1. خود شڪست ادارا- عملي قدم
اوهان جي خيال مطابق اها صورتحال کل ڀوڳ جهڙي آهي ۽ افسوس واري پڻ. پر اها هڪ اهڙي صورتحال آهي جنهن جو جديد ادارن جي حقيقتن سان ڏاڍو گهٽ تعلق آهي. حقيقت ۾ ايئن نه آهي. هيلر جو مؤقف آهي ته ان جنهن جنوني يا پاڳل پڻي واري رويي جو مثال ڏنو آهي، اصل ۾ فوج ان جو نشانو نه آهي بلڪه هڪ ادارو آهي جنهن جو نالو ٽائيم لائف ڪارپوريشن آهي. ان کان سواءِ جيڪڏهن غير ادبي پس منظر کي سامهون رکي ان ڪتاب جو جائزو ورتو وڃي ته اسان کي نهايت واضح طور تي معلوم ٿي وڃي ٿو ته واضح مقصدن ۽ بنيادي عقيدن جي غير موجودگي ۾ ادارو ڪهڙي طرح بي ترتيبي ۽ افراتفري جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ آخرڪار سوچ ۽ فعل تي مشتمل اهو کل جوڳو ۽ نامعقول نظام، جنهن کي هيلر ڪنهن هڪ اداري جي خصوصيت قرار ڏئي ٿو، انهن روين ۾ سبب وجود ۾ اچي ٿو، جن متعلق هر اهو شخص ڄاڻي ٿو جيڪو ان قسم جي غير معقول ۽ فضول ادارن ۾ ڪم ڪري چڪو هجي.
جيڪڏهن اوهان هينئر به ان نظريي کي نه ٿا مڃيو ته هيٺ ڏنل مثال تي غور ڪريو. اهو مثال شيئرز جو ڪاروبار ڪندڙ هڪ تمام وڏي اداري ۾ جنم وٺندڙ تازي واقعي مان اخذ ڪيو ويو آهي. ان اداري جي هڪ شاخ خود سوزي ۽ خوشي جي دنگ تي بيٺي هئي. اهو داستان نهايت سبق ڀريو آهي ۽ اسان اوهان کي يقين ڏياريون ٿا ته ان ۾ افساني جو ذرو به شامل نه آهي.
[b]ناول “ڪيچ 22” کان وڌيڪ عجيب داستان:
[/b]صنعتي ۽ ڪاروباري طور تازو انتهائي تنزلي جي دور جي وچ ۾ سرمائيڪاري جي هڪ وڏي اداري پنهنجي هڪ شاخ جي نهايت وڏي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ فوري طور هڪ نهايت نامعقول ۽ نامناسب قدم کڻڻ کان پوءِ پنهنجي شاخ جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ جارج نالي هڪ آفيسر موڪليو، جيڪو مزاج ۾ نهايت سنگدل ۽ بي رحم هو ۽ پنهنجا فرض ادا ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڪثر سفر ۾ رهندو هو.
پنهنجي اداري ۾ جارج کي هڪ ڏاڍو قابل، ذهين ۽ مثالي آفيسر سمجهيو ويندو هو. اهو هر ڏينهن هڪ ئي حليي ۾ دفتر ايندو هو. اڇي قميص تي گهري رنگ جو ڪوٽ ۽ پتلون ۽ ان سان گڏ ڳلي ۾ گهنج پيل ٽاءِ. سندس چهري تي عجيب تاثر هو ۽ چپن تي هميشه هڪ اهڙي مسڪراهٽ هئي، جنهن مان قطعي معلوم نه ٿي ٿيو ته هن جو مزاج ڪهڙو آهي. جيتوڻيڪ اداري ۾ اهو اڪثر گهمندو ڦرندو هو، پر پنهنجن ماتحتن يا آفيسرن سان هن جا تعلقات تمام گهٽ هئا. اهو قديم مغرب جي گشتي آفيسرن جو جديد عڪس هو، جيڪي ڪنهن به جاءِ پنهنجي ناخوشگوار فرض جي تڪميل جي سلسلي ۾ موڪليا ويندا هئا.
جڏهن هو پنهنجي اداري جي ان شاخ ۾ پهتو، جنهن جي ڪارڪردگي تمام خراب هئي ته هن پهريان ته روايتي انتظامي طريقي ڪار اختيار ڪيو، يعني ان هفتيوار اجلاس، سومر جي ڏينهن منعقد ڪرڻ شروع ڪيو. هر سومر تي ڇهن شعبن جا سربراهه هڪ ڊگهي ميز جي چوڌاري گڏ ٿين ۽ جارج صدارت واري ڪرسي تي ويهي.
ان اجلاس ۾ هر سربراهه، گذريل هفتي جي وڪري متعلق ڪارڪردگي جو تت وڌ ۾ وڌ 30 منٽن ۾ بيان ڪري ڇڏي. پهريان ڪجهه هفتن جي اجلاس دوران جارج، نهايت خاموش ۽ لاتعلق ٿي ويٺو رهيو، پر هڪ ڀيرو جڏهن هڪ منتظم پنهنجي گهٽ وڪري متعلق وضاحت ڪري رهيو هو ته جارج هڪدم پنهنجو ڳلو صاف ڪيو ۽ بيحد ٿڌي آواز ۾ چيو:
” مان ان ڪارڪردگي تي خوش نه آهيان، تون هاڻي ويهي رهه“
اڳين ڪجهه مهينن دوران جارج گهٽ ۾ گهٽ هڪ بدقسمت منتظم جي ناقص ڪارڪردگي تي پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪيو. جڏهن مسلسل اڳين ٽن اجلاس جي موقعي تي ان طرح جي صورتحال پيش آئي ته پوءِ هڪ اهڙو گشتي خط جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ متعلق منتظم طرفان ”ذاتي سببن ڪري“ استعيفا جو اعلان ڪيو ويو هو. ايندڙ سومر تي منعقد ٿيندڙ اجلاس جي موقعي تي جارج نهايت حقارت ڀري ڪاوڙ واري لهجي ۾ چيو:
”مان هر قيمت تي سٺا نتيجا گهران ٿو، ان کان سواءِ مون کي ڪجهه نه کپي“.
ان قسم جي واقعن جي سبب اهي ئي نتيجا سامهون آيا، جن متعلق سڀ کي پهريان اندازو هو. ڇهن شعبن جا منتظمين سومر جي صبح جو منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪارڪردگي پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ هر وقت مصروف رهندا هئا. ان کان سواءِ اهي منتظمين پنهنجي اداري لاءِ ڊگهي مدت وارن مقصدن، هدفن، عملي لاءِ ترغيب ۽ تحريڪ ۾ اضافو يا اداري جي ساک ۽ شهرت حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهٽ ڌيان مرڪوز ڪندا هئا. ان جي بدران انهن جو ڌيان سومر ڏينهن منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ پنهنجي ڪارڪردگي متعلق انگ اکر پيش ڪرڻ تي مرڪوز رهندو هو. اهي منتظمين پنهنجي ڪارڪردگي جي وضاحت لاءِ بيشمار صفحا ڪارا ڪري ڇڏين، وڏا وڏا گراف بڻائين، رنگين پينسلون ۽ قلم استعمال ڪن، ڪمپيوٽر ذريعي تصويرن ڏيکارين، ڪو به شخص جارج کي ناراض ڪري پاڻ لاءِ خطرو پيدا ڪرڻ پيو نه چاهي ۽ ڪو به شخص جارج کي حقيقت ۽ سچ کان آگاهه ڪري خطرن ۽ جارج جي ناراضگي جو نشانو بنجڻ نه پيو چاهي.
ان قسم جي عادت ۽ رويو اداري جي ان شاخ جي هر رڪن اختيار ڪيو. نوان گراهڪ تلاش ڪرڻ بدران عملي ۽ منافعو نه ڏيندڙ سودا به حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ته جيئن جارج جي سامهون سودن جو وڌ کان وڌ تعداد پيش ڪري ان جي ناراضگي کان محفوظ رهي سگهن. منافعو نه ڏيندڙ سودن جي ڪري اداري جي ان شاخ جي مالي حالت ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي وئي. حالتون ايتريون خراب ٿي ويون جو جيڪڏهن ڪو منتظم ڪنهن نئين سودي لاءِ ڪاغذ تيار ڪرائڻ گهري ته ان کي ڪو اسسٽنٽ به نه ملي، ڇاڪاڻ ته ماتحت عملو سومر جي اجلاس جي تياري ۾ مصروف هوندو هو. ماتحت عملي سان گڏ دفتري اوزار به مصروف هوندا هئا جنهن جي ڪري هر ڏينهن دفتري ڪمن جو اندراج روزانو مڪمل نه ٿي سگهندو هو ۽ دفتري انگن اکرن جي فراهمي ۾ دير ٿي ويندي هئي. انهن ڪارروائين جو نتيجو اهو نڪتو ته شعبي جي سربراهه جارج کي ڪوڙا انگ ۽ اکر پيش ڪرڻ لڳا. پر ٻئي طرف جارج نهايت ڦڙتي جي حالت ۾ منتظمين طرفان ان جي ڪارڪردگي جي حوالي کان اطلاعن تي اطلاع وصول ڪري رهيو هو. انهن کي پاڻ وٽ محفوظ به ڪري رهيو هو پر اهو ان طوفان کان بي خبر هو جيڪو سندس دفتر کان ٻاهر برپا هو.
دفتر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو هو جارج کان سواءِ سڀ واقف هئا. هاڻي ان شاخ جون ڪاروباري سرگرميون شيئرز جي خريد ۽ وڪري تي مشتمل نه هيون پر اهي ڪاروباري سرگرميون نئين ”جنرل مئنيجر“ سامهون هڪ ڏاڍي دل کي لڀائيندڙ، متحرڪ ۽ رنگين ٽيهن منٽن تي مشتمل ”معلوماتي مواد ۽ انگن اکر“ پيش ڪرڻ تي مشتمل هيون.
جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه اوهان کي عجيب محسوس ٿي رهيو آهي ته پوءِ هڪ گهڙي لاءِ انتظار ڪيو. صورتحال ان کان وڌيڪ ڳنڀير شڪل اختيار ڪري وڃي ٿي. ٻين مستقل عادتن وانگر جارج ۾ تحمل ۽ برداشت جو مادو ڏاڍو گهٽ هو. جارج، پهريان ته ڇهن مهينن تائين هر سومر تي منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ منتظيمن طرفان ٽيهن منٽن تي مشتمل ڊگهيون ” تقريرون“ ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ آخرڪار ان جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي ويو. هاڻي صورتحال اها ٿي چڪي آهي ته جيئن ئي ڪو منتطم ”معلوماتي مواد ۽ معلومات“ تي مشتمل پنهنجي ڊگهي تقرير شروع ڪري جارج ان کي هڪدم روڪي ڇڏي ۽ مختصر طور صورتحال بيان ڪرڻ جو مطالبو ڪري ۽ مطمئن ٿيڻ کان پوءِ نهايت حقارت ڀريل انداز ۾ هن کي ويهڻ جو حڪم ڏي. پوءِ هو پنهنجي ”اڳئين شڪار“ کي گهرائي. ڇهن شعبن جي منتظمين آهستي آهستي ان حقارت ڀري رويي ۽ لفظن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو ڍنگ سکي ورتو ۽ پوءِ انهن ڇهن منتظمين وچ ۾ ان امر جي حوالي سان مقابلو شروع ٿيو ته ڪير وڌيڪ مختصر لفظن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي کي بيان ڪري ٿو.
ان موقعي تي شيئرز جي خريد ۽ وڪري بدران منتظمين جو ڌيان، ٽيهن منٽن تي مشتمل معلوماتي مواد تي مشتمل تقري طرف ٿي چڪو هو، جيڪڏهن اها تقرير ڪامياب ٿي وڃي ها ته هن کي مشڪل سان ڏينهن جي روشني ڏسڻ نصيب ٿئي ها. انهن ڇهن شعبن جا منتظمين به پريشان هئا ۽ پاڻ ۾ کل مذاق طور چوندا هئا ته جارج کي اها تقرير متاثر ڪندي جيڪا هڪ منٽ کان به گهٽ هجي.
ظاهر آهي ته ان قسم جي صورتحال هڪ لامحدود عرصي تائين ڪنهن جي نظرن ۾ اچڻ کان سواءِ جاري رهي سگهي پئي. جڏهن جارج پهريان کان موجود ڇهن منتظمين مان ٻي شخص کي ملازمت مان فارع ڪري ڇڏيو ته ان جي جاءِ تي هڪ ٻيو شخص منتظم طور اداري ۾ داخل ٿيو، جيڪو عقل ۽ فهم جو مالڪ هو. هن جلد ئي صورتحال جو اندازو لڳائي ورتو ته اداري جا ملازم ٻين حريف ادارن جي ملازمن ملاقات ۽ رابطا انتهائي طور گهٽجي چڪا هئا ۽ اهي ٿڌو پاڻي پيئڻ لاءِ واٽر ڪولر وٽ يا وري آرام لاءِ مخصوص ڪمري ۾ پاڻ ۾ سرگوشين ذريعي پنهنجي دل جي باهه ڪڍندا هئا. ملازمن جي غير حاضري جي شرح ۾ بي انتها اضافو ٿي چڪو هو ۽ هو ڪنهن خاص ڪارڻ کان سواءِ طبي بنياد تي وڌ کان وڌ موڪلون وٺڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. مختلف قسم جي اشتهار بازي ۽ بيشمار رعايتن باوجود وڪري جي شرح ۾ بي انتها گهٽتائي اچي چڪي هئي. جيئن ته جارج اداري جي ان شاخ ۾ نئين ڀرتي تي پابندي لڳائي هئي ۽ ڪيترائي آفيسر ۽ ملازم ملازمت ڇڏي وڃي چڪا هئا ان ڪري سال جي آخر ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ شاخ وڌيڪ منافعو نه ڪمايو. ان افسوس ناڪ تباهي کان پوءِ جيڪو ڪجهه بچيو، شايد اهائي مرڪزي دفتر ۾ ويٺل ڪجهه اعليٰ آفيسرن جي خواهش هئي.
[b]“خود شڪست ادارو” ڇا ٿيندو آهي؟
[/b]”خود شڪست ادارو“ پنهنجي شڪست جو باعث ان ڪري بڻجندو آهي جو هو نهايت منظم طريقي سان پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابي کي روڪي ڇڏيندو آهي. پنهنجي عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ، خود سوزي ۽ خود شڪست جي حوالي سان شيئرز جو ڪاروبار ڪندڙ اهو ادارو هڪ بهترين مثال جي حيثيت رکي ٿو. ان قسم جا بيشمار مثال تجارتي، صنعتي، سرڪاري، تعليمي ۽ راندين جي شعبن ۾ موجود آهن. انهن ادارن تي غور ڪريو جيڪي پنهنجن ملازمن جي گهٽ درجي جي مهارت ۽ صلاحيت تي افسوس ته ڪندا آهن، پر انهن کي مناسب تربيت فراهم نه ٿا ڪن ۽ يا وري هڪ قانون ٺاهيندڙ ادارو، جيڪو عوامي فلاح ۽ بهبود جي سلسلي ۾ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان ڊگهي عرصي ۽ سخت محنت بعد اهو فيصلو ڪري ٿو ته ان مسئلي تي وڌيڪ غور ۽ فڪر کان سواءِ عملي قدمن جو نفاذ ممڪن نه آهي.
اسان ڏسون ٿا ته تعليمي شعبي ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو يا ڪميٽيون مقرر ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي نهايت غور ۽ فڪر ذريعي عمل جوڳيون رٿائون جوڙين ٿيون. داخلا لاءِ مختلف معيار مقرر ڪن ٿيون ۽ مختلف ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليون مرتب ڪن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيو وڃي ٿو ته ڪنهن پهرين مناسب موقعي تي انهن سڀني ڪاررواين ۽ ڪوششن کي نظر انداز ڪيو وڃي. پوءِ راندين جي شعبي ۾ به اهائي صورتحال نظر اچي ٿي ته اعليٰ ڪارڪردگي وارو بهترين رانديگير تيار ڪيا ويندا آهن، جيڪي پنهنجي پرستان، سڌ سماءَ ۽ پنهنجي ادارن جي سربراهن جي اميدون تي پورا نه لهندا آهن.
هڪ وڏي اداري جي هڪ شاخ پنهنجي مرڪزي دفتر جي هدايتن ۽ حڪمت عملين ۽ رهنما قدمن باوجود ”خود سوزي“ جهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏي ٿي ۽ خود پنهنجو پاڻ کي شڪست جي هنج ۾ وجهي ڇڏي ٿي. مثال طور پيداواري شعبي جي خريد وارو شعبو رقم بچائڻ خاطر گهٽ معيار جو ڪچو مال خريد ڪري ٿو ۽ ان مال جي جاچ تي ٿيندڙ ڳري خرچ جو ملبو ”اعليٰ معيار کي يقيني بڻائڻ واري“ شعبي تي ڦٽو ڪندو آهي.
ڪجهه ڀيرا مرڪزي رستي جي سار سنڀال ۽ مرمت وغيره جي سلسلي ۾ ماهر مقرر ڪيا وڃن ٿا، پر اهي ماهرپنهجيون سفارشون ۽ تجويزون مرتب ڪرڻ ۾ ايتريقدر دير ڪري ڇڏيندا آهن جو اصل مقصد جي اهميت ئي ختم ٿي ويندي آهي ۽ سفارش ڪيل تجويزون غير مؤثر ۽ ناڪاره ٿي وينديون آهن.
هڪ مرڪزي ۽ ڪامياب يونيورسٽي جي سماجيات (Sociology) جي شعبي جا آفيسر نظرياتي طور تي ايتري قدر تعصب رکندڙ هوندا آهن جو اهي ڪنهن نئين رڪن کي پنهنجي شعبي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن ۽ پنهنجي شعبي جي مستقبل کي اونداهو ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح ڪمپيوٽر تيار ڪندڙ اداري جو وڪرو ڪندڙ شعبو (Selling Dept) باقاعدگي سان ڪمپيوٽر جي خوبين ۽ صلاحيتن کي غلط نموني بيان ڪندو رهندو آهي ۽ گراهڪ به غير مطمئن هوندا آهن، جنهن ڪري اداري جي شين جي وڪري ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي.
مٿي ذڪر ڪيل ادارن مان ڪو به اهڙو ادارو نه آهي جيڪو صلاحيت، توانائي ۽ ترغيب/ تحريڪ ۽ حوصلي کان محروم هجي، پر اهي سڀ گروهه بندي جو شڪار ٿي چڪا آهن جيڪو مقصدن ۽ اميدن جي حاصلات ۾ رڪاوٽ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ موجود صلاحيتن جي حوالي سان غلط اعتمادن جي موجودگي جو باعث بڻجي ٿو.
بهرحال هاڻي اسان لاءِ ان امر جو ادراڪ نهايت اهم آهي ته خود سوزي ۽ پنهنجو پاڻ کي ناڪامي طرف ڌڪيندڙ ادارا اهي هوندا آهن، جيڪي ان کان اڳ ڪاميابي ۽ عروج جي اعليٰ معيار جا مالڪ هوندا هئا. ڪاميابي ۽ عظمت جي حوالي سان انهن ادارن جو پنهنجو هڪ تاثر آهي. منڊي تي انهن جي اثر هوندو آهي ۽ سندن شهرت ۽ ساک ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهليل هوندي آهي.ڪاميابيون ڏياريندڙ حڪمت عملين ۽ اداري جي اندر جي معمولات جي نفاذ جي سلسلي ۾ انهن ادارن ڳري رقم خرچ ڪئي آهي. پنهنجي پيداوار جي واڌاري ۽ ڪاميابي جي سلسلي ۾ چاڙهه ۽ لاٿ کان واقف هئڻ جي ڪري ان حوالي سان پيش ايندڙ سڀني مسئلن جو حل انهن جي کاٻي هٿ جي راند هوندو آهي. پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جڏهن بحراني حالتون پيدا ٿيڻ شروع ٿينديون آهن ته پوءِ انهن جو اعتماد به آهستي آهستي گهٽ ٿي ويندو آهي ۽ ان مرحلي تي انهن ادارن جي اندروني صلاحيتن ۽ اعتماد ۾ تنزلي پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. هڪ وقت اهڙو اچي ويندو آهي جو انهن کي پنهنجا هدف، مقصد ۽ اعتقاد ڪوڙا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن. خطري ۽ ناڪامي جو احساس ٿيندي ئي اهو ادارو پنهنجو پاڻ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ شروع ڪندو آهي. پوءِ اهو ادارو پنهنجي معمولات ۽ قانون ۾ قيد ٿي ناڪامي ۽ شڪست جي خوف ۾ وڌ کان وڌ گرفتار ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. مستقبل طرف نظر رکندي اهو ادارو پنهنجي موجوده مسئلن کي به ماضي جي تجربن ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو. غير محسوس طور تي هو بنيادي مقصد، ڪارڪردگي ۽ پيداوار ۾ بهتري ۽ اضافي بدران پنهنجي بقا تائين محدود ٿي ويندو آهي.
پنهنجين اندروني صلاحيتن ۽ اعتماد جي کوٽ ۽ اندروني جهڳڙن ۽ تڪرارن جي ڪري ادارا خود سوزي ۽ خود شڪست واري حالت ۾ گرفتار ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. پوءِ انهن ادارن جا اندروني معمولات ۽ سرگرميون پنهنجي اهميت وڃائي ويهن ٿيون. اداري جي بقا لاءِ ضروري توانائي ۽ صلاحيت اهڙي طرح ضايع ٿي ويندي آهي جو ادارا جديد دور جي تقاضائن ۽ مسئلن سان منهن ڏيڻ ۽ مقابلو ڪرڻ کان محروم ٿي ويندا آهن. انهن حالتن جي ڪري ملازم پنهنجن ذميوارن ۽ فرضن جي سلسلي ۾ جوابدهي کان به لاپرواهه ٿي ويندا آهن يا وري جيئن شيئرز جو ڪاروبار ڪندڙ ادارن متعلق ٻڌايو ويو ته نهايت ظالماڻي طريقي سان ملازمن کان سندن ذميوارين ۽ فرضن جو حساب ورتو ويندو آهي. جڏهن مجموعي طور اداري جي ڪارڪردگي هر رخ کان ناڪاره ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي ته پوءِ هڪ سنجيده، محنتي ۽ لائق ملازم به پنهنجي انفرادي ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿو ٿئي. ان خود سوز ۽ خود شڪست واري حالتن جي ڪري هيٺ ڏنل عنصرن مان سڀ يا ڪو هڪ اداري کي پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏي ٿو:
• غلط فهمي
• رازداري (هڪٻئي ۾ اعتماد جي کوٽ)
• ڌوکو، فريب
• عدم تحفظ
• محدوديت
• مقرر معمول
• ماڻهن کان بيزاري، ڇڙوڇڙ ٿيڻ
• وڌائڻ ، اضافو
• عقليت، منطقيت
• قرباني جو ٻڪرو (پنهنجا گناهه ٻين مٿان اڇلائڻ جو عمل)
هڪ ڪامياب ۽ عظيم اداري ۾ ڪو به هڪ ملازم يا سڀ ملازم مٿين خاصيتن جا مالڪ ٿي سگهن ٿا. ڪجهه ماڻهو اڪثر اداري جي معمولات مطابق پاڻ کي نه ٿا بڻائي سگهن. ان ڪري منفي سوچ ۽ ڪم کان گريز تي مبني رجحان اداري جي معمول جو حصو بڻجي وڃن ته ادارو ڪاميابي جي منزل کان پري هليو وڃي ٿو ۽ ان جون صلاحيتون به گهربل معيار تائين نه ٿيون پهچن.
خودسوزي ۽ خود شڪست ادارن ۾ ان قسم جون حالتون صرف ۽ صرف هڪ بنيادي ڪارڻ هوندو آهي، يعني ڊپ يا خوف. ڊپ يا خوف هڪ اهڙو اصطلاح آهي جيڪو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. انتظامي معاملن جي مشهور ماهر ڊبليو ايڊورڊز ڊيمنگ گهڻو پهريان چيو هو ته ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جو گُر اهو آهي ته دفتري ماحول مان خوف يا ڊپ جي ڪيفيت ختم ڪئي وڃي ۽ هاڻي هن دور ۾ تجارتي ادارن پنهنجي ملازمن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڌيان مرڪوز ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جي ڪري انهن ملازمن جي ڪارڪردگي ۾ آيل خوف يا ڊپ به گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. جديد درو ۾ موجود تجارتي ادارن جي سربراهن کي به ”خوف يا ڊپ“ جي موجودگي جو احساس آهي ۽ اهي دفتري ماحول مان ان ڊپ يا خوف کي ختم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن.
اسان انهن جي بهترين ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون پر اسان کي شڪ آهي ته شايد اهي پنهنجي ان مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهن.
ڊپ يا خوف ڪنهن شخص يا اداري جو هڪ اڻٽر حصو آهي. ڊپ ۽ خوف جي ڪيفيت ڪنهن شخص يا اداري لاءِ ڪمزوري يا ناڪامي جو سبب ٿي سگهي ٿي. پر پيداواري لحاظ کان اداري کي عروج ۽ عظمت تي پهچائڻ جي سلسلي ۾ ڊپ ۽ خوف جي ڪيفيت انفرادي ۽ مجموعي طور تي جلد بازي تي مبني ۽ بي مقصد ڪمن جي نقصان کان خبردار ڪرڻ جي حوالي سان ابتدائي قدم ثابت ٿيندي آهي.
جيئن ته ظاهر ٿئي ٿو، انفرادي ۽ ادارتي پيشيور ماهرن بحراني حالتن ۽ مشڪلاتن جي حل لاءِ رڳو هڪ بنيادي مثبت طريقيڪار کي ڌيان جو مرڪز بڻائي رکيو آهي. جهڙي طرح پريشاني/دٻاءُ/ ڇڪتاڻ جي ٻنهي قسمن يعني هڪ پريشاني/دٻاءُ جنهن ذريعي ڪاميابي جي ترغيب ملي ٿي ۽ ٻيو قسم دٻاءُ/ ڇڪتاڻ بي اعتمادي ۽ حوصلو شڪني پيدا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ڊپ/ خوف جا به ٻه قسم آهن. هڪ طرف ته اهو مثبت ۽ تعميري خوف آهي جيڪو اداري لاءِ حوصلو وڌائڻ، ترغيب/ تحريڪ جو سبب هوندو آهي. ان قسم جي خوف ۾ ممڪن گهٽ آمدني، وڪري ۾ گهٽتائي، حريفاڻي مقابلي ۾ ناڪامي ۽ پوءِ بنيادي طور انهن طريقن ۽ ترڪيبن جي موجودگي، جن جي ذريعي اداري جي بنيادي مقصد تي ضرب پئي ٿي، شامل آهي. اداري ۾ بحراني حالتون اچڻ ۽ اهم معاملن جي ڏس ۾ فيصلو ڪرڻ جي حوالي سان ان قسم جو خوف نهايت موثر ترغيب ۽ تحريڪ ثابت ٿئي ٿو. ان جي ابتڙ خراب ڪارڪردگي سان لاڳاپيل حقيقي خوف ۽ ڊپ سبب اداري جي بنيادي مقصدن ۾ بي اعتمادي ۾ هڪجهڙائي جي ڪري فيصلو ڪرڻ جي عمل ۾ رڪاوٽ پيش اچي ٿي. نتيجي ۾ خود سوزي ۽ خود شڪست جي هر اداري ۾ موجودگي جي شروعات ٿي ويندي آهي. جيڪي ادارا ان قسم جي خوف جي موجودگي کي نظرانداز ڪرڻ بدران ان خوف کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي ادارا اعليٰ معياري ڪارڪردگي جي سلسلي ۾ شروعاتي قدم کڻي وٺن ٿا.
پوءِ خوف جو ٻيو قسم سامهون ايندو آهي. خوف جي اها ڪيفيت نهايت بري ۽ محدود نوعيت جي هوندي آهي جنهن کي اعليٰ اختيار رکندڙ فرد اداري مان ئي خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهو خوف ان وقت پيدا ٿئي ٿو، جڏهن اداري جي انتظاميا اهو محسوس ڪري وٺندي آهي ته اداري جي بنيادي مقصدن ۽ هدفن جي حاصلات لاءِ مناسب قدم نه ٿا کنيا وڃن يا وري انتطاميا کي اهو يقين ٿي وڃي ٿو ته اها اداري جي مشڪلاتن ۽ مسئلن جو ممڪن طور مقابلو ڪري ۽ منهن نه ٿي ڏئي سگهي. خوف جي اها ڪيفيت پهريان نه رڳو ”ناڪامي جو خوف“ محسوس ٿئي ٿي، پر پوءِ اها ڪيفيت هڪ غير متوقع خوفناڪ تبديلي، پيداوار ۾ شديد کوٽ ۽ مستقبل متعلق غير يقيني حالتن جي صورت به اختيار ڪري ٿي. اهو خوف هڪ اهڙي جذباتي ڪيفيت طور ظاهر ٿيندو آهي، جيڪا متوقع بحراني حالتن کي جلد بازي، جنون ۽ پاڳل پڻي واري انداز ۾ درست ڪرڻ جي سلسلي ۾ بي اعتمادي ۾ وڪوڙيل فردن ۽ ادارن ۾ پيدا ٿي ويندو آهي. خوف جي ان قسم جي ڪري اداري جي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ کنيا ويندڙ قدم پنهنجي موجوده حالت ۾ منجمند ٿي ويندا آهن. نهايت افسوس جو مقام آهي ته عام طور تي انتطاميا وٽ اهو ئي مقصد هوندو آهي. ان مرحلي دوران ئي اداري جي بهترين ڪاميابي ۽ ترقي جي رستي ۾ اهو منفي خوف رڪاوٽ بڻجي ويندو آهي، جيڪو انتظاميا پنهنجي مٿان طاري ڪري ڇڏيندي آهي جنهن جي ڪري انتطاميا حالتن کي درست ڪرڻ جي حوالي سان اهڙا قدم کڻندي آهي، جيڪي گهٽ بامقصد ۽ معقول هوندا آهن، پر چريائپ ۽ غير معقوليت جو عنصر انهن قدمن ۾ تمام موجود هوندو آهي.
جيڪڏهن اوهان جو ادارو به ان قسم جي حالتن جو شڪار آهي ته پوءِ پنهنجا مسئلا ۽ مشڪلاتون ۽ بحراني حالتن کي درست مقام تي آڻڻ لاءِ تعميري ۽ مثبت سوچ کان محروم ٿي سگهي ٿو. اوهان جي اداري ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان جبري، ناجائز ۽ منفي ڊپ ۽ خوف رائج آهي. اهو خوف اداري جي انهن صلاحيتن کي گرهڻ لڳائي ڇڏي ٿو، جن جي ذريعي ڪاميابي جو حصول ممڪن آهي.
[b]ڪم دوران منفي نوعيت جو خوف:
[/b]هڪ اداري ۾ منفي ۽ غير تعميري خوف پاڙ وٺي ٿو ته ان جون شاخون اداري جي مڙني شعبن کي پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏين ٿيون شيئرز جو ڪاروبار ڪندڙ ادارن ۾ جارج جي مختصر پر اقتدار جي خوفناڪ عهد ۾ ڇا اسان ان قسم جي صورتحال جو مشاهدو ڪيو؟ ان خوف جو بنياد اداري جي تجربيڪار منتظمين جو اهو رويو هو جيڪي صحيح يا غلط طور اهو سمجهندا هئا ته وڪري ۾ گهٽتائي جي ڪري ادارو ناڪامي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. انهن منتظمين اهو ئي ڪيو جيڪو اداري جي حڪمت عملي جي تقاضا هئي. انهن مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اداري جي متعلق شاخ ۾ جارج کي مقرر ڪري ڇڏيو.
ان کان پوءِ هڪ شعبي جي آفيسر ٻڌايو ته: ”اسان سمورو ڏينهن اٺ، نَوَ ۽ ٻارنهن ڪلاڪ هڪ افراتفري جي عالم ۾ رهندا هئاسين. وقت گذرندو ويو. هر هفتو هڪ مهينو محسوس ٿيندو هو ۽ هڪ مهينو هڪ سال برابر ٿي ويو هو.
جڏهن ته جارج جي کنيل قدمن جي ڪري عارضي طور تي بيشمار ملازمن طرفان ملازمت ڇڏڻ سبب اداري کي نالي ماتر منافعو حاصل ٿيو هو، پر مجموعي طور تي اهي حالتون مرڪزي دفتر يا اداري جي ان شاخ جي مستقبل لاءِ خطري جو باعث هيون. ملازمن بيماري لاءِ مخصوص سڀ موڪلون استعمال ڪري ڇڏيون ۽ اهي ذهني دٻاءَ ۽ پريشاني جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيماري جي علاج لاءِ سرگرم هئا. ڪجهه ملازم سڪون آڻيندڙ دوائون استعمال ڪرڻ لڳا هئا ۽ ڪجهه تجربيڪار آفيسر موقعي تي ملازمت ڇڏي وڃي چڪا هئا. اداري جي ان شاخ جا باقي ملازم جارج جي ان خوفناڪ ۽ جارحاڻي رويي جو شڪار هئا ته جنهن ذريعي جارج چواڻي ان قسم جي شيئرز جو ڪاروبار ڪندڙ اداري جو اهڙي طرح انتظام ڪرڻ گهرجي.
هڪ انتظامي معاون ٻڌايو ته: ”مون کي ياد آهي ته جڏهن مان هڪ سپر مارڪ جي دفتر ۾ داخل ٿيس اهو سڄو پگهر ۾ ٻڏل هو ۽ سندس رنگ به ڦڪو هو. سندس سامهون ميز تي ڪاغذن جو ڍير پيو هو. مارڪ ڏاڍو سنجيده شخص هو پر ان وقت ايئن معلوم ٿي رهيو هو ڄڻ اهو پاڻ تي طنز ۽ شڪست کاڌل کِل کِلي رهيو هجي ۽ سندس مٿو به ڦري رهيو هجي.“
ان انتظامي معاون وڌيڪ ٻڌايو: ”مان هن کان پڇان ٿو ته اهو سڀ ڇا آهي ۽ هو مون کي ايئن ڏسي ٿو ڄڻ تڪليف ۾ هجي، منهنجو مطلب آهي ته هو ڪڏهن به اهڙي نموني جذباتي نه ٿو ٿئي، جيستائين هو ستن فردن تي مشتمل ڪنهن ڪاروباري سودي ۾ ملوث نه رهيو هجي ۽ هاڻي هو بلڪل خوش ۽ مطمئن آهي ته جارج ان کي پريشان نه ڪيو.“
ان وقت حالتون خراب ته هيون پر جارج جي اقتدار جي زماني جا خطرناڪ نتيجا ان وقت تائين ظاهر نه ٿيا جيستائين جارج هتان هليو نه ويو ۽ جڏهن جارج جي وڃڻ کان پوءِ حالتون ڪجهه صحيح ٿيون ۽ ان شاخ ۾ هڪ نرم مزاج منتظم مقرر ٿيو ته پوءِ واضح ٿيو ته ان شاخ جا گهڻائي ملازم وڃي چڪا آهن يا جيڪي موجود آهن انهن کي پنهنجي اداري جي مقصدن ۽ هدفن سان اختلاف آهي.
اڪثر ملازمن کي اهو معلوم ٿي ويو هو ته هر ملازم سان برابري جو ورتاءُ ڪرڻ جي دعويٰ باوجود رڳو اعليٰ آفيسرن کي ئي عزت ۽ احترام جو مستحق سمجهيو ويندو آهي ۽ هيٺين درجي جي ملازمن کي حقارت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ڪجهه ملازمن جو اهو به خيال آهي ته جيڪڏهن ڪنهن قسم جو ادارو جارج جي ملازم ڏانهن اختيار ڪيل جارحاڻي رويي جي حمايت ڪري ٿو ۽ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ خاطر ملازمن کي اذيت ڏيڻ کان به نه ٿو مڙي ته اهو ادارو سندن اداري جهڙو ٿي سگهي ٿو.
اداري جي ان شاخ جا ڪجهه ملازم جيڪي افسوسناڪ حالتن کان پوءِ به ملازمت ۾ هئا اهي هڪ شعبي جي ان منتظم سان متفق هئا جنهن ٻڌايو ته: ”جارج جي وڃڻ کان پوءِ حالتون ڪڏهن به اهڙيون نه رهيون، ان کان پهريان به اسان گهڻين مشڪلاتن جو منهن ڏٺو پر ماڻهن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو جذبو موجود هو. جارج ان قسم جي سڀني حالتن کي بدلائي ڇڏيو. هڪ واري ۾ هڪ لڪير ڪڍي ڇڏي ۽ اداري جي گهڻن معاملن ۾ ادارو ان لڪير کان هيڏانهن ۽ اوهان ملازم لڪير کان هوڏانهن رهيا.“
ان قسم جي بيانن خود سوز ۽ خود شڪست ادارن متعلق طريقي ڪار بابت اسان جي شڪ جي تصديق ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ اسان ڊگهي عرصي تائين اهو سمجهندا رهياسين ته بي مقصد ۽ تباهه ڪندڙ حالتن جو ڪارڻ خوف آهي، ان ڪري اسان تمام وڌيڪ مهلڪ ۽ خوفناڪ نتيجن کان مڪمل طور آگاهه نه ٿي سگهياسين. پر شيئرز جو ڪاروبار ڪندڙ اداري سان گڏ ڪم ڪرڻ کان پوِءِ اسان خود سوز ۽ خود شڪست ادارن جي انهن قطعي خصوصيتن کان واقف ٿي وياسين، جن هيٺ انهن ادارن جو طريقي ڪار پهريان ته اداري جي بنيادي عقيدن ۽ مقصدن جي تحليل، تنزلي ۽ پوءِ انهن عقيدن، مقصدن ۽ توانائي جي انهن ادارن مان اخراج تي مشتمل هو. اداري جي اعليٰ اختياراتي آفيسرن جارج کي اداري جي شاخ جو انتظام حوالي ڪري اهي مقصد حاصل ڪري ورتا جيڪي اداري جي مستند حريف اداري جي تصديق ٿيل دشمن جي ذهن ۽ گمان ۾ به نه هئا، اهي پنهنجي عمل ذريعي ملازمن کي يقين ڏياري چڪا هئا ته اهي دنيا جي بدترين اداري ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
ان تجربي ذريعي اسان خود سوز ۽ خود شڪست ادارن جي طرز عمل متعلق هيٺ ڏنل نتيجا ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ۽ اسان کي اهو به معلوم ٿيو ته اجتماعي ماحول جي حوالي سان هي ادارو مستقبل ۾ ڪهڙي رويي جو مظاهرو ڪندو.
• انفرادي فردن جي خودسوز ۽ خود شڪست روين وانگر خود سوز ۽ خود شڪست ادارن جو طرز عمل، عام طور تي غير حقيقي خوف جي پيداوار هوندو آهي ۽ پوءِ تبديلي ۽ غير يقيني تي مبني خوف به پيدا ٿي ويندو آهي.
• خودسوز ۽ خود شڪست اداري جي طرز عمل ۾ لڪيل خوف ڏاڍي اثرائتي طريقي سان اعليٰ ڪارڪردگي جو رستو روڪي ٿو. ان مرحلي دوران انهن حالتن باعث ادارو ناگزير طور تي خراب ڪارڪردگي تي مبني انهن نتيجن جو شڪار ٿي ويندو آهي، جن نتيجن کان ادارو بچڻ چاهيندو آهي.
• خود سوز ۽ خود شڪست ادارن جي طرز عمل مان پيدا ٿيندڙ تمام گهڻا خطرناڪ نتيجا اداري جي انهن بنيادي عقيدن ۽ مقصدن جي مرحليوار تنزلي ۽ تباهي تي ٻڌل هوندا آهن جن ذريعي اداري کي توانائي ۽ مضبوطي حاصل هوندي آهي.
جيئن ته ان خود سوز ۽ خود شڪست ادارن جو طرز عمل ۽ حالتون خود سوز ۽ خود شڪست فردن جي طرز عمل ۽ حالتن وانگر هونديون آهن. ان لاءِ اسان اهو محسوس ڪري حيران ٿي ويندا آهيون ته انفرادي فردن جي خود سوز ۽ خود شڪست وارن روين ۽ طرز عمل (جارحاڻو انداز، استحصال، ڪم ۾ دير وغيره) ۽ ڪم ڪرڻ جي طريقي ڪار، تبديلي ۽ بحراني حالتن ۾ هڪ جهڙائي موجود نه آهي. اسان کي ان ڳالهه تي حيراني ٿي ته خود سوز ۽ خود شڪست ادارن ۾ ترقي لاءِ اختيار ڪيا ويندڙ رويا انهن اهم بصيرت ڀرين حقيقتن جو انڪشاف ڪري سگهن ٿا ته هڪ ڀيرو عروج حاصل ڪندڙ ادارا ناڪامي جوڪارڻ بڻجندڙ رويي جو مظاهرو ڇو ڪندا آهن.