سيلف ڊولپمينٽ

انتظامي معاملن جا رهنما اصول

ڪتاب ”انتظامي معاملن جا رهنما اصول“ اصل ۾ پيٽريڪا ميڪليگن ۽ ڪرسٽونيل جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار خليل الرحمان شيخ صاحب آهي.
هن ڪتاب ۾ آفيسن، اسڪولن، هر قسم جي ادارن ۽ ڪاروباري مقصدن جي ڪامياب انتظام هلائڻ جا طريقا ۽ حڪمت عمليون شامل آهن. سنڌيڪا اڪيڊمي پاران هي ڪتاب 2013ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book انتظامي معاملن جا رهنما اصول

5. بهتريءَ تي مشتمل تبديلين دوران ثابت قدم رهو

اداري جي سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري تي مشتمل تبديلين جو مدو اداري لاءِ موت ۽ زندگي وچ ۾ ڪشمڪش جو مرحلو ثابت ٿيندو آهي. اهو مدو هڪ اهڙو معمول ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو اداري کي ڪاميابي طرف پڻ وٺي وڃي سگهي ٿو ۽ ان کي ناڪامي به نصيب ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ان مدي دوران ثابت قدمي، مستقل مزاجي، غور، فڪر ۽ تدبر جو مظاهرو اداري لاءِ ان لحاظ کان به ضروري آهي ته ان جي ذريعي اداري جي معلومات مان نقصانڪار ۽ مهلڪ طريقن کي خارج ڪري، ان کي ڪاميابي ۽ بهتري طرف وٺي وڃي سگهجي ٿو. اداري جي سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري تي مشتمل تبديلين جي عرصي دوران ڪاميابن لاءِ ضروري آهي ته اداري جا سڀ ملازم ضروري صلاحيت ۽ مهارت سان مالا مال هجن ۽ اهي ان حد تائين بااختيار هجن جو اداري جي ڪاميابيءَ لاءِ مثبت ۽ مستقل تبديلين جي حوالي سان، پنهنجي طور قدم کڻي سگهن. جيڪڏهن انتظاميا ان مرحلي کي چڱي نموني طئي ڪري وٺي ٿي ته پوءِ اداري جا ملازم به ”مرتڪز معيار“ جي نظريي کي دل ۽ جان سان تسليم ڪندا ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ بي لوث ۽ بي غرض ڪوششون به ڪندا. وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن مٿي ڏنل سڀ عنصر پنهنجو پنهنجو ڪم چڱي نموني انجام ڏين ته پوءِ، بهتري تي مشتمل تبديلين ۽ ڪوششن جي مسلسل نفاذ ذريعي مثبت نتيجا حاصل ڪري سگهبا.
اداري جي سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري تي مشتمل تبديلي جي مدت ۾ ”بااختيار ملازم“ نهايت اهم حيثيت جا حامل آهن. ان جو مفهوم اهو آهي ته بااختيار ملازم رڳو ڏيکارڻ خاطر ”مرتڪز معيار“ جو نظريو اختيار ڪرڻ بدران ان نظريي کي پنهنجي معمولات جو حقيقي ۽ مستقل حصو بڻائي ڇڏين. ان مقصد جي حاصلات لاءِ انتظاميا جو ڪردار به نهايت اهم آهي، جنهن جو فرض ۽ ذميواري آهي ته اها اداري جي سوچ ۽ انداز فڪر اختيار ڪرڻ جي ڏس ۾ ملازمن جي رهنمائي ڪري. ان ڏس ۾ پهريان ته انتظاميا کي گهرجي ته اها ملازمن کي تربيت ڏيڻ لاءِ پنهنجي صلاحيت ۽ مهارتن کي استعمال ڪري ۽ ٻين ملازمن کي به گهرجي ته اهي پنهنجي نئين ڪردار کي نڀائن ۽ فيصلي ڪرڻ جي ڏس ۾ پاڻ ۾ صلاحيت ۽ مهارت پيدا ڪن.
مثلاً جيڪي ملازم هن وقت اداري لاءِ بهترين تبديلين ۽ ڪوششن جو هڪ حصو آهن، ممڪن آهي ته اهي پهريان ڪڏهن فيصلي ڪرڻ جي مرحلي ۾ شريڪ نه رهيا هجن ۽ فيصلي ڪرڻ جي ڏس ۾ اهي مناسب صلاحيت ۽ مهارت کان به محروم هجن. انهن حالتن ۾ ملازمن کي اهو احساس ڏيڻ ڏاڍو آسان آهي ته هاڻي انهن تي نيون ذميواريون عائد ڪيون ويون آهن. بهرحال ملازمن کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن کي ان ڏس ۾ مناسب تربيت ڏني وڃي ۽ انهن کي سکڻ لاءِ هڪ اهڙو ماحول ڏنو وڃي ته جيئن انهن ۾ مؤثر ۽ بهترين فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ مهارت پيدا ٿي سگهي. ان سڄي محنت جو مقصد اهو آهي ته افرادي سگهه کي ذميواريءَ جو وڌ کان وڌ احساس ڏياريو وڃي ته اداري لاءِ ڪهڙي شيءِ اهم آهي ۽ ڪهڙي شيءِ غير ضروري آهي ۽ ان عمل کي پنهنجي طور تي پنهنجي ساڃاهه مطابق انجام ڏين.
اداري جي سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري تي مشتمل تبديلين دوران انتظاميا کي سوچ ويچار ۽ غور، فڪر ڪرڻ گهرجي ته گراهڪن جي اميدون، خواهشن ۽ تسڪين لاءِ کنيل نوان قدم يقيني طور مثبت نتيجا ڏين. عملي نفاذ جي دوران انهن سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري جو عمل، درست رخ ۾ هڪ قدم جي حيثيت رکي ٿو، پر تبديلي جي عرصي دوران تبديلي جي انهن مرحلن جي بخوبي نگراني ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي مرحلا هر ممڪن طور بهتر کان بهتر ۽ مستقل طورڪامياب نتيجا ڏئي سگهن.
اداري جي ڪاروباري مرحلن ۽ سرگرمين ۾ بهتري پيدا ڪرڻ لاءِ مخصوص فيصلن جي نشاندهي ۽ تعين جي حوالي سان اداري کي ڪجهه جديد طريقن ۽ ترڪيبن مثلاً بينچ مارڪنگ (Bench Marking) جي ضرورت محسوس ٿي سگهي ٿي ته جيئن پنهنجي اداري ۾ موجود سرگرمين ۽ مرحلن کي ٻئي اداري جي مرحلن ۽ سرگرمين سان ڀيٽي، بهترين ڪارڪردگي جي فائدن کان فيضياب ٿي سگهجي. ان ڏس ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن جي نوعيت مطابق جديد طريقن ۽ ترڪيبن جو استعمال موقعي جي مناسبت سان ڪرڻ گهرجي ته جيئن ادارو وڌ کان وڌ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ۽ اها ڪاميابي عارضي نوعيت بدران مستقل نوعيت جي هجي. انهن جديد طريقن ۽ ترڪيبن جي استعمال جو مقصد رڳو اهو آهي ته اداري جي معمولات ۾ بهتري آڻڻ ۽ بهتري تي مشتمل تبديلين کي مستقل طور تي اداري جي معمولات جو حصو بڻائڻ لاءِ موقعا تلاش ڪيا وڃن.
ان کان پوءِ آخري قدم جي طور تي بهتري تي مشتمل تبديلين دوران اداري کي پنهنجي سوچ ۽ انداز فڪر کان سواءِ پنهنجي مقصد تي به نظرثاني ڪرڻ گهرجي ته جيئن اداري جي پنهنجي وڌ کان وڌ شين ۽ خدمتن جي منڊي ۾ کپت ٿي سگهي. معياري انتظامي ٽيم جو قيام هڪ اهم مرحلو آهي، جنهن جي ذريعي ادارو ”مرتڪز معيار“ تي مشتمل رٿا بندي جي عملي نفاذ ذريعي پنهنجو گهربل هدف ۽ مقصد مستقل طور تي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ مهارت مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.