آهن ته پوءِ به اهي اصول ۽ قانون پاڻ کي برقرار رکڻ جي جدوجهد ۾ مصروف رهندا آهن.
بهرحال اختياراتي ڏاڍ جي هر قسم جي طريقن باوجود، شراڪتي نظام هڪ رائج نطام جي حيثيت ۾ دفترن ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ مسلسل مقبوليت حاصل ڪري رهيو آهي. اخلاقي طور تي برتري ۽ اختياراتي ڏاڍ جي نظام کي پاڙ کان پٽڻ جي صلاحيت شراڪتي نظام جي ڪاميابي جي ضمانت آهي.
نتيجو:
ان ڳالهه جو اظهار مشڪل آهي ته جيڪڏهن ماضي ۾ ادارن شراڪتي نظام اختيار ڪيو هوندو ته انهن ادارن جي حالت ڏاڍي بهتر هوندي. جڏهن اسان ماضي تي نظر وجهون ٿا ته اسان اهو چئي سگهون ٿا ته، ٽن هزار سالن کان رائج زورآوري ۽ اختياراتي ڏاڍ جون تشدد ڀريل، استحصالي ۽ من پسند فيصلن جون صورتون غير اخلاقي هئڻ کان سواءِ بنيادي طور نقصن جو شڪار آهن. پر اخلاقي قدر ته پنهنجي جڳهه موجود آهن ۽ ان جي برتري کان به انڪار ممڪن نه آهي ۽ ڌرتي تي موجود انساني ادارن، بيشمار مهلڪ طريقن باوجود، غير شعوري طور تي پنهنجا فطري ۽ جبلي اخلاقي قدر به برقرار رکيا آهن. پر هينئر ماضي جي تجربن مان سبق حاصل ڪندي ۽ مستقبل جي ضرورتن کي سامهون رکندي اسان کي شعوري طور تي ڪوشش ڪرڻي پوندي ته اسان پنهنجا وسيلا ۽ ذريعا ڪهڙي طرح منصفاڻي نموني ورهايون ۽ سرڪاري ادارن جو انتظام ڪهڙي طرح ڪريون.
شراڪت جو اهو تصور ۽ نظريو شعوري طور تي چونڊيل ۽ پسنديده نظام ۽ طريقي ڪار آهي. گهٽ ۾ گهٽ شراڪت جو بنيادي تصور نظرياتي ۽ اخلاقي لحاظ کان فهم جوڳو ۽ نهايت اهميت جو حامل آهي. پر ڇا شراڪت جو اهو تصور هڪ منتشر ذهن جي اختراع آهي؟ ڇا هي نظام ان لائق آهي ته زميني حقيقتن جو ساٿ ڏئي سگهي؟ ڇا شراڪتي نظام جا اصول ۽ قانون اختياراتي ڏاڍ کي شڪست ڏئي سگهن ٿا؟ هڪ مڪمل نظام جي حيثيت سان شراڪت جو اهو نظريو، سياسي ۽ معاشي، ٻنهي ادارن لاءِ هڪ نئين ڍنگ جي حيثيت رکي ٿو. پر سالن جي مسلسل تحقيق ۽ ڪوششن کانپوءِ به اسان انهن سوالن جا جواب ڏيڻ کان قاصر آهيون. ان جي باوجود شديد معاشي ضرورتون ان نظام کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت به آهي ته شراڪت جو نظريو اختياراتي ڏاڍ جو وجود ختم ڪري ڇڏي.