سيلف ڊولپمينٽ

انتظامي معاملن جا رهنما اصول

ڪتاب ”انتظامي معاملن جا رهنما اصول“ اصل ۾ پيٽريڪا ميڪليگن ۽ ڪرسٽونيل جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار خليل الرحمان شيخ صاحب آهي.
هن ڪتاب ۾ آفيسن، اسڪولن، هر قسم جي ادارن ۽ ڪاروباري مقصدن جي ڪامياب انتظام هلائڻ جا طريقا ۽ حڪمت عمليون شامل آهن. سنڌيڪا اڪيڊمي پاران هي ڪتاب 2013ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book انتظامي معاملن جا رهنما اصول

2. تباهه ڪندڙ ۽ ڪاميابي جو باعث بڻجندڙ بحراني حالتون-اڻ ڄاتل فرق

ضروري نه آهي ته ڏيوالو نڪرڻ جي ڪري تجارتي ادارو بلڪل ختم ٿي وڃي. پر اهو ضروري آهي ته ڏيوالپڻي جي حالت ۾ قرضي اداري لاءِ آهستي آهستي اذيت جو باعث بڻجندا ويندا آهن. اداري جي ساک ۽ شهرت آهستي آهستي گهٽ ٿيندي ويندي آهي ۽ مختلف قرضي هڪ هڪ ڪري ان اداري جو رت چوسي ان کي بي حال ڪري ڇڏيندا آهن. ان صورتحال باوجود اداري جا آفيسر ڏيوالي قرار ڏيارڻ لاءِ ”باب يارهين“ هيٺ درخواست ڏيڻ کان گهٻرائيندا آهن. پر پوءِ به اها هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ستن سالن دوران ڪانٽي نينٽل ايئر لائنز کي ٻه ڀيرا ان افسوس واري صورتحال مان گذرڻو پيو.
ڪانٽي نينٽل ايئرلائنز ملڪ جو اٺون وڏو هوائي ادارو هو. 23 سيپٽمبر 1933ع تي ملازمن مڪمل هڙتال ڪري ڇڏي ۽ ڪم بند ڪري ڇڏيو. اڳئين ڏينهن اداري پنهنجيون سڀ ڪاروباري سرگرميون بند ڪري ڇڏيون ۽ ادارن کي ڏيوالو قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي. ان درخواست ۾ ٻين ڪارڻن کان سواءِ افرادي قوت تي ٿيندڙ غير معمولي خرچن کي به هڪ دليل طور پيش ڪيو ويو. ان درخواست ۾ اداري اهو به ٻڌايو ته گذريل اٺن مهينن ۾ اداري کي 219 ملين ڊالرز جو نقصان ٿي چڪو آهي. وڌيڪ اهو ته اداري جي ڪل جاري خرچن مان افرادي قوت تي لڳندڙ خرچ هڪ ڀاڱي ٽي کان به وڌيڪ آهي. ان ڪري اداري لاءِ پنهنجيون سرگرميون جاري رکڻ ممڪن نه رهيو. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن جي ڪري هوا بازي جي صنعت 1979ع کان پوءِ مسلسل مالي خساري ۾ وڃي رهي آهي.
28 سيپٽمبر تي اداري پنهنجين ڪاروباري سرگرمين جي ٻيهر شروعات ڪئي. ان وقت مسافرن جو تعداد 60 سيڪڙو کان وڌيڪ هو. اداري نيڪال ٿيل 12 هزار ملازمن مان 4200 ملازم ٻيهر ڀرتي ڪري ورتا، پر گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ انهن جو معاوصو اڌ هو. اداري جي ورڪرز يونين ان قدم کي ڌانڌلي ۽ ناجائز قرار ڏنو ۽ يونين جي صدر ڪانٽي نينٽل ايئرلائين جي چيئرمين کي ڏيوالو نڪتل قرار ڏيڻ جي قانون ”يارهون باب“ ذريعي يونين جو ڳلو دٻائڻ جي الزام تي ان کي ”بدمعاشن جو سربراهه“ سڏيو.
1990ع ۾ ڪانٽي نينٽل ايئرلائينز قرضين جا مطالبا محفوظ رکڻ لاءِ ”يارهون باب“ تحت ڏيوالو قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي. اداري جي درخواست منظور ٿي وئي ۽ ملازمن جي معاوضي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي، جيتوڻيڪ 1983ع کان پوءِ اداري ملازمن جي ڇانٽي نه ڪئي.
انهن حالتن ۾ جيڪڏهن حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته اها چوڻي سچ ثابت ٿي وڃي ٿي ته بحراني حالتون هميشه تباهي ۽ بربادي جو سبب بڻيون آهن. حقيقت ۾ ان افسانوي صورت جو جائزو وٺڻ کان پوءِ به اهي عجيب ۽ غريب ۽ غير معمولي حالتون ۽ ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا، جن جي ڪري اها افسانوي صورتحال واقع ٿئي ٿي، پر ڪانٽي نينٽل ايئرلائينز جون موجوده حالتون ان افسوسناڪ ۽ غير معمولي حالت کي سمجهڻ جي ڏس ۾ ڪافي حد تائين مثالي ثابت ٿي سگهن ٿيون.
ان اداري جو بحران اڃا تائين جاري آهي. ان جو سڀ کان اهم ۽ وڏو ڪارڻ ڪانٽي نينٽل ايئرلائينز ۽ اڳوڻي غير فعال پر طاقتور يونين وچ ۾ سخت لڙائي آهي، جنهن جي ڪري جهازن جي ٻارڻ جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو ۽ گڏوگڏ هڪ جهڙائي جو عمل به شديد ٿي ويو. هڪ نهايت ئي تجربيڪار آفيسر جنهن کي هڪ ڀيرو فارچون آمريڪا جي ڏهن سخت گير اعليٰ آفيسرز مان قرار ڏنو ويو، جي سربراهي ۾ مسلسل ست سال، جنهن جي دوران ادارو ٻه ڀيرا ڏيوالو به قرار ڏنو ويو، اداري جي شيئرز ۾ مسلسل گهٽتائي جو لاڙو رهيو پر ان داستان 1993ع ۾ هڪ شاندار موڙ اختيار ڪري ورتو. گرمي جي موسم ۾ 1993ع ۾ مسافر هوائي جهازن جي ڪراين ۾ اضافو ٿي ويو. ان وقت وڏا فضائي ادارا پهريان ئي خرچن ۾ مايوس ڪندڙ آمدنين جو شڪار هئا ۽ ان سان گڏوگڏ ٻه حريف ادارن سائوٿ ويسٽ ۽ مورس به سامهون هئا. انهن ادارن جو منافعو به واجبي هو. انهن حالتن ۾ سائوٿ ويسٽ جي نائب صدر جو چوڻ هو ته ان اداري جي متبادل طور تي ٻئي وڏي اداري يونائيٽيڊ يا آمريڪين جي نسبت هڪ نئون ادارو وجود ۾ اچڻ گهرجي. پر وال اسٽريٽ جرنل مطابق ان ڏس ۾ بهترين اميدوار ڪانٽي نينٽل ايئر لائينز جو ادارو هو، جيڪو گهٽ لاڳت ۽ منافعي جي بنياد تي پنهنجيون ڪاروباري سرگرميون جاري رکي سگهي پيو. ٻه ڀيرا ڏيوالو قرارڏيڻ کان پوءِ ڪانٽي نينٽل ايئر لائينز هڪ اهڙي ٽئين فضائي اداري طور سامهون آيو جنهن جي ملازمن جا معاوضا گهڻا گهٽ هئا. ان جي مقابلي ۾ (2) ادارا سائوٿ وسيٽ ۽ آمريڪا وسيٽ جي ملازمن جا معاوضا به گهٽ معاوضي ۾ شمار ٿين پيا. ڏيوالو ٿيڻ جي ڪري ڪانٽي نينٽل ايئر لائينز لاءِ مهانگا پر منافعو ڏيندڙ رستن تي پرواز جاري رکڻ ممڪن نه هو. ان بحراني حالتن سبب ان اداري هڪ اهڙي مثبت، مڪمل ۽ ڀرپور شڪل اختيار ڪري ورتي جو 1990ع جي ڏهاڪي دوران تمام گهڻي آمدني حاصل ڪري سگهي پئي.
ثابت ٿيو ته ضروري نه آهي ته بحراني حالتون تباهي ۽ بربادي ڏانهن وٺي وڃن. ان خوف کي محسوس ڪريو، جڏهن هڪ بهترين ايٿيليٽ جي ڄنگهه ضايع ٿي وڃي ٿي پر پوءِ ايٿيليٽ جي گوڏي جو آپريشن ڪري هن کي هلڻ ۽ ڊوڙڻ لائق بڻايو وڃي ٿو. پهرين صورتحال تي غور ڪيو جنهن جي ذريعي هڪ ايٿيليٽ جو مستقبل ختم ڪيو وڃي ٿو ۽ ان بدقسمت جا خواب منتشر ڪيا وڃن ٿا. جڏهن آخري صورتحال تحت ايٿيليٽ عارضي طور متاثر ٿئي ٿو ۽ آپريشن کان پوءِ پهريان کان تمام وڌيڪ بهتر ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ هو پهريان کان به وڌيڪ ڪامياب ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٿو. جيڪڏهن اسان ڪانٽي نينٽل ايئرلائينز جي تناظر ۾ ڏسون ته معلوم ٿيندو ته ان اداري جي يونين جو رويو نهايت دقيانوسي ۽ مڪروهه انتظامي عياري تي ٻڌل هو. يونين طرفان طاقت ۽ غرور جي ناجائز مظاهري جي ڪري ان ڪمزور ٿيندڙ فضائي اداري ۾ موجود اهم توانائي ختم ٿي وئي ۽ اداري جي بقا لاءِ گهربل تبديليون عمل ۾ نه اچي سگهيون، جنهن جي ڪري ان اداري کي پنهنجي حالت بنائڻ لاءِ آپريشن مان گذرڻو پيو ۽ جنهن جي ذريعي اداري غير تعميري ۽ منفي عنصرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو. ڪانٽي نينٽل ايئرلائينز جو اهو داستان هڪ تنبيهه جي حيثيت به رکي ٿو. اسان اهو نه ٿا چئون ته ان اداري جي مثال ذريعي اسان ڏيوالپڻي کي درست قرار ڏئي رهيا آهيون يا يونين جي زبان بند ڪرڻ کي هڪ بهتر عمل سمجهون ٿا، پر اسان جي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته ضروري نه آهي ته بحراني حالتن جي ڪري ڪو ادارو تباهي ۽ بربادي جي ور چڙهي وڃي. تمام گهڻا اهڙا مثال موجود آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته بحراني حالتن باعث اداري کي ابتدائي طور تي مشڪلاتن ۽ تباهي سان منهن ڏيڻو پيو، پر پوءِ ان بحراني حالتن جي ڪري اهو ادارو ڪاميابي ماڻي ٿو.

[b]هڪ نامعلوم فرق:
[/b]ان مرحلي تي اها حقيقت روشن ٿي وئي آهي ته تباهي ۽ بربادي جو باعث بڻجندڙ ۽ ڪاميابي طرف وٺي ويندڙ ٻن قسم جي بحراني حالتن ۾ هڪ نامعلوم فرق ملي ٿو. وڌيڪ اها حقيقت به سامهون ايندي آهي ته بحراني حالتون، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ضرور مشڪلاتن جو سبب بڻجنديون آهن. سرد موسم ۾ سامونڊي طوفان جي ڪري پرزن جي ترسيل ۾ دير هئڻ سبب پيداواري هدف حاصل نه ٿو ٿئي. هڪ ادارو اشتهار بازي تي هڪ ڳري رقم خرچ ڪري پاڻ لاءِ شهرت ۽ ساک جو ٻج پوکي ٿو. ان اداري جي اها شهرت ۽ ساک هوائي جهاز ۾ فني خرابي جي ڪري روانگي ۾ دير جي سبب اهم ڪاروباري اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ ڪارڻ بدنامي جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ان قسم جا واقعا ايتري باقاعدگي سان ظاهر ٿين ٿا ۽ ”بحراني حالتون، تباهي ۽ بربادي جو ڪارڻ هونديون آهن“ جي نظريي کي رد نه ٿا ڪري سگهون. ان کان سواءِ انهن بحراني حالتن سبب ڪڏهن ڪڏهن ادارن کي مڪمل تباهي ۽ بربادي جو منهن ڏسڻو پئي ٿو. ان ڏس ۾ هوائي صنعت جو مثال پيش ڪري سگهجي ٿو. ٻين آمريڪن ۽ ايسٽرن جهڙا فضائي ادارا به جڏهن بحراني حالتن جو شڪار ٿيا ته انهن لاءِ به شديد مشڪلاتون پيدا ٿي ويون ۽ انهن جي زوال جو سفر شروع ٿي ويو. بحراني حالتون تباهي ۽ بربادي جو سبب بڻجن ٿن ٿيون. ان نظريي جي مفهوم کي مڪمل طور تي سمجهڻ لاءِ اسان کي سڀ کان پهريان لفظ ”تباهي ۽ بربادي“ جي اصل مطلب ۽ معنيٰ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻي پوندي. ان ڏس ۾ وضاحت لاءِ هيٺ ڏنل مثال تي غور ڪريو.
جڏهن ڪنهن فصل جي پوک جي موسم ايندي آهي ته هاري ان ٻني ۾ ڇنڊ ڦوڪ، گاهه گند، مرده جڙي ٻوٽيون ۽ ٻين فضول ۽ زهريلن ٻوٽن ۽ وڻن کي ڪٽي ڇڏيندو آهي ته جيئن ان پوک کان پوءِ فصل جو ڀرپور ۽ وڌ کان وڌ مقدار حاصل ڪري سگهجي. صفائي ۽ ڪٽائي جو اهو عمل بلڪل تباهي ۽ بربادي جي حصي ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ذريعي فالتو وڻن، ٽارين، شاخن ۽ جڙي ٻوٽين کي ڪٽي اڇلايو ويندو آهي. پر پوءِ فصل پيدا ٿئي ٿو، وڻن تي ميوو اچڻ شروع ٿئي ٿو. وڻ پيداواري شين ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ ٽارين ۽ شاخن تي غذائيت سان ڀرپور ميوو وڌ کان وڌ منافعي جو سبب بڻجندو آهي. جيڪڏهن اوهان ٻني ۾ موجود گند ڪچري کي صفاف نه ڪندا، وڻ جي شڪل ۽ بيڪار ٽارين کي نه ڪٽيندا، ان وقت تائين اهي وڻ اوهان کي ميون جي اها پيداوار نه ڏئي سگهندا، جيڪي اوهان کي چڱي رقم مهيا ڪري سگهن. اهو اصول تجارتي ادارن تي به لاڳو ٿئي ٿو. وڻن وانگر اهي ادارا به ساڳي وقت مختلف منافعو ڏيندڙ وسيلن ذريعي منافعي جو باعث بڻجي رهيا آهن. جڏهن ادارو ڪاميابي جي رستي تي هجي، خوشحالي طرف سفر ۾ هجي ته ان وقت مختلف قسم جا خرچ اداري لاءِ نقصان جو باعث نه هوندا آهن پر جڏهن ادارو خساري ۾ هجي، آمدني گهٽ هجي ته ٻيا مختلف خرچ اداري لاءِ نقصان جو باعث هوندا آهن. اداري جا اڪثر منتظمين ”صفائي ۽ ڪٽائي“ جي اصطلاح جو مفهوم مڪمل طور نه ٿا سمجهن. جبلي طور تي اهي اداري جي سڀني جي شعبا اهڙي طرح حفاظت ۽ نگراني ڪندا آهن، جو ڄڻ اهي سڀ شعبا هڪ جهڙي اهميت رکن ٿا. انهيءَ ڪري اداري جي عمومي حالت دوران ”صفائي ۽ ڪٽائي“ جو اهو عمل نافذ نه ٿو ڪيو وڃي، پر جڏهن بحراني حالتون ظاهر ٿي پونديون آهن ته پوءِ منتظمين لاءِ ”صفائي ۽ ڪٽائي“ جو اهو عمل لازم ٿي ويندو آهي. اهي ڪڏهن هڪ شعبي جا غير ضروري خرچ ۽ عملو گهٽ يا ختم ڪري ڇڏين ٿا ۽ ڪڏهن اهي ڪنهن ٻئي شعبي جا غير ضروري خرچ ۽ عملو گهٽ يا ختم ڪن ٿا ۽ ان سڄي جدوجهد ۽ ڪاوش جو مقصد اداري جي بقاءِ ۽ سلامتي هوندو آهي. ”صفائي ۽ ڪٽائي“ جو اهو عمل شديد حد تائين اذيت ڏيندڙ ۽ تڪليف ده ثابت ٿي سگهي ٿو پر ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اداري جي بنيادي ۽ اهم توانائي محفوظ رکڻ جي لاءِ اهو عمل اڻٽر آهي جيڪو ڀرپور ۽ مڪمل توجهه گهري ٿو. شديد بحراني حالتن جي ڪري وڏي تعداد ۾ ملازم فارغ ڪيا وڃن ٿا. مثلاً جنرل موٽرز ۽ آءِ بي ايم ۾ هزارين ملازم ملازمت کان فارغ ڪيا ويا ته ملازمن کي اهو محسوس ٿيو ته ڇانٽي جو اهو عمل انهن مان اڪثر ملازمن لاءِ مستقل ثابت ٿيو. ”صفائي ۽ ڪٽائي“ يعني ڇانٽي جي ان عمل ذريعي فارغ ٿيندڙ هزارين ملازمن جا گهر ڀاتي بي يقيني ۽ مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا، پر پوءِ به ڇانٽي جو اطلاع ڏيندڙ فرد ڪنهن به قسم جي شديد سزا جو مستحق نه آهي پر اصل قصوروار ۽ ذميوار اهي منتظمين آهن جن پيداواري صلاحيت کان گهڻو وڌيڪ فردن، کي ملازمت ۾ رکيو ۽ پوءِ مشڪل ۽ بحراني حالتون اچڻ تي ملازمن کي ملازمت کان فارغ ڪرڻ تي مجبور ٿيا. اهڙي طرح اڌڙوٽ عمر ايٿيليٽ آهستي آهستي هڪ هڪ انچ ٿلها ٿيندا ويندا آهن. ائين ئي ادارن ۾ به ملازمن جو تعداد، آهستي آهستي، هڪ هڪ ڪري وڌندو رهندو آهي. آءِ بي ايم جي معاملي تي غور ڪريو. ان اداري جي انتظاميا لاءِ 40 سيڪڙو ملازمن کي غير ضروري قرار ڏئي هڪدم ملازمت مان فارغ ڪرڻ ممڪن نه هو. ملازمن جو هڪ چڱو تعداد آهستي آهستي اداري جي توانائي ۽ صلاحيتن کي اڏوهي وانگر کائيندو رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ آءِ بي ايم مشڪلاتن ۽ بحران جو شڪار ٿي ويو جنهن جي ڪري اداري جي ”صفائي ۽ ڪٽائي“ يعني اداري جي غير ضروري خرچن ۽ ملازمن جي ڇانٽي ضروري ٿي وئي.
جيڪڏهن ڊگهي مدت ۽ مستقبل تي ٻڌل تناظر جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته اها ”تباهي ۽ بربادي“ يا ”صفائي ۽ ڪٽائي“ اداري کي هڪ نئين زندگي مهيا ڪرڻ جو هڪ ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿي. ان قسم جي ڪارروائي وقتي طور تي تڪليف ڏيندڙ محسوس ٿيندي آهي، پر جيڪڏهن عمل کي سوچي سمجهي ۽ محتاط انداز سان سرانجام ڏنو وڃي ته اوهان هڪ ڪامياب، بهترين ۽ مقابلي جي صلاحيتن سان مالا مال ادارو تخليق ڪري سگهو ٿا.
”بحراني حالتون اداري لاءِ تباهي ۽ بربادي جو ڪارڻ هونديون آهن“ تي ٻڌل نظريو انتظاميا کي دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي، ڇاڪاڻ ته انتظاميا اداري جي هر شعبي کي صفائي ۽ ڪٽائي کا محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. فڪر جي ان انداز تحت انتظاميا هر شي، طريقي ڪار، حڪمت عملي، اثاثن ۽ ڪاروباري سرگرمين تي مشتمل رٿا بندي کي هڪ جهڙي اهميت ڏيندي آهي ۽ جڏهن اهي بحراني حالتن ۾ انهن سڀني شعبن کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڊگهي مدت جي ڪاميابي جا موقعا وڃائي ويهندا آهن. بحراني حالتن دوران اکيڙ ڪرڻ ۽ صفائي ۽ ڪٽائي هڪ لازمي عمل آهي، پر ان عمل کي مهارت ۽ مضبوط طريقي تحت سرانجام ڏيڻ کپي.

[b]ملازمن جي ڇانٽي:... هڪ مناسب طريقو
[/b]جڏهن بحراني حالتن جي ڪري افرادي سگهه تي کڄندڙ خرچ گهٽائڻا پون ٿا ته ڪجهه ملازمن کي ملازمت کان فارغ ڪيو وڃي ٿو، پر معقول ڇانٽي ۽ انڌا ڌنڌ ملازمن کي فارغ ڪرڻ وچ ۾ وڏو فرق آهي.
ٽرائي ويلي امداد باهمي جي بنياد تي قائم هڪ مثالي ادارو آهي جنهن جو چيئرمين ۽ اعليٰ سربراهه سارس آهي. سٺ سال پهريان قائم ٿيل اهو ادارو ”فارچون 500“ جي فهرست ۾ شامل آهي ۽ دٻوبند ميون جي شين جي تياري جي لحاظ کان ملڪي اعتبار کان پهريون يا ٻيو وڏو ادارو آهي. ان کان سواءِ ڊيل مونٽي جهڙن ادارن جو ڪامياب حريف آهي. ان جي مالڪن ۾ ڪيترائي هاري شامل آهن ۽ ان جو اعليٰ سربراهه سارس هڪ هاري آهي، جيڪو اسٽينڊ فورڊ مان پڙهيل آهي. هن جا آڙو جا باغ آهن. ان اداري ڇانٽي جي ڏس ۾ نهايت ئي بصيرت تي ٻڌل حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي.
جيئن ته بند دٻو ميوو هڪ شي آهي، ان لاءِ ان اداري جي قسمت جو ستارو رسد، طلب، مقابلي، موسمي حالتن، جيت مار دوائن ۽ صارفين جي ترجيحن جي لحاظ کان چمڪندو ۽ وسامندو رهي ٿو. اداري جي ڪارڪردگي جي لاٿ چاڙهه جي حوالي سان سارس کي لازمي طور تي ان عمل کي يقيني بنائڻ گهرجي ته خوشحالي جي زماني ۾ افرادي سگهه گهڻي وڌي نه وڃي ۽ پوءِ بدحالي جي زماني ۾ اها گهڻي گهٽ نه ٿي وڃي. جڏهن اوهان اهو محسوس ڪندا آهيو ته ان اداري کي پنهنجي شين جي تياري جي لحاظ کان پوري دنيا جون سهوليتون ميسر آهن ته انهن حالتن هيٺ افرادي سگهه جو تعداد هڪ مناسب حد تائين رکڻ جو عمل ڏاڍو مشڪل طريقي ڪار جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو آهي، جڏهن ته ان وٽ هزارين ڪل وقتي ۽ پارٽ ٽائيم ملازم موجود آهن. انهيءَ قسم جي اداري ۾ اوهان ڪاميابي جي رفتار کي، باغ کي پاڻي ڏيڻ واري پائيپ وانگر نه روڪي سگهو ٿا ۽ نه ئي ٻيهر شروع ڪري ٿا سگهو.
مثال طور آڙون کي ڏسو، جڏهن آڙن جي طلب ۾ گهٽتائي ايندي آهي ته سارس رڳو اهو نه ٿو ڪري سگهي ته انهن جي پيداوار گهٽائي ڇڏي. آڙن جي پوک ۽ پوءِ ميوو حاصل ڪرڻ جو عمل رڳو 120 ڏينهن ۾ مڪمل نه ناهي ٿيندو (ٽماٽن جي پيداوار جو سراسري وقت 120 ڏينهن آهي) پر هڪ ميويدار آڙو جو وڻ ٿيڻ ۾ ست کان اٺ سال لڳي وڃن ٿا. ٿوري مدت تي ٻڌل طلب ۾ گهٽتائي کي سهارو ڏيڻ لاءِ تيار آڙن جو تعداد ان صورت ۾ گهٽ ڪري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ذڪر ٿيل تياري جي نتيجي ۾ پيداوار گهٽائڻ لاءِ هاري، آڙن جي وڻن کي زمين مان پٽي اڇلائي، اوهان ان نازڪ صورتحال جو مؤثر طور ”پٽيو ۽ ساڙي ڇڏيو“ تي ٻڌل حڪمت عملي ذريعي انهيءَ مسئلي کي منهن ڏئي نٿا سگهو. بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي ته منتظمين جي اڪثريت جائز ڇانٽي جي سلسلي ۾ ”پٽيو ۽ ٻاريو“ تي ٻڌل حڪمت عملي اختيار ڪندي آهي. مناسب ۽ معقول ڇانٽي جو انحصار ٽن عنصرن، ”هر پاسي ڌيان ڏيڻ“ ۽ نظرثاني تي آهي.

[b]هر پاسي ڌيان ڏيڻ:
[/b]بحراني حالتن سبب اداري لاءِ بيشمار مسئلا پيدا ٿي ويندا آهن، پر هر هڪ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ منتظمين وٽ وقت، توانائي، وسيلا ۽ ذريعا دستياب نه هوندا آهن. بحراني حالتن جي ڪري منتظمين اڻ ٽر ۽ سخت ضرورتن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ رڳو انهن ضرورتن تي ڌيان مرڪوز ڪرڻ، شين کي وڪرو ڪرڻ يا هر شيءَ ترڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.
1986ع ۾ سيڪرو مينٽو ۾ قائم ڪيل انساني صحت واري حفاظت جي هڪ اداري ايمري ڪيئر کي سرمائيڪارن جي هڪ ننڍي گروپ خريدڪيو. ايمري ڪيئر کي خريد ڪندڙ ادارو قرض جي بار سبب مالي بحران جو شڪار ٿي ويو. انهن بحراني حالتن جي ڪري ادارو لازمي پيدواري شعبن جي ڳولا ۾ مصروف ٿي ويو ته جيئن باقي شعبن کي ختم ڪري سگهجي. ڳولا کان پوءِ اهڙا ڪاروباري شعبا سامهون آيا، جن جو حفاظت جي صحت سان نسبتاً گهٽ تعلق هو. پهريون ڪاروبار پلاسٽڪ جي شين جي تياري تي مشتمل هو ۽ ٻيو ڪاروبار، فرنيچر جو هو. ان کان سواءِ ڪئليفورنيا رياست کان ٻاهر صحت جي حفاظت تي ٻڌل ڪاروباري سرگرميون ۽ جاگريافيائي طور سيڪڙومينٽو مرڪزي دفتر ڀرسان واقع ٿيندڙ سرگرميون عمده نوعيت جون نه هيون. نتيجي ۾ ايمري ڪيئر پلاسٽڪ ۽ فرنيچر بنائڻ جا ڪارخانا بند ڪري ڇڏيا ۽ ڪئليفورنيا کان ٻاهر جاري سڀ ڪاروباري سرگرميون بند ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ اداري جي نئين اعليٰ سربراهه ڊين ڪائولي اولهه آمريڪا ۾ پنهنجو ڌيان ڪاروبار وڌائڻ تي مرڪوز ڪيو. پوءِ آخر ڪار فائونڊيشن هيلٿ ڪيئر ڪارپوريشن (ايمري ڪيئر جو نئون نالو) ڪئليفورنيا ۽ هوائي فوجي عملي جي گهر ڀاتين جي صحت جي تحفظ جو سامان مهيا ڪرڻ لاءِ بچاءَ کاتي (Ministry of Defense) سان معاهدو طئي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. چئن سالن جي مدت دوران ان معاهدي جي قيمت ۾ 5 ارب ڊالرز کان وڌيڪ واڌارو ٿيو ۽ شيئرز جي قيمت ۾ 13 ڊالرز في شيئر خريد جي مقابلي ۾ 40 ڊالرز في شيئر خريد، اضافو ٿي ويو. ڳري قرض جي ڪري پيدا ٿيندڙ بحراني حالتن سبب اداري کي سڄي ملڪ ۾ واحد منافعو ڏيندڙ شعبي تي ڌيان مرڪوز ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ملڪي موسيقي جي روحاني مرڪز ناش ويلي کي به اهڙي طرح هر پاسي ڌيان ڏيڻ فائدو کڻڻ جو موقعو مليو.
بحراني حالتن جي دور ۾ وقت، رقم، اجلاس، جاري هدفن ۽ مقصدن جي صورت ۾ توانائي ۽ اداري جي ڪاميابي لاءِ ٻين تبديل ٿيندڙ عنصرن تي ڌيان ڏيڻ به نهايت لازمي ۽ ضروري آهي. جڏهن بدن ۾ موجود رت جو وهڪرو هٿن ۽ پيرن طرف گهٽ ٿي ويندو آهي ته اها بحراني ڪيفيت مطالبو ڪري ٿي ته دماغ ۽ اندروني عضون کي آڪسيجن جي ضرورت آهي. هٿن ۽ پيرن ۾ رت جي رواني گهٽجڻ يا ختم ٿيڻ جي ڪري بدن جي ٻين حصن ۽ عضون ۾ به تڪليف ڏيندڙ صورت پيدا ٿي سگهي ٿي. پر جسم پنهنجي جبلي مزاحمت ۽ مدافعت جي نظام سبب فوري طور ٽارڻ سبب ٿيندڙ نقصان پنهنجو پاڻ ئي بحراني حالتن کان وڌيڪ نقصان ڪار ٿي سگهي ٿو.
آر جي آر هولڊ نگز نالي اداري کي وال اسٽريٽ جي هڪ تجزيي نگار طعنو هنيو ته اهو ادارو ملازمن جي ڇانٽي جي سلسلي ۾ تمام سست قدم کڻي رهيو آهي. تنقيدي انداز ۾ اهو تبصرو ان ڏينهن سامهون آيو جڏهن ان اداري پنهنجي افرادي سگهه 10 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کان سواءِ تماڪ جي صنعت سان لاڳاپيل هڪ ٻئي تجزيه نگار هيٽن تبصرو ڪيو: ”آر جي آر ملازمن جي ڇانٽي جي سلسلي ۾ ڏاڍو آهستي قدم کڻي رهيو آهي ۽ ان کي افرادي سگهه وڌيڪ گهٽائڻ گهرجي:“ آر جي آر اداري جي بهتري لاءِ مجبوراً ملازمن جي ڇانٽي جو فيصلو ڪيو، پر اداري کان ٻاهر جا تجزيه ۽ تبصري نگار اڃان به ان ڳالهه تي هئا ته اداري کي افرادي سگهه اڃان به وڌيڪ گهٽ ڪرڻ گهرجي. بحراني حالتن ۾ دير سان کنيل هر قدم تنقيد جو نشانو بڻجي ٿو ۽ پوءِ ان دير واري فيصلي يا قدم جو نتيجو به صحيح ۽ مثبت نه ملندو آهي. ان سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڏا ادارا به غلطي ڪري سگهن ٿا.
واڪس ويگن نالي اداري جڏهن اعلان ڪيو ته اسپين ۾ سندس ڪاروبار کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب ڊالرز جي ضرورت آهي ته ان اداري جي نئين مقرر ٿيل چيئرمين فرڊينڊ جي ساک داغدار ٿي وئي، جنهن ان کان پهريان چيو هو ته اسپين ۾ قائم ڪاروبار 1993ع تائين پنهنجن پيرن تي بيهي رهندو. واڪس ويگن طرفان مسئلي جو حل دريافت ڪرڻ ۾ دير جي ڪري ان اداري کي نقصان کڻڻو پيو. هڪ ٻئي تبصري نگار واڪس ويگن جي برازيل ۽ آمريڪا ۾ قائم ڪاروبار متعلق به ان قسم جي خيالن جو اظهار ڪيو. اوهان يقين ڪريو يا نه، واڪس ويگن جي شهرت هڪ اهڙي اداري طور قائم ٿي چڪي آهي، جنهن بحراني حالتن جي سلسلي ۾ هميشه دير سان قدم کنيو آهي.
بحراني حالتن ۾ هر اهو قدم کڻڻ گهرجي، جيڪو حالتن جي بهتري لاءِ ضروري هجي. ان سلسلي ۾ ڪنهن مقرر اصول يا طريقي ڪار جو انتظار دير جو سبب ٿيندو جيڪو بحراني حالتن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي سگهي ٿو. ان جي ابتڙ عام طور تي ادارا صرف ان ڳالهه تي غور ڪندا آهن ته پنهنجي توانائي کي ڪيئن استعمال ڪن. بهرحال اداري کي بحراني حالتن ۾ پنهنجن شين ۽ خدمتن جي سلسلي کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان مرڪوز ڪرڻ گهرجي. ٻئي پاسي جنرل اليڪٽرڪ جا گهڻا حريف ميدان ۾ موجود آهن. پر هي ادارو رڳو پنهنجي مقصد ۽ هدف طرف پنهنجو ڌيان مرڪوز رکي ٿو. اسان جو مشورو اهو به آهي ته بحراني حالتن ۾ اداري کي پنهنجيون توانائيون، وسيلا ۽ ذريعا صرف پنهنجين شين ۽ خدمتن کي بهتر بڻائڻ تي خرچ ڪرڻ گهرجن. ضروري نه آهي ته اداري جون خرچ ڪيل اهي توانائيون، وسيلا ۽ ذريعا حڪمت عملي تي ٻڌل رٿائون هجن، جن جي ذريعي اهو تعين ڪيو ويندو آهي ته اداري کي ڪهڙن شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ذهن ۾ رکي ڇڏيو ته هن وقت سڀ کان اهم مسئلو اهو آهي.
”عام طور تي بحراني حالتن جي ڪري اداري جي سرگرمين تي مسلسل ڌيان ۾ رڪاوٽ پيش اچي وڃي ٿي، ان ڪري فهم ۽ عقل ذريعي پنهنجيون ترجيحون متعين ڪريو.“

[b]اختراع/جدت:
[/b]بحراني حالتن ۾ اوهان کي لازمي طور اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اداري جي سڀني شعبن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ صفائي ڪٽائي جو عمل ڪافي آهي يا اداري ۾ واقعي ڪنهن قسم جي سڌارن جي ضرروت آهي. جڏهن جانسن اينڊ جانسن (Johnson & Johnson) نالي اداري کي اهو خدشو ٿيو ته ان جو ڪو حريف سندس شين ۾ زهريلو مادو (سائنائيڊ) ملائي رهيو آهي ته ان اداري پنهنجيون شيون تيار ڪرڻ نه ڇڏيون پر انقلابي ۽ جديد طريقن ذريعي انهن شين جي پيڪنگ کي ان حد تائين محفوظ بڻائي ڇڏيو جو ڪنهن لاءِ انهن شين ۾ ڪنهن زهريلي مادي جي ملاوٽ ممڪن نه رهي. ڪنهن خاص شي جي سلسلي ۾ ان جي پيڪنگ، ورهاست يا ان قسم جي ٻين طريقن ۾ ڪنهن قسم جي نقصان جي ڪري اداري کي هڪ مثبت ۽ مناسب موقعو ملي وڃي ٿو ته هو ان شيءِ جي پيڪنگ ۽ ورهاست کي وڌيڪ محفوظ بنائڻ جي لاءِ متبادل ۽ جديد طريقا اختيار ڪري. ان حوالي سان گرين پيس (Green Peace) نالي هڪ اداري ان اصول کي نظر ۾ رکندي اداري کي ڪاميابي ڏيارڻ لاءِ نوان ۽ جديد متبادل طريقا اختيار ڪيا، جيڪي اداري جي ڪاميابي جا ضامن ثابت ٿيا.
گرين پيس نالي ادارو ”ماحول جي تحفظ“ جي مقصد تحت 1971ع ۾ قائم ٿيو. ان جو مرڪزي دفتر ڪئناڊا وينڪو ور ۾ آهي. ان اداري عوام ۾ شعور بيدار ڪيو ته تيز رفتار پيلي ٻيڙين جي ڪري وهيل مڇين کي نقصان پهچي رهيو آهي. گرين پيس پنهنجي موقف جي حق ۾ ايتري قدر شور ڪيو جو فرانسيسي حڪومت پنهنجي ڳجهي اداري کي هدايت ڪئي ته هو نيوزيلئنڊ جي سامونڊي ڪناري تي بيٺل گرين پيس جي جهاز کي ٻوڙي ڇڏي جيڪو سمنڊ ۾ ٿيندڙ فرانسيسي ائٽمي تحقيقات جي نگراني ڪري رهيو هو. هاڻي ان مرحلي تي گرين پيس کي فرانسيسي ڪمانڊر سپاهين کان وڌيڪ بحراني حالتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو هو.
20 سالن کان پوءِ گرين پيس جي جارحاڻي حڪمت عملي ۽ جهڳڙالو رويي جي ڪري عوام ۾ ماحولياتي گدلاڻ متعلق شعور پيدا نه ٿي سگهيو ۽ ايئن معلوم ٿي رهيو هو ته عوام 1960ع جي ڏهاڪي جي حالتن مطابق واپس پنهنجي پراڻي روش ٻيهر شروع ڪئي آهي. اداري کي مالي سهڪار مهيا ڪندڙ فردن جو تعداد اڌ وڃي بچيو. باقي رقم وڪيلن جي معاوضن ۽ قرضن جي واپسي جي سلسلي ۾ خرچ ٿي وئي.
ان بحران جي ڪري مالي نقصان جي نتيجي ۾ گرين پيس کي پنهنجي افرادي سگهه ۾ پندرنهن سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻي پئي، دفتر بند ڪرڻا پيا، ٻاهرين سرگرمين کي محدود ڪرڻو پيو ۽ مجموعي طور تي آمريڪا ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين ۾ 25 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪرڻي پئي. ان اداري جي هڪ باني رڪن عطيات لاءِ درخواست ڪئي ته جيئن گرين پيس کي زوال کان بچائي سگهجي.
عوامي حمايت کان محروم ٿيڻ جي ڪري ان اداري جهڳڙي ۽ تڪرار تي ٻڌل پنهنجي حڪمت عملي ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ هڪ انقلابي طرز فڪر اختيار ڪيو، جنهن جي ذريعي عوام ۾ ماحولياتي گدلاڻ خلاف شعور پيداڪرڻ لاءِ ٺوس سائنسي بنيادن تي تحقيق ذريعي ثبوت مهيا ڪرڻا هئا. جيئن ته هاڻي گرين پيس جارحاڻا قدم ترڪ ڪري چڪي هئي ۽ آهستي آهستي مختلف پرڪشش طريقن ذريعي عوام ۾ ماحولياتي گدلاڻ خلاف شعور پيدا ڪري رهي هئي، انهيءَ ڪري يورپي ملڪن جو اتحاد ان ڳالهه جو قائل ٿي چڪو هو ته صنعتي مادي کي ضايع ڪرڻ لاءِ سمنڊن کي استعمال نه ڪرڻ گهرجي ۽ وڏن وڏن ملڪن به ان مؤقف جي تائيد ڪئي ۽ ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها ٿي ته ماحولياتي گدلاڻ خلاف مهم ۾ مهذب هلت، تحقيق ۽ سڌ سماءَ جي مناسب شموليت جي ڪري گرين پيس ۾ اهي ماڻهو ٻيهر شامل ٿي ويا، جيڪي ان اداري کي جارحاڻي ۽ جهڳڙالو هلت جي ڪري ڇڏي ويا هئا. اهڙي طرح ان اداري جا مالي مسئلا به حل ٿيڻ شروع ٿي ويا.
”پٽيو ۽ ٻاري ڇڏيو“ جي حڪمت عملي جي ابتڙ بحراني حالتن ۾ نوان ۽ جديد متبادل طريقا استعمال ڪرڻ جي ڪري اداري ۾ مقابلي جي صلاحيت پيدا ٿي وڃي ٿي ۽ مقابلي جو اهو عمل اداري لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي. خاص طور تي اها حڪمت عملي ۽ طرز عمل انهن بحراني حالتن ۾ وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿئي ٿو، جڏهن ادارو ٻين حريف ادارن جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. هاڻي وري ٻيهر جانسن اينڊ جانسن تي غور ڪريو. جڏهن ان اداري پنهنجين شين کي زهريلي ملاوٽ کان محفوظ ڪرڻ لاءِ نئين ۽ مضبوط پيڪنگ شروع ڪئي ته اداري جو اهو قدم مجموعي صورت ۾ هڪ ”معيار“ جي حيثيت اختيار ڪري ويو. اهڙي طرح هر ادارو ان قسم جي محفوظ پيڪنگ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو ۽ جانسن اينڊ جانسن جي ان نئين ۽ جديد متبادل طريقن حريف ادارن کي به مجبور ڪري ڇڏيو ته اهي ان قسم جا طريقا اختيار ڪرڻ لاءِ هڪ ڳري رقم خرچ ڪن ۽ جيڪا تبديلي جانسن اينڊ جانسن اختيار ڪئي، اها ئي تبديلي ٻيا ادارا به اختيار ڪن. ان قسم جي سوچڻ جو انداز اختيار ڪرڻ سبب ايڪسن (Exxon) جهڙو ادارو به فائدو حاصل ڪري سگهي پيو.
تيل جو ڪاروبار ڪندڙ اهو ادارو لکين ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود به اهو الزام ڌوئي نه سگهيو ته ماحولياتي گدلاڻ ۾ ان اداري جو تمام گهڻو هٿ آهي. ياد رهي ته جيڪڏهن اهو ادارو ڪجهه نئين ۽ جدت واري حڪمت عملي اختيار ڪري ها ته ان اداري جي بدنامي، نيڪ نامي ۾ تبديل ٿي وڃي ها.
ڪجهه سالن کان پوءِ اداري تحقيق کان پوءِ فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي تيل ڍوئيندڙ جهازن کي ڊبل هل (Double-Hull) ۾ تبديل ڪري. انتظاميا مطابق ان تبديلي لاءِ هڪ ڳري رقم گهربل هئي، پر اها تجويز مناسب ۽ بهترين محسوس ٿي رهي هئي. بهرحال ايڪسن اهو انقلابي قدم کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان اعلان سان گڏ وڌيڪ خدشا سامهون آيا. پهرين ڳالهه اها ته ڇا ايڪسن جي ان اعلان مان اهو تاثر پيدا نه ٿيندو ته ٻين ادارن وٽ ان طرح جا جهاز ماحولياتي گدلاڻ لاءِ زبردست خطرو آهن؟ ٻيو ڇا آمريڪي حڪومت ان قسم جي ٻين ادارن کي به اهو طريقو اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪندي؟ ان تبديلي لاءِ چڱي خاصي رقم خرچ ٿيندي، پر آمدني تي ان جو اثر ڏاڍو گهٽ محسوس ٿيندو. ان جا ننڍا ننڍا حريف ادارا ان ”معيار“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويندا . مختصر اهو ته آخري حل اهو هو ته اهو طريقو اختيار ڪري ايڪسن پاڻ تي لڳل ”ماحول دشمن“ الزام کي ڌوئي ڇڏي ۽ پاڻ کي ”ماحول دوست“ اداري طور عوام آڏو پيش ڪري ۽ گڏوگڏ ٻيا حريف ادارا تباهي ۽ بربادي جو شڪار ٿي وڃن.
نوان ۽ جديد طريقا اختيار ڪرڻ جو عمل ”اکيڙڻ ڪيرائڻ“ ۽ صفائي ڪٽائي جي عمل جي هڪ نئين ۽ جديد شڪل آهي. ان عمل جي ڪري اداري مان نه رڳو غير ضروري ۽ غير تعميري عنصر ختم ٿي وڃن ٿا، پر اداري لاءِ نئين ۽ جديد فني مهارت، نيون حڪمت عمليون ۽ شين کي وڪرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ نوان منصوبا اختيار ڪرڻ جي گنجائش نڪري اچي ٿي ۽ پوءِ بنيادي بحراني حالتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ تباهي جي ڪُک مان نوان ۽ جديد طريقا جنم وٺن ٿا جيڪي اداري کي ڪاميابي طرف وٺي وڃن ٿا.

[b]نظرثاني:
[/b]ڪنهن به اداري کي ڪنهن به وقت بحراني حالتون پنهنجو شڪار بڻائي سگهن ٿيون ۽ ڪنهن به اداري جو مشڪل حالتن ۾ گرفتار ٿيڻ جو امڪان هر وقت موجود هوندو آهي. بحراني حالتن يا مشڪلاتن ۾ ڦاسڻ جي ڪري اداري کي پنهنجي هر شعبي متعلق نئين طرح سان غور ۽ فڪر جا موقعا ميسر ٿيند اآهن. انهن بحراني حالتن ۽ مشڪلاتن جي اچڻ ڪري اداري کي پنهنجي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي طريقن تي نظرثاني جو موقعو ملندو آهي، جيڪي بار بار ظاهر ٿيندا آهن. نظرثاني جي ان حڪمت عملي جي ڪري اداري کي انهن غير ضروري ۽ غير تعميري شعبن جي سڃاڻپ جو موقعو حاصل ٿي وڃي ٿو، جيڪي خوشحالي جي دور ۾ سامهون نه ٿا اچن ۽ جن کي اداري جي ڪاميابي لاءِ ختم ڪرڻ ضروري هوندو آهي.
ريگن انتظاميا جي دور ۾ گريناڊا جهڙي ننڍي جزيري تي موجود آمريڪي شهرين ۽ اثاثن کي بچائڻ لاءِ ان جزيري تي آمريڪي فوج حملو ڪري ڇڏيو. ان حملي دوران زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج وچ ۾ ربط پيدا ڪرڻ تي ٻڌل فني مهارت جي سلسلي ۾ ڏاڍيون مشڪلاتون ۽ مسئلا سامهون آيا. اوهان سوچيندا هوندا ته انهن مسئلن ۽ مشڪلاتن کي ختم ڪيو ويو هوندو، پر حقيقت ۾ ڪنهن به انهن مشڪلاتن ۽ مسئلن کان سبق نه سکيو ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون نه ڪيون. نتيجي ۾ نار جي لڙائي (Kully War) ۾ آمريڪي شرڪت دوران اهي ئي مشڪلاتون ۽ مسئلا اڀري آيا. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪي فوج جي ٽنهي شعبن ۾ ربط جي فقدان سبب فرينڊلي فائر (Friendly Fire) (دوستاڻي لڙائي) جي ڪري ڪيترن ئي آمريڪي فوجين جون جانيون ضايع ٿي ويون.
گريناڊا ۽ نار جي لڙاين ۾ آمريڪي فوجن جي شموليت جي ڪري پيدا ٿيندڙ بحراني حالتن تي نظر وجهڻ سان آمريڪي فوج جي نا اهلي ۽ نالائقي تي مشتمل رخ سامهون آيو. امن جي زماني ۾ آمريڪي فوج جا اهي ٽئي شعبا هڪ ٻئي سان هر ممڪن طور تي الڳ رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اها حڪمت عملي موثر انتظامي طريقا اختيار ڪرڻ جو نتيجو نه، بلڪه صدين کان جاري انا پرستي جي لڙائي جو نتيجو آهي. فڪر جي روايتي فوجي انداز سبب اهي خدشا سامهون ايندا آهن. جيڪڏهن فوج جا تمام شعبا پاڻ ۾ گڏ ڪيا ويا ته اختيارن ۽ رقم جي ورڇ جا تڪرار پيدا ٿيندا. ان قسم جو مسئلو ان وقت تائين تڪليف ده ثابت نه ٿو ٿئي جيستائين اهو مسئلو بحراني صورت اختيار نه ڪري وٺي ۽ ان بحران سبب اهي جانيون ضايع ٿين ٿيون جن کي بچائي سگهجي پيو.
آمريڪا ۾ گاڏيون تيار ڪندڙ ادارن کي به بار بار انهن ئي مسئلن سان منهن ڏيڻو پئي ٿو، جيڪي رڳو بحراني حالتن دوران سامهون ايندا آهن. 1979ع ۾ جڏهن لي آئيوڪاڪا (Lee Iacocca) ڪرسلر ۾ پنهنجي عروج جي دور جي شروعات ڪئي ته ڊيٽرائٽ (Detriot) نالي اداري هيٺ ڏنل ڪارن کي ”تيار ٿيل حالت“ مان واپس گهرايو:

1. پاور اسٽيئرنگ ۾ خرابي 15000 مسٽانگ ۽ ڪئپرائس
2. غير محفوظ انجڻ فين 3400 مسٽانگ
3. بريڪ ۾ خرابي 77،700 فورڊ وين
4. سيٽ بئڪ ۾ خرابي 4،00،000 ڪئپرائس
5. ڦيٿن ۾ خرابي 70،000 فورڊ لائٽ ٽرڪ
6. اسٽيئرنگ ۾ خرابي 3،90،000 فل سائز مرڪري ۽ ڪانٽي نينٽل
7. ماحولياتي گدلاڻ کان محفوظ 4،30،000 پونٽياڪ

رکندڙ اوزارن ۾ خرابي:
8. اسٽيئرنگ ۾ خرابي 172،000 مونزاس، سن برڊ، اسٽارفائر
9. ايڪسيليٽر پيڊل ۾ خرابي 372،000 ڪيڊلڪ
10. بيرنگ ۾ خرابي 18،00،000ڪارون، پڪ اپ ٽرڪ
11. ٻارڻ ڀرڻ جو انتظام 41،500 ڪيڊ لڪ
جنهن ۾ باهه لڳي سگهي ٿي.
12. فرنٽ سيٽ بيلٽ ۾ خرابي 13،00،000جي. ايم. ڪار
چوڏهن سالن کان پوءِ 1933ع ۾ آئيوڪوڪا فتح جي انداز ۾ دعويٰ ڪندي ڪرسلر کان باقاعده طور پنهنجو تعلق ختم ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ان هڪ ڪامياب گاڏي ٺاهيندڙ اداري کي هڪ عظيم اداري ۾ تبديل ڪيو آهي. بهرحال ان ئي سال گاڏيون تيار ڪندڙ وڏن ۽ عظيم ادارن پنهنجي گراهڪن کان خراب ۽ ناڪاره گاڏيون واپس ورتون. واپس وٺي يا مرمت ڪئي يا وري نيون گاڏيون واپس نه ڪيون.
اهڙي طرح 1979ع ۽ 1993ع وچ ۾ هر سال آمريڪن آٽو موبائلز لکين ڊالر ماليت جون گاڏيون گراهڪن کان واپس ورتيون ۽ ننڍا ننڍا نقص دور ڪري انهن کي گراهڪن حوالي ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح ڊيٽرائٽ ڪروڙين ڊالرز جي رقم بچائي. خراب گاڏين کي واپس وٺڻ ۽ انهن جي مرمت کان پوءِ واپس ڪرڻ واري حڪمت عملي هڪ اهڙي مڃيل طريقي ڪار جي حيثيت اختيار ڪئي وئي جو هاڻي ان ۾ جدت پڻو بلڪل ختم ٿي چڪو آهي.
آمريڪي صنعتڪار ڪار ٺاهڻ جي حوالي سان تيار ٿيل پرزن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي سلسلي ۾ اعليٰ معيار جي فقدان سبب پيداوار ڏيندڙ مسئلا هڪ گهٽ نوعيت جي حامل بحراني حالتن جي حيثيت ۾ گذريل ويهه سال مستقل طور تي موجود رهيا. منافعو گهٽ ٿيڻ ڪري ادارا افرادي سگهه جي ڇانٽي ڪري ڇڏين ٿا، سهولتن جي فراهمي روڪي ڇڏين ٿا، پيداواري وقت گهٽائي ڇڏين ٿا ۽ پرزن کي پاڻ ۾ جوڙڻ تي ٻڌل تعداد گهٽ ڪن ٿا، پر ڪو به ادارو ڪروڙين ڊالر ضايع ٿيڻ جو خطرو برداشت نه ٿو ڪري سگهي.
جهڙي طرح ڪشش ثقل هڪ مستند اصول جي حيثيت رکي، ٿي اهڙي طرح انتظاميا گاڏيون واپس ڪرڻ ۽ مرمت کان پوءِ واپس ڪرڻ جي اصول کي فطري قانون سمجهي ٿي. خراب گاڏيون واپس وٺڻ ۽ مرمت کان پوءِ واپس ڪرڻ يا نيون گاڏيون فراهم ڪرڻ جو اصول جيتوڻيڪ سڄي دنيا ۾ رائج آهي، پر جهڙي طرح ڊيٽرائٽ ان حڪمت عملي کي باقاعدگي سان اختيار ڪري ٿو، ڪو ٻيو ادارو باقاعدگي سان ان کي اختيار نه ٿو ڪري.
ڊيٽرائٽ ۾ موجود بحراني حالتون ٻاڪاري گهر ڪري رهيون آهن ته اداري جي معمولات تي نظر ثاني ڪئي وڃي، اکيڙڻ ڪيرائڻ ۽ صفائي ڪٽائي جو عمل شروع ڪيو وڃي. جڏهن انتظاميا ان مسئلي کي مسلسل نظرانداز ڪندي رهندي ۽ ٻين آسان مسئلن ۽ مشڪلاتن طرفن ڌيان ڪندي آهي ته پوءِ مسئلو ساڳي حالت ۾ برقرار رهندو آهي. انتظاميا رڳو پنهنجي ڦڙتي ڏيکارڻ لاءِ ننڍا ننڍا ۽ آسان مسئلن ۽ مشڪلاتن طرف ڌيان ڏيندي آهي جڏهن ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي حوالي سان انتظاميا رڳو نعرا هڻندي آهي.
اکيڙڻ ڪيرائڻ ۽ صفائي ڪٽائي جي عمل کي موثر بڻائڻ خاطر، انتظاميا کي انهن مسئلن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي بار بار پيش ايندا آهن. ان قسم جا مسئلا حقيقي طور تي تباهه ڪندڙ هوندا آهن ۽ انهن کي حل ڪرڻ به نهايت مشڪل هوندو آهي ۽ انهن مسئلن جي ان خاصيت باعث اهي مسئلا انتظاميا آڏو بار بار اچي بيهندا آهن. انتظاميا ان قسم جي مسئلن کي ختم ڪرڻ جو پڪو ۽ پختو ارادو ڪندي آهي ته انتظاميا پنهنجي ان قدم جي ڪري تباهي جي امڪان کي گهٽائي ٿي جنهن جي ڪري ڪو مسئلو پيدا ٿئي ٿو ۽ ان جي ڪري مستقبل ۾ به ڪو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.

[b]هڪ مستقل عادت... نقصان بيشمار:
[/b]جيڪڏهن هڪ شخص مسلسل ٽيهن سالن تائين هڪ ئي خوراڪ کائڻ جو عادي رهيو آهي ته ڪجهه وقت ايئن به ٿئي ٿو ته اهو شخص اسپتال جو رخ ڪري وٺندو آهي، يعني هڪ مستقل عادت جا بيشمار نقصان ٿي سگهن ٿا.
جڏهن ڪو ماڻهو دل جي دوري جو شڪار ٿئي ٿو يا فالج جي حملي جو نشانو بڻجي ٿو ته اهو ان وقت پنهنجي زندگي ۾ مناسب تبديلين جي سلسلي ۾ پنهنجيون ترجيحون مقرر ڪري وٺي ٿو. اسپتال ۾ بستري تي ليٽي اوهان پنهنجي کاتي جي معمولات کي واضح طور اختيار ڪري سگهو ٿا. اهو به محسوس ڪري سگهو ٿا ته اوهان کي ڪيترين ڪئلريز جي ضرورت آهي ۽ ڪيتريون ڪئلريز مهيا ٿي رهيون آهن. پوءِ اوهان اهو به ڏسو ٿا ته معمول کي اختيار نه ڪرڻ سبب اوهان بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪا آهيو، پوءِ اوهان کي بستري تي ليٽي راتيون جاڳي گذارڻيون پون ٿيون ان سموري تجزيي ذريعي اوهان کي معلوم ٿي ويندو آهي ته اوهان کي ڪهڙيون عادتون ڇڏڻيون آهن ته جيئن اوهان بيمارين کان بچي سگهو.
اهڙي طرح فردن وانگر ادارا به هڪ مستقل عادت ۽ معمول جي ڄار ۾ گرفتار ٿي وڃن ٿا، جيڪي انهن لاءِ نقصان واري ڳالهه ثابت ٿيندي آهي. سالن کان هڪ معمول اختيار ڪرڻ جي ڪري ادارو ترقي ڪرڻ بدران رڳو پاڻ کي بچائڻ ۽ زنده رکڻ لاءِ پنهنجي توانائي، وسيلا ۽ ذريعا خرچ ڪري ڇڏي ٿو.
جڏهن بحراني حالتون اداري تي حملو ڪنديون آهن ته ان جو صدمو اڌ رنگي جي حملي کان گهٽ نه هوندو آهي. پر انهن بحراني حالتن جي ظاهر ٿيڻ سبب انتظاميا کي اهو موقعو ملندو آهي ته اها اداري جي معمولات تي نظرثاني ڪري ۽ انهن معمولات کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري جن جي ڪري اداري ۾ بحراني حالتون آيون. اداري جي معمولات تي نظرثاني، اکيڙڻ، ڪيرائڻ ۽ صفائي ڪٽائي جو اهو عمل اذيت ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو ۽ مسئلن ۽ مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو عمل تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اداري جي معمولات ۾ درست ۽ مناسب تبديليون آنديون وڃن ته ادارو مستقل طور تي انهن ڪاميابين مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو جنهن جو ادارو سالن کان منتظر هو.