4. ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري تي ٻڌل تبديلين لاءِ عملي قدم
جڏهن مختلف فردن طرفان بهتري تي مشتمل رٿائن کي عملي شڪل ۾ وجهڻ جي طريقن ۾ تبديلي آڻڻي هجي ته، گراهڪ جي اميدن، خواهشن ۽ ضرورتن کي سامهون رکندي، اهڙا معياري ۽ مؤثر طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا، جن جي ڪري لاڳتون ۽ خرچ اداري جي وسيلن ۽ ذريعن تائين محدود رهي سگهن.
معياري سربراهي ٽيم کي پنهنجن رڪنن جي چونڊ لاءِ مقرر معيار طور هيٺ ڏنل قدم کڻڻ گهرجن:
1. هر ڪاروباري مرحلي ۽ سرگرمي متعلق مڪمل ڄاڻ.
2. متاثر فردن جي وسيع پيماني تي نمائندگي.
3. فردن جي مختلف طبقن جي نمائندگي.
4. انتظاميا، پيشور ماهرن ۽ اهم ملازمن جي برابر نمائندگي.
5. هڪٻئي سان ملي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ مهارت.
6. ٽيم جي جسامت.
7. باهمي رابطا وڌائڻ جي مهارت
8. مسئلا حل ڪرڻ جي ڏس ۾ صلاحيت ۽ مهارت.
9. انتظامي مهارت ۽ صلاحيت.
10. سربراهي مهارت ۽ صلاحيت.
11. مفاد پرستي مقابلو بي غرضي.
12. تخليقي صلاحيت ۽ مهارت.
13. مقصد ڀريي عمل ۽ فڪر جي چال اختيار ڪرڻ جي صلاحيت ۽ مهارت
ٽيم جي رڪنن جي چونڊ کانپوءِ انهن کي سندن فرضن کان آگاھ ڪيو ويندو آهي ۽ رهنمائي لاءِ هدايتون به جاري ڪيون وينديون آهن. ان کانپوءِ ضروري آهي ته اعلى معيار جي حاصلات لاءِ فهم ۽ ادراڪ جي موجودگي، اجلاسن جي افاديت کان سواءِ معيار ۽ ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن جي حوالي سان گهربل طريقن جي ڏس ۾ رڪنن کي سکيا مهيا ڪئي وڃي. ٽيمن جي سربراهي طور چونڊيل فردن کي به، ٽيم جي اجلاسن، ٽيم جي رڪنن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ مختلف فردن کان هڪ ٽيم جي حيثيت ۾ ڪم وٺڻ جي ڏس ۾ سکيا ڏيڻ گهرجي. ان مرحلي تي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ٽيمن جي افاديت ڇا آهي؟ ان جي ضرورت ۽ اهميت ڪهڙي آهي؟ اهي ڪهڙيون حالتون آهن، جن هيٺ اهي ٽيمون هاڪاري اثر ڇڏي سگهن ٿيون؟ ۽ پوءِ معياري سربراهي ٽيم انهن ٽيمن جي افاديت ۾ اضافي لاءِ ڪهڙا طريقا اختيار ڪري سگهي ٿي.
وقت ۽ تجربن ذريعي اهو ڪيترائي دفعا ثابت ٿي چڪو آهي ته، جن ٽيمن کي نهايت مناسب طور تي تيار ڪيو ويندو آهي، تن جا رڪن نهايت ئي قابل ۽ ذهين هوندا آهن. وڌيڪ ته جن ٽيمن جا رڪن مناسب پيشوراڻين صلاحيتن ۽ مهارتن سان مالا مال هوندا آهن، انهن ۾ بهترين ادارتي نتيجا حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ مهارت موجود هوندي آهي. جيڪي ٽيمون مختلف طبقن جي ماتحتن ۽ ملازمن ۽ ٻين ماڻهن تي مشتمل هونديون آهن، صرف انهن ٽيمن ذريعي ڪارڪردگي جي لحاظ کان اداري جي سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري پيدا ڪري سگهجي ٿي. بهتر ۽ شاندار ڪاروباري سرگرميون ۽ مرحلا ئي اداري جي مقصدن ۽ هدفن جي حاصلات جا ضامن هوندا آهن.
[b]ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري تي مشتمل تبديليون
[/b] ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري تي مشتمل تبديلين جي چونڊ لاءِ، چونڊيل ٽيمن کي سندن فرضن کان آگاھ ڪرڻ، انهن کي هدايت نامو ۽ رهنمائي کان سواءِ سکيا ڏيڻ کانپوءِ، انهن تبديلين جي عملي نفاذ جو اهم ۽ مرڪزي مرحلو، انهن ٽيمن جو امتحان ۽ آزمائش جي صورت ۾ سامهون ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي مرحلو آهي، جنهن تي ڌيان لڳائڻ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت محسوس ٿيندي آهي. پنهنجن فرضن ۽ ذميوارين جي لحاظ کان انهن ٽيمن کي ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن جي حوالي سان نقص گهٽ ڪرڻ، غلطيون دور ڪرڻ، دير کان بچڻ يا گراهڪن طرفان ايندڙ شڪايتن سان مناسب طور منهن ڏيڻ جي ذميواري سونپي ويندي آهي.
ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتر تبديلين کي اختيار ڪرڻ لاءِ شروعاتي قدم طور تي گراهڪ جي ضرورتن، اميدون ۽ اداري جي مجموعي معمولات جي تناظر ۾ مخصوص ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن جو تجزيو ڪيو ويندو آهي. ان کان پوءِ گهربل مقصد جي حاصلات جي حوالي سان اهي ٽيمون هڪ منظم طريقي سان مخصوص سرگرمين ۽ مرحلن جي جانچ ڪنديون آهن. ان ذميواري کي نڀائڻ لاءِ ٽيمن کي پهريان کان دستياب معلوماتي مواد تي انحصار ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن ٽيم جا رڪن مستقل ۽ مستحڪم نتيجا حاصل ڪرڻ جي حوالي سان، معلوماتي مواد کي چڱي طرح سمجهي سگهن ۽ ان جو تجزيو به ڪري سگهن.
ٻين لفظن ۾ هڪ ٽيم هڪ مخصوص ڪاروباري سرگرمي جي رڳو ان لاءِ جانچ ۽ تجزيو ڪندي آهي ته جيئن ان جي ڪارڪردگي بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهي. ان کانپوءِ اها ٽيم معلوم ڪندي آهي ته پهريان حاصل ٿيل معلوماتي مواد ذريعي ڪاروباري مرحلي يا سرگرمي جي ڪارڪردگي متعلق ڪهڙي معلومات حاصل ٿي آهي؟ ان جي ڪارڪردگي جي عملي نوعيت ڪهڙي آهي؟ جڏهن ٽيم کي اهو معلوم ٿي ويندو آهي ته هڪ مخصوص ڪاروباري مرحلو يا سرگرمي عملي طور ڪهڙي طرح نافذ ٿي آهي ۽ ان جي موجوده ڪارڪردگي جو ڪهڙو معيار آهي ته پوءِ، ايندڙ قدم جي طور تي ٽيم اهو فيصلو ڪندي آهي ته ان ۾ بهتري ڪهڙي طرح آڻي سگهجي ٿي ۽ پوءِ ان تبديل ٿيل سرگرمي يا مرحلي کي آزمايو به ويندو آهي ته ان ۾ ڪهڙي نوعيت جي تبديلي آندي وئي آهي. ان عمل ذريعي مليل نتيجن جي بنياد تي ٽيم پنهنجيون سفارشون، رايا ۽ تجويزون منظوري ۽ عملي نفاذ لاءِ پيش ڪندي آهي.
ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري آڻڻ جو سڀ کان مؤثر ۽ ڪارگر طريقو اهو آهي ته درست سوال پڇيا وڃن ۽ سادي تجزياتي طريقي ذريعي اها سمجهه ۽ فهم حاصل ڪيو وڃي ته موجوده طور تي اهو مرحلو يا سرگرمي عملي طور ڪهڙي طرح نافذ آهي ۽ ان سرگرمي جي غير تسلي بخش ڪارڪردگي جو ڪارڻ ڪهڙو آهي ۽ پوءِ اهڙيون سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن اهو مرحلو ۽ سرگرمي واقعي بهتري جي عمل مان گذري سگهي.
ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن متعلق فهم ۽ ادراڪ حاصل ڪرڻ، ان جو تجربو ۽ تجزيو ڪرڻ ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ٽيمن کي گهرجي ته هيٺ ڏنل سوال پڇن :
1. گراهڪ سماج جي ڪهڙي طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ ان جون اميدون، خواهشون ۽ ضرورتون ڪهڙيون آهن؟
2. اداري جي مخصوص ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن ۾ عملي طور تي ڪاميابي جاري رکڻ لاءِ مؤثر طريقا ڪهڙا آهن؟
3. موجوده حالت ۾ انهن ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن جي ڪارڪردگي جي نوعيت ڪهڙي آهي؟
4. انهن ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن جي نفاذ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟
5. اداري جي پنهنجن گراهڪن جي اميدون، خواهشن ۽ ضرورتن جي تسڪين خاطر انهن سرگرمين ۽ مرحلن ۾ گهربل تبديليون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن؟
6. ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن کي سمجهڻ لاءِ ٽيم جو هر رڪن ابتدائي طور ڪهڙو طريقو اختيار ڪري سگهي ٿو؟ هيٺ ڏنل
[b]سوالن جا جواب ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪهڙي ترڪيب يا طريقو استعمال ڪري سگهجي ٿو؟
[/b] انهن ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن جي حوالي سان ڇا ڪو اهڙو پيشگي يا معلوم طريقو آهي، جنهن جي ذريعي مون کي اهو معلوم ٿي سگهي ته رڪاوٽون ڪٿي اينديون آهن؟
اهي ڪاروباري سرگرميون ڪيتريون پائيدار ۽ مستحڪم آهن؟ ان ۾ عام طور تبديليون ڪيئن ۽ ڇو پيدا ٿينديون آهن؟ ۽ انهن ۾ پيدا ٿيندڙ تبديليون برداشت لائق آهن؟ تبديلين جي ڪهڙي سطح آهي جتي مون کي ان متعلق فڪر مند ٿيڻ گهرجي؟
انهن سرگرمين ۽ مرحلن دوران پيش ايندڙ واقعن سان ان جو ڪو تعلق آهي؟ ڇا ڏينهن ۽ وقت جي لحاظ کان انهن تبديلين تي ڪجهه اثر ٿيندو آهي؟ ڇا اهي تبديليون گهڻو ڪري اڌ رات ۽ صبح ڇهين وڳي جي وچ واري وقت ۾ واقع ٿين ٿيون؟
انهن ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن کي مڪمل ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو آهي (هڪ مڪمل چڪر)؟ انهن سرگرمين ۽ مرحلن جي مڪمل ٿيڻ جو سراسري وقت گهڻو آهي؟ انهن ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن ۾ وقفا مختصر هوندا آهن يا ڊگها؟
ڪهڙن مسئلن جي ڪري گراهڪن طرفان گهڻيون شڪايتون وصول ٿي رهيون آهن؟
لاڳت/ خرچن جي حوالي سان انهن سرگرمين ۽ مرحلن جي نوعيت ڪهڙي آهي؟
انهن سرگرمين ۽ مرحلن لاءِ ڪهڙي قسم جي بهتري لازمي طور گهربل آهي؟ ڇا معياري سربراهي ٽيم فيصلو ڪري ورتو ته:
ڪاروباري سرگرميون ۽ مرحلا بنيادي طور ٺيڪ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ رڳو نگراني ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي.
ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا ۽ نقص پاڻمرادو دور ٿيندا رهندا آهن ۽ اهو طريقو اهڙي طرح موجود رهڻ کپي، پر پوءِ به ان ۾ ڪنهن وڏي تبديلي جي ضرورت آهي.
اهي سرگرميون ۽ مرحلا نهايت خراب حالتن ۾ آهن ۽ ان جي عملي طريقي ڪار ۾ تبديلي کان سواءِ ٻيو حل نه آهي.
بهتري لاءِ نافذ ڪيل تبديلين جي آزمائش
جڏهن ٽيمون تجزين جي عمل کي مڪمل ڪري وٺنديون آهن ته پوءِ بهتري تي مشتمل تبديلين جي عملي نفاذ جو اهم مرحلو شروع ٿيندو آهي. جيئن ته ان تجزياتي عمل دوران ٽيم گراهڪ جي نقطهء نظر کان به واقف ٿي چڪي هوندي آهي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن متعلق به معلومات حاصل ٿي ويندي آهي، ان لاءِ ٽيم هاڻي عملي قدم کڻڻ لاءِ بلڪل تيار هوندي آهي.
پوءِ ٽيم پنهنجي عملي قدم جي شروعات ان پڇا سان ڪندي آهي: ”ڇا انهن مرحلن ۽ سرگرمين ۾ پيش ايندڙ مسئلن جي ڪارڻن جو تعين ۽ ان جي نشاندهي ڪئي وئي آهي؟“ جيڪڏهن ٽيم کي ها ۾ جواب ملي ٿو ته پوءِ اها انهن مرحلن ۽ سرگرمين ۾ بهتري آڻڻ لاءِ تجويزون ۽ ترڪيبون ٺاهي پيش ڪندي آهي.
ان کان پوءِ مختلف تجويزن ۽ ترڪيبن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ ٽيم هڪ مناسب بهترين حل / تجويز جي چونڊ ڪندي آهي ۽ پوءِ ان تجويز ڪيل حل کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ رٿابندي ڪندي آهي ته جيئن ان تجويز / حل کي آزمائشي طور نافذ ڪري سگهجي.
ان مرحلي تي ٽيم ان مخصوص مرحلي ۽ سرگرمي متعلق هر رخ کان پاڻ کي باخبر رکندي آهي ۽ ان ڏس ۾ کڄندڙ قدمن جي حوالي سان به ان کي هر قسم جو شعور ۽ فهم حاصل هوندو آهي. ان کانپوءِ اها ٽيم معياري سربراهي ٽيم کي ان مخصوص سرگرمي ۽ مرحلي ذريعي، يعني مثبت نتيجن جي حاصلات جي ڏس ۾ سفارشون / تجويزون پيش ڪرڻ لائق ٿي ويندي آهي. ان حوالي سان سرگرمي ۽ مرحلي ۾ بهتري تي مشتمل تبديلي طرف ڌيان، افرادي سگهه جي کوٽ ۽ پيداواري صلاحيت جي لحاظ سان زيان کي گهٽ ڪرڻ تي ڌيان، هڪ عمل جوڳي ۽ ڪارائتي اصول جي حيثيت سان ڪيترن ئي ماڻهن ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. ان اصول يا نظريي جو مفهوم اهو نه آهي ته ڪنهن شيءِ کي انجام ڏيندڙ واحد حل، عملي طريقن ۾ تبديلي ئي آهي، بلڪه ان جو مفهوم اهو آهي ته گهري ۽ تجزيي کانپوءِ انتظاميا ۽ ٻيون ٽيمون ان قابل ٿي سگهن ٿيون ته مناسب حل جو تعين ڪري سگهن.
انهن طريقن جي عملي نفاذ جي ڪري ٽيم کي اهڙا پڪا پختا نتيجا ملي وڃن ٿا، جن جي ذريعي گهربل مقصدن جي تڪميل جي نوعيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مختصر اهو ته ٽيم جا رڪن ان جستجو ۾ هوندا آهن ته انهن کي معلوم ٿي سگهي ته ڇا انهن طرفان نافذ ٿيندڙ عملي قدمن جي ذريعي گهربل مقصد حاصل ٿيا آهن؟
ڇا انهن قدمن کڻڻ سان ڪاروباري مرحلي ۽ سرگرمي ۾ بهتري جا آثار نمايان ٿيا آهن؟ جيڪڏهن بهتري جا آثار ظاهر ٿيا آهن ته ان جي ڪاميابي جي شرح ڪيتري آهي؟
جيڪڏهن ان جو جواب ها ۾ آهي ته ٽيم تبديلي لاءِ نافذ ڪيل انهن قيصلن کي مستند قرار ڏيندي، ان جو اطلاع انتظاميا کي موڪلي ڏيندي آهي ۽ ان سڄي ڪارروائي جي ڏس ۾ انتظاميا جي منظوري حاصل ڪري وٺندي آهي. پوءِ ان ڪارروائي کي نهايت منظم ۽ معياري طريقي مطابق جاري رکيو ويندو آهي ته جيئن بهتري تي ٻڌل مستقل ۽ مثبت نتيجا حاصل ڪري سگهجن.
ان جي ابتڙ جيڪڏهن عملي طور تي ڪيل فيصلن قدم آزمائشي طور تي مثبت نتيجا نه ٿو ڏي ته پوءِ، ٽيم ان جا ڪارڻ تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ٽيم جا رڪن هڪ ٻئي کان پڇا ڪندا آهن ته ڇا انهن واقعي مسئلن جي سببن کي ڄاڻي ورتو آهي، يا وري انهن مسئلن جي حل لاءِ هڪ غلط طريقي جي چونڊ ڪئي آهي؟ ان مقصد لاءِ پهريان ته انهن کي دستياب معلوماتي مواد جو تجزيو ٻيهر ڪرڻو پوندو، ته جيئن مسئلن جا ڪارڻ ۽ انهن جو اثر معلوم ٿي سگهي ۽ پوءِ جيڪڏهن واقعي ان ٽيم کي معلوم ٿي وڃي ٿو ته مسئلن جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي، پر ان ڪارڻ کي دور ڪرڻ لاءِ غلط طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، ته پوءِ اها ٽيم درست طريقي ڪار جي چونڊ ڪندي آهي، جنهن کانپوءِ ٻيهر ان کي عملي طور نافذ ڪيو وڃي ٿو.
ڪاروباري سرگرمين ۽ مرحلن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ عملي طريقن جي نفاذ ۽ آزمائش کانپوءِ آخري مرحلو اهو آهي ته ٽيم جي ان ڪامياب ۽ مثبت ڪوشش ۽ قدم تي ان کي شاباش ڏني وڃي. ان جي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو وڃي، ٽيم جي انهن ڪوششن ۽ صلاحيتن جي اعتراف ذريعي، ٽيم جي خدمتن جي ڏس ۾، انتظاميا طرفان ٽيم لاءِ تعريف جي ترجماني ٿي ويندي آهي ۽ ان جي ذريعي انتظاميا پاران ان عزم جو به اظهار ٿي ويندو آهي ته اداري جي گهربل مقصدن جي حاصلات لاءِ ”مرتڪز معيار“ سڀ کان پهرين ترجيح آهي ۽ پوءِ اهو به ته اداري جا سڀ شعبا پاڻ ۾ گڏجي اداري جي سرگرمين ۽ مرحلن ۾ هاڪاري تبديليون آڻي سگهن ٿا.