ناول

يار

ناول يار اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ناول جو ليکڪ محترم حيدر دريا زئور آهي. ملاحن انهن جي زندگي، عشق، مذهب، سياست ۽ ٻين گهڻ رخي موضوعن تي مشتمل هن ناول ۾ ڪمال جا مڪالما آهن.

ڪتاب مان ورتل ٽڪرو

“۽ اها حقيقت به تون چڱي طرح ڄاڻندو هوندي ته، حضرت آدم جو گناهه، حضرت آدم جي پيدائش کان چاليهه سال اڳي، اهو توريت ۾ لکجي چڪو هو ۽ حضرت آدم کي ان جو علم نه هو.
عشق ته ابليس به ڪيو، ته آدم به ڪيو ۽ غلطي به ابليس ۽ آدم ٻنهي ڄڻ ساڳي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي بڻيو ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر”
Title Cover of book يار

تاثر

پڇيوئي جان دوست ته پاسي ڪر پرهيز کي
جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀيئي دور ڪيا!
(شاههرح)
انساني حيات ۾ تصوف جا عجيب و غريب راز وَ نياز جا نت نرالا نقطا سمايل آهن ۽ انهن نقطن جي آڌار تي عاشقن لاءِ اهڙا ته اشارا و ڪنايا بيان ڪيل آهن، جن مان پچي پوءِ ئي عاشق جو جنم ٿئي ٿو، اهڙي ريت سچي عاشق جو جنم وٺندڙ روح چئن منزلن طرف رمندو رهي ٿو، انهن منزلن ۾ سڀ کان اول منزل “عالم ناسوت” آهي جا حيوانات جو مقام آهي، ان جا فعل ‘حواس خمسه’ ۾ پلجندا رهن ٿا، جنهن جون ظاهري نشانيون وري هن ريت هجن ٿيون، کائڻ، پيئڻ، سنگهڻ، سڻڻ، هڪ سچي سالڪ/ عاشق کي ان عالم مان گذر ڪندي “رياضت” جهڙي منزل طرف ڌيان ڌرڻو پوي ٿو، ان منزل مان پرکجي پوءِ ئي سندس وجود نڪور مکڙي جيئان نکري نروار ٿئي ٿو جهڙي ريت لطيف سائين فرمائي ٿو:
ڪنين ڪنين ماڻهئين، پيئي ڪل ڪائي،
رَسئا جي رمز کي، تن پارسائي پائي،
“الانسان سِري وَاَناسَره”، ورتي اِي وائي،
راجا، راڳائي، هَردوئي هيڪ ٿيا!
سچي ٻانهي/ سالڪ کي مٿين تمام صفات جي اوکين منزلن مان رنڱجي ريٽو ٿي پوءِ ئي ٻئي عالم واري منزل تي پهچي ٿو، جنهن کي “عالم ملڪوت” ڪوٺجي ٿو، جا منزل (ملائڪن جو اعليٰ مقام) آهي جنهن کي (منزلت) جي نانءَ طور ڄاتو وڃي ٿو، انهن سمورن فعلن جا حواس خمسه منجهه سمايل رهن ٿا، جنهن ۾ “تسبيح و تحليل” جو قول ورجائڻو پوي ٿو، جنهن کان بعد ۾ “قيام” جو عمل ورجائڻو پوي ٿو ۽ بعد ۾ “رڪوع” کان ويندي “مسجود” جي ولايت پار ڪرڻي پوي ٿي، ان منزل تان هڪ سچو عاشق ئي ان مقام کان گذري پار پوي ٿو ۽ تنهن کان پوءِ ئي هو ٽئين عالم ۾ پير پائي ٿو ان عالم کي “عالم جبروت” سڏيو وڃي ٿو. هن عالم ۾ “روح” جو مقام شامل آهي، “روح” جو ڪم وري صفات “حميده” سان واسطو رکندڙ آهي، جنهن جي منزل جا ڏاڪا وري “ذوق” تي مبني رهن ٿا، تنهن بعد “محبت” جهڙو مشروب اوتڻو پوي ٿو، ان مشروب جي مهڪ وري سالڪ کي “اشتياق” جهڙي احساس تائين رسائي ٿي، جنهن ۾ وري “طلب” جو تانگهو رهي ٿو، جنهن مان “وجد” جهڙو واجب امتحان پاس ڪرڻو پوي ٿو، ان امتحان کي پاس ڪرڻ کان پوءِ وري “سُڪر” ۽ “محو خيالي” جي فڪر سان سلهاڙجڻ سان “فڪر” جي پختگي جو پايو پوي ٿو، پوءِ ئي سچو سالڪ/ ٻانهو انهن سمورين صفاتن مان گذر ڪري چوٿين مقام تي اچي بيهي ٿو اهو مقام آهي، “عالم لاهوت” جو ، ان منزل تي جڏهن عشق جو طالب رسي ٿو ته ان مقام تي هو پنهنجي “خوديءَ” کان “جدا” ٿو ٿئي، تنهن مقام کي “لامڪان” ٿا چون. ان سمورين صفاتن جي منزلن کان پوءِ ئي “گفتگو ” جي اُڻ تڻ رهي ٿي ۽ “جستجو” جهڙي عنصر ۾ اضافو رهي ٿو جنهن مان “حق” جو نعرو نروار ٿئي ٿو:
عشق ٿي انسان آيو سيلاني سير تي،
صورت ۾ آدم جي، آدم دم مهمان،
سچا تون سلطان، سنگر سچ سڻايو.
(سچل)
مٿين سمورين منزلن جي ڪٺن مرحلن کان گذر ڪري پوءِ ئي تصوف جي تاريخ ۾ انسان ذات جي امنگن جو امتزاج سندس روحاني ڳانڍاپي سان الک جي عشق ۾ وارد ٿئي ٿو. پوءِ سندس وجود فقط “حق” ۽ “سچ” جي ڳولا جو متلاشي رهي ٿو ۽ “الک” جي ڪائناتي رنگن و روپن جي ڀيدن کي ڳولڻ ۽ ڦولهڻ ۾ مڱن رهي ٿو.
يه تو گهر هي پريم ڪا، خاله ڪا گهر نانهه،
سِيس اُتاري ڀوئين ڌري، تب بيٺي گهر مانهه.
(ڪبير)
اهڙين جاوداني رمزن پرکڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ انساني حيات جو مقصد صوفي جي روح ۾ سمائجي ٿو. صوفي وري حق ۽ وحداني شعور ۾ اڙيو پوي جتي هن کي ڪيتريون ئي دنياوي ۽ شرعي مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿئي ٿو، اهڙي ريت تصوف جي تاريخ ۾ جن به صوفين جو پالو پيو تن پاڻ کي “وحدت” جي جهونگار سان “الالله” جي وائي ورجائڻ جو درس پئي ملندو رهيو آهي.
پَرِ ۾ پُڇيائون، عشق جي اسباب کي،
دارُون هن درد جو، ڏاڍو ڏَسيائون،
آخرِ “والعصر” جو، اِئين اُتائون،
تِهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سَلام کي.
(شاههرح)
اسان جي سنڌ سونهاري جي سچن سرمستن، صوفين ۽ سرويچن جو تعلق پڻ تصوف جي مول متن سان پئي رهيو آهي، سندن حيات مان ملندڙ درس واحد جي ڏسيل واٽ جي پرچارڪ طور ئي ملي ٿو:
بزرگ شيح مشائح يارو، نا مخدوم ٿيا سي،
نڪي قاضي نڪي ملا، معلم پير بڻيا سي،
نڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي، رنگ رساءِ رکيا سي،
سچا ٻاجهون عشق الله جي، ڪوئي هنر نه سکيا سي.
(سچل)
شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، صوفي شاهه عنايت شهيد، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، بلها شاهه ۽ قلندر لعل شهباز رحمته الله عليه جهڙين عظيم هستين جو ذڪر پڻ ان ڏس ۾ اسان جي رهنمائي ڪندي ملي ٿو، سندن ئي حيات مبارڪه جي سبق مان اسان کي وحدت ۽ تصوف جي پڪار ملي ٿي اهڙي ريت ڪبير ڀڳت جو دوهو آهي ته.
يه ڪرني ڪاڀيد هئه، نهي بُڌي بيچارُ،
ڪَٿني تَجِ ڪرني ڪرو، توڪِڇُ پاوهه سَارُ.
تصوف، جي حوالي سان ڏسجي ٿو ته شاهه عبداللطيف وٽ ‘تصوف’ جو تصور پوري عالم جي سمورن صوفين جي وسيع مطالعي کان پوءِ واري صورتحال وٺي بيٺو آهي، سندس ‘تصوف’ بابت فڪر جي پيشڪش (Presentaion) جو مثال تمام اعليٰ نموني جو آهي، تصوف جي جيڪا شفاف معنيٰ لطيف ڏسي ٿو سا ‘تصوف’ جي معنيٰ ٻين صوفين کان بنهه مختلف ۽ نياري آهي. جيڪر اسان ڏسون ته موجوده وقت ۾ جيڪا سموري عالم جي صورتحال اچي بيٺي آهي، تنهن تباهه شده حالت کي دنيا جي ٻي ڪا به طاقت سنواري / نجات ڏياري نه ٿي سگهي سواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڏيکاريل تصوف جي درس کان.
تاريخ ۾ جنهن به ڪردار پنهنجي قومي ورثي جي بقا لاءِ ڪم ڪيو آهي اهو هميشه لاءِ تاريخ جي ورقن ۾ پاڻ کي ارپي وجهي ٿو، هونئن به اسان جي ڏات ڌڻين پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ هر وقت جاکوڙ پئي ڪئي آهي ۽ ڪندا رهن ٿا، تن ۾ ڪيترائي اهم نالا ڳڻائڻ لائق آهن، جن پنهنجي ادبي ۽ علمي پورهيي سان پنهنجي تهذيب ۽ قومي ورثي کي وقت بوقت اجاگر ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش پئي ڪئي آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ انهن ڏات ڌڻين پنهنجي قلمي نچوڙ جو جيڪو به پورهيو ڪيو سو سندن ڏات ۽ قلم جي فراسائي ايندڙ نسل لاءِ هڪ انمول تحفي مثل ڀانئجي ٿي.
محترم حيدر دريا پڻ پنهنجي قلمي پورهيي جو جيڪو هي نادر نمونو “ناول” جي صورت ۾ پنهنجي قوم کي ارپيو آهي سو به هڪ شاهڪار قسم جي لکڻين ۾ شمار ڪيو ويندو، هي ناول “يار” جيڪو ڪل 270 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي طرفان هن سماج ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيترين ئي وارتائن جا داستان قلمبند ڪيا آهن، جن ۾ خاص طور تي سياست، مذهب، عشق، تصوف ۽ قومپرستي جهڙا اهم عنصر ملن ٿا، سندس اهڙي علمي و ادبي پورهيي “يار” ناول ۾ پڻ اسان جي سماج ۾ جنم وٺندڙ ڪيترين ئي براين کي ننديو اٿس. سندس قلم جي نوڪ مان خاص طور تي سياسي تاريخ جو تذڪرو ملي ٿو.
سنڌ سونهاري اها سرزمين آهي جتي عرب حڪمرانن کان وٺي ارغون ۽ ترخان جهڙن ظالم حڪمرانن هن سرزمين کي پئي ڦريو ۽ لٽيو آهي، تنهن کان علاوه انهن سفاڪ حڪمرانن جهڙي ريت سنڌ جي تاريخ و تهذيب کي مٽائڻ جهڙو گناهه ڪيو سو به اسان سڀني کي چڱي ريت معلوم آهي، تنهن هوندي اڄ انهن ظالم حڪمرانن جو نالو نشان ئي هن ڌرتي تي باقي نه رهيو آهي.
هن ناول ۾ ليکڪ پاران شامل ڪردارن جي معرفت جيڪو سماجي ۽ سياسي منظرنامو پيش ڪيو آهي سو به ڪيتري ئي حقيقن کي ڳولي لهڻ جو دڳ ڏسي ٿو. نه فقط ايترو پر تاريخ ۾ ڇا وهيو واپريو اهو دور به ڪيتري قدر ۽ ڪهڙين سچاين تي مبني هو تنهن جو به خاصو احوال مقالمي بازي جي صورت ۾ اسان کي دليلن سان ملي ٿو.
هن ناول ۾ پيش ڪيل مک ڪردار قربان کي ڄاڻايو ويو آهي، قربان جو مرڪزي ڪردار صوفيت جي رنگ ۾ رچيل نظر اچي ٿو ۽ پنهنجي حقيقي عشق جي جستجو ماڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو پر تنهن هوندي به کيس پنهنجي سچي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي رنڊا روڙڻا پون ٿا پر زماني جي ويرين کيس اهڙي ته ڄار ۾ ڦاسائڻ جا سانڀاها ڪن ٿا جنهن مان هن جو واپس ورڻ ئي محال بڻجي وڃي ٿو تنهن هوندي به هو پنهنجي علمي ۽ عقلي دليلن وسيلي پنهنجو دفاع ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهي ٿو ، ايتري تائين جو کيس هندستان جي سرزمين جو به چڪر ڪاٽڻو پئجي وڃي ٿو، کيس اتي به جيڪي اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون سي به هو برداشت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي ٿو ۽ آخر ۾ پاڻ اُڪير مان جڏهن ڏيهه واپس موٽي ٿو ته سندس محبوبا هن جهان مان گذر ڪري وڃي ٿي، سندس روح پڻ ان ئي صدمي جي سٽ نه سهندي پرواز ڪري وڃي ٿو.
هن ناول ۾ ٻيو پيش ڪيل ڪردار عدن نالي ظاهر ٿيل آهي، عدن سندس محبت هئي، جا سنڌ جي مشهور ذاتين مان شاهه ذات جي نينگر هئي، جنهن کي پڻ قربان سان تمام گهڻي محبت هوندي آهي، سندس سمنڊ ڪناري هڪ ناکئي جي معرفت قربان سان ملاقاتون ٿينديون هيون ۽ ان ٻنهي جي محبت جو رخ پڻ ان انجام تي پهچي وڃي ٿو جتي سهڻي ۽ ميهار جو پهتو، جتي سسئي ۽ پنهون پنهنجي سورن سان لانئون لڌيون، جتي مومل پنهنجي حقيقي محبت راڻي ڪارڻ راتين جي ماندڪائي وارو قيد ڪٽيو هو، جتي مارئي جي لڄ کي ليڙون ڪرڻ جون تياريون ٿيون هيون، اهڙي ئي سماج ۾ عدن پڻ پنهنجن جي هٿان لوڙهي وئي جا ناکئي جي هٿ لڳي ۽ ان ناکئي پنهنجي يار قربان جي امانت کي باحفاظت طور هڪ جاءِ تي مدفون ڪري رکيو ۽ جڏهن کيس يار ملي ٿو ته ان جي ساڻس آخري ملاقات پڻ ان ناکئي جي معرفت ٿئي ٿي.
هن ناول جو ٽيون ڪردار نالي گل محمد آهي جيڪو قربان جو پيءُ آهي، سندس واسطو هڪ سياسي پارٽي سان آهي، گل محمد جي به اها ئي خواهش آهي ته جيئن هو هڪ سچو سياسي ورڪر آهي اهڙي ريت سندس پٽ قربان پڻ سندس ئي واٽ وٺي سياسي ڪم جي وارثي ڪري، پر قربان پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور نوجوان آهي، جنهن کي علمي و ادبي چاهه سياست جي اصل چهري کان اڳ ئي واقف ڪري ڇڏيو هو، سندس علم ۾ اسلامي تاريخ کان سواءِ دنيا جي ڪيترين ئي اهم سياسي ۽ ادبي شخصيتن جا نظريا سندس مطالعي هيٺ هئا، نه فقط ايترو پر هو تصوف جي تعليم پڻ وڏو چاهه رکندو هو، قومي سياست جي پروڙ به کيس تمام گهڻي ڄاڻ مهيا ڪئي هئي. جنهن سبب سندس والد پاران اختيار ڪيل سياسي واٽ سان به چڙ ٿيڻ لڳي هئي. سندس گهڻو رجحان تصوف جي تعليم طرف ٿي رهيو ۽ ان ڪري هو ڪيترين ئي درگاهن ۽ مزارن جا چڪر ڪٽي پنهنجي روحاني تعليم کي مڪمل ڪرڻ ٿي گهريو. پر اتي به جيڪو ماحول هو تنهن مان به کيس روحاني تسڪين نه ملي سگهيو. سندس پيءُ گل محمد پنهنجي طرفان هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته سندس پٽ قربان ڪنهن ريت سندن بڻايل طور طريقن جو قائل بڻجي پر سندن پاران ڪيل هر ڪوشش ناڪام ٿي.
هن ناول ۾ جيڪو چوٿون ڪردار پيش ڪيل آهي سو آهي رانجهن شاهه جو، جيڪو پڻ ساڳئي شهر جو رهاڪو آهي ۽ عدن جو پيءُ آهي، سندس تعلق شاهه خاندان سان آهي ۽ سياسي طور تي پڻ مڃيل ورڪر طور ڄاتو ٿي ويو. رانجهن جو ڪردار پڻ اهو ئي روايتي وڏيرن وارو ڪردار نمايان طور ظاهر ڪيو ويو آهي جيڪو فقط انا جي هوڏ تي قائم رهندي آخر پنهنجي اصليت ڏيکاري وجهي ٿو.
رانجهن کي جڏهن عدن ۽ قربان جي عشق جي خبر پئي ٿي ته هو وڃي گل محمد کي روايتي طريقي سان دانهن ڏئي ٿو، پر تنهن هوندي به کيس ڪو چڱو نتيجو نڪرندي نظر نه ٿو اچي، ته هن پنهنجي انا پرستي واري باهه کي جاري رکندي قربان خلاف ڪيترائي جنگي محاذ کڙا ڪيا پر سندس هر ڪوشش ناڪام رهي.
هن ناول ۾ جيڪو پنجون ڪردار پيش ڪيو ويو آهي سو آهي حافظ امين جو، جيڪو قربان جو سڳو ڀاءُ آهي ۽ حافظ امين جي گهڻي تڻي تربيت مذهبي مدرسن ۾ ٿي هئي. اسلامي تاريخ ۾ کيس تمام گهڻي ڄاڻ آهي، هو جڏهن پنهنجي ڀاءُ قربان جي عشق ۾ گرفتار ٿيڻ واري حالت پرکي وجهي ٿو ۽ کيس پنهنجي روايتي انداز ۾ واعظ ڪرڻ لڳي ٿو پر قربان سندس پاران ڪيل بحثن کي هر طرح سان دليلن جي آڌار تي نندي ٿو ۽ کيس اسلامي نظام جي باري ۾ ساڻس ڪيترائي گرما گرم بحثن جا جواب ڏيندي کيس لاجواب ڪري وجهي ٿو اهڙيءَ ريت قربان جو ذهن وري فقط تصوف جي گهرائي کي پرکي ٿو ۽ حافظ امين پنهنجي طرفان کيس اسلامي نقطن جا دليلن ڏيڻ سان گڏ کيس روزي، نماز ۽ ٻين ديني احڪامن جي تلقين ڪندو رهي ٿو. سندس رويو ايترو ته سخت هيو جو قربان ان کان به نفرت ڪرڻ لڳي ٿو، پر سندس والد پاران حافظ امين کي ڪيل تلقين ڪري حافظ امين پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻيندي قربان کي هر ممڪن طرح سان سمجهائڻ جا جتن ڪري ٿو پر هو هر طرح سان ناڪامياب رهي ٿو.
هن ناول ۾ ڇهون ڪردار جمال ذاڪر جو آهي، جيڪو قربان جو هڪ ادبي حلقي جو دوست آهي، سندس ڪيترين ئي ڪچهرين ۾ هو سماجي ۾ پيدا ٿيندڙ براين ۽ ان جي اصلاح بابت هڪٻئي سان گفتگو ڪندا رهن ٿا. جمال ذاڪر پڻ تمام گهڻو علمي انسان آهي ۽ قربان جي سچي محبت واري ڳالهه کان واقف رهي ٿو، هو خود به ايترو ئي حساس طبع هو ۽ اوترو ئي کيس قربان جي جذبن جي اهميت هوندي هئي، سندن بحث ۾ اڪثر ڪري رومانوي ۽ ادبي تذڪرن جو بحث رهي ٿو. قربان کيس ڪجهه حد تائين کيس پنهنجو حال ڀائي سمجهي سندس اندر جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ادبي دوست سان ڪچهريون ڪندو رهي ٿو ۽ کيس پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ احساسن جو ذڪر هميشه ان دوست سان ئي ونڊڻ ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو، جواب ۾ جمال ذاڪر کيس پنهنجي طبيعت جو ئي انسان سمجهي کيس زندگي جي باري ۾ حل ڳولڻ جا نقطا ڏسي ٿو، سندس پاران ڏسيل ڪيترن ئي نقطن تي قربان ساڻس متفق رهي ٿو پر تنهن هوندي به قربان کي عشق جي جيڪا تانگهه رهي ٿي سان پوري نه ٿي رهي.
هن ناول ۾ جيڪي ٻيا لاڳاپيل ڪردار پيش ڪيا ويا آهن تن ۾ قربان جا دوست ناکئا به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، سندن سچي دوستي واري روايت جو ڀلي ڀت جائزو ملي ٿو. تنهن کان علاوه هن ناول ۾ هندستان جي جيلر ۽ ٻين ڪجهه اهم ڪردارن جو جائزو پڻ ملي ٿو.
هن ناول ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال کي خاص طور تي فوڪس ڪيو ويو آهي، تنهن کان علاوه سنڌ جي اهم درگاهن تي ڇا وهي واپري ٿو ۽ اتي ڇا ماحول قائم ٿيل آهي تنهن جو جائزو پڻ ملي ٿو ۽ خاص طور تي سامونڊي ناکئن جو احوال تمام ته خوبصورتي سان چٽيو ويو آهي. نه فقط ايترو پر سامونڊي سرحدن تي ڇا ٿي رهيو آهي تنهن جو به مختصر جائزو هن ناول جي مکيه عنصرن ۾ اچي وڃي ٿو. سندس ناول ۾ تصوف جي اپٽار هر جاءِ تي پسجي ٿي. منهنجي اندازي موجب ته ليکڪ پنهنجي پاران هن سڄي ناول کي تصوف جي ڪلائمڪس اندر گهمائي ڦيرائي پيش ڪري رهيو آهي. تصوف جا واضح نقطا سموري ناول جي اندر محسوس ٿي رهيا آهن. انڪري به ته اسان جي سماج ۾ تصوف جو تعلق پڻ تمام گهرو رهيو آهي.
محترم حيدر دريا جس لهڻي اهڙي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ ناول لکڻ تي هن نه فقط ناول ۾ نون موضوع داخل ڪرڻ جي ڪوشش روا رکي آهي، پر تنهن کان سواءِ سندس پاران ڪيل طبع آزمائي لاءِ پڻ کيس مبارڪون ڏيان ٿو. سندس مطالعي هيٺ آيل ڪيترن ئي ڪتابن جي ڄاڻ پڻ هن ناول جي نچوڙ ۾ شامل ٿيل نظر اچي ٿي، ان مان سندس علمي ذوق ۽ ادبي قد ڪاٺ جي اهميت جو پڻ پتو پوي ٿو.

طالب العلم
آفتاب حسين کوهارو
20 ڊسمبر 2012ع
شاهه لطيف ڪالوني، ڪوٽڙي