سيلف ڊولپمينٽ

انتظامي معاملن جا رهنما اصول

ڪتاب ”انتظامي معاملن جا رهنما اصول“ اصل ۾ پيٽريڪا ميڪليگن ۽ ڪرسٽونيل جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار خليل الرحمان شيخ صاحب آهي.
هن ڪتاب ۾ آفيسن، اسڪولن، هر قسم جي ادارن ۽ ڪاروباري مقصدن جي ڪامياب انتظام هلائڻ جا طريقا ۽ حڪمت عمليون شامل آهن. سنڌيڪا اڪيڊمي پاران هي ڪتاب 2013ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book انتظامي معاملن جا رهنما اصول

2. بنيادي فيصلن لاءِ تياري

معيار جي حاصلات لاءِ سڀ کان پهريون مرحلو ”تياري“ آهي. تياري جو اهو مرحلو انتظاميا طرفان هڪ حقيقي عزم ۽ پختي اداري جي گهر ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته عام طور تي گهٽ ۽ وڌ انتظاميا پنهنجي اصل مقصد ۽ فڪر جي انداز کي نظر انداز ڪري رڳو ”گراهڪ جي اطمينان“ کي پهرين صف جي ترجيحن ۾ شامل ڪري وٺي ٿي پر ”مرتڪز معيار“ کان سواءِ هر شيءِ ثانوي حيثيت رکي ٿي.
جيڪڏهن ”مرتڪز معيار“ کي پهرين صف جي ترجيحن ۾ سڀ کان مٿانهون قرار ڏنو وڃي ته پوءِ، سڀني ادارن جي فڪر جو انداز، انهيءَ ئي سوچ ۽ نقطهء نظر جو ترجمان هوندو. بهرحال، ان تبديلي کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ انتظاميا کي ”گراهڪ جي اطمينان“ جي ڏس ۾، اداري جي سڀني شعبن ۾ هڪ معقول ربط قائم ڪرڻو پوندو.
”مرتڪز معيار“ جا مرحلا ٽن فيصلن تي مشتمل آهن.
1. معياري سربراهي ٽيم جي تياري.
2. اداري جي مقصد جو تعين.
3. تجزيو.

[b]معياري سربراهي ٽيم جي تياري
[/b] اداري جي معمول جي ڪمن ۾ ”معيار“ جي عنصر کي شامل ڪرڻ لاءِ اداري جي سربراهي ٽيم جي پيش نظر رڳو ”اعلى معيار“ ئي هئڻ گهرجي. ان مقصد جي حاصلات لاءِ پهرين وک جي طور تي آفيسرن کي هڪ ”معياري سربراهي ٽيم“ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي. ان جو مطلب اهو آهي ته چيف ايگزيڪٽو آفيسر ۽ ان جي سڌي ماتحتي ۾ فرد، جيڪي اداري جو انتظام سنڀالين ٿا. اداري جي آمدني ۽ خرچن جو تعين ڪندا آهن. اداري جي ذريعن ۽ وسيلن جي ورهاست ڪندا آهن ۽ اداري لاءِ روزاني وهنوار جا فيصلا ڪندا آهن. انهن کي هڪ منظم ۽ سربراهي ٽيم جي حيثيت اختيار ڪرڻ گهرجي.
ان سربراهي ٽيم کي اداري جي هر معاملي جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ وقت ”مرتڪز معيار“ کي سامهون رکڻ گهرجي. خرچ، لاڳتون ۽ مختلف ڪاروباري مرحلن ۽ سرگرمين لاءِ مقرر وقت هڪ پاسي پر جڏهن ”معيار“ کي اوليت ڏني ويندي آهي ته پوءِ اوهان حيران ٿيندا ته آمدني ۽ خرچ موجب ”مقرر وقت اندر“ گراهڪن جي اميدون جي تسڪين ڪندي ڪيئن هر مرحلو درست نموني طئي ٿي وڃي ٿو.

[b]اداري جي مقصد جو تعين
[/b] معياري سربراهي ٽيم جي تياري کانپوءِ ”مرتڪز معيار“ جي مرحلي جو ٻيو فيصلو”اداري جي مقصد جو تعين“ آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته اداري جو مقصد، نقطهء نظر/سوچ ۽ قدرن جو واضح طور تعين ڪيو وڃي.
اداري جي مقصدن تي مشتمل دستاويز اداري جي ڪم کي نهايت واضح، شفاف انداز ۾ ۽ ٺيڪ بيان ڪن ٿا. اهي دستاويز اداري جي سڀني عملن ۽ فعلن جا ترجمان آهن. اهي دستاويز اداري جي اعلى سربراھ کان وٺي هڪ پٽيوالي تائين فهم جوڳا هئڻ گهرجن. اهي دستاويز گراهڪ جي تسڪين جو سامان مهيا ڪرڻ جي طريقن تي مشتمل هئڻ گهرجن. ان ۾ ذڪر ۽ ڌيان جوڳيون ”گراهڪ کي مهيا ڪيون ويندڙ شيون ۽ خدمتون“ هئڻ گهرجن. ان کان سواءِ ان دستاويز ۾ انهن قدمن جو بلڪل ذڪر به نه هئڻ گهرجي، جيڪي گراهڪ کي شيون ۽ خدمتون مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ اختيار ڪيون وڃن ٿيون. اهي دستاويز نهايت سهڻي طريقي سان تيار ڪيل هوندا ته اهي اداري جي هر شخص لاءِ هر معاملي ۾ واٽ ڏسيندڙ هوندا.
اداري جي نقطهء نظر يا سوچ تي مشتمل دستاويز، اداري جي ان نوعيت تي مشتمل هوندا آهن، جيڪو ادارو اختيار ڪرڻ چاهي ٿو ۽ انهن دستاويزن ذريعي اهو به معلوم ٿيڻ گهرجي ته اداري جا گراهڪ، ملازم ۽ ٻيا ماڻهو اداري متعلق ڪهڙي سوچ رکن ٿا. اهي دستاويز اداري جي ڪم جو رخ متعين ڪن ٿا. خاص طور جڏهن قانون عمل جوڳو نه هجي ۽ مشڪل صورتحال درپيش هجي ۽ مشڪل فيصلو ڪرڻ مقصد هجي ته اهي دستاويز راھ جو رهبر بڻجي سگهن ٿا.
اداري لاءِ مقصد جو تعين ڪرڻ جي مرحلي دوران هڪ انتهائي اهم قدم، اداري جي قدرن تي مشتمل دستاويز جي تياري آهي. فردن تي مشتمل اهو دستاويز نور جو مينار آهي، جنهن کان اداري جو هر شخص رهنمائي حاصل ڪندو آهي. اهو دستاويز اداري جي انهن عقيدن جو تعين ڪندو آهي جيڪي اداري جي روزاني معمول ۾ اصول جي حيثيت رکن ٿا. اهو دستاويز سمورن معاملن تي پنهنجو ڌيان رکي ٿو، جيڪڏهن انهن کي دل جي خلوص سان تسليم ۽ قبول ڪيو وڃي ته پوءِ هر شخص جا ٻئي شخص سان تعلقات هڪ مثالي رويي جو عڪاس هوندا آهن ... ته پوءِ ان طرح ان دستاويز ۾ گراهڪ جي اطمينان، معيار جي حاصلات، مسلسل بهتري، ملازمن جي اختياري حيثيت ۽ باهم امداد ۽ سهڪار تي ٻڌل تعلقات ۽ رابطن تي وڌ کان وڌ زور ڏنو وڃي ٿو.

[b]تجزيو
[/b] مختلف معاملن متعلق تجزيا مثلا گراهڪ جو اطمينان. ڪاروباري مرحلن جي ڪارڪردگي جي نوعيت ۽ ملازمن جي رويي جي تجزيي تي مشتمل دستاويز اداري لاءِ هڪ نهايت اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. مختلف معاملن متعلق اهو معياري تجزيو ان ڪري ڪيو وڃي ٿو ته جيئن واضح طور معلوم ٿي سگهي ته اداري ۾ ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي؟ ان دستاويز ذريعي حاصل ٿيندڙ معلومات ذريعي اهي اضافي انگ اکر ۽ معلوماتي مواد گڏ ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي ذريعي گراهڪ جي اطمينان جي نوعيت معلوم ٿي سگهي ٿي. اهڙي طرح، ان معلومات جي وسيلي، انهن اهم معاملن تي ڌيان جي نوعيت معلوم ڪرڻ ڏاڍو سولو هوندو، آهي جيڪا حڪمت عملي تي ٻڌل مقصدن ۽ هدفن تي اثرانداز ٿيندي آهي، موجوده حالتن جي تجزيي ذريعي هڪ اهڙو بنياد مهيا ٿئي ٿو. جنهن جي ذريعي انهن ڪاروباري مرحلن جي نشاندهي ٿي ويندي آهي، جن جو مقصد ”بهتري“ هوندو آهي.
وڌيڪ ته اداري جي روزاني معمول جي ڏس ۾ هڪ معياري تجزيي ذريعي معلوم ٿي ويندو آهي ته اداري جي ڪنهن خاص شعبي يا سڀني شعبن ۾ ڪهڙي قسم جو ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ڪهڙي قسم جو ڪم ٿي چڪو آهي، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته تجزيي جو اهو عمل پنهنجو پاڻ ”مرتڪز معيار“ جي اثر هيٺ آهي. ان ڪري هر شخص ان ذريعي اداري جي ڪاروباري مرحلن ۽ سرگرمين کي پنهنجي ڌيان جو وڌيڪ مرڪز بڻائي سگهي ٿو.
آخر ۾ ان تجزيي ذريعي اسان کي اهو معلوم ٿي ويندو آهي ته اسان هر گراهڪ جي اطمينان ۽ تسڪين لاءِ وڌيڪ ڇا ڪري سگهون ٿا: ڇاڪاڻ ته اداري جي هر ڪاروباري سرگرمي گراهڪ جي ضرورتن جي اطمينان ۽ تسڪين سان لاڳاپيل آهي.