2. باهمي ذاتي مهارت جو حصول
[b]ٻولي جي شڪل:
[/b]ڪڏهن ڪڏهن، بلڪه يقيني طور هڪ ئي ٻولي جا مختلف لفظ ۽ تاثر مختلف معنائون رکن ٿا. ايستائين جو آمريڪا جا پاڙيسري ملڪ يعني يورپ جي اندروني علائقن ۽ اتر يورپ ۾ به هڪ ئي لفظ جو مختلف معنائون سامهون اينديون آهن. مثلاً آمريڪا ۾ ڳالهايو ويندڙ لفظ بس (گاڏيBus ) هنگري جي ٻولي ۾ ”مرد ۽ عورت وچ ۾ ناجائز جنسي تعلقات“ جي مفهوم سان مطابقت رکي ٿو، اهڙي طرح اهو لفط هڪ پهاڪي يا چوڻي ”(Seeyalszia)“ هيلو يا گڊ باءِ (خدا حافظ Good Bye) جي معني ۾ به استعمل ٿئي ٿو. ان کان سواءِ آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ڳالهائي ويندڙ انگريزي به مختلف آهي. مثلاً آمريڪا ۾ هڪ بلين (Billion) جو مطلب 1،000،000،000 آهي پر برطانيا ۾ هڪ بلين 1،000،000،000،000 کي چيو وڃي ٿو. تازو هڪ بين الاقوامي اداري هڪ مخصوص پکي Pheasent جو شڪار ڪرڻ لاءِ پنهنجي عملي کي ازبڪستان موڪلڻ جو پروگرام تيار ڪيو. ان اداري جي وڪري جي شعبي جي روسي سربراهه سڀ کان پهريان لفظ Peasant (هاري) جي معنى سمجهي ۽ ان جو مفهوم پنهنجي اداري کي سمجهايو ۽ پوءِ جيستائين اداري جي سواءِ آفيسرن کي لفظ pheasant (پکيءَ جو هڪ قسم) ۽ peasent(هاري) وچ ۾ ٻولي جو فرق سمجهه ۾ نه آيو. ان وقت تائين ان رٿا کي عملي جامو نه پهرايو ويو.
هڪ ئي ٻولي ۾ اڪثر لفظ هڪ ٻئي جي مترادف نه هوندا آهن. بهرحال ٻولي ۾ شامل لفظ ان ملڪ يا قوم جي تهذيبي ماحول ۽ زندگي جي طرز جو عڪس هوندا آهن. عربي ٻولي ۾ ”وقت“ لاءِ بلڪل مناسب لفظ موجود نه آهي ۽ اهڙي طرح روسي ٻولي ۾ لفظ ”امزا/دلچسپي“ لاءِ ڪو مناسب لفظ موجود نه آهي. ڪنهن ملڪ جي ٻولي ۾ ڪنهن به ”رائج“ يا ”اهم“ شي جي معنيٰ بيان ڪرڻ لاءِ بيشمار لفظ موجود آهن. اسڪيمو ئي (Eschimo) ٻولي ۾ ”برف“ لاءِ ڪو درست يا مناسب لفظ موجود نه آهن بلڪه ”برف“ لاءِ ”ڀُرندڙ شي“ ”سفوف“ يا ”ڪا پگهاريل شيءِ“ جهڙا لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جاپاني ٻولي ۾ ذاتي تعلقات ظاهر ڪرڻ لاءِ بيشمار لفظ موجود آهن
[b]دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون
[/b]
1. چيني 1903 ملين
2. انگريزي 450 ملين
3. هندي (اردو) 367 ملين
4. اسپيني 352 ملين
5. روسي 204 ملين
6. عربي 202 ملين
7. بينگالي 187 ملين
8. پرتگيزي 175 ملين
9. ملاوي انڊونيشي 145 ملين
10. جاپاني 126 ملين
11. فرانسيسي 122 ملين
ياد هجي ته پوري دنيا ۾ 600 ملين فرد پنهنجي ٻولي کان سواءِ انگريزي کي ٻي ۽ ٽين ٻولي طور ڳالهائين ٿا.
[b]مواصلاتي طريقن جا مقامي ذريعا:
[/b]فردن جو پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائڻ جي طريقي متعلق فهم ۽ ادراڪ جي حاصلات ان مفهوم جي لحاظ کان ڏاڍي اهم آهي ته، جڏهن اهي اوهان جي ٻولي ۾ ڳالهائين ٿا ته اهي اوهان کي سمجهائڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن. ان علم کي حاصل ڪرڻ کان سواءِ اسان هڪ پرڏيهي ۽ ڏيهي فردن جي ڳالهايل لفظن کي هڪجهڙي معنيٰ ڏينداسين. بهرحال لفظن جي معنيٰ گهڻو ڪري مختلف هوندي آهي. جيڪڏهن دنيا جو هر شخص هڪ ئي ٻولي ڳالهائي ته به ان جو تهذيبي ماحول، پس منظر ۽ مقامي استعمال جي لحاظ کان لفظن جون معنائون مختلف هونديون آهن هاڻي آمريڪا ۾ لفظ ”دوستاڻو“ جي تعريف ”سماج دوست“ جاپان ۾ ”خوش اخلاق“ ۽ وچ اوڀر ۾ ”مهربان/فياض“ طور ڪري سگهجي ٿي.
اسان جي ملڪن (آمريڪا ۽ اولهه) جي ڀيٽ ۾ ٻيا ملڪ مواصلاتي مقصدن ۾ نهايت مختلف آهن. آمريڪي رڳو ڪم جي وقت ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن ۽ اها به رڳو معلومات جي ڏي وٺ لاءِ. واپاري ٻولي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لحاظ کان اسان جو مطلب اهو آهي ته، ماڻهو پاڻ ۾ نهايت واضح، بي تڪلف ڳالهه ٻولهه ۽ هڪ ٻئي جي ڳالهه جو مطلب جلد سمجهي وڃن. ٿائلينڊ ۾ ماڻهو اهڙي انداز ۾ باهمي ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن ته سڀ ماڻهو چڱي طرح پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو مفهوم سمجهي سگهن. ميل ميلاپ، ذهني مطابقت ۽ واپاري رابطا ۽ ناتا مختلف ماڻهن وچ ۾ جلد ۽ مضبوط ربط قائم ڪري سگهن ٿا. جنهن جي ذريعي مختلف ادارن ۽ فردن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿي سگهي ٿي. واپاري ناتا ۽ رابطا مضبوط ٿي سگهن ٿا يا وري هڪ شخص رڳو اهو سوچي سگهي ٿو ته ٻئي شخص جا دلي احساس ڪهڙا آهن. عرب فردن کي خاص طور پنهنجي ٻولين سان تمام گهڻي چاهت، وابستگي ۽ پيار آهي. عربي ٻولي جا ڪجهه قسم ايتري قدر اهم، فصيح ۽ بليغ آهن جو عرب ماڻهو انهن ٻولين کي نهايت دل لڀائيندڙ انداز ۾ ڳالهائين ٿا ۽ اهي سمجهن ٿا ته ٻولين ۾ رڳو ڳالهه ٻولهه جو عمل، انهن ٻولين جي اعليٰ معيار، اعليٰ فضاحت ۽ بلاغت ۽ اهميت جو ثبوت آهي. ان ڪري مختصر، واضح ۽ بي تڪلف ڳالهه ٻولهه رڳو ان ڪري ڪندا آهن جو واپاري ۽ تجارتي لحاظ کان هڪ ٻئي جو وقت ضايع نه ٿئي، ڇو ته اسان کي ٻيا ماڻهو تيز مزاج، عزت ۽ احترام کان عاري، جاهل ۽ انا پسند سمجهي سگهن ٿا. باهمي اعتماد ۽ مفيد رابطن ۽ تعلق کي رڳو هڪ ٻئي سان تهذيبي ماحول ۽ معمول کان ناواقفيت ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو.
[b]بيان جو اڻ چٽو ۽ چٽو انداز:
[/b]جڏهن اسان هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪندا آهيون ته هڪ ٻئي کي پنهنجو نقطه نظر وڌ کان وڌ سمجهائڻ جو انحصار اسان جي گفتگو جي پس منظر ۽ ماحول تي هوندو آهي. ان گفتگو دوران جيترو وڌ ۾ وڌ هڪ ٻئي کي پنهنجن تجربن ۽ پنهنجي معلومات کان آگاهه ڪبو، ته ان گفتگو جو وڌ کان وڌ مفهوم هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ جي سلسلي ۾ اسان گفتگو جي پس منظر تي وڌ ۾ وڌ انحصار ڪري سگهون ٿا ۽ اسان پنهنجي بيان کي گهٽ کان گهٽ چٽي ۽ غير مبهم انداز ۾ بيان ڪري سگهون ٿا. ان ڪري پنهنجي هڪ ويجهي دوست يا گهر جي ڀاتي سان گفتگو ڪرڻ لاءِ اسان کي وڌيڪ چٽي ۽ غير مبهم انداز بيان ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. جڏهن ته هڪ اجنبي کي پنهنجو نقطه نظر وڌيڪ بهتر طور تي سمجهائڻ لاءِ اسان کي تمام وڌيڪ واضح ۽ غير مبهم انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيئن ته آمريڪي فردن جي تهذيبي ماحول ۽ پس منظر ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي، ان ڪري انهن کي پنهنجي ڳالهه جو صحيح مفهوم سمجهائڻ لاءِ اسان کي انهن سان مبهم انداز اختيار ڪرڻ بدران وڌ ۾ وڌ واضح ۽ غير مبهم انداز اختيار ڪرڻو پوندو آهي. ان لاءِ اسان جي سماج (تهذيبي) ماحول کي واضح، غير مبهم ۽ بي تڪلف سماج جو نالو ڏنو وڃي ٿو. هڪ واضح، غير مبهم ۽ بي تڪلف سماج جي رڪن جي حيثيت ۾ اسان آمريڪي، پنهنجي گفتگو ۾ سڄي لاڳاپيل پس منظر تي مبني معلومات شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ اسان ارادي يا غير ارادي طور اهو نه ٿا سمجهون ته ٻڌندڙ لازمي طور ان منظرنامي جو پس منظر سمجهندو هجي.
بهرحال ڪجهه ٻيون قومون گفتگو دوران انتهائي اهم معلومات بابت هڪ ٻئي کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ گفتگو جي پس منظر تي انحصار ڪنديون آهن. ايشيائي، لاطيني، عرب ۽ ڪجهه يورپي قومن کي ننڊ پڻ کان اهو سيکاريو ويندو آهي ته ضروري ناهي ته اهم معلومات ٻولي ذريعي هڪ ٻئي کي ڏني وڃي بلڪه رڳو مفهوم ادا ڪرڻ ذريعي اهو عمل بهتر طريقي سان ادا ڪري سگهجي ٿو. اهو طريقو غير واضح ۽ مبهم بيان جو مبهم انداز سڏائي ٿو. هڪ آمريڪي منتظم پنهنجي ماتحت سان سڌو سنئون يا رڳو متعلق ڪم جي حوالي سان اها گفتگو ڪري سگهي ٿو. ”جيترو جلد ممڪن هجي مون کي ڊيلٽا (Delta) رٿا متعلق تجويزون گهرجن.“ بهرحال هڪ واضح تڪلف ڀرئي ۽ مبهم سماج ۾ هڪ منتظم پنهنجي ان پيغام کي هيٺين طريقي ذريعي پنهنجي ماتحت تائين پهچائي سگهي ٿو. ”اهو منتظم ماتحت ويجهو وڃي ٿوري دير رڪي ٿو ۽ ان کان پڇي ٿو ته ان جو ڪم ڪيئن هلي رهيو آهي يا وري ڪنهن رٿا جي سلسلي ۾ تجويزن جي حوالي سان ٿيندڙ ملاقات ۾ منتطم ماتحت تي هڪ سرسري نظر وجهي ٿو.“ اهو پيغام اڪثر اڻ سڌو ۽ امڪان ويجهو هوندو آهي.
غير واضح، تڪلف ڀرئي ۽ بيان جي مبهم انداز وارن سماجن ۾ ماڻهو هر شيءِ جي پس منظر جي ذريعي ان جو نتيجو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان معنيٰ کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪا ظاهري طور گفتگو ذريعي ظاهر نه ٿيندي آهي. بيان جي انداز واري ان طريقي ذريعي هڪ ئي بيان بابت مختصر ضروري نڪتا ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هڪ ئي بيان ذريعي ٻڌندڙ سڀ ضروري مختصر نڪتا ۽ معلومات رڳو ان صورت ۾ حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن انهن جي مشاهدي جي سگهه انتهائي تيز ۽ مضبوط هجي ۽ پوءِ انهن سڌ سماءَ جي ذريعن ۽ اطلاعن جي مرڪزي ذريعي يا مختلف مخبرن ذريعي گفتگو جي پس منظر متعلق انتهائي شاندار معلومات حاصل ڪئي هجي. اوهان سان تعلقات قائم ڪرڻ ۽ بحث هيٺ معاملن تي غور ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٻڌندڙ ان عمل کي انتهائي اهم سمجهن ٿا ته جيئن هڪ سنجيده گفتگو شروع ڪرڻ کان اڳ انهن کي وڌ کان وڌ ڄاڻ حاصل ٿي وڃي.
گفتگو دوران منظر عام تي ايندڙ فردن جي پس منظر متعلق مهيا ٿيندڙ معلومات جي بنياد تي، ان ڳالهه جو يقين هوندو آهي ته اهو سماج ”واضح، بي تڪلف ۽ غير مبهم“ يا ”غير واضح، باتڪلف ۽ مبهم“ آهي. مثال طور آمريڪي فرد پنهنجي بيان جي انداز ۽ لفظن ذريعي پنهنجي واضح موقف جو اظهار ڪندا آهن. ان جي ابتڙ غير واضح، باتڪلف ۽ مبهم سماجن ۾ ڪنهن به صورتحال متعلق نتيجو اخذ ڪرڻ جي حوالي سان ٻولي جا طريقا استعمال نه ٿا ڪن. آمريڪي قانون ٺاهيندڙ ادارو ڊگهيون تقريرون ڪري قانون ٺاهڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا آهن ۽ پوءِ جرمن پارليامينٽ ۾ ٻئي ڌريون ڊگهي ڪاغذي ڪارروائي ذريعي عملي قدم کڻڻ جي سلسلي ۾ دير پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديو آهن. بهرحال جاپاني قانون ٺاهيندڙ اداري جا رڪن گشت ڪندي 25 منٽن ۾ 20 وال هلن ٿا ۽ هڪ غير ٻولي طريقو اختيار ڪندي، پنهنجي ووٽ ذريعي متعلق مسئلي جو حل ڳولي وٺن ٿا.
بين الاقوامي رابطن، تعلقاتن ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻولي ڳالهائڻ جي انهن ٻنهي طريقن ”واضح، بي تڪلف ۽ غير مبهم“ ۽ ”غير واضح، بي تڪلف ۽ مبهم“ وچ ۾ نهايت آساني سان ٽڪراءُ ٿي سگهي ٿو. هڪ آمريڪي فرد لاءِ، جيڪو شخص اڻ سڌي يا مبهم گفتگو ڪري ٿو، اهو ڪجهه نه ڪجهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جيڪڏهن ٻئي شخص جي بيان جو انداز اهڙي طرح آهي ته جيئن ڪنهن ميلي ۾ ڪو شخص ناز نخري ۽ آڪڙجي هلي رهيو آهي ته پوءِ آمريڪي فرد ان عمل کي وقت جو زيان سمجهندو آهي. بهرحال، جيڪو شخص غير واضح، تڪلف ڀريو ۽ مبهم رويو اختيارڪندو آهي ته پوءِ هن کي اهو معلوم ٿي ويندو آهي ته آمريڪي فرد جي بيان جو تلخ ۽ ترش انداز ۽ رويو لازمي طور تي مواصلاتي مهارت کان محروم آهي. آمريڪي فرد بدترين ۽ پڙهڻ جي ناقابل لفظن ذريعي غير ملڪي فردن کي انهن واضح معاملن جي سلسلي ۾ پريشان ڪندو آهي، جن مان ڪجهه نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ۽ هو نازڪ معاملن جي حوالي سان سڌو سنئون ۽ کليل ڳالهه ٻولهه تي اصرار ڪندو آهي. بازارن ۽ رستن تي لڳل روشن اشتهار کي گهٽ ۾ گهٽ پڙهي سگهڻ جي ڪري آمريڪي اڪثر بي وقوف ۽ احمق کان سواءِ جسماني طور سست معلوم ٿين ٿا. اسان کي ماڻهن مان اها اميد هوندي آهي ته اهي اسان کي سموري لاڳاپيل معلومات کان آگاهه ڪن پر اهي مختلف لکڻيون پڙهڻ جي سلسلي ۾ ان معلوماتي ۽ مشاهدي جي مهارت جي پس منظر کان محروم هوندا آهن. جڏهن پرڏيهي فرد اک ڇنڀ ۾ ڪنهن اهم معاملي جي تهه تائين پهچي ويندا آهن ته آمريڪي ڏاڍا پريشان ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪنهن به معاملي جي تهه ۽ پس منظر معلوم ڪندڙ”ڇهين حس“ کان محروم هوندا آهن. غير واضح تڪلف ڀرئي ۽ مبهم سماج سان تعلق رکندڙ فرد اهو سمجهن ٿا ته ٻيا ماڻهو مختلف واقعن ۽ پس منظرن ذريعي لاڳاپيل معلومات گڏ ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي طرح اهي بيان جي وڌيڪ واضح انداز کان ڪم نه ٿا وٺن. جيڪي فرد جلد ئي مطلب جي ڳالهه تي اچي ويندا آهن، اهي پوءِ ان مرحلي دوران گهڻائي اهي اهم معاملا ۽ نڪتا ڀلجي ويندا آهن، جيڪي هڪ نهايت ڊگهي مرحلي ذريعي سامهون اچي سگهن ٿا.
معلومات جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ بيشمار مسئلا پيش اچي سگهن ٿا. جڏهن اسان ڪنهن نه ڪنهن قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ گهرون ٿا ته اسان جي خواهش هوندي آهي ته اها معلومات بلڪل صحيح، جامع ۽ وڌ کان وڌ نتيجن ڀري هجي ته جيئن اسان پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ بهتر فيصلن تائين پهچي سگهون. پر ”غير واضح، باتڪلف ۽ مبهم“ سماجن سان تعلق رکندڙ فرد ڪڏهن ڪڏهن انهن ماڻهن کان سواءِ ٻين ماڻهن کي معلومات فراهم ڪندا آهن، جن سان گڏ انهن جا باهمي تعلقات قائم هوندا آهن. واضح، بي تڪلف ۽ غير مبهم قدر جي مالڪ سٺن شاگردن وانگر اسان ٻڌندڙن جي ڀيٽ ۾ سٺـا مقرر ثابت ٿيندا آهيون. اسان معلوماتي سوال پڇڻ جي صلاحيت ۽ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل انتظار جي حوالي سان صبر ۽ تحمل کان محروم ٿي وينداآهيون. ان ڪري اسان ان گفتگو جي پڄاڻي پنهنجي برتري ظاهر ڪرڻ ذريعي ڪندا آهيون. نتيجي ۾ اسان نه رڳو هڪ تلخ ۽ تيز مزاج شخص جي حيثيت سان سامهون ايندا آهيون، پر اسان اڪثر اهم معلومات حاصل ڪرڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيون ٿا ۽ اهڙي طرح يقيني طور تي معلومات جي ڏي وٺ هڪ طرفي طور رڳو انهن ماڻهن طرفان هوندي آهي . واضح، بي تڪلف ۽ غير مبهم سماجن ۾ هڪ ٻئي کي مؤثر طور تي پنهنجي ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ لاءِ شراڪت دارن کي لازمي طور تي سڀ کان پهريان باهمي طور تي هڪ لاڳاپو قائم ڪرڻ گهرجي، جتي پس منظر جي حوالي سان انتهائي ڀروسي ۽ اعتماد جي ضرورت هجي، هڪ گهٽ ڄاڻ واري اداري سان ڳالهه ٻولهه ظاهري طور ناممڪن آهي. عرب، ايشيائي ۽ لاطيني فرد هڪ ذاتي تعلق قائم ڪرڻ کان سواءِ واپار جي شروعات کي هڪ نامعلوم ۽ احمقاڻو قدم تصور ڪندا. پر ڪيترائي ذاتي تعلقات قائم ڪرڻ کي وقت جو زيان سمجهڻ سان گڏ ان قدم کي انتهائي غير متعلق به سمجهن ٿا. ان مرحلي تي اهو نتيجو سامهون اچي ٿو ته ٻولي جو انداز خراب يا سٺو نه پر مختلف هوندو آهي. ان سلسلي ۾ ڪاميابي جو واحد طريقو اهو آهي ته اوهان ٻولي جي انداز کي حالتن ۽ وقت جي گهرجن مطابق فهم ۽ ادراڪ ذريعي بهتر بڻايو.
[b]زندگي جي سڌي ۽ ڏنگي طرز:
[/b]اولهه جي تهذيبي ماحول، واپاري ۽ تجارتي معمولات ۽ دنيا جي باقي تهذيبي، واپاري ۽ تجارتي ماحول ۽ معلومات ۾ زياده تر فرق ۽ تضاد “وقت” جي تصور سبب هوندو آهي. اولهه جي ملڪن جا فرد هڪ اهڙي ماحول ۾ ڪم ڪن ٿا جتي “وقت” جي انتهائي اهميت هوندي آهي ۽ ”وقت“ هڪ تقسيم ڪندڙ ليڪ وانگر ڪاميابي لاءِ ان جي رستن طرف رهنمائي ڪندو آهي، جتي ”وقت“ ذريعي انهن جي تجارتي ۽ واپاري معاملن ۾ تسلسل ظاهر ٿيندو آهي ۽ هر شيءِ هڪ ترتيب ۽ منظم طريقي ذريعي ظاهر ٿيندي آهي؛ جيئن هڪ ريل گاڏي ۾ انجن ۽ ان پويان بيشمار دٻا هڪ نهايت منتظم ۽ ترتيبوار طريقي ذريعي ريل جي پٽڙي تي ڊوڙندا ويندا آهن. ان کي اسان ايئن به چئي سگهون ٿا ته جيئن بدڪون هڪ سڌي قطار ۾ وڃي رهيون آهن. ان ماحول ۽ معمول جا عادي ماڻهو عام طور پيش ايندڙ مستقبل جي حالتن متعلق فڪر ۽ ۾ مبتلا هوندا آهن. جڏهن اوهان آمريڪين کان انهن جي گهر ڀاتين جي حال احوال متعلق پڇندا ته اهي اڪثر اوهان کي پنهنجن ٻارن متعلق ٻڌائيندا.
ان جي ابتڙ ايشيا، آفريڪا ۽ اتر يورپ کان سواءِ وچ ۽ لاطيني آمريڪا جي تهذيب واپاري ۽ تجارتي ماحول ۽ معمولات نهايت ٽڙيل قسم جي “وقت” تي مبني آهي جتي هڪ ٻئي سان رابطا، سڌي سادي رستي بدران چڪر واري ۽ ٽڙيل رستن ذريعي قائم ٿيندا آهن. ان قسم جي ماحول ۽ معمولات ۾ رهندڙ ماڻهو نه رڳو فوري ۽ ويجهي مستقبل بابت فڪر مند آهن، پر اهي ماضي ۽ ڏور مستقبل جي باري ۾ به فڪرمند ۽ اڻ تڻ ۾ مبتلا هوندا آهن. جڏهن اوهان ايشيائي رهواسي کان ان جي ڪٽبن بابت سوال ڪندا آهيو، ته اهي عام طور پنهنجي ابن ڏاڏن بابت ڳالهه ڪندا آهن.
”وقت جا پابند“ ماڻهو پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ، معلومات مهيا ڪرڻ، ڳالهيون (dialoges) ڪرڻ ۽ پنهنجن معاملن جي تڪميل جي سلسلي ۾ مسلسل مرحلن تي مبني رڳو پنهنجي مقصد کي سامهون رکي رويو اختيار ڪندا آهن ۽ ان طريقي ڪار کان ڪڏهن به انحراف نه ڪندا آهن. اهي به ڊگهي ۽ ڏنگي گفتگو ۽ بحث بدران هڪ نهايت منظم ۽ مسلسل مرحلن تي مبني گفتگو کي ترجيح ڏيندا آهن.
ان جي ابتڙ، جن سماجن ۾ پنهنجا تهذيبي، تجارتي ۽ واپاري معاملا انجام ڏيڻ لاءِ ”وقت“ کي اهميت نه ٿي ڏني وڃي، اتي هڪ وقت ۾ ڪيترائي معاملا انجام ڏيڻ جي عادت تي مبني رويو ملي ٿو. جڏهن ته انهن واقعن جو انهن جي موجوده مقصدن ۽ هدفن سان ڪو تعلق نه هوندو آهي، پر مختلف رخن ۾ ظاهر ٿيندڙ واقعن جو انهن واقعن سان تعلق هوندو آهي. هر شي ٻئي سان ڳنڍيل هوندي آهي ۽ مقصدن جي حاصلات لاءِ عام طور تي وڌيڪ لچڪيدار رويو عام طور تي ”وقت جي پابندي“ ۽ سڌو سادو رويو اختيار ڪرڻ بدران تعلقات ۽ رابطن ۾ ڪاميابي جو نتيجو سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري تهذيبي، واپاري ۽ تجارتي ماحول ۽ معمولات ۾ ڏنگي ۽ مڙيل رستي جي چونڊ ڪندڙ فرد هڪ ئي وقت ۾ مختلف معاملا انجام ڏيڻ جي چونڊ ڪري وٺن ٿا ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو ڪم شروع ۽ ختم ڪرڻ بدران هڪ ئي وقت مختلف معاملن کي آساني سان سرانجام ڏيندا آهن.
ان قسم جي فردن لاءِ ضروري ۽ اهم آهي ته اهي مختلف واقعن، مسئلن ۽ معاملن جي تاريخي پس منظر کان واقف هجن ته جيئن انهن ۾ ٻئي ڌر جي تاريخي پس منظر کي ڄاڻڻ جي سلسلي ۾ دلچسپي پيدا ٿئي. جيتوڻيڪ غير معمولي ۽ هٿرادو تبديلي ۾ لچڪ ڏٺي وڃي ٿي پر حقيقي ۽ اصل تبديلي تمام آهستي آهستي ظاهر ٿيندي آهي. ان سلسلي ۾ ڏور مستقبل جي واقعن، ايستائين جو ڪيترن ئي نسلن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ واقعن کي به نظر ۾ رکيو ويندو آهي. انساني تاريخي پس منظر جي حوالي سان ان ڳالهه جو ادراڪ ۽ فهم ڏاڍو ڪارائتو آهي ته ڪيترائي ”زندگي جي ڏنگي ڦڏي طرز“ وارا معاشرا اسان (اولهه ۽ آمريڪا وارن) جي ڀيٽ ۾ ڏاڍو دير تائين قائم رهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ موجود تضاد ۽ فرق هر فرد ۾ گهر ڪري ويا آهن.
اولهه جي تجارتي ۽ واپاري فردن لاءِ زندگي جي ڏنگي ۽ ڦڏي طرز تي مبني سماج، ماحول ۽ معمولات ۾ ڪم ڪرڻ بيحد مشڪل ۽ پريشان ڪندڙ آهي ۽ هر وقت پاڻ کي ”غير متوازن“ حالت ۾ ڏسن ٿا. ”زندگي جي ڏنگي ۽ ڦڏي طرز“ تي مبني سماج ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو انحصار، صبر، تحمل، لچڪ ۽ انساني مقصدن جي تڪميل جي عزم تي آهي. ان سلسلي ۾ ڳالهين جو عمل اڪثر گڙٻڙ جو نشانو بڻجي ويندو آهي يا وري اجلاس ۾ غور ۽ فڪر جي خاطر پيش ڪيا ويندڙ معاملن ۽ نڪتن ۾ به تبديلي ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته مسئلن جي حل ۽ مقصدن جي حاصلات لاءِ هڪ ڏنگو ۽ چڪردار انداز فڪر ۽ رستو اختيار ڪيو ويندو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته اوهانجو پرڏيهي شراڪت دار.
• هڪ ٽيڙي، چڪردار ۽ ڊگهي گفتگو ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿو.
• موجوده تڪميل جوڳن مقصدن کي نظرانداز ڪري اوهان سان واپاري لاڳاپن جي ٻين رخن طرف ڌيان ڏيڻ جي توقع ڪري سگهي ٿو.
• اوهان کان مطالبو ڪري سگهي ٿو ته اوهان تاريخي حقيقتن تي غور ڪريو يا وري متعلق تجويز ۾ پيش ايندڙ ڊگهي مدت وارين رڪاوٽن تي غور ۽ فڪر ڪريو.
• اجلاس دوران مختلف مسئلن ۽ معاملن تي هڪ ڊگهي ۽ چڪردار گفتگو ذريعي مختلف مسئلن ۽ معاملن کي مختلف پس منظر جي حوالي کان بيشمار ڀيرا بحث جو موضوع بنائڻ جي ڪري پنهنجي سيٽ تان اٿي پريشاني جي عالم ۾ قلابازيون لڳائي سگهي ٿو.
[b]عوامي ۽ نجي اظهار:
[/b]عوامي سطح تي هڪ ٻئي کي پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ ۽ انهن تائين ڳالهه کڻي وڃڻ جي حوالي سان پوري دنيا ۾ موجود مختلف قسم جا فرد ڪهڙي قسم جي مختلف روين جو اظهار ڪندا آهن، ان جو انحصار پنهنجي نجي خيالن ۽ ذاتي زندگي جي اظهار لاءِ ان جي رضامندي تي آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي ذاتي زندگي ۽ نجي خيالن جو تمام گهڻو اظهار ڪرڻ جا عادي آهن، اڪثر انهن جي ملاقات انهن ماڻهن سان ٿيندي آهي، جيڪي پنهنجي ذاتي زندگي ۽ نجي خيالن متعلق گهٽ ۾ گهٽ اظهار جا بهانا ڳوليندا آهن. اهڙي طرح جيڪي ماڻهو پنهنجي فطري خصوصيتن جي بنياد تي پنهنجي ذاتي زندگي ۽ نجي خيالن متعلق گهٽ ۾ گهٽ اظهار ڪن ٿا، انهن جي ملاقات اڪثر اهڙن فردن سان ٿيندي آهي، جن ۾ حساسيت جي کوٽ هوندي آهي، ظاهري ۽ زباني طور اهي اظهار کان محروم هوندا آهن ۽ اهي ڪنهن به تڪلف کان مٿانهان هوندا آهن.
آمريڪين کي گهرجي ته اهي پرڏيهي فردن جي سلسلي ۾ حساسيت جو اظهار ڪن ۽ انهن ماڻهن جي نجي معاملن ۾ دخل اندازي ذريعي پاڻ ۾ ڀروسي ۽ اعتماد کي منتشر نه ڪن. جيڪڏهن اسان ٻين فردن جي ذاتي ۽ نجي زندگي ۾ وڌيڪ جهاتي پائڻ جا خواهشمند آهيون ته پوءِ اسان کي پنهنجي واپاري ساٿين جي نقطه نظر مطابق، وڌيڪ سنجيده ۽ گفتگو ۾ ملوث ٿيڻ کان پهريان هڪ مضبوط ۽ اعتماد لائق لاڳاپو قائم ڪرڻ گهرجي.
[b]اختلاف ۽ رضامندي:
[/b]واپاري دنيا ۾ جڏهن تعلقات بي حد اهم عنصر سمجهيا وڃن ته ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته سڀني متعلق ڌرين ۾ اختلاف (هڪ ڌر کي فاتح ۽ ٻئي کي شڪست کاڌل) بدران رضا مندي پيدا ڪئي وڃي. آمريڪي اهو محسوس ڪندا آهن ته هڪ بهترين فيصلو ڪرڻ لاءِ عوامي سطح تي ۽ کلي عام گفتگو ۽ بحث هڪ تمام گهڻو تيز رفتار ۽ موثر طريقو آهي، پر جيڪڏهن ٻيا ماڻهو ان طريقي سان اختلاف ڪن ٿا ته اهو نقطه نظر ۽ فڪر جو انداز انتشار ۽ بحران پيدا ڪري سگهن ٿا.
گهڻن پرڏيهي سماجن ۾ حساس موضوعن متعلق عوامي سطح تي گفتگو نهايت ئي خراب ۽ نفرت انگيز عمل سمجهيو ويندو آهي. اسان کي لازمي طور ذهن ۾ هجڻ گهرجي ته هڪ ٻئي جي راءِ سان اختلاف هڪ ٻئي تي ذاتي حملو تصور ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن اوهان هڪ يا ٻن ڌرين جون ڪمزوريون ۽ خاميون اجاگر ڪري، انهن کي هراسان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ته پوءِ ان ڳالهه جو تمام گهڻو امڪان آهي ته ٻين فردن جي نظر ۾ اوهان جي تجويز سٺي هئڻ باوجود اهي ان کي رد ڪري ڇڏين.
مثال طور هڪ جاپاني هڪ اجلاس ۾ شرڪت دوران ان وقت گهٽ ڳالهائڻ ۽ خاموشي تي مبني رويو اختيار ڪري سگهي ٿو، جڏهن هڪ آمريڪي کلي عام مسئلن جو ذميوار جاپاني اداري کي سمجهي ٿو. ان وقت ان فرد جي شخصيت يا وري عزت داءَ تي لڳل هوندي آهي. دنيا جي سڀني سماجن ۾ اهو مسئلو/معاملو نهايت ئي اهم آهي، پر ان سلسلي ۾ ڪجهه فرد ٻين فردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حساس هوندا آهن. هڪ اڻ سڌي يا غير واضح/ مبهم طريقي ذريعي اختلاف حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اوهان ٻي ڌر جي شخصيت ۽ عزت نفس جو لحاظ ڪندي، هڪ ٻئي جي رضا مندي حاصل ڪري سگهو ٿا. حالانڪه ڏکڻ آمريڪا ۽ يورپ جا رهواسي سڌو سنئون اختلاف کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو ڏاڍو مؤثر ۽ تيز رفتار ذريعو سمجهندا آهن جڏهن ته دنيا جي باقي سڀني سماجن ۾ اهو عمل ۽ قدم توهين وارو سمجهيو ويندو آهي. آمريڪا ۾ تمام گهڻو پسنديده ”ڪنهن ڪم کي انجام ڏيڻ لاءِ ڪوشش تي مبني رويو“ ٻين ملڪن ۾ نهايت حقارت ڀريو ۽ خراب سمجهيو ويندو آهي. ڪنهن شخص جي ڳالهه متعلق پنهنجي راءِ ۽ تجويزڏيڻ کان پهريان ان شخص جي رويي ۽ تجويز ۽ راءِ تي غور ڪرڻ جو فن سکڻ گهرجي. ڪنهن معاملي جي لڪيل مسئلن جي اظهار جي حوالي سان ترجيحون مقرر ڪرڻ ذريعي مزاحمت ۽ اختلاف ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهڻي حد تائين سهڪار ۽ مدد حاصل ٿي سگهي ٿي. ڪنهن به مسئلي يا معاملي جي حل لاءِ ڪاميابي جي سلسلي ۾ ٻين کي تعريف جو حقدار قرار ڏيو. اهو ڄاڻيندي ته ڪاميابي جي حاصلات جي حوالي سان اوهان ئي حقيقي طور تعريف جا مستحق آهيو، اوهان ٻين ماڻهن کي گهٽ ڏيکارڻ واري رويي کان پاسو ڪريو ٿا ته اوهان دشمن بدران دوست پيدا ڪريو ٿا. حقيقي ۽ واقعي حساس معاملن کي طئي ڪرڻ وقت اڻ سڌي ڳالهه ٻولهه تي مبني رويو اختيار ڪريو. ان قدم ذريعي اوهان وڌ کان وڌ تعلقات قائم ڪرڻ سان گڏ غير واضح، تڪلف ڀرئي ۽ مبهم سماجن ۾ ڪم ڪرڻ دوران عزت ۽ احترام جو مرتبو به حاصل ڪندا ۽ وڌيڪ اهو ته ان عمل ذريعي ٻيا ماڻهو اوهان کان گهٽ ۾ گهٽ هراسان ۽ اجنبيت محسوس ڪندا. پنهنجي عمل جي ان طرز ۽ رويي باعث آخرڪار اوهان هڪ شديد، جارحاڻو ۽ فڪر جي سڌو انداز اختيار ڪرڻ بدران پنهنجو اثر وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهندا.
[b]بيان جو انداز ۽ بيان جي رفتار:
[/b]مختلف ملڪن ۾ ٻولي جا مختلف انداز ملن ٿا. آمريڪي پنهنجو نقطه نظر ٻين تائين پهچائڻ لاءِ نهايت ئي واضح انداز ۾ بيان ڪندا آهن ۽ رڳو مخصوص ڪم جي ڳالهه کي ئي بيان ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. تمام گهڻن ملڪن ۾ ڏاڍي پرڪشش رنگ ڀريل ۽ شاعراڻي انداز کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ بيان جي ان انداز ۾ استعارن ۽ اشارن جو استعمال، بيان جي انداز جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪري ڇڏيندو آهي. عربي ماڻهو خاص طور تي فصيح ۽ بليغ انداز کي بيان لاءِ ترجيح ڏيندا آهن. آمريڪي رهواسين وٽ ۾ لسانيات ۾ اهم صفت جي استعمال جي ڪري بيان جي افاديت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسعارف کي لفظي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. پر عرب جي رهواسين وٽ آمريڪي بيان جو انداز احساس ۽ حساسيت کان خالي آهي ۽ ان کي ٻٽي معنيٰ طور استعمال ڪيو ويندو آهي. بيان جو اهو انداز فصاحت ۽ بلاغت کان به عاري آهي. جهڙي طرح عرب پنهنجي گفتگو ۽ ٻولي ۾ فصاحت بلاغت ۽ خوبصورت لفظ استعمال ڪرڻ ۾ ماهر آهن، ان مهارت جي حاصلات آمريڪين جي اڪثريت لاءِ مشڪل اڃا به ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪين کي ننڍپڻ ۾ ”واضح ڳالهه“ چوڻ جي عادت وڌي ويندي آهي. بهرحال ڪجهه ماڻهو مالي نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ان لاءِ ڪامياب ٿي ويندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ٻين ماڻهن جي جذبن کي سمجهڻ ۽ انهن ۾ شريڪ ٿيڻ جي صلاحيت ملي ٿي ۽ پوءِ اهڙي طرح اهي مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن.
بيان جي انداز جي حوالي سان هڪ ٻيو فرق ”بيان جي رفتار“ آهي اهو فرق نه رڳو بيان جي انداز ۾ ملي ٿو، پر مقررن وچ ۾ موجود هوندو آهي. عام طور برازيلي ماڻهو ڪنهن وقفي کان سواءِ هڪ ٻئي سان مسلسل گفتگو ۾ مصروف رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٻه آمريڪي رهواسي هڪ ٻئي سان گفتگو ڪندي، وقفي جو استعمال ڪندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ فرد ٻئي جي ڳالهه مڪمل ٿيڻ کان پهريان پنهنجي ڳالهه ٻيهر شروع ڪري ڇڏيندو آهي. جاپاني مقررن (Speakers) وچ ۾ اڪثر ڊگها وقفا ٿيندا آهن. جيڪڏهن اوهان ڪنهن اهڙي ملڪ جي رهواسين سان گفتگو ڪري رهيا آهيو جيڪي هڪ ٻئي جي ڳالهه ڪٽڻ جا عادي آهن مثلاً برازيلي رهواسي، ته پوءِ اوهان کي پنهنجي موقف ۽ نقطه نظر جي اعتبار کان وڌيڪ باعلم هئڻ گهرجي. ڪنهن جي ڳالهه ڪٽي پنهنجي ڳالهه بيان ڪرڻ جو عمل هڪ عادت ۾ ته شمار ٿي سگهي ٿو، پر آمريڪين وٽ ٻولي جو اهو انداز ”گفتگو ۾ مداخلت“ تصور نه ٿيندو.
جيڪڏهن اوهان ڪنهن اهڙي ملڪ جي رهواسين سان گفتگو ڪري رهيا آهيو، جيڪي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ وڌ کان وڌ وقفن جو استعمال ڪندا آهن ته اوهان کي به گهرجي ته اوهان به پنهنجي گفتگو ۾ وڌ کان وڌ وقفي جو استعمال سکي وٺو ته جيئن ٻين فردن کي به ڳالهائڻ جو موقعو ملي سگهي. جڏهن آمريڪي رهواسي جاپاني رهواسين سان گفتگو ڪندا آهن ته آمريڪين کي عام طور ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڊگهو انتظار ڪرڻو پوندو آهي ڇاڪاڻ ته جاپاني مسلسل ڪنهن وقفي کان سواءِ ڳالهائيندا ويندا آهن. بهرحال جڏهن جاپاني خاموش ٿي ويندا آهن ۽ ڳالهائڻ لاءِ مناسب موقعي جو انتظار ڪندا آهن ته ان دؤران آمريڪي ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. نتيجي ۾ آمريڪي ٻين فردن جي گفتگو جي حوالي سان انهن تي غالب رهندا آهن. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته ٻين فردن کي پنهنجي ڳالهه چوڻ ۽ پنهنجو موقف بيان ڪرڻ جو موقعو ملي ته پوءِ اسان کي پنهنجي گفتگو ۾ مناسب ۽ مسلسل وقفو پيدا ڪرڻ جي صلاحيت تي مبني طريقي ڪار اختيار ڪرڻ گهرجي.
[b]مختلف ملڪن جي لحاظ کان مزاج/ ظرافت جي تعريف:
[/b]ڪنهن قوم يا سماج ۾ مزاج/ ظرافت جي موجودگي ۽ استعمال ان ڳالهه جو مظهر آهي ته ان قوم يا سماج جا فرد ڪيترو بهتر نموني پاڻ ۾ ربط پيدا ڪري سگهن ٿا. بهتر نموني هڪ ٻئي کي ڳالهه پهچائي سگهن ٿا ۽ سمجهائي سگهن ٿا. هر ملڪ جو مزاج/ظرافت جي لحاظ کان پنهنجو مخصوص انداز هوندو آهي ۽ انهن سماجن ۾ رائج پهاڪن، لطيفن جي معنيٰ کي ٻين سماجن ۾ بلڪل ساڳئي نموني اهوئي مفهوم پهرائڻ جو عمل ناممڪن ته نه پر مشڪل ضرور آهي. مثال طور پرڏيهه ۾ رهندڙ هڪ آمريڪي جي معاملي کي وٺو، جنهن هڪ موقعي تي پنهنجي تقرير جي شروعات خاص طور تيار ڪيل هڪ لطيفي ذريعي ڪئي. جڏهن ان آمريڪي ترجمان لطيفي جو بيان ختم ڪيو ته ٻڌندڙن مان هر شخص کلڻ شروع ڪيو ۽ اهو آمريڪي خوش ٿي ويو ته سندن ڪوشش جو سٺو نتيجو نڪتو. بهرحال ان کان پوءِ، ٻڌندڙن مان هڪ شخص جيڪو اهي ٻئي ٻوليون ڄاڻيندو هو، اعتراف ڪيو ته مترجم اصل ۾ هي چيو هو: ”اهو لطيفو اسان لاءِ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي ان ڪري جيڪڏهن اسان خوش ٿي وياسين ته مهرباني ڪري هاڻي کلو.“
ڪجهه آمريڪي طنز کي پنهنجي پريشاني يا مايوسي ختم ڪرڻ لاءِ مزاج يا ظرافت طور اسمتعال ڪندا آهن. مزاج ۽ ظرافت جو اسعتمال انسان جي ٻي (پهرين کان پوءِ) عادت طور ايتريقدر عام ٿي ويندو آهي جو انسان کي ان جي استعمال جو احساس نه ٿيندو آهي. حالانڪه آمريڪي سماج ۾ طنز کي انتهائي مزاج ۽ لطف سان ڀريل سمجهيو ويندو آهي، پر دنيا جي گهڻن سماجن ۾ ان جو رواج نه آهي ۽ ان کي منفي اثر رکندڙ سمجهيو ويندو آهي. جڏهن اوهان کي ڪا بري يا افسوسناڪ خبر ملندي آهي ته اوهان مذاق طور طنز واري لهجي ۾ اهو چوندا آهيو.”اهو ته ڏاڍو عظيم ۽ شاندار جز آهي“، ته اوهان جو پرڏيهي ساٿي اوهان جي ڳالهه جو يقين ڪري سگهي ٿو. ان خبر کي نهايت عظيم ۽ شاندار سمجهندي هو ان قسم جي وڌيڪ خبر ٻڌائڻ لاءِ يا ان قسم جي ڳالهه اوهان سان ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو. اوهان طرفان نهايت ظريفاڻي انداز ۾ جلد جواب ڏيڻ جو عمل، اوهان جي ذهانت ۽ تيز فهم جي نشاني ۽ علامت آهي. وڌيڪ اهو ته اهو عمل ڏاڍو دوستاڻو ۽ لطف ڀريو هوندو آهي. هڪ لمحي لاءِ غور ڪريو، اهو ڪو اندازو نه آهي جنهن کي عالمگير طور قبوليت حاصل ٿئي ۽ ڪنهن به لطيفي کي ٻي ٻولي ۾ بيان ڪرڻ وقت مشڪل سان منهن ڏيڻو پئي ٿو. مزاج/ظرافت جي ان انداز ذريعي نيويارڪ ۾ ته اوهان کي ڪردار به ملي سگهي ٿو پر بيجنگ ۾ اوهان کي شاباس بدران خراب لقبن سان نوازيو ويندو.