اداري پاران
اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون جو محترم حيدر دريا پنهنجي هن ناول جو مسودو اسان جي حوالي ڪيو ۽ پڙهندڙن کي تمام معياري ناول سرجي ڏنو. هن ناول جو موضوع تصوف، عشق، مذهب ۽ سياست جي گرما گرم بحثن تي مبني آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پهلو گذريل وقت ۽ هلندڙ دور جي عڪاسي ڪن ٿا، ان کان اڳ سندس ناولن جا موضوع پڻ تمام دلچسپ رهيا آهن، پر هن ناول ۾ ليکڪ پنهنجي تخليقي سگهه کي نواڻ جو معراج عطا ڪيو آهي. سندس بلند خيالات ۽ گهري مطالعي جو نچوڙ ۽ سندس ڏات جو ڪاٿو لڳائڻ اسان لاءِ بنهه مشڪل آهي. تنهن هوندي اسان کي اها به خوشي ٿئي ٿي ته سندس اهڙي بهترين ناول کي ڇپائڻ جو اعزاز پڻ اسان جي اداري کي ئي حاصل آهي.
سندس ناول ئي سماج ۾ پيدا ٿيندڙ اڻبرابري جهڙي ڪڌي رسمن، مفادن جي ور چڙهيل سياسي تبديلين ۽ پست حالي جهڙي اذيتناڪ/ شرمناڪ حالتن کان ويندي عشق جهڙي موج ڀري مهراڻ جو تمثيلي جائزو ڀرپور طرح سان عڪاسي ڪندي ملي ٿو ۽ قومي و فڪري مطالعي جي مرڪزي عڪاسي پڻ هن ناول جو اهم جز آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ادب ۾ اڳ ڪيترائي بيمثال ناول لکجي/ ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سنڌي ادب جي اهم شخصيتن جو ڳاڻيٽو شمار ٿئي ٿو، پر ان سان گڏ اسان اها اميد به ڪريون ٿا ته محترم حيدر دريا جي اهڙي ڀرپور ڪاوش جنهن ۾ هن جي علمي سگهه کي پرکي سگهجي ۽ خاص طور سنڌي ادب ۾ هن ناول وسيلي نون موضوعن جي ندرت بکي رهي آهي سا پڻ نون ادب دوستن/ سرجڻهارن کي شعور بخشي ٿي ۽ اهڙي ريت اسان جي موجوده ليکارين جي رهنمائي پڻ هن ناول جو اهم مقصد لڳي رهيو آهي ۽ اسان جي معزز ناول نگار شخصيتن کي پڻ سنڌي ادب ۾ اهڙي اعليٰ ناول پڙهڻ کان پوءِ ئي کين اندازو ٿيندو ته موجوده وقت جا ليکاري پڻ پنهنجي فن ۾ تمام عمده ۽ اهم حيثيت جا حامل آهن، ۽ الله پاڪ کان اها دعا آهي ته هن ناول جو ڳاڻيٽو پڻ اهم ناولن ۾ پنهنجي جاءِ والاريندو.
اداري موسيٰ پبليڪشن پاران ناول “يار” جي ليکڪ محترم حيدر دريا کي سندس اهڙي معياري ناول لکڻ تي کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪيون ٿا ۽ الله پاڪ جي در اها اميد رکون ٿا ته ليکڪ جي ڏات ۾ اڃا به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿئي ۽ سندس تخليقي سگهه اڃان به سگهاري بڻجي پنهنجي منزل جو عروج ماڻي ۽ گڏوگڏ کيس اهو نماڻو عرض ڪريون ٿا ته هو آئنده به اهڙي قسم جا ڪتاب جنهن ۾ سنڌي ادب سان واسطو رکندڙ هرصنف تي پڻ طبع آزمائي ڪندو رهي ۽ اهي لکي اداري حوالي ڪري ته سندس اهڙي خوبصورت ڪوششن کي ڇپائڻ لاءِ ادارو هردم ساڻس سهڪاري رهندو.
اوهان جو خدمتگار
حبدار علي گاڏهي
موسيٰ پبليڪيشن حيدرآباد
0333-2740480