1. فڪر جو بين الاقوامي انداز ۽ بصيرت جي پنهجائپ
لوريلي جو چوڻ آهي ته: ”منهنجي ان دوري دوران ڪجهه وقت اسان رڳو 14 ڏينهن جي عرصي ۾ 13 ملڪ گهميا، اسان واقعي دل سان محنت ڪندا آهيون. پر تعلقات جي قائم ٿيڻ جي شروعات جي سلسلي ۾ ۽ ان حوالي سان دنيا جي حالتن کي حقيقي طور سمجهڻ لاءِ ان مشاهدي، جائزي تحقيق ۽ جستجو کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي.“
ان کان پوءِ لوريلي بيشمار پرڏيهي ڪاروباري دورا ڪيا. ان دوري کان واپسي تي لوريلي بين الاقوامي حالتن، پرڏيهه ۾ پنهنجي ڪاروبار ڦهلائڻ جي سلسلي ۾ ڪاروباري رازن کان واقفيت ۽ ٻين متعلق معاملن جي حوالي سان هڪ تجربيڪار ماهر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو ۽ هن کي اهو ادراڪ به ٿي چڪو هو ته بين الاقوامي حالتن کي سمجهڻ لاءِ سنجيده ۽ گهرو ڌيان گهربل آهي. هو چئي ٿو: ” ان دوري جو مقصد رڳو اهو نه هو ته دنيا جي مختلف ملڪن جي بيهڪ بابت معلومات حاصل ڪئي وڃي، پر ان دوري جو وڏو مقصد اهو هو ته انهن ملڪن جي تهذيب ۽ ثقافت ۽ عوام بابت ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي. منهنجي دوري جو مقصد به اهو هو ته مان مختلف حالتن ۾ پنهنجو پاڻ کي ٺهڪائڻ ۽ پنهنجو رويو انهن حالتن مطابق بڻائڻ جي سلسلي ۾ فهم حاصل ڪري سگهان ته جيئن مان هڪ ”وڏي آمريڪي“ جي تصور جي ابتڙ دنيا جي حالتن کي وڌيڪ بهتر ۽ وڌيڪ صحيح طور ڏسي سگهان.
[b]عالمگيريت دور ۾ پنهنجي استحقاق جي حاصلات:
[/b]اسان مان ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي پيشيوراڻي زندگي ۾، ڪنهن نه ڪنهن وقت، لوريلي جهڙو فڪر جو انداز اختيار ڪن ٿا؟ جيڪڏهن افرادي سگهه متعلق انگ اکر مستند حيثيت رکن ٿا ته اسان مان اڪثر فرد اهڙا هوندا جيڪي مستقبل ۾ پنهنجي پيشيوراڻي چونڊ لاءِ ٻين ملڪن کي ترجيح ڏيندا. آمريڪا ۾ مختلف تجارتي ادارن طرفان مقامي افرادي سگهه جي ڇانٽي باوجود پرڏيهي ماهرن کي ڀرتي ڪرڻ جو لاڙو عروج تي آهي. 120 تجارتي ادارن جي هڪ تازي جائزي مطابق اهي ادارا گذريل 5 سالن جي نسبت هاڻي 61 سيڪڙو وڌيڪ پرڏيهي ماهر ۽ پيشيور فرد ڀرتي ڪن ٿا. هن وقت جاپان ۾ ٽي لک پرڏيهي ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ اڪثريت آمريڪين جي آهي. چين جي تجارتي ۽ واپاري ميدانن ۾ وسعت ۽ پرڏيهين سان ڪاروباري ناتن قائم ٿيڻ جي نتيجي ۾ چين ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪين جو تعداد تقريباً پهرين ڏهاڪي جي مقابلي ۾ ٻيڻو ٿي چڪو آهي، جيڪي هانگ ڪانگ جا رهائشي آهن. وڌيڪ اهو ته انهن آمريڪي ڪارڪنن جو تعداد چين ۾ ڪم ڪندڙ برطانوي ڪارڪنن کان وڌيڪ آهي. 1939ع ۾ چيڪ ريپبلڪ (Czech Republic) ۾ آمريڪين جو تعداد رڳو 100 هو، هاڻي اهو تعداد 30 هزار تائين پهچي چڪو آهي. آمريڪي آدمشماري جي کاتي مطابق هر سال اٽڪل 250000 آمريڪي ٻين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪري وٺندا آهن حالانڪه 1980ع ۾ اهو تعدا رڳو 160000 هو. ٻين ملڪن ۾ منتقل ٿيندڙ آمريڪي شهرين ۾ 10 سيڪڙو عورتون آهن ۽ گذريل ڪجهه سالن ۾ ان شرح ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي.
بين الاقوامي طور تي نه رڳو ملازمتون تمام گهڻيون دستياب آهن پر معاوضا به تمام گهڻا آهن. افرادي سگهه جي کاتي مطابق پرڏيهي ملڪن ۾ دستياب ملازمتن جو معاوضو مقامي طور تي دستياب ملازمتن جي معاوضن کان سراسري طور 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان کان سواءِ پنهنجي ملڪ ۾ اسان پرڏيهي ادارن سان گڏ وڌ کان وڌ ڪم ڪرڻ پسند ڪندا آهيون.آمريڪا ۾ پرڏيهي ادارا 4.9 ملين آمريڪي ڀرتي ڪندا آهن. ان کان سواءِ آمريڪا ۾ قائم پرڏيهي ادارن جون شيون تيار ڪرڻ وارن شعبن ۾ اٽڪل 2 ملين آمريڪي ملازم آهن. ان جو ملطب اهو آهي ته هڪ اندازي مطابق آمريڪا ۾ پرڏيهي ادارن جون شيون تيار ڪندڙ شعبن ۾ 10 مان هڪ آمريڪي ڪم ڪري ٿو.
مقامي طور گذريل ڪيترن ئي ادارن ۾ ڪاميابي سان رائج ملازمتن ۽ روزگار بابت حڪمت عملي هاڻي ناڪامي جو سبب ثابت ٿي رهي آهي. واپاري طور عالمگيريت جو مفهوم اهو نه آهي ته رڳو شيون تيار ڪرڻ ۽ انهن کي وڪرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجون ڪاروباري سرگرميون انهن پرڏيهي ملڪن تائين ڦهلايون وڃن جن جي تهذيب ۽ ثقافت مقامي تهذيب کان مختلف هجي. مائيڪ لوريلي وانگر بين الاقوامي طور تي نئين ماحول کي اختيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ نيون مهارتون حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
گذريل دورن ۾ حقيقي فڪر جو عالمگير انداز ۽ بصيرت رکندڙ آفيسر پيدا ته ٿي ويا پر ان نظريي مطابق انهن جي تربيت نه ٿي سگهي. ڪو نو سوڪي ميٽشوشيٽا (Konosuki Matsushita) فڪر جي عالمگير انداز ۽ بصيرت سان گڏ ڪاروباري منظر نامي تي ظاهر ٿيو، جڏهن هن پنهنجي اداري جي واپاري رٿا تيار ڪئي ته هن ايندڙ 25 سالن تائين واپاري ضرورتن کي سامهون رکيو.
مائڪ لوريلي هڪ عالمگير عهدو حاصل ڪري ورتو هو ۽ هن جي سوچ ۽ فڪر جو انداز ۽ بصيرت به ان نظريي مطابق ٺهڪي چڪي هئي، ان ڪري ڪجهه ماڻهو اهڙا ٿي سگهن ٿا، جيڪي هن جي نظريي جي وڌيڪ ويجها هجن ۽ وڌيڪ اعليٰ مقام ۽ مرتبو حاصل ڪرڻ چاهيندا هجن. لوريلي کي هڪ عالمگير سوچ، فڪر جو انداز ۽ بصيرت ان تناظر ۾ اختيار ڪرڻي پئي ڇاڪاڻ ته هن کي هڪ عالمگير عهدو ڏنو ويو هو ۽ هن کي ان عهدي مطابق ذميواريون ۽ فرض چڱي نموني نڀائڻ لاءِ هڪ عالمگير سوچ، فڪر جو انداز ۽ بصيرت گهربل هئي.
[b]اوڀر ۽ اولهه:
[/b]پنهنجي انفرادي سوچ، فڪر ۽ بصيرت کي وسيع ڪرڻ خاطر اسان لاءِ دنيا جي منظر نامي تي سڀ کان وڌيڪ بنيادي ۽ گڏيل رخن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري آهي. دنيا متعلق هر تهذيبي ايڪي جو پنهنجو مخصوص نظريو ۽ خيال هوندو آهي. ان اصول تحت دنيا متعلق آمريڪين جو نظريو اهو آهي ته قدرتي محرڪن ۽ عنصرن کي پنهنجي تابع ڪيو وڃي ۽ ان کان به وڌيڪ قدرتي محرڪن ۽ عنصرن کي انسان جي فائدي ۾ تبديل ڪيو وڃي. ممڪن آهي ته اوهان کي ياد هجي ته عدن باغ ۾ الله تعالى آدم ۽ حوا کي چيو ته: ” بيشمار اولاد پيدا ڪريو ۽ هن زمين جي گولي کي انسانن سان ڀري ڇڏيو ۽ ان دنيا کي فتح ڪريو.“ ان اصول کي نظر ۾ رکندي اوڀر ۾ رهندڙ انسانن (چيني، جاپاني، ڪوريائي) فطري محرڪن ۽ عنصرن کي قبول ڪرڻ، انهن سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ جو فن سکي ورتو ته جيئن زندهه رهڻ لاءِ زرعي سرگرميون اختيار ڪري سگهن. تائو ازم (Touism) سميت غيب تي مبني مذهبن جو بنياد تبديلي جو هڪ لامحدود سلسلو هو. لامحدود تبديلي جو اهو سلسلو قدرتي محرڪن ۽ عنصرن جو عڪاس هو ۽ انهن قدرتي محرڪن ۽ عنصرن تي ئي چانورن جي پوکي جي دارومدار هو. هو ان آفاقي مڃيل حقيقت جا قائل هئا ته انسان کي هر قيمت تي انهن قدرتي محرڪن ۽ عنصرن ۾ تبديلي کان روڪڻ جو عمل هڪ احمقاڻي سوچ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي ۽ جيستائين انهن قدرتي محرڪن ۽ عنصرن ۾ تبديلي سان انسان مطابقت پيدا نه ٿو ڪري، ان لاءِ ترقي ناممڪن آهي.
جهڙي طرح اوڀر جي نظريي مطابق فطري قانون کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي، گهٽ ۾ گهٽ ان ئي مفهوم ۾ اسلامي قانون ۽ تعليمات مطابق هڪ انسان جي قسمت پهريان مقرر ڪئي وئي آهي. ان نظريي تحت ٻارهين صدي ۾ فلڪيات جي ماهر ۽ شاعر، عمر خيام پنهنجي رباعين ۾ لکيو:
”انسان جي تخليق جي پهرين صبح الله تعاليٰ چيو: ”گذريل اڀرڻ (Rising) جي وقت انسانن جي ڳڻپ ڪيئن ٿيندي.“
الله تعاليٰ چيو ته مون کي دنيا جي سموري مخلوق جو صرف آقا بنجڻ کان سواءِ ان کان اڳتي هڪ وڌيڪ قدم کڻڻو آهي.
ٻارن جي هڪ ڪتاب ” دي لٽل انجن ديٽ ڪڊ ( The little engine that Could) ۾ ذڪر ٿيل قدرن ۽ روين مطابق، آمريڪين کي ننڍپڻ کان اهو سيکاريو ويندو آهي ته سخت محنت ڪاميابي وانگر آهي. اسان انساني ڪوششن کان مٿانهين قوتن بدران، ڪوشش ۽ انساني اعتماد ۾ پختو يقين رکندا آهيون. اوهان ڪنهن عرب کان پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ ڪوشش ۽ ترغيب کان ڪم وٺڻ جي توقع نه ٿا ڪري سگهو ڇاڪاڻ ته هو قسمت کي انساني ڪوششن کان مٿانهون ٿو سمجهي. وچ اوڀر ۾ تبديلي جو عمل هڪ نظرياتي سوچ ۽ بصيرت سبب آهي، اهڙي طرح اوڀر آفريڪا ۾ انساني ڪوشش جو تصور عام نه آهي جتي قبائلي عقيدن مطابق انساني قسمت انسان جي وس کان ٻاهر هوندي آهي. پنهنجي تصور، پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي بصيرت کي هڪ عالمگير مقام ڏيڻ جي سلسلي ۾ اسان جو ”انسان، فطرت کان برتر آهي“ تي مبني نظريو ڪهڙي اثر هيٺ آهي؟ شروعاتي طور تي ان قسم جي رويي ۽ فڪر جي انداز جي ڪري عالمگير تبديلين تي فتح حاصل ڪرڻ جي خواهش کان سواءِ اسان لاءِ انهن تبديلين متعلق پنهنجو رد عمل ظاهر ڪرڻ ۽ ان سان مطابقت پيدا ڪرڻ جو عمل مشڪل ٿي ويندو آهي. مثال طور پرڏيهي ملڪن ۾ موجود آمريڪي اتان جي حالتن کي مڃڻ بدران انهن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان جي بلڪل ابتڙ، باهمي رواداري وارو رويو رکندڙ جاپاني پرڏيهي ملڪن ۾ اتان جي ماحول سان مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پرڏيهي ملڪن ۾ اسان سان پيش ايندڙ مسئلن جو فطري طور تي اسان وٽ اهو حل هوندو آهي ته انهن مسئلن کي اسان جي طريقن مطابق حل ڪيو وڃي.
مختلف نظرين جي وچ ۾ ان فرق جو ٻيو ڪارڻ فڪر جي انداز ۾ تضاد آهي. اوڀر جي ملڪن جا فرد ڪاميابي رضامندي، ۽ مصلحت تحت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن ته اولهه جي ملڪن ۾ رهندڙ فرد پنهنجي ڪوشش جوش ۽ جذبي ذريعي فتح حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مثال طور قديم انڊونيشي ڳوٺاڻي اصول مطابق ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل امداد جو نظريو، ڳوٺاڻن وچ ۾ گڏيل ڪوشش جو تصور، هڪ ٻئي جي ڏک ۽ سور ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش، گڏجي ڪم ڪرڻ جو جذبو ۽ باهمي فتح جا بنيادي اصول آهن.
[b]فڪر جو محدود آمريڪي انداز:
[/b]حقيقي ۽ سچي عالمگيريت تي مبني نظريو ڪڏهن به فڪر جو آمريڪي انداز نه رهيو. آمريڪا ان سلسلي ۾ پاڻ کي آجو سمجهي ٿو. آمريڪي فرد پنهنجي سرزمين کي ئي دنيا جو مستقبل سمجهن ٿا. آمريڪي دانشور آمريڪا ۾ به اڀرندڙ نون نظرين کي آفاقي حيثيت ڏين ٿا ۽ آمريڪي تهذيب پاڻ کي باقي سڀني تهذيبن کان الڳ ۽ برتر سمجهي ٿي. آمريڪي علائقائي فتحن بدران نظرياتي فتحن تي يقين رکن ٿا. آمريڪين جو مقصد رڳو اهو نه آهي ته اهي چين، ڪيوبا يا فلپائين تي قبضو ڪن. آمريڪي فوجن جي 1898ع ۾ اسپين تي حملي جو مقصد اهو هو ته اسپيني عوام کي آمريڪين وانگر بنايو وڃي.
ووڊروولسن (Woodrow Wilson) آمريڪي جمهوري نظام ”جمهوريت“ لاءِ دنيا کي هڪ محفوظ مقام بڻائڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. 1940ع ۾ مابرسڪا (Mabraska) جي سينيٽر ڪينٿ ويري (Kenth Wherry) اسان جي تهذيبي حاڪميت کان متاثر ٿي چيو: ”الله تعاليٰ جي مدد ذريعي اسان شنگهائي کي ايتري ترقي ڏينداسين جو اهو ڪسناس سٽي برابر اچي وڃي.“
ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ آمريڪين عالمگيريت جو نظريو وڌ کان وڌ اختيار ڪيو. پر عالمگيريت تي مبني آمريڪي نظريو صرف ۽ صرف علائقائي عالمگيريت يعني اوڀر-اولهه مقابلي تي مشتمل هو. ميخائيل ايليٽ (Michail Elliot) نيوز ويڪ جي جنوري 1995ع جي شماري ۾ لکيو آهي:
”ٿڌي ويڙهه (Cold War) اسان لاءِ ان لحاظ کان اطمينان جوڳي هئي جو دنيا ۾ اسان کي پنهنجي قدر ۽ قيمت جو احساس ٿي ويو، اسان کي معلوم ٿي ويو ته اسان جا دوست ڪهڙا آهن ۽ دشمن ڪهڙا آهن. عالمگيريت جي ڪري ظاهر ٿيندڙ معاشي ترقي پهرين مهاڀاري لڙائي جي ان زماني وانگر پريشان ڪندڙ هئي، جڏهن فني مهارت ۽ تجارت عالمي معيشيت کي پهريان کان وڌيڪ هڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ يورپ عالمگيريت جي تصور جي ضرورت کي محسوس ڪيو ۽ يورپ جا دڪان سستين آمريڪي شين سان ٽمٽار هئا. آمريڪا ۾ هاڻي ڪيترائي فرد ”عالمگيريت“ کي هڪ خطرو سمجهندا آهن. ڀارت هڪ اهڙو ملڪ سمجهيو ويندو آهي جتي لکين فرد ڏڪار جو شڪار ٿي ويندا آهن. هاڻي ڀارت هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي هڪ ڏهاڪي دوران ڪپڙو تيار ڪرڻ ۽ ڪمپيوتر سافٽ ويئر جون صنعتون پنهنجون گهٽ لاڳت جون شيون آمريڪا کي وڪرو ڪري رهيون آهن.“
رچرڊ برنٽ (Richard Barnet) ۽ جان ڪيمناف (John Comnagh) تازو لکيو آهي:
”مکيه صنعتي قومون جن سوويت يونين خلاف هڪ عالمگير اتحاد قائم ڪيو، پنهنجي پراڻي رويي تي واپس اچي ويون آهن.“
ان جو سبب اهو آهي ته آمريڪي هاڻي پهريان کان وڌيڪ تهذيبي الميي ۽ تنزلي جو شڪار آهن. دنيا ۾ موجود ڪروڙين فرد گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي انگريزي ٻولي ڳالهائي وٺندا آهن. پر هن زمين تي موجود 4000 کان وٺي 5000 تائين ڳالهايون ويندڙ ٻولين مان آمريڪي رڳو هڪ ٻولي ڳالهائي سگهن ٿا. فيڊرل ايڪسپريس ٽيليويزن تي 1994ع ۾ پيش ڪيل هڪ اشتهار ڪيترو غير حقيقي محسوس ٿيندو آهي جنهن ۾ هڪ جاپاني کي هڪ بي صبرو آمريڪي فون تي مسخري انداز ۾ مخاطب ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي جاپاني آفيسر پنهنجي ٻولي ۾ “هيلو” کي به صحيح طور ادا نه ٿا ڪري سگهن. هن وقت رڳو 71000 آمريڪي پرڏيهي ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ انهن مان 70 سيڪڙو يورپ ۾ آهن. ان جي ابتڙ آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 439000 پرڏيهي شاگردن ۾ ايشيائي شهرين جو تعداد 59 سيڪڙو آهي.
[b]فڪر جي آفاقي انداز جي پنهنجائپ:
[/b]آزاد تجارت جا علمبردار مثلاً نافٽا (Nafta)، يورپين يونين (Europion Union) ۽ گيٽ (GATT) به پنهنجين جاگرافيائي حدن کي نه مٽايو نه وري انهن پوري دنيا جي نظامن کي هڪ واحد معاشي نظام ۾ تبديل ڪيو. گيٽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (World Trade Organization) ان ڪري وجود ۾ آئي ته جئين هر ملڪ کي آزاد تجارت جو حق ملي وڃي، پر ان اداري کي شروع ۾ ئي ان وقت بحراني حالتن سان منهن ڏيڻو پيو جڏهن ان اداري جي اعليٰ سربراهه جي طاقتور عهدي لاءِ آمريڪي، يورپي ۽ ايشيائي اميدوارن وچ ۾ ڊوڙ شروع ٿي وئي.
يورپي قومون سرمائيداراڻي نظام تي مبني آزاد تجارت جي تصور جون حامي آهن، جنهن ذريعي عوام جي سماجي فلاح ۽ بهبود جو ڪم ورتو ويندو آهي. ايشيائي قومون هڪ عجيب قسم جي حڪومتي سرمائيداراڻي نظام تي ٻڌل هڪ لچڪدار حڪمت عملي اختيار ڪنديون آهن، جنهن هيٺ ڪاروباري ۽ صنعتي ادارن ۾ نهايت بي ڍنگي طريقي سان وٺ سٺ ڪئي ويندي آهي. اهي سڀ نظام هڪ وقت ڪم ته ڪري سگهن ٿا، پر انهن جي واحد نظام ۾ جڙڻ جي اميد نه آهي. وڌيڪ اهو ته آمريڪين وٽ ٿڌي ويڙهه کٽڻ لاءِ واحد معاشي نظام جو تصور ڪيترو به خوش ڪندڙ ۽ دل کي لڀائيندڙ ڇو نه هجي، پر پوءِ به اهڙي قسم جو تصور نا ممڪن آهي. ممڪن آهي ته يورپي قومون انهن مان ڪجهه نظامن تي ڪنهن حد تائين پابندي لڳائي ڇڏين پر اها اميد نه ٿي ڪري سگهجي ته پنهنجن سماجي رٿائن، بهتر معاوضن، ڊگهي بيروزگاري جي فائدن کان سواءِ افرادي سگهه ۽ ماحول متعلق سخت قانونن جي نفاذ کان منهن موڙي ڇڏينديون. اولهه يورپ جي عوامي فلاح ۽ بهبود تي ٻڌل نظام، ان کي آمريڪي سرمائيداراڻي نظام کان پري ڪري ڇڏيندو ۽ آمريڪا جا روشن خيال ۽ انفراديت رکندڙ فرد يقيني طور تي حڪومتي امداد ۽ سهڪار تي مبني ايشيائي طرز جي معيشيت جي نظام کي بلڪل قبول نه ڪندا. اها انتهائي قسم جي سادگي هوندي ته جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته جاپان ۽ اوڀر ايشيا جا باقي ملڪ حڪومتي سرمائيداري ۽ صنعتن (حڪومتي سهڪار خاص ڪري اولهه جي سرمائيداري نظام ۾ نئين ترتيب آڻڻ) لاءِ تي مبني نظام کي تبديل ڪري ڇڏيندا. ممڪن آهي ته ايشيائي ملڪ خاص طور تي ايشيائي علائقن ۾ ڪجهه پوئتي هٽي وڃن. نه، بلڪه اهي ٽئي معاشي نظام مستقبل ۾ به اتم درجي تائين موجود رهندا.
گيٽ ۽ ان قسم جي ٻين معاهدن ۾ شريڪ ملڪ گڏيل تجارت جي سلسلي ۾ ٽئڪس ۽ محصولات وغيرهه ۾ ته گهٽتائي ڪندا آهن، پر اهي پنهنجين تهذيبي پابندين ۽ معمولات ۾ نرمي جو تصور به نه ٿا ڪري سگهن. جڏهن پيڪٽوز (Pactos) سان تعلق رکندڙ قومون خاص نظريا رکندڙ قومن سان ملي وينديون آهن، هڪ ٻئي سان اتحاد ڪنديون آهن ۽ پوءِ گيٽ جهڙي معاهدي تي صحيحون ڪنديون آهن ته پوءِ به مقامي حقيقتون تبديل نه ٿينديون آهن ۽ پنهنجي مستقل حيثيت برقرار رکنديون آهن. جڏهن برازيل مرڪوسر (Mercosur) (برازيل، ارجنٽائن، يوراگوئي ۽ پارا ڪوري وچ ۾ آزاد تجارت جو معاهدو ۽ گيٽ) جو رڪن بڻجي ٿو ته ان جو اهو مطلب نه هوندو آهي ته پرڏيهين کي اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته واپار ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ برازيلي ڪهڙي طرح ڪاروباري سرگرمين ۾ ملوث هوندا آهن ۽ انهن جو رويو ڪهڙو هوندو آهي.
جڏهن مختلف ملڪن وچ ۾ مقابلي جو عمل شديد ٿي ويندو آهي ته حقيقت ۾ هڪ وقت رڳو انهن ملڪن جي غير معاشي شعبن ۾ گهرو تعلق پيدا ٿي ويندو آهي. انهن مان سڀ کان اهم دنيا جي دولتمند ترين ۽ غريب ترين ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ وڇوٽي آهي، پر ٻين ملڪن وچ ۾ وڇوٽي ظاهر ٿيندي آهي. اها فني مهارت جي وجود ۽ عدم وجود، ڪثرت ۽ اڻاٺ، وسيلن ۽ ذريعن ۽ اولهه جي سرمايي تائين پهچ ۽ اڻ پهچ باعث پيدا ٿيندي آهي. ان سلسلي ۾ دنيا جي جاگرافيائي بيهڪ مددگار ۽ سهڪاري ثابت نه ٿيندي آهي. اڄ جي ان جديد عهد ۾ 95 سيڪڙو آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ 2025ع ۾ اسرندر ملڪن، يعني دنيا جي غريب ترين ملڪن جي آبادي ۾ اضافو ٿيندو.
مختلف ملڪ هڪ ٻئي سان ڪيئن رابطو قائم ڪندا آهن ؟ ان متعلق اسان کي دقيانوسي رويي جي اظهار کان لازمي طور پرهيز ڪرڻ گهرجي. هر قوم کي اهو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته مختلف فرد ۽ ملڪ هڪ ٻئي سان ناتا قائم ڪري سگهن ٿا، پر گڏوگڏ انهن ناتن باوجود اهي پنهنجي سياسي ۽ تهذيبي آزادي کي به قائم رکن ٿا. دنيا جو اهو تناظر ۽ پيش منظر ان مڃيل حقيقت کي روشن ڏينهن جيان واضح ڪري ڇڏي ٿو ته، هاڻي آمريڪا دنيا جي ٻين ملڪن تي تهذيبي يا معاشي غلبو برقرار نه رکي سگهندو.
اسان هڪ وڌيڪ فڪر جو آفاقي انداز ڪيئن اختيار ڪري سگهون ٿا؟ ان سلسلي ۾ هڪ طريقو: ” دوربين جي چوڌاري چڪر لڳائڻ“ آهي. اسان پنهنجين عقلي ۽ دوربين نگاهن ذريعي تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ ٻين ملڪن، ٻين ماڻهن ۽ ڪاروبار لاءِ موقعن جو مشاهدو ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون. ان عمل ذريعي اسان وڻن کي ڏسڻ لاءِ جهنگل جي مشاهدي ۽ نظاري کان محروم ٿي سگهون ٿا. پر جيڪڏهن هن دوربين جي ٻئي طرف کان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته هڪ ڏاڍي مختلف دنيا نظر اچي ٿي. ان دنيا کي جمهوري ۽ مطلق العنان حڪومتون، اسريل ۽ اسرندڙ ملڪن، عالمگير، اتر ۽ ڏکڻ علائقن ۾ ورهائي ڏسڻ بدران هڪ شخص مڪمل عالمگير دنيا جو تصور ڏسي ٿو. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مقامي کان عالمگير حقيقت؛ مثلاً ڪيوبا ۾ موقعن جي ڳولا، پر ان سان گڏ ان امر جو به ادراڪ ته ڪيئن ڪيوبا اولهه هند جي علائقن، لاطيني آمريڪا، اولهه هيمسفيئر (Hemisphare) بلڪه سڄي دنيا جي منظر نامي مطابق پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري ٿو، ڏانهن لاڙو رکيو وڃي.
[b]پنهنجي عالمگير رابطن جو قائم ٿيڻ:
[/b]بين الاقوامي ۽ عالمگير طور تي قائم ادارن کي پرڏيهي ملڪن ۾ رابطن، ناتن ۽ هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي سگهه ۽ طاقت بابت ڄاڻ ملي رهي آهي. اڳڪٿي جي ماهر ايلون ٽوفلر (Alvin Tuffler) جو چوڻ آهي: گذريل دورن ۾ ادارا اڪثر حصيداري ۽ شراڪت جي تصور کي اختيار ڪرڻ جي هڪ جزوي ڪوشش ڪندا هئا. پر اڄ اهو ئي ادارو حصيداري ۽ شراڪت جي ان تصور جي حاصلات لاءِ سخت ڪوشش ڪري رهيو آهي. مثال طور اولويٽي (O Liveti) جي معاشي تحقيقي شعبي جي سربراهه برونو ليمورتعمي جو چوڻ آهي ته سندس اداري مختلف اتحادن، شراڪتي معاهدن، تحقيقي ۽ فني مهارت تي مبني سهڪار تي مشتمل 50 رابطا قائم ڪيا. هو وڌيڪ چئي ٿو ته هڪ ادارو مقابلي جي صلاحيت جي بنياد تي هاڻي وڌيڪ دير تائين ”اندروني وسيلن ۽ ذريعن“ تي قائم نه رهندو، بلڪه اداري جي مقابلي جي صلاحيت جو دارومدار ٻين تجارتي ۽ واپاري ادارن سان ناتن تي مبني رابطن تي هوندو.
هڪ عالمگير ۽ بين الاقوامي پيشيور فرد جي حيثيت سان اوهان کي ذاتي طور پاڻ پنهنجي طور تي پرڏيهي تجارتي ۽ واپاري ادارن ۽ فردن سان تعلق وارا رابطا قائم ڪرڻا پوندا. آمريڪا جي نسبت پرڏيهي ملڪن ۾ ذاتي حوالن جي ڪجهه وڌيڪ اهميت هوندي آهي. هانگ ڪانگ انويسٽمينٽ بئنڪ (Hong Kong Investment Bank) جي چيئرمين وڪٽرفنگ (Wictor Fung) جو چوڻ آهي:”گهڻا پرڏيهي ادارا ان ڪلب جي رڪنيت فوراً حاصل ڪرڻ گهرن ٿا جيڪو صدين کان بند پيو هجي.“
دنيا جي واپاري ۽ تجارتي رابطن جو دارومدار ڪٽنب، نسلي گروهه يا گڏيل مفادن تي ٿي سگهي ٿو. ايستائين جو پنهنجي وقت جي بدنام سرخ محافظن (Red Guards)، جن عظيم پرولتاري ثقافتي انقلاب دوران سرمائيداري جي پوئلڳن کي گهٽين ۽ رستن تي گهليو ويو، هاڻي چين ۾ هڪ مضبوط واپاري ناتن تي مشتمل رابطا قائم ڪري ورتا آهن.
پرڏيهي ملڪن ۾ تجارتي ۽ واپاري ناتا اعتماد، گڏيل مفاد، شراڪت، وفاداري ۽ خالص مفاد پرستي بدران باهمي عزت ۽ احترام جي بنياد تي قائم ٿيندا آهن. اهو مسئلو انهن اولهه جي تجارتي ادارن لاءِ اڃا وڌيڪ ڳنڀير ۽ پيچيده ٿي ويندو آهي، جيڪي واپار ۾ نوان نوان داخل ٿيندا آهن ۽ اهي اڪثر سرعام واپار جي مقامي معمولات ۽ طريقن تي تنقيد ڪندا آهن ۽ انهن پابندين مان نقص ڪڍندا آهن، جيڪي فيصلو ڪرڻ جي نهايت سست مرحلن يا قديم ۽ دقيانوسي وڪري جي نظام وانگر غير مؤثر، غير مستند ۽ غير منطقي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. آمريڪي واپاري مقامي معمولات ۽ تهذيب متعلق غير حساسيت جو مظاهرو ڪندا آهن. واپاري مقامي فردن سان تعلقاتي رابطا قائم نه ڪندا آهن.
آمريڪا ۾ رڳو واپاري ناتن ۽ رابطن تي گهڻو ڀاڙيو نه ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ان جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. اسان جي نظام جو بنياد مختلف مرحلن تي آهي. ڪنهن به طريقي ڪار کي اختيار ڪرڻ لاءِ قاعدا ۽ ضابطا مقرر آهن. جڏهن انهن قاعدن ۽ ضابطن مطابق عمل ڪيو ويندو ته گهٽ يا وڌ ڪاميابي ضرور ٿيندي. ممڪن آهي ته ٻين واپاري معمولات ۾ اهو طريقي ڪار موجود نه هجي، جنهن جي ذريعي ڪنهن به معاملي متعلق اڳ ۾ اندازو لڳائي سگهجي يا ان طريقي ڪار کي ڪنهن به معاملي جي سلسلي ۾ ذميوار قرار ڏئي سگهجي. اسان کي لازمي طور گهرجي ته اسان ان کان به وڌيڪ قاعدن ۽ ضابطن ذريعي رابطا قائم ڪريون.
مثال طور، تازو آمريڪا جي هڪ تمام وڏي تجارتي اداري جاپان ۾ قائم پنهنجي ماتحت اداري کي جاپان ۾ پنهنجيون شيون وڪرو ڪرڻ تي مبني هڪ حڪمت عملي ۽ طريقي ڪار جوڙڻ جي هدايت ڪئي. آمريڪا ۾ واقع مرڪزي دفتر کي اها اميد هئي ته جاپان کان وصول ٿيڻ واري رپورٽ ۾ شيون وڪرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ مرحليوار قدمن جو ذڪرهوندو. پر جڏهن مرڪزي دفتر ۾ اها رپورٽ وصول ٿي ته ان جي شڪل بلڪل مختلف هئي. اها رپورٽ هڪ صفحي تي بڻيل هڪ گوشواري تي ٻڌل هئي، جنهن جي ذريعي ٻڌايو ويو هو ته جيڪڏهن اهو ماتحت ادارو جاپان ۾ قائم ٻن وڏن ادارن سان تعلقات ۽ رابطا قائم ڪري وٺي ته انهن بيشمار ننڍن ننڍن ادارن کي شيون وڪرو ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي انهن ٻن ادارن جي اثر هيٺ آهن. اها حڪمت عملي ان فڪر جي بنياد تي قائم ڪئي وئي هئي ته جيڪڏهن اهو ماتحت ادارو وڏن وڏن ادارن سان ڪاروباري تعلقات ۽ رابطا قائم ڪري وٺي ٿو ته ننڍا ننڍا ادارا پنهنجو پاڻ انهن جي حڪمن جي پيروي لاءِ تيار ٿي ويندا.
ان سلسلي ۾ ميڪسيڪو ۽ فلپائن جي واپاري ادارن جي ٺاهيل“شيون وڪرو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي” جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. انهن ملڪن ۾ وڏا وڏا واپاري ۽ تجارتي ڪٽنب حڪومتي کاتن ۽ سرڪاري آفيسرن سان تعلقات ۽ رابطا قائم ڪن. جيڪي انهن وڏن واپاري ڪٽنبن جون شيون خريد ڪري وٺندا آهن. يا وري انڊونيشيا جو مثال وٺو جتي وڏا وڏا تجارتي ۽ واپاري ادارا سربراهن جي اثر هيٺ هوندا آهن. جيڪو نقطو هتي غور هيٺ آهي، اهو ئي آهي ته دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ واپاري يا تجارتي سرگرميون قبيلن، برادرين يا مخصوص فردن ذريعي سرانجام ڏنيون وينديون آهن ۽ ان سلسلي ۾ تعلقات ۽ رابطا بنيادي حيثيت رکن ٿا. پر اولهه جا ڪاروباري ۽ تجارتي طبقا فڪر جي ان انداز کي سمجهڻ کان قاصر آهن.
[b]پنهنجي پيشي جي سلسلي ۾ فڪر جو عالمگير انداز ۽ بصيرت جي پنهنجائپ:
[/b]ماهراڻي صلاحيت کان محروم ۽ فني مهارتن کان اڻ ڄاڻ آمريڪين کي پهريان معلوم هو ته فني مهارت جي عالمگير طور ايڪتا جي ڪري گڏيل فائدا حاصل نه ٿا ڪري سگهجن. ممڪن آهي ته ان جي ذريعي منيلا (Manila) فون ڪرڻ تي گهٽ خرچ اچي، پر ان ذريعي دهلي ۾ موجود ماڻهن طرفان انهن جي ملازمتن لاءِ خطرو پيدا ٿي ويندو آهي. هڪ عالمگير معاشي نظام ۾ ڪنهن به قسم جي ملازمت (ماهر، مزدور يا اعليٰ آفيسر) کي تحفظ فراهم نه ٿو ڪري سگهجي. عالمگيريت جي تصور هيٺ 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ مهارت جي صلاحيت کان محروم آمريڪي افرادي سگهه کي ان وقت پهريون جهٽڪو ۽ صدمو برداشت ڪرڻو پيو، جڏهن انهن جي معاوضن ۾ انتهائي گهٽتائي ٿي وئي. وڌيڪ اهو ته آمريڪا ۾ انتهائي ماهر ۽ تربيت ورتل ڪمپيوٽر سافٽ ويئر تيار ڪندڙ فردن کان سواءِ دفترن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي ٽين دنيا سان تعلق رکندڙ ان افرادي سگهه طرفان شديد مقابلو سامهون آهي، جيڪي نهايت محنت ۽ مشقت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا آهن.
چاهي اوهان مالي رٿابندي جا ماهرهجو. تعميرات ۾ ماهر هجو يا وري فوٽو گرافر آهيو، عالمگيريت جي نظريي هيٺ بهتر کان بهتر ملازمت حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سڀ کان پهريان اوهان کي ذهني طور پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. اوهان جي پيشي کان هٽي ڪري، ممڪن آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به اوهان لاءِ ملازمت جا موقعا موجود هجن. پرڏيهي ملڪن ۾ اڪائونٽنگ، فني ۽ قانوني مشاورت تي مبني خدمتن جي گهرج ۾ بيحد اضافو ٿي چڪو آهي.
اها هڪ اهڙي غير اهم صورتحال آهي، جنهن تي غور ڪرڻ ۾ اوهان کي پنهنجيون ذهني صلاحيتيون ضايع نه ڪرڻ کپن. ان صورتحال هيٺ هڪ شخص بين الاقوامي طور تي بين الاقوامي فردن کي پنهنجيون شيون ۽ خدمتون مناسب قيمتن جي بدلي فراهم ڪندو آهي. مائيڪل گائلز (Michle Giles) جي معاملي تي غور ڪريو. هن جي عمر 34 سال آهي ۽ سندس تعلق ڪولمبيا سان آهي، جتي هن قانون جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. تازو هو ”آءِ بي ايم“ جي وڪري شعبي جي ملازمت 160،000 ڊالر سالياني پگهار) ڇڏي سوويٽو (Soveto) هليو ويو، جتي هن کي معلوم ٿيو ته 4.5 ملين ڪاري کل آبادي جي ان ايراضي ۾ رڳو چار دڪان ”ڪپڙن ڌوئڻ“ جا آهن. ان قرض فراهم ڪندڙ هڪ اداري کان 9.3 ملين ڊالرز جي رقم قرض طور حاصل ڪئي ۽ ”ڪپڙا ڌوئڻ“ لاءِ پنهنجو ادارو قائم ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جي ڪاري کل آبادي جي علائقن ۾ هاڻي ان اداري جون 108 شاخون قائم ٿي چڪيون آهن.
پنهنجي تعليمي مقصدن ۽ هدفن تي نظر وجهو. عالمگيريت جي دور ۾ نوان منتظمين ڪهڙا هوندا؟ انهن منتظمين ۾ افسر شاهي مزاج گهٽ ۾ گهٽ هئڻ گهرجي ۽ انهن کي وڌ ۾ وڌ آزاد ۽ خودمختيار هئڻ گهرجي. انهن کي ٻين ملڪن ۽ عوام جي تهذيب جي ترجيحن کان واقف هئڻ گهرجن. انهن جي معاشي ۽ سياسي نظامن وچ ۾ فرق کي به سامهون رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي مزاج کان مختلف انهن ماڻهن جي احساسن ۽ خيالن کي به سمجهڻ ۽ ان ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي. عالمگيريت هيٺ وجود ۾ ايندڙ منتظمين ۾ پاڻ کان گهٽ فردن جي ڳالهه ٻڌڻ جي صلاحيت هئڻ گهرجي ۽ انهن کي اهو به معلوم هئڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح اختيار ۽ طاقت حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهي منتظمين اهڙا هئڻ گهرجن جو اهي پنهنجن ماتحتن ۾ وفاداري جو جوش ۽ جذبو پيدا ڪن. گڏجي ڪم ڪرڻ جي همٿ افزائي ڪرڻ گهرجي، بهتر ڪم ڪندڙن کي انعام ڏنا وڃن. باهمي طور تي بهترين ناتا ۽ رابطا قائم ڪن. ماتحتن ۽ ملازمن جي ضرورتن ۽ خواهشن کان واقف هجن ۽ پاڻ مشينن تي پنهنجن هٿن سان ڪم ڪرڻ کان نه ڊڄن. ايلون ٽوئلر (Alvin Tooler) جو چوڻ آهي ته تجارتي ۽ صنعتي ادارن ۾ نئين تعمير جو ڪم ڪرڻ لاءِ نازڪ آفيسرن جي ضرورت نه آهي، بلڪه محنت ۽ مشقت ڪندڙ انهن فردن جي ضرورت آهي جيڪي انقلابي، جنگجو ۽ ڪمانڊو هجن ۽ اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به طوفان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار هجن.
تعليمي لحاظ کان هاڻي پاڻ تي غور ڪري سگهو ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ محفوظ تعليم سان پاڻ کي سنوارڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي تعليم ۾ وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي. مثال طور سٽي بئنڪ (ايشيائي شاخ) جو سربراهه چئي ٿو ته هاڻي بئنڪاري صنعت ۾ ”فني مهارت واري بئنڪار“ جو تصور بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو. هاڻي ته ان صنعت ۾ رڳو هڪ خالص واپاري آفيسر گهربل آهي.
بين الاقوامي طور تي ڪا به ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي شخصيت ۽ تعليم کي وڌيڪ پرڪشش ۽ فعال بڻايو ۽ پوءِ ملازمت جي ڳولا شروع ڪيو. ان عمل جي شروعات ان اداري جي ڳولا سان ڪريو جنهن سان گڏ اوهان ڪم ڪرڻ جا خواهشمند هجو. ان اداري جا جن ملڪن سان واپاري ۽ تجارتي تعلقات قائم آهن، انهن ملڪن بابت معلومات حاصل ڪريو ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته مختلف قسمن جون مهارتون حاصل ڪيو. سڀ کان پهريان ننڍن ادارن سان رابطو ڪريو. انهن ۾ ملازمت ڪريو ته جيئن اوهان کي بين الاقوامي اداري ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو حاصل ٿي سگهي. پيرس ۾ امسٽ ينگ ايسوسئيشن (Emist Yong Association) نالي تنظيم جي سربراهه جيڪ اينڊرسن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ماهر روايتي فارچون 500 قسم جي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ بدران هاڻي ننڍن ننڍن پر اسرندڙ ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. حقيقت ۾ اهي آمريڪي ادارا، جن ۾ 500 کان وڌيڪ ملازم آهن، صرف 7 سيڪڙو شيون ٻاهران گهرائن ٿا. ان جي ابتڙ اهي ادارا جن ۾ وڌ کان وڌ 19 ملازم آهن، آمريڪي برآمدات جو اڌ حصو وڪرو ڪندا آهن.
[b]بين الاقوامي حالتن متعلق پنهنجي معلومات ۽ علم ۾ اضافو ڪريو:
[/b]پنهنجي شخصيت کي عالمگير تناظر ۽ پس منظر سان وڌ ۾ وڌ ٺهڪائڻ لاءِ بين الاقوامي حالتن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرو ٿا ته آمريڪا متعلق هڪ اهڙي ڪتاب جو اڀياس ڪريو جيڪو ڪنهن آمريڪي ليکڪ جو لکيل نه هجي. پنهنجي پسندديده پرڏيهي ناولن ۽ افسانن جو اڀياس ڪريو. آمريڪا متعلق انهن مضمونن ۽ ڪتابن جو اڀياس ڪريو جيڪي غير آمريڪي ليکڪن جا لکيل هجن.
پرڏيهه جي هڪ اهڙي رسالي جا مستقل خريدار بڻجو، جيڪو خاص طور دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن کي پنهنجو حصو بڻائي. ڪنهن پرڏيهي شاگرد کي پنهنجي ڪٽنب سان رهڻ جو موقعو ڏيو يا پنهنجي ڪنهن ٻار کي پرڏيهه تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو. ريڊيو ۽ ٽي وي تي بي بي سي ٻڌو ۽ ڏسو. غير روايتي جڳهن جو سفر ڪريو. ڪا به پرڏيهي ٻولي پڙهڻ سکو ۽ ان جو اڀياس ڪرڻ لاءِ ڪنهن اداري ۾ داخلا وٺو. سي اين اين ڏسو. مقامي طور شايع ٿيندڙ هڪ اخبار جا مستقل خريدار بڻجو يا وري اهڙي رسالي جو مستقل اڀياس ڪريو جنهن ۾ سماجي موضوعن تي لکڻيون موجود هجن.
ڪنهن پرڏيهي ملڪ ۾ تعليم يا ڪاروبار جي مقصدن سان وڃڻ ۽ رڳو تعليمي يا واپاري رسالن مئگزين جو اڀياس معلومات ۽ علم ۾ گهٽتائي ۽ فقدان جو سبب بڻجي سگهي ٿو. انگن اکرن جي اڀياس ذريعي اوهان ان مخصوص ملڪ ۽ عوام متعلق درست صورتحال کان واقف نه ٿا ٿي سگهو. هن ملڪ ۾ موجود فني مهارتن، ان ملڪ جي عوام جي پسنديده عادتن، ان ملڪ جي عوام جي ضرورتن، خواهشن ۽ شراڪتي صلاحيتن متعلق ڄاڻ حاصل ڪريو. ڪجهه معاشي ماهرن مطابق اوڀر ايشيا ۾ معاشي ترقي، اهو هڪ اهڙو تهذيبي تجزيو هو، جيڪو علائقي جي ترقي کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ طريقي جو پهريون عمل ثابت ٿيو. جيڪو منطقي طور تي چونڊيل معاشي نظريي جي اسڪولن ۾ بين الاقوامي ترقي جي پيش گوئي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان ذريعي مخصوص ملڪ جي تهذيب، ماڻهن جو عادتون ۽ عوام جي تاريخي پس منظر متعلق معلومات حاصل نه ٿيندي آهي، پر ان کي معاشي معلومات جي سلسلي ۾ غلط معلومات لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ايستائين جو ملڪن جي مقابلي جي صلاحيت جي موضوع تي لکيل پهرين شاهڪار ڪتاب“ دي رائز اينڊ فال آف دي گريٽ پاورز ”۾ پال ڪئنيڊي نظريي، مذهب ۽ تهذيب جي ڪردار کي گهٽ حيثيت ڏني آهي.
”غير منطقي خواهشن“ ذريعي دلچسپي جا نوان ميدان سامهون آيا آهن. ڪهڙو سبب آهي جو چين جا وڏا وڏا ڪاروباري فرد، سياسي نقصان پهچڻ جي خدشن جي پيش نظرخطرو نه ٿا کڻن پر اهي فوري طور رشوت قبول ڪري وٺندا آهن ۽ ڪهڙو سبب آهي جو جاپان ۾ ذهين ترين فرد حڪومت جو انتظام سنڀالي وٺن ٿا جڏهن ته آمريڪا ۾ ان قسم جا فرد نجي شعبن ۾ ڪم ڪندا آهن ۽ ڇو چيو ويندو آهي ته هر سال ميڪسيڪو ۾ انسٽي ٽيوشنل رووليوشنري پارٽي جو اميدوار هر ڇهن سالن کان پوءِ صدر چونڊ جي ويندو آهي؟ تائيوان ۾ ايتري وڌيڪ برائي ۽ افراتفري ڇو آهي ۽ سينگاپور ان سلسلي ۾ براين ۽ افراتفري کان محفوظ ڇو آهي؟ ۽ پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو چيني نسل جي فردن جي انڊونيشيا ۽ ٿائلينڊ جي واپارين ۽ تجارتي ڪٽنبن ۾ اڪثريت آهي؟
”آفريڪن بيورو آف ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ“ آڏو تقرير ڪندي رابرٽ شوميڪر چيو: ”ڪابه قوم رڳو پنهنجي معاشي، سياسي قانونن ۽ ادارن کي تبديل ڪري اسان جهڙي اسريل قوم بڻجي سگهي ٿي.“ ان شخص غريب قومن کي ترقي جي دڳ لائڻ لاءِ وڌ کان وڌ فڪر جو غير منطقي انداز اختيار ڪيو. مثال طور ڪيمرون جي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ هڪ نئين نظام کي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران، هن حڪومتي اثر هيٺ موجوده غير موثر مقامي معاشي نظام کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ميزبان ملڪن جي صلاحيتن جو اندازو ۽ تجزيو ڪرڻ لاءِ مقامي تهذيب ۽ ثقافت، شروعاتي واپاري ذهنيت، ڪمپيوٽر جي ورهاست، دستياب معلوماتي مواد، اخبارن جي شايع ٿيڻ جو تعداد، فني مهارت جي موضوع تي شايع ٿيندر ڪتاب، تحقيقي ماهرن کان سواءِ معيشيت متعلق حقيقتن ۽ انگ اکرن، جي اين پي ، ۽ تجارت متعلق به معلومات ۽ علم حاصل ڪريو. انگن اکرن تي تمام گهڻو انحصار نه ڪريو. ان ملڪ ۾ گهمو ڦرو ۽ مختلف واقعن جو مشاهدو ڪريو. اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته اهڙو ملڪ جنهن ۾ ترقي نه ٿي ٿئي. انگن اکرن جي لحاظ کان هڪ بنجرزمين وانگر آهي، پر هڪ اهو جنهن ۾ ترقي ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي پر ترقي نه ٿي رهي آهي، اتي ترقي لاءِ حقيقي موقعا دستياب ٿيڻ جي ڪيتري اميد آهي. مثال طور سوويت يونين ۾ پولينڊ جي شين جو وڪرو بند ٿيڻ سبب ان جي ترقي جو معيار ڪرڻ جي ڪري، وقتي طور تي منفي ترقي حاصل ڪرڻ باوجود ان کي تنقيد جو نشانو نه بڻايو ويو پر ان جي همٿ افزائي ڪئي وئي.
اوهان پنهنجي ميزبان ملڪ جو مختلف رخن جي لحاظ کان جائزو وٺڻ ۽ ان ملڪن جي حالتن کي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ سان ڀيٽڻ کان پوءِ هاڻي ان ملڪ جي مجموعي صورتحال پنهنجي سامهون آڻيو ۽ ان جو تجزيو ڪريو. ان ملڪ جي سياسي، حڪومتي ۽ سماجي نظام جي اڀياس ۽ تجزيي ذريعي هڪ اهڙو معيار مقرر ۽ متعين ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي ذريعي ان ملڪ جي موجوده حالت جو بهتر طور اندازو لڳائي سگهجي.
[b]پنهنجي خوبين کان آگاهي ۽ خامين ۾ گهٽتائي:
[/b]هڪ عالمگير شخصيت اختيار ڪرڻ جو مطلب اهو نه آهي ته اوهان ميلڪم نوربر ۽ رچرڊ برينس وانگر چين جي هوائن ۾ ٿيندڙ ڦوڪڻن جي ڊوڙ ۾ حصو وٺو، پر شروعاتي طور تي هڪ عالمگير شخصيت بڻجڻ جي رستي ۾ رڪاوٽون به هوندون آهن، پر ان شخص کي اها خوش فهمي به هوندي آهي ته کيس ڪا به شيءِ ڊپ ۾ مبتلا نه ٿي ڪري سگهي. هڪ نئين عالمگير شخصيت ۾ جڙندڙ شخص هڪ مهم وانگر هوندو آهي. ان جو مطلب اهو نه آهي ته اوهان هڪ فضائي اداري جا مالڪ بڻجي وڃو، بلڪه ان جو مفهوم اهو آهي ته هر قسم جي تنقيد جي موجودگي ۾ اوهان مختلف قسم جون دريافتون ڪرڻ جي صلاحيت سان مالا مال هجو. اسان مان ڪجهه ماڻهو ٻين جي مقابلي ۾ بين الاقوامي حالتن جي سلسلي ۾ تجربا ڏاڍي آساني سان ڪري وٺندا آهن. ان حقيقت جي باوجود ته اسان مان ڪجهه ماڻهو نهايت سست اهن، ناڪامي جي ڊپ ۾ مبتلا آهن، ڪنهن نامعلوم خوف جو شڪار آهن يا وري موجوده حالتن تي آسرو ڪري ويٺا آهن. پوءِ به هڪ عالمگير شخصيت ۾ پوئجڻ لاءِ هڪ شخص لاءِ پرڏيهي ملڪن جي جڳهن ۽ ماڻهن، انهن جي عمرن، روين ۽ تعليمي قابليت جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري آهي.
جيڪي آمريڪي ادارا هن وقت پرڏيهي ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، حقيقت ۾ اهي به مختلف گروهن ۾ ورهائجي سگهجن ٿا. پنهنجي ذات ۾ خود اعتمادي ذريعي اوهان پيشگي ۽ متوقع مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهو ٿا ۽ پنهنجي شخصيت ۾ ڪيتريون خوبيون به پيدا ڪري سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ اسان سڀني لاءِ شروعاتي قدم به اهو ٿي سگهي ٿو ته اسان پنهنجن خدا داد صلاحيتن، خوبين ۽ خامين جو ادراڪ ڪريون ۽ ٻين ماڻهن ۾ موجود وڌ کان وڌ خوبين، پنهنجي ذات ۽ شخصيت ۾ به داخل ڪريون.
[b]شروعاتي پيشوراڻو بين الاقوامي نسل:
[/b]عالمگيريت جي زماني ۾ جنهن شروعاتي نسل آمريڪا جي صنعتي عروج جي دور ۾ ڪنهن هڪڙي بين الاقوامي اداري سان گڏ ڪم ڪيو هوندو، ممڪن آهي ته اهو نسل، واپاري قدرن جي لحاظ کان بردبار هجي ۽ اهو پرڏيهي ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تجربي سان به مالا مال هجي. ممڪن آهي ته هو عمر جي لحاظ کان به وڏو هجي، تعلقات ۽ رابطا قائم ڪرڻ ۾ ماهر هجي، مخصوص رٿائن تي ڪم ڪرڻ جو سالن جو تجربو رکندڙ هجي، بهرحال ان قسم جي نسل جو شخص مخصوص قسم جي ڪم ۾ تجربيڪار ٿي سگهي ٿو ۽ ممڪن آهي ته هن پرڏيهي ملڪن ۾ فوجي تربيت به حاصل ڪئي هجي ۽ آمريڪا ۾ رائج جيڪو ڏاڍو سو گابو (ممڪن آهي هي اصول ڪنهن زماني ۾ غير استعمال ٿي وڃي) تي مبني روين متعلق به ان کي ڄاڻ هجي.
[b]واپاري انتظامي معاملا پڙهائيندڙ اسڪولن مان فارغ فرد:
[/b]دنيا جي مخلتف ملڪن مان ايم بي اي (M B A) جي تعليم ورتل فرد 1980ع جي ڏهاڪي ۾ مختلف ملڪن ۾ ملازمت جي سلسلي ۾ ويا. انهن وٽ پرڏيهي ملڪن کي متاثر ڪرڻ لاءِ مناسب تعليم، تجربو، مهارت ۽ رابطا موجود هئا. انهن جو تعليمي پس منظر به اهڙو به جهڙو پرڏيهي ملڪن ۾ ”تعليم يافته انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙ فردن“ جو ٿي سگهي ٿو. جيڪي ماڻهو موجوده زماني ۾ بهتر واپاري عهدن لاءِ پرڏيهي ملڪن جو رخ ڪري رهيا آهن، ظاهري ڏيک جي لحاط کان اهي مٿئين درجي جي فردن جي برابر ٿي سگهن ٿا. بهرحال جيڪڏهن اهي تمام گهڻي خود پرستي ۽ انا پرستي (18 سالن جي عمر ۾ ان جو رويو اهڙو ئي هو) ۾ مبتلا آهن ته پوءِ واقعي پرڏيهي تهذيب کي اختيار نه ٿا ڪري سگهن ۽ انهن جو اهو عمل تعلقات ۽ رابطن جي قائم ٿيڻ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ملڪن متعلق انهن جي سوچ به دقيانوسي ٿي سگهي ٿي. ڪنهن گڏيل تهذيب ۾ داخل ٿيڻ لاءِ انهن جي انا پرستي ۽ خود پرستي (سڀ کان اعليٰ رهڻ جي خواهش) مشڪلاتن جو باعث بڻجي سگهي ٿي. وڌيڪ اهو ته 1980ع جي ڏهاڪي ۾ پڙهائي ويندڙ ايم بي اي (M B A) جي پروگرامن کي بين الاقوامي نقطئه نظر ۽ تناظر ۾ تيار نه ڪيو ويو هو. ان کان سواءِ، جيئن ته آمريڪي ادارن ۾ ترقي ماڻڻ لاءِ پرڏيهي ملڪن ۾ ملازمت يا عهدي جي حاصلات، حوصلو ٽٽڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ان لاءِ اهي ماڻهو ڪجهه تيز مزاج ۽ چرچڙا ٿي سگهن ٿا ۽ وري انهن جي مزاج ۾ تنگ نظري به پيدا ٿي سگهي ٿي. يعني اهي وقتي طور تي هتان کان ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ جو ارادو ڪري سگهن ٿا. پر وري انهن جي نقطه نظر جي لحاظ کان، خاص طور تي جڏهن اهي چاليهه سالن جي عمر ۾ داخل ٿيندا آهن ته وري پرڏيهي ملڪن ۾ انهن جي ملازمت انهن لاءِ فائدي بدران نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.
[b]امن جا علمبردار ۽ تهذيب جا چاهيندڙ فرد:
[/b]ڪئنيڊي دؤر ۾ جن ماڻهن تهذيب يا سماجيات جي مضمونن جو اڀياس ڪيو يا جن امن جي ڀرجهلن جي حيثيت سان ڪم ڪيو، انهن پرڏيهي ملڪن ۾ ان لاءِ تمام سٺا دوستي وارا ناتا ۽ رابطا قائم ڪيا ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو تهذيب ۽ ثقافت جا چاهيندڙ هئا. تهذيب ۽ ثقافت جي چاهيندڙ فردن سان جڏهن پرڏيهي واپاري فرد پهريون ڀيرو ملندا آهن ته ڏاڍا خوش ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سهڪار جا به خواهشمند هوندا آهن. ان کان سواءِ تهذيب ۽ ثقافت جي چاهيندڙ فردن جي اڪثريت ضروري واپاري لاڳاپا ۽ رابطا قائم ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم هوندي آهي. ادارن جي مخصوص طريقيڪار کان به اڻ واقف هوندي آهي ۽ منجهس تجارتي شعور جي به اڻاٺ هوندي آهي. وڌيڪ اهو ته ان قسم جا فرد اهو به چاهيندا آهن ته اهي تهذيبي علم کي ڪهڙي طرح واپاري علم ۾ تبديل ڪن ته جيئن ٻيا ماڻهو به انهن کان متاثر ٿي سگهن. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته آمريڪا ۾ قائم ڪجهه بهترين بين الاقوامي تهذيبي ۽ ثقافتي واپاري تربيت جو انتظام ان قسم جي فردن جي هٿ ۾ آهي.
[b]ايڪس (X) نالي نسل:
[/b]فردن جي 20 سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصي جي گروهه کي نالو به ڏنو ويو آهي. ان قسم جا فرد ٻين فردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ واضح طور تي دنيا جي منظر نامي تي نظر ايندا آهن. اهي فرد پاڻ به ٻي تهذيب تي اثرانداز ٿيندا آهن ۽ پوءِ ٻيون تهذيبون به انهن تي اثر انداز ٿين ٿيون. اهي فرد تغير پسند هوندا آهن ۽ جيڪڏهن انهن کي لکڻ پڙهڻ ۽ ڪمپيوٽر متعلق ڪجهه مهارت هوندي آهي ته اهي پوءِ ڌرتي جي گولي تي موجود هر ملڪ ۾ لکين ماڻهن تائين انٽرنيت ذريعي پهچ حاصل ڪري وٺندا آهن. جيئن ته انهن جي پرورش زوال پذير آمريڪا ۾ ٿيندي آهي ان لاءِ ڪافي حد تائين اهي ماڻهو مالي تحفظ حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا کان ٻاهر وڃڻ تي غور ڪندا آهن.
جيتوڻيڪ انهن جي فڪر جو عالمگير انداز محدود ٿي سگهي ٿو پر اهي اهو سمجهن ٿا ته پرڏيهي ماڻهو اسان جي تهذيب ان ڪري اختيار ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي ان جي گهرن رخن جي تعريف ڪندا آهن ۽ انهن کي پسند ڪن ٿا. جيئن ته انهن جي پرورش زوال پذير آمريڪا ۾ ٿي، ان ڪري هو پرڏيهين کي پنهنجي هر قسم جي برآمدي شين جو خريدار سمجهندا آهن يعني ان طرح آمريڪا پنهنجين شين کي نهايت آساني سان ڏيساور ۾ وڪرو ڪري سگهي ٿو. اهي اڪثر سماجي ملڻ جلڻ جي صلاحيت کان عاري هوندا آهن. ان کان سواءِ اهي نوجواني جي عمر سان تعلق رکندا آهن، ان لاءِ اهي حقيقي طور بااختيار ۽ طاقتور واپاري فردن سان تعلقات ۽ رابطا قائم ڪرڻ ۾ مشڪل محسوس ڪندا آهن. انهن ملڪن ۾ جتي ظاهري شخصيت کي قدر ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي ۽ ذاتي احترام ۽ عزت نهايت حساس معاملو هوندو آهي ان قسم جي ماحول ۾ ماڻهن سان معاملو ڪرڻ ۾ اهي عدم برداشت جو مظاهرو ڪندا آهن.
[b]اولهه جي ملڪن ۾ پرڏيهي ادارن جا ملازم:
[/b]ڌرتي جي هن گولي تي اهڙا ماڻهو به موجود آهن جيڪي ڪڏهن به پنهنجي ملڪ کان ٻاهرنه ويا هجن پر انهن تي پرڏيهي، بيروني ماحول ۽ معمولات مڙهي ڇڏيندا آهن. ملازمت دوران مستقبل ۾ انهن کي ان پرڏيهي شهر ۾ به موڪلي سگهجي ٿو جتي ان جي اداري جو مرڪزي دفتر موجود هجي، شايد انهن کي ڪنهن پرڏيهي منتظم يا ملڪ سان واسطو پوندو هجي يا شايد انهن کي مرڪزي دفتر کان موڪليل عملي سان گڏ ڪم ڪرڻو پوندو هجي. ممڪن آهي ته انهن کي ڪنهن پرڏيهي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو تجربو حاصل ٿيو هجي جيڪو ان اداري جي نائندگي ڪندو هجي جنهن کي آمريڪي اداري خريد ڪيو هجي.
ان سان نقصان اهو آهي ته جڏهن اوهان ان اداري جي ڪنهن ماتحت اداري سان گڏ ڪم ڪريو ٿا ته مرڪزي دفتر اوهان سان ”ماٽيلي ٻار“ جهڙو سلوڪ ڪري ٿو. جڏهن ان اداري جو مرڪزي دفتر ڪنهن پرڏيهي ملڪ ۾ موجود هوندو آهي ته ان اداري جو ملازم پاڻ کي حڪمن ۽ اختيار کان آزاد محسوس ڪندو آهي ۽ هو ان پرڏيهي اداري ۽ ان جي تهذيب ۽ ماحول کي نهايت دقيانوسي سمجهندو آهي. عام طور تي ۽ اڪثر پرڏيهي ادارا جڏهن ٻين ادارن جي ماتحت شاخن جو انتظام سنڀاليندا آهن ته اهي ملازمن کي ملازمت مان فارغ ڪري ڇڏين ٿا، يا وري پهريان اهڙن ملازمن کي ملازمت مان فارغ ڪن ٿا، جيڪي نون مالڪن جي تهذيبي ماحول سان نه ٿا ٺهڪن. ٻي صورت ۾ انهن ملازمن کي باهمي تهذيبي تعلقاتن ۽ رابطن، گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ همٿ وڌائڻ تي مبني اجلاسن، مختلف شعبن ۾ تربيت ۽ پرڏيهي فردن سان گڏ وڌ ۾ وڌ ملازمتن ذريعي اداري جي ماحول ۽ تهذيبي معمولات ۾ ضم ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي. انهن کي بهتر ۽ سٺن جڳهن تي مقرر پرڏيهي فردن سان لاڳاپن ۽ رابطن جا موقعا به پهچائي سگهجن ٿا. ان کان سواءِ انهن کي مختلف تهذيبي ماحول ۽ معمولات جي سلسلي ۾ لاڳاپا ۽ رابطا قائم ڪرڻ جي حوالي سان تربيت به مهيا ڪئي ويندي آهي.
[b]هر قسم جي عمر جا پرچارڪ:
[/b]اهي پرچارڪ (Preachers) خاص طور اهي جيڪي ٻين ملڪن ۽ قومن جي ماحول ۽ تهذيبي معمولات جو حقيقي طور تي احترام ڪندا آهن، انهن کي ان ڪري فائدو حاصل ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته اهي زبان ۽ تهذيبي ماحول ٻنهي ۾ سکيا ورتل هوندا آهن. ڊيواوٽ مارمونز (Devout Mormons) نالي تبليغي اداري جا رڪن پرڏيهي ملڪن ۾ تبليغي سرگرمين لاءِ ٻه سال لڳائيندا آهن. انهن مان وڌيڪ تعداد آمريڪي فردن جو آهي. مثال طور ايوانز سوٿر لينڊ (Evans Sutherland) نالي اداري جا 80 سيڪڙو ملازم مارمونز نالي تبليغي اداري جا اڳوڻا رڪن آهن.
بهرحال ڪجهه ڀيرا ڪجهه اڳوڻن پرچارڪن ٻئي تهذيبي ماحول ۽ معمول جي سلسلي ۾ نهايت بدتر ۽ حقارت واري رويي جو اظهار ڪيو آهي. هڪ اڳوڻو پرچارڪ جڏهن هڪ واپاري فرد جي شڪل ۾ جڙي وڃي ٿو ته ان ۾ پيدا ٿيندڙ ممڪن خامين مان هڪ خامي اها آهي ته پرڏيهي ملڪن ۾ تجربي سبب هو مقامي ماحول ۽ تهذيبي ماحول کي به تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان جو اهو عمل گڏيل ماحول ۽ تهذيب لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي.
[b]درآمدي ۽ برآمدي ادارا:
[/b]اهي ماڻهو انهن ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا يا انهن ادارن جا مالڪ بڻجي ويندا آهن، جيڪي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پرڏيهي ملڪن کي پنهنجيون شيون وڪرو ڪندا آهن ۽ انهن کان شيون خريد ڪندا آهن. اهي پرڏيهي ادارن سان ذاتي طور تي معاملا طئي ڪري وٺندا آهن ۽ اهي بالي (انڊونيشيا جو شهر) يا ڏکڻ چين يا ڏکڻ ڪوريا يا ميڪسيڪو ۾ شيون فراهم ڪندڙ فردن سان پيداواري معاهدو به طئي ڪري سگهن ٿا. پنهنجي ملڪ ۾ مقامي فردن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ کان سواءِ پرڏيهي ملڪن ۾ به واپاري ماڻهن سان تعلقات ۽ رابطا قائم ڪندا آهن. خاص طور اهي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ غير سرڪاري شعبي ۾ خودمختيار ۽ آزاد ذهن جا ملڪ وچين طبقي جي ماڻهن سان واپاري لاڳاپا ۽ رابطا قائم ڪندا آهن. ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ان قسم جي اولهه جي ماڻهن سان ڪم ڪرڻ جو خواهشمند هوندو آهي. اهي پنهنجي خواهش هيٺ ڪم ڪندا آهن. اهي اداري جي معمولات جا پابند نه هوندا آهن ۽ ئي نه انهن کي ملازمت مان فارغ ڪيو ويندو آهي. انهن کي جلد بي انتها قوت ۽ اختيار حاصل ٿي ويندو آهي.
ممڪن آهي ته انهن جي مٿان ڪو اهڙو سرپرست موجود نه هو، جيڪو انهن کي پرڏيهي ملڪن ۾ واپار ڪرڻ جا طريقا ۽ گُر ٻڌائي ها. ان کان سواءِ، جن واپاري فردن کي نقصان ٿئي ٿو اهي تمام گهڻي حد تائين پرڏيهي ملڪن خلاف ٿي سگهن ٿا ۽ اهي پنهنجي ننڍي جسامت جي ڪري اڪثر نقصان کڻندا آهن. يعني ناڪاره دستانن (Hand Gloves) سان ڀريل هڪ ٽرڪ چين اچي سگهي ٿي يا وري بالي ۾ قائم ان جو ڪارخانو، معاهدي جي ڀڃڪڙي جي ڪري حريف آمريڪي اداري کي وڪرو ڪري سگهي ٿو. انهن جا رابطا ۽ تعلقات سٺا پر گهٽ سطح جا هوندا آهن. اهي ٻين ملڪن ۾ واپار ته ڪرڻ چاهيندا آهن، پر انهن کي اهو ادراڪ نه هوندو آهي ته مقامي سطح تي ڪاروباري قدر، انهن لاءِ پنهنجي ملڪ جي واپاري قدرن مطابق نه ٿا ٿي سگهن. ان ڪري پرڏيهي ادارن سان معاملا طئي ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهي هڪ نهايت مايوسي وارو رويو اختيار ڪندا آهن.
[b]پنهنجي اداري جي مقصد جو تعين:
[/b]”عالمگيريت“ جي موضوع تي مضمونن ۽ ڪتابن جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ شايد اوهان اهو سوچي رهيا هجو ته دنيا جي هر ملڪ ۾ موجود واپاري ادارا پنهنجو سامان تيار ڪري پنهنجي واپار کي وسيع ڪرڻ جي تناظر ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ وڃڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آهن. پر اوهان جو اهو خيال ڪجهه وڌيڪ درست نه آهي ان طرح جي عالمگيريت انتهائي گهٽ سطح تي ظاهر ٿيندي آهي پر جن آمريڪي ادارن متعلق اسان پهريان ذڪر ڪري چڪا آهيون، انفرادي طور اهي ئي ادارا آهن جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ عالمگيريت جي نظريي تحت پنهنجيون شيون وڪرو ڪري رهيا آهن، يا ٻين پرڏيهي تجارتي ادارن سان گڏيل تجارتي رٿائن جي تياري ۾ مصروف آهن. ان کان سواءِ سڀ آمريڪي ادارا ”عالمگيريت“ جي ان لاڙي ۾ مبتلا نه آهن.
اهو مقصد خاص طور تي انهن ادارن تي بلڪل درست منطق هوندو آهي جن وقت سان گڏ آهستي آهستي پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجا پير ڄمايا هوندا آهن. مختلف ادارن جي پرڏيهي ملڪن ۾ قائم شاخن جو پاڻ ۾ تعلق نه هوندو آهي ۽ اهي رڳو پنهنجي مرڪزي دفتر جي سڌو سنئون ماتحت هونديون آهن.
وڌيڪ اهو ته اداري جون ٻين ملڪن ۾ شاخون قائم ڪرڻ جو تصور عالمگيريت هيٺ نه پر اهو رڳو متعلق اداري جي اعليٰ سربراهه جي انفرادي سوچ جو نتيجو هوندو آهي. ”عالمگيريت“ هيٺ هڪ اداري پاران دنيا جي مختلف ملڪن ۾ واپاري سرگرميون جاري ڪرڻ ڪنهن مستند اصول کي سامهون رکي نه ڪيو ويندو آهي. ”عالمگيريت“ تي مبني حڪمت عملي کي انفرادي يا واپاري لحاظ سان ڪجهه پراسرار قسم جو نالو ڏنو وڃي ته ان کي اسان ”مقصد“ يا ”فڪر جو انداز“ چئي سگهون ٿا. جيڪڏهن اوهان پنهنجي اداري اندر عالمگيريت تي مبني سوچ، مقصد ۽ فڪر جو انداز پيدا ڪرڻ گهرو ٿا ته ان لاءِ اوهان کي ٽن قسمن جا ڪم ڪرڻا پوندا. (اعلى اختيار رکندڙ آفيسر کان وٺي ٽپال موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ تي مقرر ملازمن لاءِ اداري جو عالمگيري مقصد ۽ فڪر جو انداز گڏيل ٿي سگهي ٿو ۽ هئڻ گهرجي). ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريون قدم اهو آهي ته اوهان پنهنجي اداري جو مقصد، سوچ ۽ فڪر جو انداز مقرر ڪيو.
ان شروعاتي ۽ پهرين قدم ۽ مرحلي جي شروعات، عالمگير سطح تي پنهنجي اداري جي وسعت جي تجزيي ذريعي ڪري سگهجي ٿي. اهو به معلوم هئڻ گهرجي ته پنهنجي واپار کي بين الاقوامي طور تي ڦهلائڻ جي سلسلي ۾ اداري کي ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان گذرڻو پيو؟ ماضي جي تجربن کي سامهون رکي پنهنجي اداري لاءِ عالمگيريت تي مبني سوچ، فڪر جو انداز ۽ مقصد طئي ڪري سگهجي ٿو.
پنهنجي اداري جي ڪاميابي، ترقي ۽ وري ان ڪاميابي ۽ ترقي ۾ وڌيڪ اضافو ۽ استحڪام آڻڻ لاءِ اداري جي سوچ، فڪر جي انداز سان مسلسل وابستگي جي بنياد تي اداري جا منتظمين اداري جي انهن شعبن کي هڪ مرڪزي حيثيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، جيڪي شعبا هڪ ٻئي کان لاتعلق آهن يا وري انهن شعبن کي الڳ الڳ ڪري سگهن ٿا جيڪي هڪ ڊگهي عرصي کان مرڪزي نظام جي گرفت ۾ آهن. مسئلو اهو آهي ته ڪا به اهڙي انتظامي حڪمت عملي نه آهي جنهن ذريعي اک ڇنڀ ۾ انتظامي مسئلن جو حل نڪري اچي. جڏهن تجارتي ادارا هڪ ئي وقت ٻاهرين ملڪن ۾ به پنهنجو واپار ڦهلائڻ گهرن ٿا ۽ مقامي سطح تي به ڪاميابي حاصل ڪرڻ گهرن ٿا ته فڪر جي انداز هيٺ پيدا ٿيندڙ پريشاني کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو رڳو هڪ ئي اصول آهي يعني ”پنهنجي سوچ، فڪر جو انداز ۽ مقصد جو تعين عالمگيريت جي تصور هيٺ ڪريو“ پر عملي قدم ملڪي ۽ مقامي سطح جي تناظر ۾ کڻو. عالمگير سطح تي هڪ نئون تجارتي ادارو قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ۽ ان جون واپاري سرگرميون جاري ڪرڻ ۽ انهن ۾ تسلسل آڻن جي حوالي سان مثالي گڏيل انتظاميا جي عدم موجودگي جي ڪري ادارو پنهنجون واپاري سرگرميون شروع ڪرڻ کان قاصر رهي ٿو. پوءِ به هيٺ ڏنل ڪجهه مثال اوهان جي رهنمائيءَ ڪري سگهن ٿا.
[b]مرڪزي نظام کان عليحدگي:
[/b]ڪجهه ادارن ادارتي حڪمت عملي هيٺ پنهنجي قيام جي شروع کان ”مرڪزي نظام کان عليحدگي“ جو تصور اختيار ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ميٽش شيٽا نالي اداري جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، جنهن نهايت ذهانت ۽ ڦڙتي سان حڪمت عملي اختيار ڪئي. ان حڪمت عملي هيٺ آمريڪا ۽ يورپ ۾ قائم ان اداري جون شاخون ڪافي حد تائين هڪ خودمختيار ۽ آزاد حيثيت سان ڪم ڪن ٿيون. ان اداري جي رٿابندي، فني مهارت ۽ عوامي معاملن جي شعبي جي سربراهه ران رچرڊ (Ronn Richard) جو چوڻ آهي ته: ”ان اداري جي هر علائقائي شاخ شين جي وڪري، ملازمن جي ڀرتي ۽ انساني ڀلائي جي لحاظ کان هڪ آزاد ۽ خودمختيار حيثيت رکندڙ آهي ۽ اها آزادي ۽ خودمختياري مقامي قانونن، رسمن ۽ رواج، پسند ۽ ناپسند ۽ واپاري طريقن سان به مطابقت رکي ٿي. ايستائين جو اداري جي شاخ جا ڪجهه شعبا ۽ ان سان لاڳاپيل تجارتي ادارا هڪ ئي قسم جون شيون تيار ڪن ٿا، ۽ پوءِ بين الاقوامي منڊي ۾ هڪ ٻئي سان مقابلي جي عمل ۾ شريڪ هوندا آهن.”
مرڪزي نظام کان الڳ ٿي هر شعبي ۾ شيون وڪرو ڪرڻ تي مبني سرگرمين ذريعي تحقيق ۽ رٿابندي تي مبني حڪمت عملين جو نفاذ؛ ڇا اهو رويو ۽ فڪر جو انداز، اداري جي وسيلن ۽ معاشي ذريعن جو زيان نه آهي؟ ان سلسلي ۾ رچرڊ کليل دل سان اعتراف ڪري ٿو: ”ڪجهه وقت اداري جي معاشي وسيلن ۽ ذريعن جي لحاظ کان نقصان کڻڻو پئي ٿو، بهرحال مون کي مڪمل ۽ پختو يقين آهي ته ان نقصان جو پورائو ڪافي حد تائين شعبن وچ ۾ مقابلي، پيداوار ۽ اعليٰ ڪارڪردگي ذريعي ڪري سگهجي ٿو.“
اسان جي اداري ۾ چٽا ڀيٽي جو عمل، اسان جي اداري جي اندروني سرگرمين ذريعي شروع ٿيندو آهي. پنهنجي اداري ۾ نيڪ نيت سان شروع ڪيل ان چٽا ڀيٽي واري عمل ذريعي شروعات ۾ ڪجهه مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، پر ان عمل ذريعي اسان ٻاهرين حريف ادارن خلاف جارحاڻي ۽ موثر چٽا ڀيٽي جي حڪمت عملي آساني سان اختيار ڪري سگهون ٿا. حقيقت ۾ جيڪڏهن اوهان عالمگير حيثيت جي مالڪ ٻين ادارن تي نظر ڊوڙايو ته اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته انهن ادارن ۾ رائج مرڪزي نظام جي ڪري انهن کي تازن سالن ۾ تمام گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. جيڪڏهن اهي ادارا پنهنجن شعبن کي خودمختياري ۽ آزادي عطا ڪن ها ته نقصان جي اها شرح تمام گهٽ هجي ها.
[b]مرڪزي نظام جا فائدا:
[/b]ڪاروباري لحاظ کان عالمگير سطح تي گراهڪ رڳو هڪ دلڪش پر ننڍي پئماني تي مبني واپاري سرگرمين لاءِ پنهنجي ناپسنديدگي جو اظهار ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ شيرن (Cherron) جو مثال وٺو. ان اداري جي واپاري ترقي ۽ مشاورتي خدمتن جي شعبي جي سربراهه جان اي هيگ لينڊ جون چوڻ آهي، ”عالمگير سطح تي ڪنهن پرڏيهي ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ان ملڪ جي ماحول ۽ واپاري معمول مطابق اداري جي سڀني شعبن ۾ مربوط ڪوشش گهربل آهي. مثال طور چين ۾ اوهان کي هڪ مضبوط حڪومت سان منهن ڏيڻو پئي ٿو ۽ ان جي فڪر جي انداز مطابق 15 الڳ الڳ شعبن يا شاخن بدران هڪ مربوط شعبو ئي اداري جي ترقي ۽ ڪاميابي جو باعث آهي ان ڪري اوهان واپاري سرگرمين ۾ ان وقت تائين ڪامياب نه ٿا ٿي سگهو جيستائين اوهان مربوط ڪوششن تي مبني فڪر جو انداز اختيار نه ٿا ڪريو.“
هيگ لينڊ وڌيڪ چئي ٿو ته: ”اسان پنهنجي اداري جي مختلف شاخن وچ ۾ اتحاد ۽ مرڪزيت جو تصور اڀارڻ ۽ چيني حڪومت آڏو پيش ڪرڻ لاٰءِ پنهنجي گڏيل رٿا ”ڪالٽيڪس“ لاءِ هڪ ڪتابڙو تيار ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. ان ڪتابڙي جي سرورق تي شيوران ۽ ٽئڪساڪو، ٻنهي ادارن جا ” لوگو (Logo)“ ۽ وري ڪالٽيڪس جا نقش ڏيکارڻ کان سواءِ هيءَ لکڻي ”ٽن ادارن جي طاقت“ به هئي. اهڙي طرح چين ۾ ان اداري جو تاثر ڪالٽيڪس جي حيثيت سان ظاهر ٿئي ٿو. پر گراهڪن سامهون مختلف اجلاسن جي موقعي تي ۽ ڪتابڙن جي لحاظ کان اهو ادارو ”ٽن ادارن جي عظيم طاقت“ طور سامهون اچي ٿو. ان لاءِ انهن ٽن ادارن جي مربوط ۽ مرڪزي حيثيت، انهن گراهڪن جي فڪر جي وسيع انداز، سوچ ۽ پس منظر سان مطابقت رکي ٿي. اصل حقيقت اها آهي ته چيني حڪومت ڪنهن ”اڪيلي“ پرڏيهي تجارتي اداري سان ڪم ڪرڻ جي خواهشمند نه آهي. اهوئي اصل انهن اسرندڙ حڪومتن ۽ ملڪن تي به لاڳو ٿئي ٿو، جن ۾ وسيلن ۽ ذريعن جي ڳولا تي مبني گڏيل رٿائن مثلاً زرعي ۽ عوامي سهولتن جي فراهمي تي مبني رٿائون شامل آهن. جيڪڏهن اوهان هڪ خودمختيار، آزاد ۽ ننڍي اداري بدران ٻه ٽي ادارا پاڻ ۾ ملائي هڪ وڏي اداري جي شڪل اختيار ڏيندا ته پوءِ ڪاميابي ۽ ترقي اوهان جا پير چمندي.
شيوران ۽ سٽيوشيتا، عالمگير سطح جي بهترين مثالن جي حيثيت رکن ٿا جتي هڪ ادارو غير مرڪزيت جو مثال آهي ۽ ٻيو ادارو ”مرڪزيت“ جو مثال پيش ڪري ٿو. پر هڪ ادارو ڪهڙي طرح عالمگير حيثيت اختيار ڪري سگهي ٿو؟ اهو ادارو عالمگير حيثيت اختيار ڪري سگهي ٿو جنهن جا وسيلا ۽ ذريعا بين الاقوامي طور مليل هجن ۽ ان سان گڏوگڏ ان اداري جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ به پرڏيهي فرد ڪافي تعداد ۾ شامل هجن. عالمگير سطح جي پنهنجي اداري جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جا اجلاس انهن مختلف ملڪن ۾ منعقد ڪن ٿا جتي ان جون تجارتي ۽ واپاري سرگرميون جاري ٿين ٿيون. حقيقت ۾ اهو مسئلو سٽيو شيتا کي به درپيش آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته پنهنجي عالمگير مقصد، سوچ ۽ فڪري انداز باوجود اهو ادارو ڪجهه ڀيرا پنهنجي پرڏيهي ملازمن ۽ آفيسرن (آمريڪين سميت) کان عليحدگي اختيار ڪري چڪو آهي.
[b]مقامي حليف ادارن سان سهڪار:
[/b]آمريڪي تجارتي ادارن جي نظر ۾ روايتي عالمگيريت جو نظريو ۽ فڪر جو انداز بنيادي طور تي مقامي منڊي کي فائدو پهچائڻ لاءِ افرادي سگهه ۽ قدرتي وسيلا ۽ ذريعن تي گهٽ معاوضن جي ادائيگي جي صورت ۾ استحصال تي مبني آهن. بيشمار آمريڪي تجارتي ادارن رڳو خرچ گهٽائڻ، خاص طور تي گهٽ لاڳت واري افرادي سگهه جي حاصلات لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي واپاري سرگرمين جي شروعات ڪئي آهي. مثال طور ”سمٿ ڪرونا“ نالي تجارتي ۽ واپاري اداري (ڏيوالو ٿيڻ کان اڳ) سائراڪيور (Syra Cure) نيويارڪ بدران ميڪسيڪو ۾ پنهنجين شين جي تياري ذريعي ساليانو 20 ملين ڊالزر جي بچت ڪئي. فڪر جي واپاري عالمگيري انداز جي لحاظ کان جاپان جا واپاري ادارا باهمي سهڪار جي بنياد تي ڪم ڪرڻ پسند نه ٿا ڪن، پر ذريعن ۽ وسيلن ۾ گهٽتائي جي بنياد تي جاپاني ٻين ملڪن سان حڪمت عملي طور تجارتي حليفاڻا تعلقات قائم ڪندا آهن.
فهم، ادراڪ ۽ شعور تي مبني حڪمت عملي تيار ڪندڙ ماهر، عالمگيريت جي ان مڪمل نظام کي رڳو”نيئن منڊي ۾ شين جو وڪرو“ يا ”افرادي سگهه جي گهٽ معاوضي ذريعي استحصال“ تي مبني حڪمت عملي سمجهن ٿا. شين جي تياري جي سلسلي ۾ ”وقت“ جي وڌندڙ اهميت جي پيش نظر تجارتي ادارا رڳو”سستي افرادي سگهه“ جي ڳولا لاءِ ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿيندا آهن. حقيقت ۾ گهڻين سادين شين کان سواءِ، پيداواري لاڳتن جي لحاظ کان ”افرادي سگهه“ هڪ نهايت ئي گهٽ شرح سيڪڙو جي حيثيت رکي ٿي. جيڪي وڏا ۽ طاقتور ادارا منڊي ۾ پنهنجين شين جي وڪري لاءِ جلد تيار هوندا آهن. اوهان ممڪن طور تي ان سان گڏيل واپاري رٿائون شروع ڪري سگهون ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ محصولن جي رڪاوٽن باوجود قابل پهچ منڊين تائين پنهنجيون شيون پهچائي سگهو ٿا. جنرل اليڪٽرڪ اها حڪمت عملي هنگري ۾ اختيار ڪئي. جنرل اليڪٽرڪ ٽنگزرم نالي هڪ اداري جو عملي انتظام حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سؤ ملين ڊالر خرچ ڪيا آهن. وڌيڪ اهو ته جنرل اليڪٽرڪ پنهنجيون وڏيون وڏيون شيون يورپ کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ان اداري سان هڪ پيداواري رٿا به تيار ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ هنگري ۾ قائم ٽنگرزم نالي تجارتي ادارو روشني فراهم ڪندڙ شيون رڳو اوڀر يورپ کي مهيا ڪندي، جنرل اليڪٽرڪ ٽنگرزم سان پنهنجي ان معاهدي ذريعي سڄي يورپ ۾ پنهنجيون شيون وڪرو ڪرڻ جي رٿا تيار ڪئي. موٽورالا (Motorala) پنهنجيون شيون وڪرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ اعليٰ معيار جي حاصلات لاءِ تحقيق ۽ رٿا بندي تي مبني پنهنجي حڪمت عملي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ هانگ ڪانگ ۾ 3260000 چورس فوٽن تي مشتمل هڪ نئون مرڪزي دفتر تعمير ڪيو آهي، جنهن کي سليڪان هاربر سينٽر جو نالو ڏنو ويو آهي. اها عظيم گهڻ مقصدن واري عمارت نه رڳو اداري جي مرڪزي دفتر جي حيثيت رکي ٿي، پرتيار ڪيون ويندڙ شين جي خاڪن جي تياري، پوءِ انهن شين جي عملي تياري، ايشيائي منڊي لاءِ ڪمپيوٽر شعبي جون خدمتون ۽ انتهائي اعليٰ تربيت ورتل فني ماهرن جي ڀرتي لاءِ هڪ مرڪزي حيثيت به رکي ٿي. ان حڪمت عملي جو مقصد نه رڳو اهو آهي ته سيمي ڪنڊڪٽر چپس جي وڪري لاءِ علائقي جي نهايت تيزي سان اڀرندڙ منڊي جي ويجهو ٿي وڃجي، پر چيني فني ماهرن جي صلاحيتن مان فائدو به ورتو وڃي.
جيڪي ادارا ان وسعت پذير منڊي ۾ پنهنجي جاءِ نه ٿا بڻائي سگهن، اتي رڳو ”اجازت نامي“ جي ڪري منڊي ۾ شرڪت ڪري سگهجي ٿي. اهو عمل ۽ طريقي ڪار حليف ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي مبني هڪ حڪمت عملي جو هڪ مثال آهي. وال مارٽ وانگر هڪ وڏو ۽ طاقتور شراڪت دار ادارو ڳوليو جنهن جو ٿائلينڊ سان تعلق رکندڙ مشهور چيني نسل واپاري فردن سان هجي. ان چيني نسل واپاري فردن جي تجارتي اداري جو نالو شيرون پامند گروپ آهي، جنهن سان واپاري اشتراڪ ذريعي وال مارٽ نالي ادارو چين ۽ هانگ ڪانگ ۾ وڏا وڏا دڪان کوليندو. ٿائلنيڊ سان تعلق رکندر ان واپاري اداري پهريان ئي عوامي جمهوريه چين ۾ 55 گڏيل واپاري رٿائون شروع ڪرڻ لاءِ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته اهو ادارو چين ۾ سڀ کان وڌيڪ سرمائيڪاري ڪندڙ پرڏيهي واپاري ادارو آهي، جنهن واڪس ويگن، پيپسي ڪولا يا هانگ ڪانگ سان تعلق رکندڙ واپاري اداري گورڊن ووجي مجموعي سرمائيڪاري 1.5 ملين ڊالر کان به وڌيڪ رقم جي سرمائيڪاري عوامي جمهوريه چين ۾ ڪئي آهي. وال مارٽ جي نائب صدر ڊان شنڪل جو چوڻ آهي: ”اسان وٽ ايتري معلومات نه آهي جنهن جي ذريعي اسان چين ۾ ريزڪي وڪري متعلق ڄاڻ حاصل ڪري سگهون. ان ڪري اسان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين حل ڳولي لڌو. شيرون پوخند بنيادي اهليت حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه به دلچسپي نه ٿو رکي بلڪه اهو ادارو تيز رفتاري سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ رابطا ۽ تعلقات قائم ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو. ان کان پهريان اهو ادارو مختلف قسم جي واپاري سرگرمين مثلاً زراعت، پئٽرول، جائيداد ۽ شين جي تياري جي سلسلي ۾ پنهنجي دلچسپي ظاهر ڪري چڪو آهي. اهو ادارو گهڻ رخي، گهٽ مشهور ۽ هڪ واپاري ڪٽنب جي ملڪيت آهي.
توشيبا ڪارپوريشن 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ پرڏيهي ادارن سان حليفاڻن ناتن جي شروعات ڪئي ۽ سڀ کان پهريان جنرل اليڪٽرڪ سان ملي روشني جي بلبن جي فلمينٽ تيار ڪرڻ جو معاهدو ڪيو. هاڻي اهو ادارو ايپل ڪمپيوٽر، اريڪسن، موٽرالا، اولي ويٽي ۽ سام سنگ جهڙن ادارن سان گڏ شراڪت داري جا معاهدا طئي ڪري رهيو آهي. توشيبا جي صدر جو چوڻ آهي: ”هاڻي اهو وقت نه رهيو آهي ته ڪو هڪ واحد ادارو يا فني مهارت پنهنجو پاڻ عالمي منڊي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي. فني مهارت ايتري جديد ٿي چڪي آهي ۽ منڊي ايتري وسيع ۽ پيچيده ٿي وئي آهي جو اوهان وڌيڪ دير تائين پنهنجي بهترين ڪاميابي برقرار نه ٿا رکي سگهو.” توشيبا جي سربراهه جي راءِ ۾ منڊي ۽ فني مهارت جي لحاظ کان اعليٰ ڪاميابي جو رڳو هڪ ئي طريقو آهي ۽ اهو اهو ته اهڙا صحيح شراڪت دار ڳوليا وڃن جيڪي نيون منڊيون ڳولي سگهن، نين نين مهارتن کي ڪم ۾ آڻي سگهن ۽ وڌ کان وڌ وسيلا ۽ ذريعا پيدا ڪري سگهن.
هن عالمگير واپاري دنيا ۾ جتي اڻ کٽ تجارتي ادارا بيشمار گڏيل رٿائون پنهنجن کيسن ۾ کڻي گهمندا رهن ٿا، اتي مناسب ۽ صحيح شراڪت دارن جي ڳولا هڪ انتهائي مشڪل ڳالهه آهي. يونيڊن نالي تجارتي اداري جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته: “قوميت جي تصور کان هٽي ڪري هڪ صحيح ۽ مناسب شراڪتدار اداري جي چونڊ، عالمگير طور مستقبل ۾ ڪاميابي جي ضامن آهي.“
[b]شين جي معيار بدران گهڻو تعداد، منڊي جي وسعت جو باعث آهي:
[/b]1980ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ وڪري تي مبني عالمگير حڪمت عمليون ناڪامي جو شڪار ٿيڻ شروع ٿي ويون. ان ناڪام ٿيندڙ حڪمت عملين مان سڀ کان پهرين حڪمت عملي، وڪري جي ميدان ۾ بي تاج بادشاهه هارورڊ ٿيوڊ ورليوٽ پيش ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ ليوٽ چيو هو: ”عالمي سطح تي ضرورتون ۽ خواهشون لازمي طور تي هڪجهڙو ڪم ڪري رهيون آهن.“ هن جو اهو به چوڻ هو ته هاڻي ادارا وسيع پيماني تي تيار ٿيندڙ شين جي ٻاهرين منڊين کان سواءِ مقامي منڊين ۾ به اشتهار بازي ڪندا آهن ۽ انهن کي وڪرو به ڪن ٿا. اصل مسئلو اهو آهي ته عالمگير منڊي ۾ گراهڪن جي پسند ۽ ترجيح جي لحاط کان فرق ڏٺو وڃي ٿو ۽ اهو امتياز ۽ تفاوت ختم ٿيندو نه ٿو اچي. گهڻن معاملن سبب هڪ حقيقي ”عالمگير“ ادارو رڳو ناقابل ادراڪ ۽ ناقابل احساس خيال محسوس ٿئي ٿو. فڪر جو انداز، مقصد، حڪمت عملي ۽ جزن جي پنهنجائپ تقريباً هميشه ئي ضروري سمجهي ويندي آهي. ان کان سواءِ گراهڪن جي پسند ۽ ناپسند ۾ وڌ کان وڌ تضاد ظاهر ٿي رهيا آهن. ايستائين جو آمريڪا ۾ به هيمر برگر ۽ صوف جي حلوي سان گڏوگڏ مختلف قسم جي پرڏيهي کاڌي ۽ خوراڪ جو استعمال شروع ٿي ويو آهي. کاڌن ۽ عذائن جي سلسلي ۾ نوان نوان لاڙا سامهون رکڻ لاءِ جان نسبٽ جو چوڻ آهي: ”کاڌن ۽ غذائن جا جيترا وڌيڪ قسم هوندا، پسند ۽ ناپسند ۾ ايترو ئي وڌيڪ فرق ۽ تضاد محسوس ٿيندو ۽ انساني پسند ۽ ناپسند جي لاڙي ۾ اضافو ٿيندو. شين جا جيترا قسم گڏائي گراهڪ جي سامهون آندا ويندا، اسان جي راءِ ۽ پسند ۽ ناپسند به ايتري وڌيڪ مختلف هوندي.“
غور ڪيو ته جاپاني ڪمپيوٽر سافٽ ويئر جي صنعت انهن عملي نظامن جي اثر هيٺ آهي جيڪي ڊاس يا ميسيٽوش سان مطابقت نه ٿا رکن ۽ ڪهڙي طرح اطلاعاتي ماهر روپٽ مردوچ ايشيائي ٽي وي جي ناظرين جي مختلف پسند ۽ ناپسند جي رجحان کان نهايت مهانگو سبق حاصل ڪيو. هن کي ايشيا جي هر علائقي لاءِ پنهنجي اسٽار ٽي وي ڪيلبل کان مختلف نشريات (انڊونيشي عوام لاءِ ڪرڪيٽ، تائيوان جي عوام لاءِ چيني جذباتي موسيقي وغيره) ڏيکارڻي پئي.
تجارتي ادارن جي ان رويي تي غور ڪريو جن پنهنجين شين جو معيار قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ آخرڪار انهن شين کي مقامي ضرورتن ۽ ترجيحن مطابق بڻايو ويو. انهن جو مقصد اهو آهي ته گهٽ لاڳت سان شين جو اعليٰ معيار به برقرار رکيو وڃي. پر مثال طور ڪجهه ملڪن ۾ ڪوڪا ڪولا جا ترڪيبي جزا تبديل ڪيا ويا ۽ وري آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي سرحدي علائقن ۾ ميڪ ڊونالڊ جي هيم برگرن ۾ ڪارن مرچن جو استعمال ڪرڻو پيو.
[b]شريڪ قو من جي حقيقي ترجيحن جو ادراڪ:
[/b]واپاري ۽ تجارتي لحاظ کان ”عالمگيريت“ تي مبني سوچ، فڪرجي انداز جو مقصد ۽ خواهش اها هئڻ گهرجي ته شريڪ قومن کي انهن ۾ موجود خامين ۽ ڪمزورين کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ پوءِ انهن ۾ لاڳاپيل صلاحيت ۽ مهارت پيدا ڪرڻ لاءِ انهن کي عمل، معلومات ۽ تربيت مهيا ڪئي وڃي. انهن شريڪ ملڪن جي انداز سان سهڪار ۽ مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي بڻايل طريقن بدران مقامي طور تي رائج اصولن، قانونن، قاعدن ۽ ضابطن جي ذريعي پنهنجي مسئلن جو حل تلاش ڪن. اولهه جا ڪيترائي ادارا پنهنجي شريڪ ادارن جي مسئلي جي حل جي سلسلي ۾ ”اولهه جي طرز جو اندازو“ مڙهڻ گهرن ٿا جيڪو پاڻ شڪست جو اهڃاڻ آهي. ٽين دنيا جي ملڪن جا پنهنجا روايتي مسئلا ۽ مشڪلاتون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ ”اولهه جي انداز“ بدران ٽين دنيا جي روايتي قدمن ۽ طريقن جي ضرورت هوندي آهي.
مثال طور روس جيتوڻيڪ روايتي طور هڪ ٽين دنيا جو ملڪ نه آهي پر اهو ملڪ تجارتي ۽ واپاري پس منظر کان محروم آهي. اهي ملڪ اولهه جي سرمائيدار نظام (Westren Capitalsim) کان ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ڌار رهيا. تجارتي چٽا ڀيٽي جو تصور تازو انهن مٿان ظاهر ٿيو آهي. روس اڃان چٽا ڀيٽي جي ان تصور متعلق سکي رهيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ اوهان اهو ذهن ۾ رکو ته موجوده دور ۾ روس جي اها حالت آهي جنهن حالت ۾ جرمني نازي اقتدار کان اڳ گرفتار هئي، يعني ان وقت جرمني ۾ شديد ۽ بيشمار مسئلا موجود هئا. شهرين کي عزت نفس ۽ خود اعتمادي گهربل هئي ۽ سياسي ميدان ۾ انتشار ڦهليل هو. روس ۾ ان وقت جيڪي خاص مسئلا موجود هئا انهن جي حل لاءِ اولهه جو ماهر (western Expert) ئي اولهه جو طريقي ڪار پيش ڪري سگهي پيو. روس متعلق معاملن جي ماهر باربرا چرونوسڪي (Barbra Chronowsky)جو چوڻ آهي ته: اوهان کي ڄاڻ آهي ته روسي ان رويي کي پسند نه ٿا ڪن. روسي عوام جي مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ اوهان (اولهه جي ملڪن) کي اهو نه ٻڌائڻ گهرجي ته اهي مسئلا ڪيئن حل ٿي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ اوهان جي تجويز انهن مسئلن جو مڪمل حل پيش ڪري ٿي، پر پوءِ به اوهان کي پنهنجي راِءِ روسين مٿان مڙهڻ نه گهرجي. ممڪن آهي ته اوهان واپاري مسئلن ۽ انهن جي حل بابت چڱي طرح واقف هجو، پر اوهان روس کي ان لحاظ کان نه ٿا ڄاڻو اوهان کي ڄاڻ نه آهي ته اسان جا حقيقي مسئلا ڪهڙا آهن.
جڏهن اوهان ٽين دنيا جي ملڪن سان ملي گڏيل واپاري رٿائون شروع ڪريو ٿا ته اوهان جو مقصد اهو هئڻ گهرجي ته اوهان ٽين دنيا ۾ موجود معاشي مسئلن جو حل ڪڍڻ ۽ معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽين دنيا جي مدد ۽ سهڪار ڪريو. ان سلسلي ۾ اوهان کي گهرجي ته اوهان ٽين دنيا جي پنهنجي شريڪ ملڪن کي حڪم ڏيڻ بدران، انهن جي مسئلن جو ادراڪ ڪريو ۽ انهن مسئلن جي حل جي ڪوشش ڪريو. انهن مسئلن جو رڳو حل تجزيو ڪرڻ ۽ پنهنجي ادارن ۾ انهن مسئلن جو حل پيش ڪرڻ بدران انهن مسئلن جي حل لاءِ مدد ۽ سهڪار مهيا ڪريو. ڪيترائي آمريڪي ادارا پنهنجي شريڪ پرڏيهي ادارن جي قدرن ۽ روايتن سان ٽمٽار تهذيبي ماحول ۽ معمول کي ڪجهه به اهميت نه ٿا ڏين. ايندڙ صدي ۾ واپاري ۽ تجارتي ڪاميابي ۽ ترقي لاءِ عالمگير شراڪت داري ئي واحد طريقي جي حيثيت رکي ٿي. استعماري استحصال هيٺ ”هر قيمت تي کڻڻ“ جي تصور ۽ روش تي نظرثاني ڪرڻي پوندي ۽ جيڪڏهن انساني همدردي هيٺ نه ته به گڏيل مفاد خاطر پنهنجي ذهني رجحان کي تبديل ڪرڻو پوندو. ماضي جي موتمار ۽ خطرناڪ هڪ هٽي بدران عالمگير طور تي. هر شراڪتدار پنهنجي پنهنجي حيثيت مطابق گڏيل ڪاميابي لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي. ان عالمگيريت واري دور ۾ گڏيل مفادن تي مشتمل اهڙا تجارتي ادارا لازمي طور وجود ۾ آڻڻ گهرجن، جيڪي فرد (ملازم) ۽ انتظاميا کي گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪن ته جيئن رابطا، ناتا ۽ معلومات جي باهمي ڄاڻ ۽ پهچ ذريعي ڪاميابي ۽ ترقي جي منزل حاصل ڪري سگهجي.
ان ڪري هڪ حساس، صابر ۽ تجارتي ماحول ۽ معمول کان مڪمل باخبر شخص جي مقابلي ۾ هڪ خالص برقي تعلق يا ربط جي ڪا اهميت نه آهي. معلوماتي ۽ اطلاعاتي شاهراهه تي سفر ڪرڻ لاءِ بيحد احتياط جي ضرورت هوندي آهي. ممڪن آهي ته انٽرنيٽ تي مشتمل سڌ سماءُ پرڏيهي ملڪن ۾ مختلف تجارتي ادارن جي وچ ۾ رابطا ۽ ناتا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهربل ضروري سهوليتون مهيا نه ڪري سگهي. حقيقت ۾ برقي ذريعا ۽ اطلاع، عالمگيريت جي هن دور ۾ ٻن شراڪت دارن وچ ۾ رابطن ۽ ناتن جي قيام جي سلسلي ۾ وڇوٽي پيدا ڪري ڇڏين ٿا ڇاڪاڻ ته برقي ذريعن ۽ اطلاعن ذريعي بيشمار ادارا هڪ ٻئي سان ظاهري طور تي رابطو ته قائم ڪري وٺن ٿا، پر ان ذريعي واپاري ۽ تجارتي لحاظ کان ڪو اثر رکندر گروهه يا ادارو وجود ۾ نه ٿو اچي جيڪو عملي طور تي اوهان جي واپاري مفادن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ تيار هجي. جيڪڏهن برقي ناتن جو اصلي مفهوم سامهون رکيو وڃي ته پوءِ انهن ”برقي ناتن“ باعث انساني رابطا ختم ٿي وڃن ٿا، يعني پنهنجي ان شريڪ ڪار کي اوهان لاءِ دفن ڪرڻ يا ان سان رابطا ختم ڪرڻ اوهان لاءِ نهايت آسان آهي. اڄ جي دور ۾ جڏهن نسلي بنياد تي قائم سماج ۾ ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ جو ٻيهر جنم چاهين ٿا ۽ انهن کي پنهنجي سڃاڻپ گم ٿيڻ جو ڏک به آهي ته انهن حالتن جي پيش نظر واپاري ۽ تجارتي عالمگير دنيا ۾ ”رابطا ۽ ناتا“ انتهائي اهميت وارا آهن.
نئين صدي جي شروعات ۾ اسان اهو ڏسنداسين ته خريداري ڪرڻ لاءِ اصلي رقم بدران ٻيا اوزار استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويندا ۽ پوءِ انٽرنيٽ ذريعي لاتعداد اشتهار بازي کان سواءِ واپاري ۽ تجارتي ناتا ۽ رابطا به قائم ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ٽين دنيا جي انهن ملڪن لاءِ، جن کي انٽرنيٽ/ ڪمپيوٽر ذريعي فراهم ٿيندڙ سهوليتن وچ ۾ اسان ذاتي رابطن ۽ ناتن جي قائم ٿيڻ کي به نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون. هڪ واپاري ۽ تجارتي عالمگيري فڪر جو انداز نه رڳو مستقبل جي مقصدن کي سامهون رکندو آهي پر حال جي ضرورتن کي به نظر انداز نه ٿو ڪري. هڪ هزار آمريڪين مان رڳو ڪجهه فردن کي ئي انٽرنيٽ تائين پهچ حاصل آهي. پوري دنيا ۾ رڳو ويهه هزار تجارتي ۽ واپاري ادارا ۽ 30 ملين فرد انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيا آهن (ان تعداد ۾ ماهوار 10 سيڪڙو جي شرح سان اضافو ٿي رهيو آهي). دنيا ۾ نصب 600 ملين ٽيليفونن مان 450 ملين ٽيلي فون رڳو 9 ملڪن ۾ نصب آهن.
عالمگير طور تي تجارتي ۽ واپاري ڪاميابي ۽ ترقي جي حاصلات لاءِ انٽرنيٽ جو عالمگير استعمال اڻٽرآهي. بهرحال ان سلسلي ۾ هڪ گمنام سيلز مين جي اها چوڻي به غور ۽ قدر لائق آهي: ” جيستائين اوهان ڪنهن جاءِ تي ذاتي طور موجود نه هجو، اتي ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي.“ پرڏيهي ملڪن ۾ موجود آمريڪي واپاري ادارا، مقامي واپاري روايتن، قدرن ۽ طور طريقن جي ڪجهه پرواهه نه ڪندا آهن ۽ نه اهي مقامي تهذيبي ماحول ۽ معمول کي پاڻ لاءِ ترجيح لائق سمجهن ٿا. ان ڪري آمريڪين کي گهرجي ته اهي پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجي واپاري حليفن جي جذبن، قدرن، ريتن ۽ تهذيبي ماحول ۽ معمول ۾ ذاتي دلچسپي وٺن.