1. پهرين ڏينهن کان بحران جي ابتدا-ڇو؟
ساڍي نائين وڳي ڏينهن: ماحول جي تحفظ واري اداري جي اعليٰ انتظاميا سان ملاقات طئي آهي ڇاڪاڻ ته لورس جو ادارو، ڪيومنز انٽر مئنٽينس (Cummins inter Maintains) هڪ اداري کي ٽرڪ ۽ کاڻ جي ڪم جو سامان مهيا ڪندو آهي. لورس جي اداري خلاف ان الزام تحت تحقيقات ٿي رهي آهي ته هن انهن تي زهريلو مادو مهيا ڪيو آهي.
ساڍي يارهين وڳي ڏينهن: لورس جي پنهنجن وڪيلن سان ملاقات طئي آهي ڇاڪاڻ ته نوادا (Nevada) ۾ ان اداري جي شاخ ۾ ڪندڙ هڪ عورت ملازم طرفان جنسي طور هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ ان اداري خلاف ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي.
ٽين وڳي ڏينهن: لورس جي اداري جي صدر بين ميڪ ملن (Bain Mc Millan) سان ملاقات طئي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪمپيوٽر جي نظام ۾ خرابي جي ڪري گذريل نون ڏينهن، مالي اطلاع ۽ معلومات ڪمپيوٽر ۾ داخل (Feed) نه ٿي سگهي آهي.
ڏينهن جي پڄاڻي: انتهائي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ هڪ ناراض ۽ ڪاوڙيل گراهڪ سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جيڪو کاڻ کوٽائي واريون ٽي گاڏيون هڪ لک 30 هزار ڊالر في گاڏي جي حساب سان خريد ڪرڻ گهري ٿو ۽ هن جو چوڻ آهي ته لورس جي اداري پهريان کان مهيا ڪيل گاڏي جي سروس نهايت غير مناسب طور ڪئي آهي.
بدانتظامي؟ نااهلي؟ جيتوڻيڪ لورس جو ادارو هڪ نهايت باصلاحيت ۽ ساک وارو ادارو آهي جيڪو ڊيزل انجڻ مهيا ڪري ٿو ۽ اهو ادارو پوري دنيا ۾ ڊيزل انجڻ تيار ڪندڙ ادارن ۾ سرفهرست آهي. اهو ادارو تقريباً 50 سالن کان قائم آهي، انتهائي ڪامياب ۽ خوشحال آهي ۽ نئين زماني جي ضرورتن مطابق منڊي ۾ پنهنجي شين جا نوان نوان ماڊل پيش ڪندو رهندو آهي. هاڻي سوال هي آهي ته آخر ڇا جي ڪري هي ادارو ان انتظامي بدحالي ۽ بحراني ڪيفيت جو شڪار آهي؟
رڳو حقيقت کي نظر انداز ڪري، اسان جيڪڏهن هڪ جانبدار ۽ متعصب فيملي تحت چئون ته بحران جي شدت جي نوعيت جو انحصار انتظامي بدحالي ۽ نااهلي تي آهي، ته اسان جو اهو طرز عمل ۽ رويو خالص ڪوڙ تي ٻڌل آهي. لورس جي اداري تي
[b]وڌيڪ نظر وجهو:
[/b]ماحول جي تحفظ واري اداري متعلق زهريلو مادو، گند ڪچري جي گاڏي جو اهو عام تيل آهي، جيڪو تيل جي تبديلي دوران ٻاهر خارج ٿي ويندو آهي. سالن کان لورس جي اداري اها ذميواري هڪ اهڙي اداري کي سونپي آهي، جنهن قانوني طور ان کي انجام ڏيڻ لاءِ ماحول جي تحفظ جي اداري کان باقاعده اجازت نامو حاصل ڪيو آهي. ماحول جي تحفظ واري اداري جي اها دعويٰ آهي ته هن اداري ڪيومينز انٽر مئنٽيننس ۽ 25 ٻين ادارن کان پنهنجي خدمتن جو معاوضو وصول ڪرڻ باوجود سڀني اصولن ۽ قانونن کي نظر ڪيو آهي. اهڙي طرح ماحول جي تحفظ واري اداري جي نالي ماتر قانونن مطابق، حڪومتي وڪيلن طرفان پيش ڪيل هڪ عجيب ۽ غريب درخواست ذريعي، ان اداري کي ادائگي روڪڻ لاءِ چيو ويو.
وڌيڪ اهو ته جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جو الزام ان عورت طرفان عائد ڪيو ويو، جنهن کي غبن جي الزام ۾ اداري مان ڪڍيو ويو هو. ان لفظ ”الزام/شڪ“ کي هلڪي انداز بدران سنجيده انداز ۾ وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ٻين ذهين سربراهن وانگر لورس کي به معلوم هو ته ان عورت کي ڪنهن ڪارڻ کان سواءِ نوڪري مان ڪڍڻ جي ڪري ان اداري کي عدالت ۾ رلائي سگهجي پيو ۽ غبن واري رقم جي واپسي جي به ڪا اميد نه هئي. عورت ملازم طرفان جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام ان وقت بي بنياد ثابت ٿيو، جڏهن اداري ان عورت ملازم طرفان ڪيل غبن جو ثبوت عدالت کي مهيا ڪري ڇڏيو.
ڪمپيوٽر ۾ مالي معلومات تي مشتمل مواد کي داخل ڪرڻ جو معاملو انتطامي نااهلي جو نتيجو نه هو، پر اداري جي شين جي ڳڻپ لاءِ مهيا ڪيل نظام ۾ بهتري پيدا ڪرڻ جي مقصد سان. گراهڪن کي بهتر خدمتون مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اضافي جو نتيجو. هو ڇاڪاڻ ته موجوده ڪمپيوٽر جو نظام بي انتها مواد کي هضم ڪرڻ جي قابل نه هو. اهڙي طرح لورس جي اداري ڪمپيوٽر جو هڪ نظام متعارف ڪرايو، جنهن ۾ ڪنهن نقص کي پاڻمرادو ٺيڪ ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي ۽ پوءِ ڏينهن جي پڄاڻي تي هڪ گراهڪ سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه جاري هئي جيڪا اداري لاءِ نهايت فائديمند هئي ۽ اداري سان گذريل 15 سالن کان لاڳاپيل هو. اهو گراهڪ هڪ سخت مزاج کاڻ مزدور هو جيڪو اداري سان هزار جهڳڙن ۽ اختلافن باوجود ان اداري جي خدمت مان فائدو حاصل ڪري ٿو.
لورس جي شخصيت ۾ هن جي مٿي تي چاندي جهڙا وار ڏاڍا نمايان هئا. هن جي چيلهه ڪجهه جهڪيل هئي ۽ هن جي وات ۾ هر وقت ٽوٿ پڪ (Tooth Pick) موجود رهندي هئي. مجموعي طور تي لورس پراڻن قدرن جو نگهبان هو. هو هزارين ”ننڍن“ ادارن مان هڪ اداري جو اعليٰ سربراهه هو. حڪومت جي تجارتي کاتي جي معيار مطابق ”ننڍو“ ادارو اهو هو، جنهن جي ملازمن جو تعداد پنج سؤ کان گهٽ هو. ان اداري 1990ع جي ڏهاڪي ۾ نهايت شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سٺو منافعو ڪمايو هو جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. اهو ادارو بيشمار حڪومتي کاتن کي معياري شيون ۽ خدمتون فراهم ڪندو هو. ان کان سواءِ ان اداري کي ٻن طرفن کان چٽا ڀيٽي جي للڪار هئي. هڪ طرف ته حڪومتي ادارا مثلاً ڊيٽرائٽ ڊيزل (Detriot Diesel) ۽ ڪاٽر پلر (Caterpillar) سندس حريف هئا ۽ ٻئي طرف دڪانن وانگر ڏاڍا ننڍا ننڍا ادارا هئا، جيڪي گهٽ قيمت تي خدمتن ۽ شين جي فراهمي ذريعي مختلف گراهڪن کي پنهنجي طرف ڇڪيندا رهندا هئا. ان کان سواءِ ڪجهه اهڙا معاملا به هئا، جيڪي ڪافي حد تائين لورس جي وس ۾ نه هئا. ڪاروباري دنيا ۾ رائج اصولن مطابق ان کي رقم جي وصولي لاءِ نوي ڏينهن تائين انتظار ڪرڻو پوندو هو ۽ ان دوران حڪومت طرفان ٽئڪسز جي اضافي سبب تيل جي قيمت ۾ به اضافو ٿي ويندو هو جنهن جي ڪري ٽرڪ جي في چڪر جي حساب سان منافعي ۾ گهٽتائي ٿي ويندي هئي. پر لورس جي نظر ۾ اهو بحران ۽ مشڪلاتون عام نوعيت جون هيون.
[b]افساني ۾ لڪيل حقيقت
[/b]جيئن ته سڀ اعليٰ سربراهه يا انتظامي ٽيمون باصلاحيت، ذهين ۽ اهل نه هونديون آهن، ان ڪري هر وقت ڪنهن نه ڪنهن نوعيت جي بحران جو خطرو موجود هوندو آهي. عام طور تي بهتري ۽ نهايت ڪامياب ادارن ۾ به عدم صلاحيت ۽ نااهلي جي ڪري بحران پيدا ٿي رهندو آهي، جنهن جي ذريعي اهو تاثر سامهون ايندو آهي ته بحران جو شڪار سڀني ادارن کي هڪ باصلاحيت، قابل، محنتي ۽ ذهين انتظاميا گهربل هوندي آهي. اهو تاثرانهن حالتن ۾ وڌيڪ حقيقت پسنداڻو معلوم ٿيندو آهي، جڏهن هڪ عظيم ادارو مختلف قسم جي بحرانن جي ڪري ڪاميابي جي معيار کان هٽي رڳو ڪاميابي جو سراسري معيار حاصل ڪري وٺندو آهي، يا وري پنهنجي زوال طرف گامزن ٿي ويندو آهي.
ويهين صدي جي پهرين ٻن ڏهاڪن وچ ۾ ڪجهه مشهور ۽ عظيم ادارا قائم ٿيا. مثال ڏيڻ خاطر هيٺ ڏنل ڪجهه مشهور ادارن جي اسان چونڊ ڪئي آهي.
1. جنرل اليڪٽرڪ (General Electric)
2. آمريڪن ايڪسپريس (American Express)
3. پراڪٽر اينڊ گيمبل (Proctor and Gamble)
4. ڊو جونز (Dow Jones)
5. انٽرنيشنل هار ويسٽر (International Harvestor)
6. يو ايس ايڪس (U S X)
7. نيويارڪ سينٽرل (New Yark Central)
8. آر سي اي (R.C.A)
9. منٽگمري وارڊ (Montgomery Ward)
10. جي سي پيني (J C penny)
11. بئنڪ آف آمريڪا (Bank of America)
12. ويسٽرن يونين (Western Union)
13. بورڊن (Bordan)
14. جانسن اينڊ جانسن (Johnson and Johnson)
مٿي ڏنل سڀ جا سڀ ادارا ڪنهن نه ڪنهن وقت ”عظيم ادارن“ جي حيثيت ۾ موجود هئا. پر اڳين صدي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انهن مان رڳو پنج ادارا پنهنجي ڪارڪردگي کي نئين زماني جي تقاضائن مطابق جوڙي سگهيا ۽ باقي ادارا يا ته معمولي ڪاميابي جي معيار تائين ڪري پيا يا انهن جو وجود قطعي طور تي ختم ٿي ويو.
بهرحال پنجن ادارن عظمت جو سفر جاري رکيو پر باقي ادارن جي ڏس ۾ سالن جي ڪارڪردگي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته انتظاميا جي نااهلي ۽ گهٽ صلاحيت جي بنياد تي، انهن ادارن کي زوال جو منهن ڏسڻو پيو ۽ ان صورتحال کي ميڊيا به شد مد سان پيش ڪيو. انهن ادارن متعلق وڌيڪ اهو تاثر قائم ٿيو ته انهن کي هڪ کان پوءِ ٻين ڪيترن بحرانن ۽ مشڪل حالتن سان منهن ڏيڻو پيو. لورس جي انتظامي مصروفيتن جي غور سان جائزو وٺڻ سان، اسان کي ان اداري تي هڪ ٻڏندڙ جهاز جو گمان ٿئي ٿو، پر ڪجهه نظرون ان حقيقت جو اندازو نه ٿيون لڳائي سگهن.
لورس جي اداري ڪيومينز انٽر مئنٽيننس جو هي بحران انتظامي صلاحيت جي کوٽ يا نااهلي جو نتيجو نه هو، پر اداري کي عظيم بڻجڻ جي شوق ۽ خواهش جو نيجوهو.
اداري جي سوچ، فڪر جو طريقو، مقصد جي بحران وچ ۾ تعلق، اداري کي عجيب ۽ غريب موڙ تي آڻي بيهاريو آهي. جيڪڏهن اوهان پنهنجي اداري جي لاءِ نسبتاً آسان هدف مقرر ڪندؤ ته پوءِ اوهان کي ٿورن ۽ ننڍن بحرانن سان منهن ڏيڻو پوندو. پر جيڪڏهن اوهان پنهنجي اداري لاءِ نسبتاً مشڪل منزل جي چونڊ ڪريو ٿا ته پوءِ اوهان کي ڪيترن ئي بحرانن مان گذرڻو پوندو ۽ انهن بحرانن جي شدت به گهٽ نه هوندي.
اداري جي انهيءَ تذبذب واري جي حالت کي هڪ چيني چوڻي ذريعي چڱيءَ طرح واضح ڪري سگهجي ٿو. يعني ”جيڪنهن اوهان پنهنجي منزل کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته پوءِ ان منزل تائين پهچڻ لاءِ اوهان کي ڪنهن قسم جي فڪر ۽ ڳڻتي جي ضرورت نه آهي“ ان چوڻي ۾ ڪهڙو پيغام لڪيل آهي؟ اهو هي ته جيڪڏهن اوهان جون اميدون گهٽ آهن ته اوهان کي رڳو ڪجهه مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوندو، پر جيڪڏهن اوهان جو مقصد نهايت عظيم آهي، اوهان تمام وڏي ڪاميابي جا خواب ڏسي رهيا آهيو ته پوءِ اوهان کي عظمت جي اها منزل حاصل ڪرڻ لاءِ وڏين وڏين رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. ان حقيقت جي ابتڙ اداري جي انتظاميا جا رڪن معمول مطابق مشڪل هدف سامهون رکندا آهن، ان معمول جي حساب سان وڌيڪ بحرانن کي منهن به ڏيندا آهن.
جڏهن ماڻهو چوڻين ۽ پهاڪن جي پس منظر ۾ اداري جي سوچ، طرز فڪر، مقصد ۽ بحران وچ ۾ تعلق جو مشاهدو ڪن ٿا ته اهي ان صورتحال کي رڳو وقتي اوٻر سمجهن ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجي عقل کي استعمال ڪريون ته طرز فڪر جي وضاحت نهايت بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿي. مثال طور هن ڪتاب تي ئي غور ڪريو.
جيڪڏهن اسان ڄاڻي واڻي پنهنجي لاءِ هڪ آسان هدف جي چونڊ ڪريون ته ممڪن آهي ته اسان ان کي لکي، نجي طور تي ان جا سؤ نتيجا ڇپرايون ته جيئن اسان پنهنجن ويجهن خانداني فردن، پنهنجن ويجهن دوستن ۽ هڪ ٻن اهم شخصيتن کي هڪ هڪ نسخو موڪليون. ان محدود سوچ، فڪر جي انداز ۽ مقصد تحت اسان ان احوال جي فهرست نهايت آسانيءَ سان مرتب ڪري سگهون ٿا، جيڪا اسان لاءِ بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿي مثلاً:
1. ذهني ۽ جسماني معذوري
2. ڪتاب لکڻ لاءِ سنجيده ۽ پر مغز موضوعن ۽ خيال جي عدم موجودگي.
3. نجي طور تي سؤ ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ مناسب رقم جي عدم دستيابي. ان قسم جي آسان هدفن جي ڪري، ڪجهه ڏکيائيون، سچ پچ اسان جو رستو روڪي سگهن ٿيون. پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي رڳو اهو ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجي خيالن کي تقريباً ٻه سؤ صفحن تي ڦهلايون، پوءِ هڪ پبلشر سان رابطو ڪريون جيڪو انهن صفحن کي ٽائپ ڪري ۽ پوءِ انهن کي ڇاپي جلد چاڙهي ان کي ٻه سؤ ڪتابن جي شڪل ڏي ۽ اسان هن کي ان جو معاوضو ادا ڪريون. ان قسم جي معمول ۽ آسان مقصد جي حاصلات لاءِ ڪنهن مشڪل يا مسئلي جو وجود تقريباً ناممڪن آهي.
بهرحال، هاڻي اسان پنهنجي سوچ ۽ مقصد ۾ هڪ بنيادي ۽ انقلابي تبديلي آڻيون ٿا. ”بحران کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي“ جي موضوع تي هڪ اهڙي ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪريون ٿا، جيڪو مشهور اداري نيويارڪ پبلشنگ هائوس جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وڃي. نيويارڪ ٽائمز ان ڪتاب کي بهترين وڪامندڙ ڪتابن جي فهرست ۾ شامل ڪري ۽ ان ڪتاب جو دنيا جي ويهن ٻولين ۾ ترجمو ٿئي. جڏهن پنهنجي لاءِ هڪ عظيم هدف مقرر ڪريون ٿا ته پوءِ ان مطابق مشڪلاتن ۽ مسئلن ۾ به ان شرح سان واڌارو ٿي ويندو آهي، مثال طور:
1. بنيادي ۽ حقيقي خيالن/ تصورن جي عدم موجودگي.
2. لکڻ جي سگهه يا تصنيفي صلاحيت کان محرومي.
3. ڇپرائڻ جي حريف اداري طرفان ساڳي نالي واري ليکڪ جو ڪتاب ڇپرائڻ.
4. ڪتاب ڇپرائيندڙ جي ڏس ۾ مختلف ماڻهن جي راين ۽ تجويزن جي عدم دستيابي.
5. ڳالهه ٻولهه جي پروگرام ۾ ڪتاب متعلق انٽرويو کان انڪار.
6. ڪتاب وڪرو ڪندڙ دڪانن طرفان ڪتاب خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي جي کوٽ.
7. ڇپيل ڪتابن جي غير پرڪشش حالت.
8. غير وڪروٿيل نسخن جي وڏي تعداد ۾ واپسي ۽ وڌيڪ خريد ۾ عدم دلچسپي.
9. نسخن جو مناسب تعداد ۾ وڪرو نه ٿيڻ سبب عام جلد ۾ ڪتاب مهيا ڪرڻ کان محرومي.
10. ڇپائڻ جي پرڏيهي ادارن جي ڌيان جي کوٽ.
ظاهر آهي ته جڏهن اسان پاڻ هڪ ڏکئي ۽ عظيم هدف جو اندازو ڪري وٺون ٿا ته پوءِ ان مطابق اسان کي مشڪلاتون ۽ مسئلا به بي انداز پيش اچن ٿا. ان صورتحال جا ٽي معقول ڪارڻ آهن:
1. انحصار
2. صحيح وقت جي چونڊ
3. چٽا ڀيٽي
ڪامياب ادارا ڇو وڌيڪ بحرانن جو شڪار ٿين ٿا؟
نيڪ ۽ سٺا ماڻهو، مصيبتن ۽ مشڪلاتن جو شڪار ڇو ٿيندا آهن؟ ڪجهه ماڻهو ان جو ڪارڻ ”وقتي جوش“ جي فلسفي کي سمجهن ٿا پر ”وقتي جوش“ يا عارضي مصيبتن جو نظريو نهايت غير واضح تصور آهي. ان جي ابتڙ صحيح وقت جي چونڊ ۽ چٽا ڀيٽي اهي ڪجهه اهڙا تصور آهن، جن ذريعي اسان کي معلوم ٿي ويندو آهي ته ڪامياب ادارا ڇو وڌيڪ بحرانن جو شڪار هوندا آهن. بهرحال ان مان هر تصور ۽ نظريو اداري ۾ موجود مخصوص خامي ۽ ڪمزوري جو نشان آهي، پر ان کي اداري لاءِ متوقع بحران جي ڏس ۾ ٺوس ڪارڻ قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.
[b]انحصار:
[/b]هڪ اداري جو گهربل هدف ۽ مقصد جيترو وڌيڪ عظيم ۽ اعليٰ هوندو، ان ڏس ۾ اداري کي ٻين فردن تي وڌيڪ انحصار ڪرڻو پوندو. وڏن وڏن شهرن ۾ به ننڍا ننڍا اهڙا بيشمار مرڪز هوندا آهن، جيڪي ڪفن دفن جو بندوبست ۽ انتظام ڪندا آهن. اهو هڪ اهڙو ڪاروبار آهي جيڪو خانداني طور قائم رهندو آهي. عام طور ان مرڪز جو سربراهه ۽ ان جو خاندان هڪ عيش واري زندگي گذاريندو آهي ۽ موت ان لاءِ هڪ عام معاملو هوندو آهي.
ڪاروباري اصطلاح ۾ ”ڪجهه گراهڪن جي دستيابي“ اداري لاءِ ڪاميابي جو ڪارڻ هوندي آهي. پر ڪفن دفن جي ڪاروبار ۾ ملوث وڏن وڏن ۽ ڪامياب ادارن جا مقصد ۽ هدف به عظيم ۽ وڏا هوندا آهن. مثال طور سروس ڪارپوريشن انٽرنيشنل ڪفن دفن جي ڏس ۾ خدمتيون مهيا ڪرڻ جو هڪ وڏو ادارو آهي.آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ان اداري وٽ ڪفن دفن جي 660 مرڪزن کان سواءِ 160 قبرستان به آهن. ان اداري جي وسعت ۽ گراهڪن جي وڏي تعداد ۾ اچڻ جي ڪري اهو ادارو وڌيڪ 22 مرڪز قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي ۽ اهو ان اداري جي صلاحيتن ۽ ڪارڪردگي جو امتحان به آهي. اداري لاءِ وڌيڪ گراهڪن جي اچڻ ۽ اضافي هدف حاصل ڪرڻ خاطر، ان اداري جو اعليٰ سربراهه بل (Bill) پنهنجي ڪاروبار کي پرڏيهي ملڪن يورپ ۽ ايشيا تائين ڦهلائڻ جي رٿابنديءَ ۾ مصروف آهي ۽ جڏهن ادارو پنهنجي ڪاروبار کي وڌيڪ ڦهلائي ڇڏيندو آهي ته پوءِ اهو پنهنجي ان وسعت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ ٻين ماڻهن جو محتاج ٿي ويندو آهي ۽ ان جو انحصار اهڙي قسم جي بيشمار عنصرن تي هوندو آهي، جيڪي هڪ پراڻي وضع جي خانداني ملڪيت جي مالڪ اداري لاءِ ڪڏهن به مؤثر ثابت نه ٿا ٿين.
ابتدائي طورتي اداري کي بين الاقوامي قانوني ادارن ۽ ان قسم جي ٻين کاتن جي هڪ فهرست مرتب ڪرڻي هوندي آهي ته جيئن اجازت نامن، آمدنين ۽ محصولن جي ڏس ۾ ادارو هر قسم جي معلومات حاصل ڪري سگهي. ڪاميابي ڏانهن وڌندڙ اهو ادارو جڏهن هڪ سؤ سٺ کان وڌيڪ قبرستانن جو مالڪ بڻجي ويندو آهي ته، اهو ادارو جائيداد جي ڪاروبار جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، جنهن جي ذريعي اهو ادارو جائيداد متعلق انتظامي سرگرمين ۾ ملوث ٿي ويندو آهي، جنهن جون انتظامي صلاحيتيون دنيا جي بهترين ”گولف جي ميدانن“ لاءِ استعمال ٿينديون رهنديون آهن ۽ پوءِ آخر ۾ هتي ماحول جي تحفظ واري اداري جي ڪردار جو سوال به پيدا ٿي وڃي ٿو، جنهن کي اهو فڪر هوندو آهي ته ماڻهو ان فضا ۽ ان ماحول ۾ ڇا ساڙين ٿا ۽ ڇا دفن ڪن ٿا. سروس انٽرنيشل ڪارپوريشن جڏهن به هڪ نئين ڪاميابي حاصل ڪندو آهي ته، ان اداري جا ٻيا فرد مثلاً وڪيل، مشاورتي ماهر، حڪومتي کاتن يا وال اسٽريٽ ۾ واقع بئنڪن (جي پي مورگن) سروس ڪارپوريشن انٽرنيشنل جي ڏهه سيڪڙو شيئرز جو مالڪ ٿي ويندا آهن.
هوائي اسٽيٽ آفس آف ٽوئرز (هوائي جو سياحتي مرڪز) ٻين ڪجهه ادارن وانگر بيشمار مختلف قسمن جي عنصرن جو محتاج هوندو آهي. ان سياحتي مرڪز جو سربراهه مفتي هيني مين آهي . اهو ادارو ويليڪي واري علائقي ۾ واقع پرڪشش سمنڊ جي ڪناري تي سياحن جي ڌيان لاءِ مرڪز بنائڻ جي ڏس ۾، مختلف جزيرن وچ ۾ ربط پيداڪرڻ خاطر، سرڪاري رقم خرچ ۾ آڻي ٿو. جيئن ته سياحت هوائي شهر جي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي، ان ڪري مفتي هيني مين جا فرض ۽ ذميواريون معمولي نوعيت جون نه آهن، پر ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ بيشمار ٻين عنصرن تي به انحصار ڪرڻو پئي ٿو ۽ انهن مان ڪجهه عنصر رياست جي اثر هيٺ آهن ۽ ڪجهه عنصر مڪمل طور ڪنهن جي وس کان ٻاهر آهن.
مثال طور تي هوائي کي هڪ وڻندڙ ۽ پرڪشش سياحتي شهر ۽ علائقو مثلا ً ڊزني لئنڊ وانگر بنائڻ جي ذميواري سڌو سنئون هيني مين جي دفتر تي لاڳو ٿئي ٿي. ان ڏس ۾ بيشمار ڪم مثلاً، گهٽين ۽ رستن جي صفائي، هوٽل جي ورانڊن جي صفائي ۽ ڏسڻ جهڙن منظرن ويجهو گاڏيون بيهارڻ جي جاءِ جو انتظام ڪرڻ لاءِ هيني مين جي دفتر جو عملو پنهنجون ذميواريون نڀائي ٿو. ان کان سواءِ هيني مين جي دفتر جو عملو ميڊيا ۽ سڌ سماءَ ذريعي هوائي جي شهرين کي سياحن سان وڌ کان وڌ خوش اخلاقي سان پيش اچڻ جي نصيحت ڪندو آهي. جڏهن 1993ع ۾گرمين جي موسم ۾ يونائيٽيڊ ايئر لائين ۽ ڊيلٽا ايئرلائين هوائي جهازن جي ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو ته، هيني مين رڳو اهو ڪري سگهي پيو ته سياحن جي اچڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هوائي ادارن کي ڀاڙو گهٽائڻ لاءِ درخواست ڪري. جڏهن ان جزيري تي موجود هوٽلن جي ملازمن طرفان هڙتال يقيني ٿي وئي ته پوءِ ان جزيري جي اختيارين هوٽلن جي مالڪن ۽ ملازمن وچ ۾ صلح ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن ڪرائي تي گاڏيون ڏيندڙ ادارن پنهنجيون گاڏيون گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ته ان جي ڪري نه رڳو گاڏين جي گهرج ۾ اضافو ٿي ويو، پر گاڏيون حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهين قطارون لڳڻ شروع ٿي ويون ۽ سيلاني مايوس ٿيندا ويا. ان مرحلي تي هيني مين مايوسي جي عالم ۾ آسمان ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيو.
شايد ان سياحتي مرڪز لاءِ اهي بيشمار عنصر مايوسي پيدا ڪن ٿا، جنهن تي ان سياحتي مرڪز جو وس نه آهي. جڏهن 1992ع ۾ جاپان جون معاشي حالتون خراب ٿي ويون ته ٽوڪيو کان ٻاهر ويندڙ فردن ۾ ڊرامائي ۽ غير معمولي گهٽتائي اچي وئي. اها صورتحال ان حقيقت بابت وڌيڪ خراب ٿي وئي، جڏهن جاپاني سيلانين ٻين سيلانين کي نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڪري ان جي ڪري تعداد ۾ ٿيندڙ گهٽتائي خاص طور ڏاڍي اذيت ڏيندڙ آهي.
۽ پوءِ جڏهن ڪوائي (Kavai) جي ٻيٽ ۾ تباهي ڦهلائيندڙ طوفاني هوائن تباهي مچائي ڇڏي ته پوءِ ٻيٽ تي قائم وڏا وڏا هوٽل تقريباً هڪ سال لاءِ مرمت خاطر بند ٿي ويا. هوٽل بند ٿيڻ جي ڪري ڪروڙين ڊالرن جو نقصان ٿيو ۽ هڪ سال کانپوءِ هوٽلن کلڻ باوجود به سيلانين جي تعداد ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي چڪي هئي.
اداري کي عظيم ڪاميابي ڏيڻ جي حوالي سان ٻين فردن يا عنصرن تي انحصار جو نظريو، هڪ اڻٽر ۽ اهم عمل آهي. سادي لفظن ۾ ان جو مطلب اهو آهي ته ڪروڙين ڊالرن جي وڪري جو مجموعي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ، ادائگي ڪندڙ گهٽ ۾ گهٽ لکين گراهڪ گهربل آهن. وڪري جي عمل کي مسلسل جاري رکڻ لاءِ هر گراهڪ جو محتاج ٿيڻو پوندو آهي ۽ اداري کي گراهڪ سان مسلسل چنبڙي رهڻو پئي ٿو جيئن ”وهيل مڇي بچايو هلچل“ جي ڏس ۾ ٿيو.
1980ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ڪنهن وقت ماحولياتي گدلاڻ کان محفوظ رکڻ لاءِ رضاڪارن عوام ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻلڻ مڇي جو شڪار بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ باقي عوام تونا مڇي جي خريداري بند ڪندو. اهو بحران ٻن قسم جي انحصار ۽ محتاجي جو نتيجو هو. هڪ طرف اهي ماڻهو هئا، جيڪي ٻلهڻ ۽ تونا جو شڪار بند ڪرڻ چاهين پيا ۽ ٻئي طرف اهي ماڻهو هئا جن جو تعداد وڌيڪ هو ۽ انهن کي ماحولياتي گدلاڻ متعلق ڪو به شعور نه هو، پر انهن جي ڪمائيءَ جو دارومدار مڇيءَ جي شڪار تي هو. جيڪڏهن صارفين جي گهرج جو پورائو نه ڪيو وڃي ها ته پوءِ وڪري جي تعداد ۾ گهٽتائي جو امڪان هو پر ڊولفن لاءِ غير محفوظ طريقن ذريعي ٽوڻا مڇي جو شڪار انهن ماڻهن لاءِ فائديند هو، جيڪي تونا مڇي ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪري سگهن پيا ۽ جيڪي ٻلهڻ کي غذا طور استعمال ڪرڻ لاءِ وڌيڪ حساس نه هئا ۽ حقيقت ۾ اهي ڊولفن کي ٻين وهيل مڇين جي غذا/خوراڪ جو هڪ قسم سمجهندا هئا. انهن ٻنهي ڌرين جي محتاجي واري عمل، مڇي جي ڪاروبار ڪندڙ ادارن جي ڪاميابي کي متاثر ڪيو.
[b]درست وقت جي چونڊ:
[/b]هڪ هيڊ برگر تيار ڪرڻ لاءِ نهايت اعليٰ مهارت گهربل آهي. ان ڏس ۾ پهرين ڳالهه اها ڌيان ۾ رکي ويندي ته جيڪڏهن ڪوئلا چڱي طرح ٻريل نه هوندا ته برگر سڙي کامي ڪارو ٿي سگهي ٿو. ان کان پوءِ اوهان کي بن (Bun) چڱي طرح ۽ نهايت احتياط سان اهڙي طرح گرم ڪرڻو پوندو جيئن بن ڪاري ٿيڻ بدران ناسي رنگ جو رهي ۽ پوءِ آخر ۾ نهايت مهارت سان پيٽيز کي پچائڻو پوندو ته جيئن هر ڪو ماڻهو ان بن کي مزو وٺي کائي. ان ڪري ثابت ٿيو ته ”درست وقت جي چونڊ“ ڪاميابي جي ضامن آهي. ڪنهن به گهر يا ريسٽورنٽ ۾ جڏهن به کاڌو کائڻ لاءِ پچايو وڃي ٿو ته ان جي جزن کي پهريان مناسب ۽ درست وقت تائين پچايو ۽ تريو ويندو آهي، پوءِ انهن سڀني جزن کي ملائي مڪمل کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪو لذت ڀريو هوندو آهي.
بورلينڊ انٽرنيشنل مائڪرو سافٽ ونڊوز جي مقابلي ۾ پنهنجي ونڊو ۾ متعارف ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص سافٽ ويئر تيار ڪيو جيڪو نهايت اعليٰ ڪارڪردگي وارو ۽ ڪمپيوٽر ۾ استعمال ٿيندو هو. ان مقصد لاءِ اداري ڳري رقم به خرچ ڪئي. ان ڏس ۾ انهن مرحلا ۽ قدم بلڪل مناسب ۽ درست اختيار ڪيا، پر اهي پنهنجين شين کي درست وقت تي عوام آڏو آڻي سگهيا جنهن سبب سمورو سرمايو ٻڏي ويو.
”درست وقت جي چونڊ“ جي ڏس ۾ آمريڪا ويسٽ ايئر لائنز کي به نهايت بري طرح مسئلن جو شڪار ٿيڻو پيو. اداري وٽ هڪ سو چار جهاز ۽ ٻارنهن هزار ملازم هئا. اداري پاڻ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جدوجهد دوران ان فضائي اداري جو ڏيوالو نڪري ويو. بدقسمتي اها هئي جو هڪ سال کان پوءِ جڏهن ان اداري ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته فضائي ادارن جي صنعت ۾ ڪرايو وڌي وڃڻ جي ڪري اها صنعت شديد مسئلن جو شڪار ٿي وئي. ايستائين جو آمريڪن، يونائيٽيڊ ۽ ڊيلٽا جهڙا عظيم ۽ ڪامياب فضائي ادارا به شديد نقصان جو شڪار ٿي ويا. پوءِ آمريڪا ويسٽ جنهن لاءِ ”درست وقت جي چونڊ“ جي ڏس ۾ حالتون ايتريون خراب نه هيون، پر اهو ادارو انتظامي طور تي ٻيهر منتطم هئڻ جي ڪوشش ۽ ٻين ادارن سان چٽا ڀيٽي ۾ ناڪامي جي ڪري ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو.
هالي ووڊ ۾ فلم تيار ڪرڻ ۽ فلمن ۾ هدايتڪاري متعلق فردن لاءِ 1993ع ۾ گرمين جي موسم خاص طور ڏاڍو مشڪلاتن جي موسم ثابت ٿي. خاص طور تي ان گرمي جي موسم ۾ پنجاهه نيون فلمون تيار ڪيون ويون. گذريل سالن ۾ ان ئي موسم دوران ايتري تعداد ۾ فلمون ڪڏهن به تيار نه ٿيون. سئنيمائن ۾ پيش ڪيل فلمن جي هڪ وڏي تعداد جي ڪري فلمون ڏيکارڻ لاءِ پيش ڪرڻ جي حوالي سان ”درست وقت جي چونڊ“ هڪ مسئلو ۽ مشڪل جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. جراسڪ پارڪ، دي فيوجيٽو ۽ دي فرم جهڙين فلمن جي مشهوريءَ لاءِ خرچ ڪيل رقم، ان ئي هفتي پيش ٿيندڙ گهٽ مشهور فلمن لاءِ موت جو پيغام ثابت ٿي سگهي پئي. بهرحال فلم تيار ڪندڙ فردن پاڻ ۾ ملي انتهائي مشڪل سان اهو فيصلو ڪيو ته ڳري سرمائيڪاري ذريعي فلم ڪهڙي ڏينهن، هفتي ۽ ڪهڙي شهر ۾ ڏيکاري وڃي.
عام صحت جي صنعت ۾ ”درست وقت جي چونڊ“ پهريائين کان وڌيڪ اهميت حاصل ڪري چڪي آهي. هر نئون اوزار ۽ هر نئين دوا حڪومت جي معيار مطابق هئڻ گهرجي ۽ ان جي استعمال لاءِ حڪومت جي اجازت به لازمي آهي. اهو ئي سبب آهي جو حڪومت جي لاڳاپيل کاتي ”فوڊ اينڊ ڊرگ اينڊمنسٽريشن“ وٽ ايتريون ته گهڻيون درخواستون جمع ٿي چڪيون آهن جو ”درست وقت“ تي اوزارن ۽ دوائن کي استعمال لاءِ عوام آڏو پيش ڪرڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي. مثال طور (K) 510 جي منظوري لاءِ پيش ڪيل درخواستن جو تعداد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1993ع ۾ ٻيڻو ٿي 3950 تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته 1992ع ۾ درخواستن جو تعداد رڳو 1900 هو. درخواستن جي تعداد ۾ واڌاري جي ڪري منظوري لاءِ سراسري مدت 98 ڏينهن کان وڌي 170 ڏينهن ٿي چڪي آهي. اها صورتحال انهن ادارن لاءِ بحران ۽ مشڪل جو سبب بڻجي رهي آهي، جن نين شين ۽ اوزارن جي تياري لاءِ ڳريون رقمون خرچ ڪيون آهن ۽ هينئر انهن وٽ حڪومت طرفان منظوري کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي. سالٽ ليڪ سٽي جي واپاري اداري ڊائناٽرانڪس ليزر ڪارپوريشن کي پنهنجي تيارڪيل الٽراسائونڊ مشين کي عوام آڏو پيش ڪرڻ جي ڏس ۾ 13 مهينا انتظار ڪرڻو پيو. ان دير جي ڪري اداري کي وڪري جي معاملي ۾ ٿيندڙ نقصان جو اندازو هڪ ملين ڊالر لڳايو ويو آهي ۽ ان جي سالياني آمدني ۾ به ست ملين ڊالر جي گهٽتائي جو به امڪان آهي. ان ڏس ۾ ذڪر لائق ڳالهه اها آهي ته ننڍن ننڍن ادارن سان گڏ عظيم ۽ ڪامياب ادارا به ان دير جو نشانو بڻجي چڪا آهن. مثال طور هيولٽ پيڪارڊ (Hewlett Packard) کي پنهنجو مانيٽر (Monitor) وڪرو ڪرڻ لاءِ پيش ڪرڻ کان اڳ حڪومت کان منظوري لاءِ تقريباً ٻه سال انتظار ڪرڻو پيو.
فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن طرفان اوزارن ۽ دوائن جي منظوري ۽ اجازت نامي جي جاري ڪرڻ جو عمل سمجهه ۾ نه اچڻ جي حد تائين افراتفري جو شڪار آهي. انوينٽو پراڊڪٽس (Inventive Products) جي صدر گرانٽ رائٽ پنهنجي تيار ڪيل ”ڇاتي جي معائني واري مشين“ کي ڪئناڊا جي حڪومت کان ٽن هفتن اندر منظور ڪرائي ورتو جڏهن ته هن پنهنجي ان مشين جي منظوري جي درخواست اٺ سال اڳ فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن کي ڏني هئي. ان مشين لاءِ اجازت نامو حاصل ڪرڻ جي قانوني ويڙهه دوران رائٽ کي اڍائي ملين خرچ ڪرڻا پيا ۽ پنهنجي اداري جي گهڻن ئي ملازمن کي ملازمت مان فارغ ڪرڻو پيو.
هڪ واپاري اداري جو مقصد ۽ هدف جيترو وڌيڪ مشڪل ۽ عظيم هوندو، اوترو ئي وڌيڪ اهو ادارو ”درست وقت جي چونڊ“ جو نظريو اختيار ڪرڻ تي مجبور هوندو، ٻي صورت ۾ ڪاميابي ۽ عظمت جي حاصلات ممڪن نه آهي. بهرحال دنيا جون معاشي حالتون، دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ واقعا ۽ آخر ۾ موسمي حالتن جي ڏس ۾ ”صحيح وقت جي چونڊ“ هڪ غير فطري عمل آهي ۽ ان ڏس ۾ ادارن جا منتظمين ۽ سربراهه به لاچار آهن.
[b]چٽا ڀيٽي:
[/b]مقامي طور تي ڪنهن اداري جي سربراهه جي چونڊ جو مسئلو سامهون هجي يا وري آمريڪي صدر جي چونڊ جو معاملو هجي، ٻنهي قسم جي ڪمن جي اهميت کان هٽي ڪري هڪ عنصر ٻنهي ۾مشترڪ آهي، اهو آهي چٽا ڀيٽي يعني هڪٻئي کان اڳتي نڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي شڪست ڏيڻ جي خواهش ۽ جدوجهد.
ڪمپيوٽر ٺاهڻ جي صنعت ۾ هن وقت چٽا ڀيٽي جو عمل نهايت شدت سان جاري آهي. عظيم ۽ ڪامياب ادارا ننڍن ننڍن ادارن کي کائي رهيا آهن. 1991ع جي آخر ۾ جڏهن چٽا ڀيٽي جي اها لڙائي شروع ٿي ته ڪمپيوٽرجي قيمت مختلف مرحلن مان گذرندي ڇهن مهينن اندر چاليهه سيڪڙو گهٽجي وئي.
ادارو، ننڍو هجي يا وڏو، بحراني ڪيفيت ڪنهن وقت به اداري کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي سگهي ٿي. پر جڏهن مختلف ادارن وچ ۾ چٽا ڀيٽي نهايت شديد نوعيت جي هجي ته پوءِ بحراني حالتون وڌيڪ شدت اختيار ڪري وٺنديون آهن. جڏهن پيپسي زوال طرف وڌڻ شروع ڪندي آهي ته ڪوڪ (Coke) خوشيون ملهائيندي آهي ۽ جڏهن ڪوڪ جو زوال ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ته پيپسي (Pepsi) ڪُڏي ڪُڏي خوشيءَ جا گانا ڳائيندي آهي. خوشي جا اهي گانا سٺا ته لڳندا آهن، پر ان جي پٺيان لڪيل چٽا ڀيٽي عوام جي نظرن آڏو نه ايندي آهي ۽ اهي سافٽ ڊرنڪ جي مزي ۽ ان جي واکاڻ وارن گانن ۾ گم رهندا آهن. ڪاربونيٽيڊ سافٽ ڊرنڪس جي صنعت ذريعي هڪ سال اندر اٺيتاليهه ارب ڊالرز جي آمدني حاصل ڪئي ويندي آهي، جنهن جي ڪري ان صنعت سان لاڳاپيل مختلف ادارن وچ ۾ مقابلي جي ڊوڙ نهايت شدت سان هر وقت جاري رهندي آهي. پيپسي ۽ ڪوڪ وچ ۾ چٽا ڀيٽي جي لڙائي ۾ ٻڏي اسان ٻين مشهور ادارن مثلاً نيسلي (Nestle)، سي گرامز (Sea Grams) ۽ ڪيڊ بري (Cadbury) وچ ۾ مقابلن کي وساري ويهندا آهيون. هاڻي موجوده دور ۾ سافٽ ڊرنڪ جي بناوٽ ۾ تبديلي جي ڏس ۾ چٽا ڀيٽي شروع ٿي چڪي آهي. هاڻي ماڻهون فروٽ جي ذائقي تي مشتمل بي رنگ سافٽ ڊرنڪ طرف ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ابتدائي طور تي ڪئنيڊين بيوريج ڪارپوريشن پنهنجي حريف ادارن جي مقابلي ۾ سرفهرست آهي، ڇاڪاڻ ته هن اهڙيون بي رنگ سافٽ ڊرنڪس (سوڍا) تيار ڪيون هيون جن ۾ ”ڪولا“ قسم جي مشروبات جي مقابلي ۾ هڪ ڀاڱي ٽي ڪئلريز گهٽ هيون ۽ اهي مشروبات غذائي اهميت جا حامل به نه هئا. پر ڪئنيڊين بيوريج ڪارپوريشن جي تيار ڪيل بي رنگ سافٽ ڊرنڪس جي ڪاميابي کان متاثر ٿي، ٻين وڏن ادارن به بي رنگ سافٽ ڊرنڪس جي تياري شروع ڪري ڇڏي. هڪ سال اندر ڪئنيڊين بيوريج ڪارپوريشن جي آمدني ۾ پنجويهه سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ ان جي شيئرز جي قيمت 25.80 ڊالرز کان گهٽ ٿي 5.50 ڊالرز في شيئر تائين رهجي وئي. حقيقت ۾ ڪامياب ۽ عظيم ادارن وچ ۾ چٽا ڀيٽي جو عمل جاري رهي سگهي ٿو. اهڙي طرح آمريڪا ۾ 1992ع دوران ننڍن ننڍن تيار ٿيل کاڌن مثلاً سلاد جو وڪرو 13 هفتن ۾ ئي 76 سيڪڙو وڌي ويو. ان ڏس ۾ هڪ ٻيو ادارو ڊولي فوڊ ڪمپني (Dole food Company) ذڪر لائق آهي، جنهن جي تيار ڪيل سلاد جي وڪري ۾ صرف هڪ سال اندر 64 سيڪڙو اضافو ٿيو. ڊولي جو سڀ کان وڏو حريف ادارو ڪئليفورنيا ۾ قائم فريش انٽرنيشنل آهي، پر اهي ٻئي ادارا وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي ڪاميابي کي برقرار رکي نه سگهيا. انهن ٻنهي ادارن جي ناڪامي مان فائدو وٺندي لنڊن ۾ واقع هڪ وڏي اداري گرينڊ ميٽرو پوليٽن (Grand Metropolitan) ان صنعت ۾ قدم رکڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ۽ نهايت سنجيدگيءَ سان رٿا بندي ۾ مصروف آهي. ان ڏس ۾ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڪرافٽ فوڊز ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهندو؟
مختلف ادارن وچ ۾ چٽا ڀيٽي جي ان نوعيت جو عمل شديد ٿي ويندو آهي. ان جي ڪري ادارن کي نقصان پهچڻ جو انديشو به هوندو آهي. هڪ ئي صنعت سان لاڳاپيل پنج يا ڇهه ادارا چٽا ڀيٽي جي ان عمل ۾ هڪ حد تائين شريڪ ٿي سگهن ٿا پر سوني (Sony)، جي ٽي اي (G T E) يا مرڪ (Merk) وانگر ڪافي ادارا مقابلي ۾ ڏاڍو اڳتي نڪري ويندا آهن. ٻين لفظن ۾ ثابت ٿيو ته ڪاميابي جو انحصار ڳڻپ بدران ڪارڪردگيءَ ۽ معيار تي آهي.
آواز ۽ اطلاع جي صنعت سان لاڳاپيل بين الاقوامي تجارتي ادارن جي هڪ سال اندر مجموعي آمدني 10 ارب ڊالرز تائين پهتي آهي ۽ ان آمدني ۾ 15 سيڪڙو سالياني شرح سان واڌارو ٿي رهيو آهي. جيئن ته ان صنعت ۾ گهڻا وڌيڪ ادارا موجود نه آهن ۽ آمدني جي شرح به ڪافي نه آهي، ان لاءِ آواز ۽ اطلاع جي صنعت سان لاڳاپيل ادارا بين الاقوامي طور حريف ادارن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي ادارن سان ملي ڪم ڪرڻ جي رٿا بندي ڪري رهيا آهن. 1933ع ۾ ايم سي آءِ (M C I) برٽش ڪميونيڪيشن سان گڏ مشترڪه رٿا بندي لاءِ 15 ارب ڊالرز جي سرمائيڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان معاهدي تحت برٽس ڪميونيڪيشنز، ايم سي آءِ کي 20 سيڪڙو شيئرز جي برابر رقم ادا ڪندو.
ايم سي آءِ ان صنعت ۾ آمريڪا ۾ سڀ کان وڏو ادارو آهي. وڌيڪ اهو ته هن اي ٽي اينڊ ٽي اسپين کان وٺي سينگاپور تائين پنهنجي ڪاروبار کي ڦهلائڻ ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ تازو ئي ڪيترن ئي پرڏيهي ادارن سان ڳالهيون مڪمل ڪيون آهن. ان قسم جي شديد ”هڪ جهڙائي“ جي ڪري اسپرنگ (Spring) اداري کي شديد بحران جو منهن ڏسڻو پيو ۽ اڄ اهو ادارو نهايت طاقتور اتحادين جي مقابلي ۾ هڪ واحد ڪامياب اداري جي طور موجود آهي. بين الاقوامي طور ان صنعت سان ڀلي ڪيترائي ادارا ڳنڍيل هجن، پر اصل مسئلو اهو آهي ته بين الاقوامي طور تي ”هڪجهڙائي“ جي ان دور ۾ وڌيڪ غلطي جي گنجائش نه آهي.
”هڪجهڙائي“ جي شديد نوعيت بابت گفتگو آسان ته آهي، پر ان جو اهو موتمار ۽ شديد عمل وڏن وڏن ڪامياب ادارن کي به شڪست جو منهن ڏيکاري ڇڏيندو آهي. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هنڊا موٽرز ڪمپني پنهنجي ڪاميابي جي انتهائي عروج تي هئي ۽ ان ڪاميابي جي حاصلات لاءِ هن هڪ بيمثال طريقي ڪار ۽ معمول اختيار ڪيو هو جنهن کي هنڊا وي (Honda Way) جو نالو ڏنو ويو هو. منتظمين جي وچين طبقي انتهائي جارحاڻا فيصلا ڪيا ۽ اداري جي فني ماهرن کي ڪارن جي ڊزائن تيار ڪرڻ لاءِ مڪمل آزادي ڏني وئي هئي. پر جڏهن آمريڪا ۾ ڪارون تيار ڪندڙ ادارو هنڊا موٽرن ڪمپني جي مقابلي تي اچي ويو ۽ انهن بين الاقوامي طور هنڊا کان بهتر ڪارون تيار ڪرڻ تي پنهنجو ڌيان لڳايو ته پوءِ ”هنڊا وي“ آمريڪي ڪار ٺاهيندڙ ادارن جو مقابلو نه ڪري سگهيو. ”اسٽينڊرڊ اينڊ پور“ نالي تجزياتي اداري مطابق هنڊا جي وڪري جي شرح ته قائم رهي، پر منافعو گهٽ کان گهٽ ٿيندو ويو ۽ ادارو قرض هيٺان دٻجي ويو. اهو ئي سبب آهي جو ان اداري انتظامي لحاظ کان دقيانوسي سوچ ڇڏي ڏني ته جيئن ڪو ٻيو جاپاني ڪار ٺاهيندڙ ادارو مقابلي تي نه اچي سگهي. اداري جي پراڻي انتظاميا کي ڪڍيو ويو ۽ نئين مقرر صدر نوبو هيڪوڪوا موٽو پنهنجو نظريو ڪواموٽو وي (Kawamoto Way) نافذ ڪيو. ان اداري کان روايتي پراڻي انتظامي انقلابي رخصتي، رڳو حڪمت عملي ۾ تبديلي نه هئي پر اداري کي وڌيڪ ڪامياب بنائڻ لاءِ هڪ ڪوشش هئي ته جيئن بين الاقوامي طور ڪار ٺاهڻ جي صنعت ۾ حريف ادارن جو مقابلو ڪري سگهجي.
جڏهن هڪ ڪامياب ۽ عظيم ادارو ”انحصار“ ”درست وقت جي چونڊ“ ۽ ”هڪجهڙائي“ جهڙن عنصرن آڏو لاچار ٿي ويندو آهي ته پوءِ ان اداري جا ڪامياب منتظيمن، بيشمار بحرانن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي ڪري پاڻ ۾ موجود صلاحيتن کان محروم ٿي ويندا آهن ۽ انهن کي ڪاميابي جو ڪو به رستو نظر نه ايندو آهي. وڌيڪ اهو ته ادارن ۾ سرمائيڪاري ڪندڙ فرد طرفان ”انحصار“ ”صحيح وقت جي چونڊ“ ۽ هڪجهڙائي“ جي حوالي سان مختصر مدت واري رويي ۽ نقطه نظر جي ڪري ”صحيح وقت جي چونڊ تي انحصار“ ۽ هڪ جهڙائيءَ جي اداري لاءِ ضرورت ۽ اهميت بيشمار غلط فهمين کي جنم ڏيندي آهي.
[b]غلط فيصلو ۽ ڪاروبار اندر متوازي ڪاروبار:
[/b]الائيڊ سگنل جي چيئرمين لارنس بوسيڊي جا ٻه ڪاروبار آهن. اهي ٻئي ڪاروبار ملڪيت جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن پر انهن جي نوعيت هڪ ٻئي کان مختلف آهي. پهرين ڪاروباري اداري جو نالو الائيڊ سگنل آهي ۽ ٻئي ڪاروباري اداري جو نالو الائيڊ سگنل دي اسٽاڪ آهي. ٻئي ادارا شيون وڪرو ڪن ٿا، ملازمتن جا موقعا پيدا ڪن ٿا ۽ انتظامي معاملن جي ڏس ۾ ماهراڻي راءِ طلب ڪن ٿا، پر اهو ڪهڙو مرحلو آهي جتي انهن جي يڪسانيت ختم ٿي وڃي ٿي؟
الائيڊ سگنل نالي ڪاروباري ادارو مختلف صنعتي شعبن مثلاً ڪيميائي جزن ۽ خلائي ۽ فضائي اوزارن ۾ 88 هزار ملازم ڀرتي ڪري ٿو. 1992ع ۾ ان اداري ٻارنهن ارب ڊالرز جو وڪرو ڪيو، جڏهن ته ان کي 535 ملين ڊالرز جو خالص منافعو ٿيو. بوسيڊي جو گهڻو وقت اداري کي منافعي ڏيندڙ حالت ۾ رکڻ جي ڏس ۾ خرچ ٿي وڃي ٿو. ان مقصد جي حاصلات جي لاءِ هن ملازمن جو تعداد به گهٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻين ادارن جي حاصلات تي مشتمل حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ۽ پيداواري صلاحيت وڌائڻ لاءِ فئڪٽري جي مڙني شعبن ۾ ردوبدل ڪيو آهي. بو سيڊي جي حريف ادارن ۾ ڪجهه مشهور ڪاروباري ادارا يونائيٽيڊ ٽيڪنالاجيز، جنرل اليڪٽرڪ، راڪ ويل، آءِ ٽي ٽي، ڊيوپونٽ، مونسٽو، آءِ سي آءِ، بوش ۽ ويسٽنگ هائوس شامل آهن.
شيئرز جي خريد ۽ وڪري تي ٻڌل الائيڊ سگنل دي اسٽاڪ به هڪ منافعو ڏيندڙ ڪاروبار آهي جيڪو تمام وڏي توجهه جي گهر ڪري ٿو. سيپٽمبر 1933ع ۾ 140 ملين شيئرز 72.25 ڊالر في شيئر جي شرح سان وڪرو ڪيا ويا جنهن جي ڪري اداري جي سرمائي ۾ 10 ملين ڊالرز کان وڌيڪ رقم جو واڌارو ٿيو. الائيڊ سگنل جو ڪو به ملازم پنهنجي ڪنهن ڪارين جي معاملي انتظاميا (بوسيڊي) وٽ سڌو سنئون جوابده نه آهي ۽ اهي پنهنجين صلاحيتن مطابق آزاداڻي نموني ڪم ڪندا آهن. ان اداري وٽ لکين اسٽاڪ بروڪر، صلاحڪار، معاشيات جا ماهر، تاجر ۽ ٻيا عملدار موجود آهن. جيڪي نجي ۽ اداري جي سرمائيڪارن کي شيئرز وڪرو ڪرڻ طرف راغب ڪندا آهن. اهو ادارو منافعو ڪمائندو آهي ۽ نهايت ئي ڦڙتي سان ان منافعي کي نقصان ظاهر ڪيو ويندو آهي جڏهن هڪ واحد شيئر خريد کان گهٽ قيمت تي وڪرو ڪيو ويندو آهي ته ان کي نقصان سڏجي ٿو. نفعي ۽ نقصان ۾ گهٽ وڌائي غير اهم نه هوندي آهي. جڏهن بوسيڊي ان اداري جي سربراهي پهرين جولاءِ 1991ع ۾ سنڀالي ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ الائيڊ سگنل جي شيئرز جي خريد ۽ وڪرو 33.25 ڊالرز في شيئر جي شرح سان ٿيو ۽ اها شرح 1993ع ۾ ان اداري جي هڪ شيئرز جي وڌ کان وڌ قيمت اڌ کان به گهٽ هئي. جيڪڏهن هڪ سرمائيڪار هڪ شيئر 33 دالرز جي شرح سان خريد ڪري ٿو ۽ ٽيهتر ڊالرز في شيئر جي شرح سان وڪرو وڪري ٿو ته سرمائيڪار جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي.
هڪ الڳ ڪاروبار جي حيثيت سان اسان شيئرز جو ڪاروبار ڪندڙ اداري الائيڊ سگنل جي ڪم جي وضاحت ڪرڻ خاطر واضح طور هيڏانهن هوڏانهن جو ذڪر ڪنداسين. اهو ڪاروبار الائيڊ سگنل کان بلڪل الڳ آهي جنهن تحت ڪيميائي جزا، جيٽ جهازن جون انجڻيون ۽ گاڏين جا پرزا تيار ڪيا ويندا آهن. بهرحال اهي سڀ ڪاروباري سرگرميون بوسيڊي لاءِ ڪو ڀوڳ چرچو نه آهي. حقيقت اها آهي ته هن کي پنهنجي ٻنهي ڪاروبارن تي ڌيان مرڪوز ڪرڻ گهرجي. جڏهن ڪيترن سالن تائين شيئرز جي ڪاروبار ۾ ملوث الائيڊ سگنل مايوسي وارا نتيجا ڏيندو رهي ٿو ته ايئن معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ اهو ادارو مسلسل ٽي سال خساري ۾ رهندو. اداري جا معاملا ۽ حالتون وڌيڪ خراب ڪرڻ جي مقصد سان الائيڊ سگنل جا ملازم هر ٽن مهينن کان پوءِ بوسيڊي متعلق انتظامي تجزيو پيش ڪندو آهي ۽ اهو تجزيو ٽي ماهي رپورٽ جي شڪل ۾ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي سرگرمين متعلق فيصلو ٽن لفظن خريد ڪريو، وڪرو ڪريو ۽ پاڻ وٽ رکو ذريعي پڌرو ڪيو ويندو آهي.
وال اسٽريٽ ٽي ماهي تجزياتي طريقي ڪار، بحران جي اچڻ متعلق ڄاڻ جي ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪو تجزيو ڪندڙ ان فساني جو شڪار ٿي ويندو آهي ته بحران جي نوعيت ڪنهن نه ڪنهن حد تائين انتظامي ڪمزورين ۽ خامين جي نشاندهي ڪري ٿي ته پوءِ نتيجو غلط فيصلي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو جنهن سڀ شيئرز جي قيمت ۾ گهٽ وڌائي ۽ انتظاميه ۾ تبديلي واقع ٿيندي. اهوئي سبب آهي ته ماهرن کي اهو اندازو هئڻ گهرجي ته اهي نامعقول ڪارڻ جي بنياد تي ۽ ”انحصار، درست وقت تي فيصلو ۽ هڪجهڙائي“ جي ڪري پيدا ٿيندڙ بحران ۾ فرق محسوس ڪري سگهن.
حقيقت بدران افساني جو شڪار ٿيڻ جي ڪري منتظمين بحران جي واقع ٿيڻ جي امڪان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اداري جي ڊگهي مدتي مقصد طرف گهٽ ڌيان ڏيندا آهن. انحصاري، درست وقت جي چونڊ ۽ هڪجهڙائي جي ڪري پيدا ٿيندر پريشاني کي گهٽ ڪرڻ جي ڪري منتظمين اداري لاءِ آئنده ترقي ۽ منافعي جي حاصلات جي امڪان کي گهٽائي ڇڏين ٿا. مختصر اهو ته ڪنهن سرمايي جي مختصر مدت لاءِ قدر ۽ قيمت قائم رکڻ جي ڪري ان سرمائي جو ڊگهي مدت وارو قدر ۽ قيمت گهٽ ٿي ويندي آهي. ان قسم جي رويي ۽ رجحان کي جزوي طور اختيار ڪرڻ ذريعي غلط فيصلو ڪرڻ کان بچي سگهجي ٿو ۽ پوءِ اهو فهم به حاصل ڪري سگهجي ٿو ته ڇا اهو بحران ڪنهن بامقصد سوچ ۽ فڪر جي انداز کي ظاهر ڪري ٿو يا بحران بي مقصد انتظامي ڪارڪردگي جو عڪس آهي.