ناول

يار

ناول يار اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ناول جو ليکڪ محترم حيدر دريا زئور آهي. ملاحن انهن جي زندگي، عشق، مذهب، سياست ۽ ٻين گهڻ رخي موضوعن تي مشتمل هن ناول ۾ ڪمال جا مڪالما آهن.

ڪتاب مان ورتل ٽڪرو

“۽ اها حقيقت به تون چڱي طرح ڄاڻندو هوندي ته، حضرت آدم جو گناهه، حضرت آدم جي پيدائش کان چاليهه سال اڳي، اهو توريت ۾ لکجي چڪو هو ۽ حضرت آدم کي ان جو علم نه هو.
عشق ته ابليس به ڪيو، ته آدم به ڪيو ۽ غلطي به ابليس ۽ آدم ٻنهي ڄڻ ساڳي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي بڻيو ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر”
Title Cover of book يار

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو چوئيتاليهون (44) ڪتاب، ناول يار اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ناول جو ليکڪ محترم حيدر دريا زئور آهي.

هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، ليکڪ ۽ سنڌ پرست محترم آفتاب حسين کوهاري جي آهي جڏهن ته موسى پبليڪيشن حيدرآباد پاران هي ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. لک ٿورا ڀاء آفتاب جا جنهن ڪتاب جي ڪاپي موڪلي ۽ مهربانيون سائين حيدر دريا جون جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
salamatsindh@gmail.com
www.sindhsalamat.com