باب پهريون
او، حافظ سڳورا، جيئن خدا پنهنجي محبت ابليس کي ڏيکارڻ خاطر آدم جي اکين ۽ زبان سان اظهاري ڇڏي ائين محبت ڪندڙ ماڻهو، سڄي عمر پنهنجي محبت جو اظهار ٻين جي زباني ٻڌڻ واري خواهش ۾ لاچار رهيو آهي!
ڀلا اُها به ڪهڙي محبت؟ جنهن جي خبر رڳو خدا کي هجي ۽ باقي خدا جي مخلوق ان کان اڻڄاڻ هجي!؟
“بس، اهو ئي عاشق ۽ معشوق جي مجاز درميان هڪ اهڙو خاموش درد آهي جيڪو ڪڏهن سرمد بڻايو ڇڏي ته ڪڏهن اڀيچند، ڪڏهن قيس ته ڪڏهن ليلا، ڪڏهن موسيٰ ته ڪڏهن فرعون!
شاهه لطيف کي مُلا نه وڻيا ۽ سچل سڀن کي ميڙي سڀ پنهنجي صوفي سَند جي گوڏي هيٺ هڻي ڇڏيا! رڳو مسجد ۾ ويهي ته محبت کي نٿو سمجهي سگهجي ميان، ماڻهو جي من ۾ ٿو گهڙڻو پوي ۽ ان جو رستو ڪنهن رنگين شهر ڏانهن ويندڙ ناهي- ويران! .... اُهو ويران رستو آهي جنهن جو منظر دنيا جي اکين کي ظاهر نظرئي نه ايندو آهي! هي ته اُهو درياهه آهي جنهن ۾ ٻيڙيءَ بنا عمر جو سفر ڪٽڻو ٿو پوي.........!”
“ڇو ٿا مسجد ۾ محبت جي معاملي کي ڇيڙيو؟ مُلا ۽ متولي آهيو ته مسجد سنڀاليو نه ته مندر ۾ ويهڻ جي به اهل نه رهندا-!”
اهو قربان جي صحبتي سَيلاني، صوفي فقير پي چيو، جيڪو ڳوٺ واري مسجد ۾ نماز جو فرض ادا ڪرڻ ويو هو ته، قربان جي ڀاءُ حافظ امين کيس قربان جي دانهن ڏيندي چيو هو“صوفي فقير پنهنجي دوست قربان کي ڪا هدايت نٿا ڪيو- نه ڌنڌو نه ڌاڙي اولادي اوڪادي ماڻهو، پنهنجي نوڪري تان به خيال کڻي، رات ڏينهن گهرجي ڪنڊ ۾ منهن مونن ۾ هڻيو ويٺو آهي ۽ وري جيڪڏهن ڪيڏانهن نڪري وڃي ته ڏينهن جا ڏينهن گُم!
ٻيلي محبتون ته سڄي دنيا ٿي ڪري، ڪهڙو ماڻهو محبت کان خالي آهي؟ پر هن جي ته محبت ئي عجيب آهي! ڄڻ دنيا ۾ محبت باقي ڪا اها بتي آهي جيڪا هن کي هٿ چڙهي آهي!؟”
قربان جي محبت جون اهڙيون مقالون رڳو مسجد تائين ڪون هيون پر سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنڌين سان سندس هجرجو هُلاچو هو- ۽ هي اها سنڌ ملڪ جي ندي هئي جنهن سڄي دنيا کي انساني تهذيب سيکاري هئي- جنهن جو هاڻ پاڻي چوري ٿيڻ لڳو آهي - جنهن پنهنجي (9) ارب آمدني مان ٻه (2) ارب پورا به ڪون پي ڏنا ويا، سياست ۾ سچ جو قحط اچي ويو هو - ماڻهو بک ۽ بدحالين سبب موت سان محبت ڪرڻ لڳا هئا، تڏهن ان سنڌي نديءَ جي ساڄي طرف سرسبز ٻنين جي وچ ۾ آباد ملاحن جي هڪ ڳوٺ جي خوشحال گهراڻي جي شادي شده نوجوان نالي قربان سان هڪ سيد گهراڻي جي نوجوان عدن نالي هڪ ڇوڪري سان عشق، اهڙي هڪ روڳ وندي راند رچائي وڌي، جو سندس عقل، علم، ايمان، سمجهه ۽ فهم سڀ عشق جي پُٺيءَ اگهاڙي گهوڙي تي سوار ٿي ويو- جنهن سندس سياسي خاندان کي عشق، مذهب ۽ سياست جي ٽڪنڊي ۾ الجهائي دنيا باقي خوبين ۽ خامين کان الڳ رهائي ڇڏيو. نه عشق ۾ اڳڀرائي ٿي، نه مذهبي مڃتا ملي، ۽ نه خاندان سياست ۾ سُرخرو ٿي سگهيو.
سندس پيءُ گل محمد جنهن سندس جوان جذبي ۽ لکيي پڙهيي ذهن مان پيار وارو ويراڳي مرض ڪڍي کيس پنهنجن اميدن مطابق بڻائڻ پي چاهيو. پر قربان پنهنجي جذبي ۽ خيال ٻنهي ۾ پنهنجي يار جي پيار کي سلامت رکي، عشق مجاز جي پُل پار ڪرڻ پي چاهي- قدرتي نظارن ۽ تنها چانڊوڪين سندس چاهت ۾ واڌارو پي ڪيو.
سانوڻ ايندو هو، ته ڄڻ ڪڪرن تي چڙهي پيو گهمندو هو، بهار ۾ ته اهڙو بي حال ٿي ويندو هو- جو جهڙو هر گل مان پنهنجي مجازي محبوب جي رنگت ۽ خوشبوءِ پئي ايندي هيس، ۽ پاڻ پوپٽ جيئان پنهنجي پرينءَ جي آس پاس پيو ڦرندو هو.
سرءُ ۾ ته، جيئن سڄي سنڌ بيمارين ۾ وٺجي ويندي هئي تيئن سندس ڪيفيت به وڻن مان ڇڻيل پنن جيئان بي سِتي ٿي پوندي هئي ۽ پنهنجي پريم جي پيڙاءُ ۾ وڇوڙي جو ويراڳ وڌي ويندو هئس، چاهيندو هو ته، ڪر سڄي دنيا جو حيا ڇڏي وڃي پنهنجي مجازي يار کي ڀاڪر پائي چميون ڏيان ۽ پنهنجو روح هميشه لاءِ سندس هينيئن ۾ ويهاري ڇڏيان ته جيئن وڇوڙي جو واءُ وري ڪڏهن به منهنجي ڪيفيت ۾ ڪرب پيدا ئي نه ڪري!
سڄو خاندان، قربان جي عشق آڏو، مذهب مان تصوف ۽ تصوف مان سياست جا انوکا بحث مباحثا ۽ تقراري فيصلا ڪندي، ڪندي پنهنجي خانداني خاصيت کي ڪنهن خاص خوبي تائين رسائي نه سگهيو.
قربان پنهنجي جان جي وجود ۾ نطرون ڊوڙائي رت، هڏگُڏ ۽ گوشت کان ٿيندو اکين تي اچي پنهنجي خيال ۾ کپَي هِٻڪي بيهه ويندو هو.
هِن پنهنجي آواز ۽ نظر جي دنگ کان اڳتي سوچي نظرن جي هُن پار ۽ آواز جي اندروني ڪيفيت پرکڻ ۽ ڏسڻ پي چاهي. جنهن ۾ سندس مجازي محبوبا، “عدن” جي عشق، سندس سوچن جي رهبري پي ڪئي- جنهن سندس سوچن ۾ اهڙا ڪئين سوال جاڳائي وڌا ته “منهنجي محبوبا کان وڌيڪ ٻيا ماڻهو خوبصورت ڇو ناهن؟ڇا شاهه لطيف جو محبوب منهنجي محبوب کان وڌيڪ خوبصورتي وارو هو؟ - شاهه عنايت شهيد جو محبوب الائي ڪيترو حسين هو!؟
ٿي سگهي ٿو مخدوم بلاول جو محبوب شايد سڀن کان وڌيڪ سهڻو هو، جنهن کي هن پنهنجي رت جو وضو ڪري پي ڏيکاريو!
بلي شاهه کي ته سندس محبوب جي حسن نچائي ڇڏيو!- ۽ سچل سرمست ته، اناالحق تي اچي نڪتو!
“هاءِ، هاءِ هي عذابِ عشق ۽ انسانيت جا پُرلُطف جذبا، سڀ محبوب جي جدائيءَ ۾ گڏجي ڪيَئن نه هڪ ٿي ٿا وڃن!؟- ماڻهو جيئري مري، جيئرن ماڻهن ۾ پنهنجي محبوب کان الڳ، محبوب جون خوشيون ڏسي ڪيڏو نه اندر ۾ سڪون ٿو محسوس ڪري!؟- اکين اڳيان هوندي به اکين ۾ اکيون وجهي، پنهنجي محبت جو صدقو کيس سري عام نٿو ڏئي سگهجي!؟- هاءِ ڙي انسان، دنيا ۾ چور جيئان دل ۾ محبت جي چوري لڪائي، چور جيان زندگي گذارڻ، ۽ ماڻهو چون ته، هي مومن آهي- دانا ۽ وڏي ڄاڻ وارو آهي!؟- ڪيڏي نه لذت ۽ اذيت آهي، اُن چورائي زندگي جي عذاب ۾!؟- ۽ حيرت آهي انهن عظيم انسانن تي، جن اهڙي گڏيل ڪيفيت ۾ به عام انسان جي وچ ۾ پنهنجي ڏڏريل ڏِيل واري عمر جا ڏينهن گهاريا!؟-
محبوب جي بي رُخي، چاهيندڙ جي عذاب کان بي خبر رهي، پنهنجي چاهيندڙ کان وڌيڪ پنهنجي سينگار سان چاهه رکيو آهي-! سڄيون سڄيون راتيون بي پرواهي سان ننڊون ڪرڻ-!، ڇا اهو سڀ ڪجهه، محبوب پنهنجي اڻڄاڻائي ۾ ڪندا آهن!؟- يا رڳو پنهنجن عاشقن کي ڏيکارڻ ۽ انهن کان محبت وٺڻ خاطر!؟- يا اندر ۾ کين به عشق جو اثر هجي ٿو!؟- پر ائين هجي ته، پوءِ اکين اڳيان هوندي به، هي وچ ۾ جدائي جا صدما ۽ صدائون....!؟- نه ائين منهنجي خيال ۾ ته ڪونهي، محبوبن کي محبت، شايد رڳو پنهنجي ملوڪيت سان هوندي آهي!؟”
سندس اهڙي سوچ، سندس عمر جو هڪ ڏهاڪو ڄڻ تڪڙو کٽائي پي ڇڏيو- ۽ گهڻو سوچڻ جي ڪري، سندس دل ۽ دماغ جي سوچ کيس الڳ، الڳ پي معلوم ٿي.
ڪنهن مهل سوچيائين پي“پيار ڪرڻ جو مقصد اهو ڪونهي ته، دنيا جهان جي سامهون سرعام پنهنجي يار کي ڀاڪر پائجي ۽ دنيا کي ڏيکارجي ته، هي منهنجو محبوب آهي! ڏسو مان هن سان هيتري محبت ڪندو آهيان.”
ته ڪنهن مهل وري دل پي صلاح ڏنس ته “ڀلا سڙي، سڙي جيئڻ مان ڇا حاصل!؟- ڇا ڪندا دنيا وارا، هُوءَ سيد ۽ آئون اُمتي- پر رت جو رنگ ته هڪجهڙو آهي!- وڏا، وڏا چور، قاتل ۽ لٽيرا، قبيرا گناهه ڪري به جهان ۾ جيئرا پيا هلن، انهن کي دنيا ڇا ڪري سگهي آهي!؟- پنهنجي محبوب سان سرعام ياري نڀائڻ ڪو ڏوهه ته ڪونهي....!؟”
ٻنهي خيالن جي وچ ۾ وچڙي پي پيو ۽ عملي ميدان ۾ خود کي اڪيلو محسوس پي ڪيائين ته وري به کيس خيالن کڻي پي ورتو “خبر ناهي ته منهنجي عدن کي ڪهڙو عمل وڌيڪ ٿو وڻي-؟- محبت ۾ چور بڻجي زندگي گذارڻ يا عشق کي اهميت ڏئي سرعام محبت جو حق ادا ڪرڻ!؟”
هڪ ڀيري هن مڪليءَ تي عبدالله شاهه اصحابي جي ميلي ۾ لائوڊ اسپيڪر تي وڏي آواز هلندڙ مذهبي واعظ ٻڌو ته هُل همرچي کان هڪ پاسي ٿي هن اوڏانهن پنهنجو ڌيان ڏنو- مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي اهو آواز پٿرن سان ٽڪرائي سندس ڪنن تائين پي پهتو ۽ هي بيهه رهيو ٻڌڻ ته “انسان جي مخلوق لاتعداد آهي- جيستائين ڳڻي دنگ ٿو ڪجي، تيستائين ٻيا ڪروڙين پيدا ٿيو پون- ظاهر ۾ ماڻهو مختلف رنگن جا آهن پر سندن رت ۽ هڏ جو رنگ ساڳي هڪڙو آهي- جيئڻ جون راهون هرڪو الڳ، الڳ اختيار ڪندو آهي- پر موت سڀني لاءِ ساڳي مقرر آهي- سندن اکين ۾ نظرن جون سوچون مختلف آهن، پر دل جو عضوو سڀن ۾ ساڳيو آهي- نظرن جي سوچن سندس ساڃاهه کي منجهائي سندس لاءِ هڪ کان وڌيڪ خدا چونڊي ڇڏيا- ائين هن ڌرتيءَ تي انسان خود کي ورهائي ڌرتيءَ تي دشمني کي آباد ڪيو ۽ خساري کي هٿ ۾ کڻي، پنهنجي خدائي جي دعويٰ ڪري به خونريز بڻجي پيو- سندس سوچون سندس هٿ مان ڇڏائي ويون- نظرون بي قابو ٿي ويس- سندس عقل ۽ نفس پنهنجي گڏيل صلاح سان هن کي هاڃي تائين رسائي ڇڏيو- هن کي پنهنجي رنگ واري هڪجهڙائي وسري وئي ۽ سندس سوچون دنيا جي ظاهري رنگن جيتريون ٿي ويون......!!”
واعظ ته اڃا هلندڙ هو، پر هن کي اها تقرير انسان سوز پي معلوم ٿي ۽ سندس ڪيفيت ۾ ڄڻ ڪراهت پيدا ڪري وڌائين- هن جي ڪيفيت کي ته حُسن جي هاڪ ٻڌڻ واري تانگهه هئي- سا ته سنڌ ۾ مسجدن جي ذريعي وڏي آواز ٻڌائڻ اڃا جائز ڪون هئي.
هن عشق ۽ سرڪاري نوڪري سان گڏ جڏهن اڃا سياست به ڪئي پي تڏهن سياست ۾ هي سنڌجو قومپرست اڳواڻ ۽ قوم پرست سياست جي باني- جي. ايم. سيد جو ڄڻ عاشق هو- ۽ اهڙي قومي سياست هن يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران ئي حاصل ڪئي هئي- هن کي ان قوم پرست سياست ۾ ڪنهن وڏي عهدي ماڻڻ جون جنون ڪون هو- پر جيئي سنڌ واري نعري کي هي پنهنجي سر جي قرباني ڏيئڻ تائين مطمئن هو- سندس خاندان وچولي طبقي جو زميندار هو- سندس ٻيا ٽي ڀائر جنهن مان ٻه ننڍا مذهبي تعليم لاءِ ڪراچي جي ڪنهن مدرسي ۾ داخل هئا ۽ ٽيو ڀاءُ حافظ امين جيڪو سندس پٺ جو هو، سو قرآن جو حافظ سان گڏ کيس عالم جي به سَند هئي* سندس پيءُ گل محمد پيپلزپارٽي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو جانثار ورڪر هو- ائين سندس سڄو خاندان سنڌ جي سياسي طوفان ۾ ورهايو پيو هو- ۽ پاڻ شادي شده، اولادي هوندي به محبت جي چنبي ۾ ائين اچي ويو جيئن سِرڻ ڪڪڙ جي ٻچي کي جهڙپي کڻندي آهي- تيئن محبت هن کي پنهنجي معجزي ۾ قيد ڪري وڌو هو- دنيا جي ٻي هر قيد مان ماڻهو اپيلون، عرضيون ۽ رشوت، رعايت ذريعي پاڻ ڇڏائي ٿو وٺي پر محبت جي قيد ۾ اپيلون به عذاب بڻجو سزائن ۾ واڌرو ڪيو ڇڏن. ۽ دنيا جي ڪا به انساني هستي نه ان مان پاڻ ڇڏائي سگهي ۽ نه ٻين لاءِ ڪلف جي ڪنجي لڀي سگهيو آهي.
دنيا جو جادو، منتر ته اتي کُٽي ٿو وڃي، پر روزو، نماز، حج، زڪوات ۽ ڪلمو پڙهي به عشق مان آجپو حاصل نٿو ڪري سگهجي! عقل علم، سمجهه فهم، ۽ فڪر فصاحت، سڀ ڏاهپون محبت جي ڏيهه ۾ اجائي گپ وڦل ۽ ولل وارو ڏُهاڳ ٿيو پون.
محبت ۾ هنرمندي وارا حيلا، ماڻهن کي مذاق لڳندو آهي، جيئڻ ۽ مرڻ ٻئي انهيءَ کاڻي ۾ کپائڻا پون ٿا.
زندگي جون رنگين تارن ڀريون راتيون، حياتي جا خوش ذائقا خوشبودار ڏينهن ۽ جيئاپي جون هزارين حسرتون انهيءَ دل خور محبت جي ماڳ ۾ مريو، کپيو، وسريو وڃن، قسمت سان ڪو شاهه لطيف جهڙي پاڻ سمجهڻ واري انسان کي پنهنجو راز ڏئي راضي ٿئي ٿي ته ستارن تي سندن قدم هوندا آهن ۽ ملائڪ سندن دربان بڻجي بيهند ا آهن-
جانٰ جا ٻيا سڀ عضوا دل، ڦڦڙ، جيرا، بڪيون سڀ وڌي دنگ ڪري بيهه ٿا وڃن ۽ دماغ ته وڌندو ئي رهي ٿو، قربان جي دل ته ڪٿي دنگ ٿي بيهڻي هئي- پر سندس دماغ سوچيندو ويو ۽ وڌندو ويو، جيڪو زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي قدم رکندو اڳتي وڃي رهيو هو- جنهن سندس منظرن جي نظرن ۽ سوچن جي وجود تي آڻي حيران ڪري وڌو هو، هڪ چڱو خاصو پڙهيو لکيو هوندي به، محبت جون اعِرابي علامتون سمجهي ڪون پي سگهيو، گهر ۾ مذهبي تعليم هئڻ ڪري سندس ذهن تي مذهبي تصوف جو رنگ به چڙهڻ لڳو، جنهن جي فلسفي کان مڪمل ڄاڻو ڪون هو –
هن سوچن کي پنهنجي روح ۾ جذب ڪرڻ جي بجاءِ، محبت واري دل رهڙيندڙ جذبي کي جهڪو ڪرڻ لاءِ نماز پڙهي دل جي دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو-
محبت کي ڪوئي وسيلو سمجهڻ جي بجاءِ، محبت کي مقصد سمجهي پنهنجي مجازي محبوب عدن کي هميشه حاصل ڪرڻ جون ترڪيبون سوچڻ لڳو- جنهن کيس روز نئين پريشاني پي ڏني ۽ ان حاصلات کيس کي وڌيڪ اڪيلو پي محسوس ڪرايو ۽ هن اهو ڪون پي سمجهيو ته، اهو اڪيلائي وارو احساس منهنجي من ۾ محبت جا وڌيڪ شڪتي وارا شاميانا پيو اڏي جنهن ۾ مونکي سڀاڻي جاڳ جي جوڳ ۾ محبت ويهارڻ واري آهي ۽ مان اوڏانهين پيو وڃا جٿي انساني عقل جون ڪوششون ڪم ئي نٿيون ڪن.
هي، عشق ۽ مذهبي خيالن جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ۽ مٽاسٽا ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ مذهبي خيال کيس ڪنهن دائري جي دنگ تي بيهاري پي ڇڏيو ۽ عشق سندس هر خيال کي وڌائي پي ڇڏيو، مذهبي خيالن جا دروازا هن کي بند ٿيندي نظر پي آيا پر عشق جي خيالن جو دنگ نظر نه پي آيس.
جنهن مهل پنهنجي ديني قائدي کي خيال ۾رکندي نماز ٿي پڙهيائين ته ، وضو کان ويندي نماز ۽ پوءِ مسجهد مان ٻاهر نڪرڻ واري دعا به ڪون پي وسريس، پر نماز پڙهندي جنهن مهل پنهنجي محبوب عدن جي ياد وچ ۾ ايندي هئس ته، نماز جون رڪعتون به ساري ڪون پي سگهيو ۽ زمان و مڪان جي حد به نظر ڪون پي آيس، نڪي اُن مڪافاتِ عمل جي جزا ۽ سزا جو خيال يا کٽڪو پي جاڳيس ۽ پوءِ ان وقت واري نماز قائدي سان پڙهڻ جي بجاءِ رڳو سجدا ڪري اندازي ۾ نماز مڪمل پي ڪيائين.
پنهجي خيال ۽ جذبي جي ميلاپ ۾ هي پاڻ کي عجيب محسوس ڪرڻ لڳو، اهو سندس سچي محبت جو سچو اهڃاڻ هو، جنهن کي سمجهڻ لاءِ هن خود ۾ هڪ سٺي استاد دوست جي کوٽ محسوس ڪئي- پر ڪنهن به ماڻهو جي منهن ۾ سندس سٺايون ظاهري طرح لکيل نه هونديون آهن. تنهن ڪري سٺايون ڳوليندڙ کي پنهنجا ڪيترائي ثواب ۽ گناهه به ڳڻڻا ٿا پون ۽ سنسار ۾ پنهنجا سُور ولوڙي انهن مان مکڻ جهڙا اُجرا عمل ٺاهڻا ٿا پون.
عشق جي درياهه ۾ غوطا کائيندي پهريون ڀيرو قربان جي من مان مجازي اُڌمي جي ولوڙ سبب سندس دل جو آواز ڪن تي پيو-
هِن يار کان هُن يار تائين
ياد وچ ۾ جا رهي
ڪنهن ڇڏايو پاڻ تنهن کان
جا جگر کي وئي ڪُهي!
پر هن کي اها خبر نه پئي پوي ته “اهڙا لفظ اندر مان پاڻهي ڪيئن نڪتا، جنهن جي لاءِ شعوري طور ته مون سوچيو به نه هو!؟”
هن ڪافي ڪوشش ڪئي ته، اندر جي ان اڻلڀ اهڙي رهبر دوست کي ڳولي، پرکي وٺجي. پر اِنهيءَ خيال ته صدين کان پي سر کپايا، انهيءَ سوچ ته دنيا جي الئي ڪيترن ڌرمن کي ڌوڻا ڏئي انهن مان صوفي ازم جهڙو من شانت ڪندڙ ميوو حاصل ڪيو هو.
هن عشق جي تاريخ پڙهڻ چاهي ته، حضرت آدم کان کيس پنهنجي حالت تائين داستان جو دنگ نظر نه پي آيو- سندس من ۾ ڪنهن سان حال اورڻ جو خيال جاڳيو، پر ڪنهن کان وڃي پڇي، ته مان ساڳيو آهيان يا دنيا کي اهڙو نظر نٿو اچان، جهڙو ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، خود کي هر ڪنهن کان سياڻو وڌيڪ سمجهندو هئس- اڳ ۾ دوستن کي ڳولي، ڳولي هاسيڪار انهن سان سياسي، سماجي بحث پيو ڪندوهئس، انهن کي مون ڇڏيو يا مون کي ڇڏي ويا آهن-؟ مان اهو ساڳيو آهيان يا ڪا شئي مونکي اڪيلو ڪندي وڃي!؟”
انهن سڀني سوالن جا جواب ملڻ جي اميد کيس پنهنجي ناول نگار دوست، جمال ذاڪر ۾ هئس.
هڪ ڏينهن هن شام جي وقت پنهنجي ان ناول نگار دوست جمال ذاڪر کي ڳولي هٿ ڪيو.
هن اهو پنهنجو پاڻ سان قبول ڪري ورتو هو ته “شايد مون ۾ پاڻ سمجهڻ واري کوٽ آهي-”
ائين ته هر ماڻهو پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن کوٽ واري خفي ۾ رهيو آهي- ۽ هي ٻئي دوست به پنهنجي، پنهنجي جستجو ۾ کٽل!- گڏجي ويهندا هئا ته قصو کٽائيندي، کٽائيندي وڌائي ڇڏيندا هئا، ان مهل به ويٺا ته جمال ذاڪر کيس وقت جي اڀرندڙ سنڌي شاعره- رخسانه پريت جو شعر ٻڌايو-
“پهريئين پيار جي جيڪا رات گذري
سا رليءَ جي گهنجن کان پڇي ڏس!”
۽ قربان بغير سوچڻ، ويچارڻ جي هڪدم کيس شعر ۾ جواب ڏنو-
“پهريئين پيار جو جيڪو ڏينهن گذريو
سو دل جي ڌڙڪن کان پڇي ڏس!”
اهو سندس دل جي زباني ٻيو شعر هو- جنهن جي تخليقي عمل کان اڻڄاڻ هو ۽ کيس پوري خبر نه هئي ته ڪنهن قائدي موجب اهو هڪ شعر به چئي سگهجي ٿو.
هن جمال ذاڪر کان پڇيو“هي اهڙا خيال منهنجي دل ۾ پاڻهي، پاڻهي اچي ٿا وڃن ۽ پوءِ انهن تي آئون حيران ٿيندو آهيان ۽ اها حيراني مونکي پنهنجي فڪري منجهاري ۾ وجهي ڇڏيندي آهي. منهنجي شعر و شاعري سان ته ڪا دلچسپي نه رهي آهي، آئون سوچيندو آهيان ته، اهو سڀ ڪجهه ڇاپيو ٿئي، ڪڏهن توسان ائين ٿيو آهي؟”
جمال ذاڪر سندس منهن ۾ ائين ڏٺو، جو سندس چهري جي ريکائن ۾ ڄڻ پنهنجي ڪنهن ناول جي وساريل ڪردار کي ساريندو هجي. پر قربان جي اکين مان کيس پنهنجو عڪس نظر آيو ته هو جهڙو پنهنجو ئي حال اورڻ لڳو“هر ماڻهو اهڙي حال ۾ رهي ٿو قربان – پر پنهنجو سچو احوال ٻڌائڻ پنهنجي چريائپ سمجهي ٿو- اِن اهڙي اڻ ٻڌي ۽ گونگي حال تي ئي ناول لکبا آهن ۽ شاعريون ٿينديون آهن- ۽ ماڻهو پنهنجي ان حال کي ڪتاب جي شڪل ۾ ڏسي، ان کي پڙهي، ان کي ان ڪتاب جي سٺائي چوندا آهن- جيئن تو پنهنجو شعر ٻڌايو، پر تون پاڻ تنهن ۾ حيران آهين- پر جيڪڏهن توکان اڳ ۾ اهو شعر مان چوان ها، ته تون واهه، واهه ڪرين ها! سو انهيءَ ڪري جو، تنهنجي دل جو آواز، منهنجي زباني پي نڪتو. اسان سڀ ائين پنهنجي، پنهنجي فڪر ۾ حيران آهيون. پر اسان مان جيڪي پنهنجي دل جو حال، دوستن سان اوريندا آهن، اهي پنهنجي دل جو آواز پنهنجي زباني ڳالهائيندا آهن، ته هڪ عجيب ڪيفيت سان مسرت محسوس ڪندا آهن ۽ اها مسرت، سندن اصل جيئاپو هوندي آهي- ماڻهو انهن کي شاعر چوندا آهن، انهن سان پيار ڪندا آهن- اهي سندن ٻولي جي تاريخ هوندا آهن- ڄڻ سندن وجود هوندا آهن-تنهنجو شعر مونکي وڻيو قربان، شايد اهو شعر منهنجي دل سان گڏ ٻين به الائي ڪيترين دلين جو آواز هجي.”
جمال ذاڪر جي ان تفصيلي جواب تي ڪيترا ڏينهن سوچي، سوچي هن کي پنهنجي تخليقي صلاحيت جو احساس ٿيو، هن ڪجهه سمجهي به ورتو ته “صبح شام، رات ڏينهن پنهنجي محبوبا جي ياد ۾ مان سٺو شاعر به ٿي سگهان ٿو.”پر رڳو شاعري ته پنهنجي مجازي محبوب سان شادي ڪون ٿي ڪرائي سگهيس، شاعري ته يار جي وڇوڙي ۽ وصل- ٻنهي جي وچ ۾ ڏاهپ جو وسيلو هئي جيڪا کيس مومل جي محل جا منڊ- ٻيجل جي سُرندي وارا سُر- سهڻي جا سڏ- مارئي جون منٿون ۽ سسئي جا سور کيس سمجهائي پي سگهي عشق ۾ ڏاهپ- ڏکن کانسواءِ ٻيو ته ڪجهه به ڏئي نه پي سگهيس- شاعري ڪري شاعر ٿيڻ کانپوءِ سندس احساسن رڳو کيس سورن جو ن صلاحون پي ڏنيون، جن جي ابتدا ۽ انتها به کيس سمجهه ۾ نه پي آئي. زماني جي نظر ۾ ته اڃا چريو ڪون هو پر پنهنجي دل جي دنيا ۾ خود کي بنهه بي سمجهه پي سمجهيائين پنهنجي دوست جمال ذاڪر جي فلسفياڻين ڪچهرين مان سندس اداسي اڃا به وڌي پي وئي. سندس اندر ايترو اڃيو ٿي پي پيو جو کيس يقين ٿيڻ لڳو ٿي شاهه لطيف جي اڃياري ڪيفيت لاءِ سمنڊ- واقعي به سرڪيائين ڪانه ٿئي ها. ۽ هن پنهنجي وڃايل دل جي ڳولا ۾ هاڻ ڪنهن اهڙي پُرڪيف روحاني رهبر جي تلاش پي ڪئي. جيڪو کيس پنهنجي دل تي هٿ رکائي کيس چوي ته “هي هٿ به تنهنجو آهي، هي دل به تنهنجي آهي- پر هن جي ڪيفيت به تنهنجي آهي- هن جا سور، سپنا سڀ تنهنجا آهن ۽ هن جي حالت به تنهنجي حالت آهي- پر هن جي مرضي تنهنجي مرضي ناهي- هن جي حسرت جو هردم خيال رکڻوپوي ٿو- هن جي خيالن تي ڌيان ڏئي، ان مان خود کي خفا ڪندڙ خاميون چونڊي سڀ فنا ڪري ختم ڪرڻيون پون ٿيون- هن جي ايرادن واري اونهائيءَ ۾ لهي، خود کي ان جي لوڙهه کان بچائي- پنهنجي وجود ۾ وسعت پيدا ڪرڻي پوي ٿي.
دل جو راز، عشق جون اڻ ڳڻيون صلاحون هونديون آهن- ۽ عشق!! آدميت جي وجود جي انسانيت آهي- جنهن کي پنهنجي هڪ الڳ دنيا آهي- پنهنجو هڪ الڳ دين آهي- جنهن جو امام خود حضرت عشق پاڻ آهي- جيڪو زناني روح جيئان رُسڪڻو ۽ ملان جيان ٻي ڪنهن جي ڪا به نه ٻڌندو آهي!
عشق علم جو بادشاه آهي ۽ عقل تي حڪومت ڪندڙ آهي ۽ دل سندس تخت گاهه آهي- سندس کاڌو ماڻهو جو گوشت ۽ اڃ انساني سونهن اٿس.
هو دل تي آڙاهه ٻاري هڏن کي جلائي ڪوئلو ڪري ان مان حسينن جي اکين لاءِ سرمو ٺاهيندڙ آهي.
پر اهو ياد رکڻو پوندو ته، دل جو حسددوزخ جي باه آهي ۽ نيت جو ساڙ ان جو ٻارڻ آهي!”
پر قربان جي دل، پنهنجي مجازي محبوب جو آواز کانسواءِ فلحال ته پنهنجي خدا جو آواز ٻڌڻ به پسند ڪون پي ڪيو.
خدا- ، جنهن خود کي گناهه بخشيندڙ ٿي- پاڻ کي انسان ۾ ڳجهو ظاهر ڪيو هو ۽ انسان ان ڳجهه جي ڳولا ۾، خود کي وساري، جِيءَ جو جبل جهاڳي، تڪيا ۽ طريقتون ٺاهي، تسبيون پڙهي، خود کي ليکا پي ڏنا!
قربان به ته اهو ئي انسان هو، جنهن ۾ خدا پنهنجون ڳجهيون نشانيون رکيون هيون- سندس من جون ڪوتائون، جيڪي هن لکي انهن تي سوچيو به ڪون پي- اهي پنهنجي اصليت ڏانهن وٺي پي ويس ۽ پنهنجي مجازي محبوب جو آواز، جنهن ۾ سندس سچي خدا جي سڏ جا سچا سُر سمايل هئا- سو آواز ته هي ڄڻ پنهنجي هڏن ۾ ڪا هيڻائي پيو سمجهندو هو.
سندس سوچن ۾ مجازي خيالن جي ٻريل باهه، پنهنجي محبوب جي منهن ڏسڻ سان ٺرندي محسوس ڪندو هو- پر اصل ۾ اُها باهه ٺرڻ جي بجاءِ، پنهنجي محبوب کي وري ڏسڻ لاءِ سندس اکين مان اچي اڀرندي هُئي- ۽ پوءِ سندس اکيون به ساڻس ويري ٿي وڙهڻ لڳنديون هئس- اکين جي ان انگل کي مڃائڻ ۽ ماٺو ڪرڻ خاطر هن سنڌ جي صوفي بزرگن جي مزارن جا سلام ڀري اکين کي آسرا به پي ڏنا ته ان درد لاءِ ڪي دلاسا ڏيندڙ ڏاها حڪيم به پي پڇايا.
سڄي سنڌ ۾ نوجوانن جي اهڙي عشق واري آزار لاءِ، پيار جا ڄاڻو پروفيسر اڻلڀ هئا- سموري سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اهڙي درد سان هاسٽلون ڀريون پيون هيون- ڪيترا اهڙا پريمي هئا جيڪي پنهنجي سچائي ۾ سرمد کان گهٽ ڪون هئا، انهن ۾ سچل سرمست جهڙو ساهه ، بلي شاهه جهڙيون اکيون هيون، شاهه لطيف جي بيت جهڙا ڀلوڙ برهه جا باوَرا سڙي اڳڙيون پي ٿيا- نه رهبر، نه همراهه مسافر-!
دل جي اڪيلائي ۽ عشق جي آزار، وقت کان اڳ سندن عمرين کي پوڙهو پي ڪيو.
سڄي سنڌ، عشق، امن ۽ پيار محبت جي تهذيب ۾ ائين پليل هئي ڄڻ صدين کان سنڌ جي زراعت ۾ به محبت ۽ امن پوکيو ويندو هو- سڪندر اعظم کان به هزارين سال اڳ، سنڌ ۾ آباد سنڌي آدم جي اکين ۾ پيار هو- دل ۾ امن هو- نيت ۾ نَهٺائي هئي ۽ لباس ۾ عشق جي خوشبوءِ هئي.
اهو ئي ساڳيو محبت جو ٻکن ڀريو ٻج قربان جي خمير ۾ هو، جنهن سندس من ۾ مهراڻ جي موج جهڙيون ڇوليون ڀري لطيفي لات پي پيدا ڪئي ۽ هن جي من کي ڄڻ ڪا مصنوعي باهه لڳل هئي، جنهن کيس پنهنجي مجازي يار جي قدرتي سونهن جو ساقي بڻائي ڇڏيس- جيستائين پنهنجي جانب جون اکيون نه ڏسندو هو، تيستائين هن کي ڪوري گهڙي جو پاڻي به ڪون وڻندو هو.
جيستائين ان جا رخسار نڪ ۽ وار نه ڏسندو هو ته هن کي جهان سڄو اونداهه نظر ايندو هو- هُن جو آواز سندس اُڌمن کي ماٺار ڏيندو هو.
سندس ڪيفيت کي هڪ عجيب اڃ لڳل رهندي هئي، جنهن کي هن هر وقت اُجهائڻ جي ڪوشش پي ڪئي- پر هي ان سڪ جي سمنڊ ۾ اڪيلو اداس ۽ اڃيارو، ٻيڙيءَ بنا سونهن جي سمنڊ ۾ لٿو هو. سڃو سر ته ماڻهو کان اڙهانگي سفر ۾ ساڃاهه کسيو وٺي ۽ اڻڄاڻائي وچان اوچتو ڪنهن اوڙاهه ۾ ٻڏڻ وقت، ماڻهو خود کي ته ڇا، پر پنهنجي ابي، اولاد ۽ خدا کي به وساري ڇڏي! هي ته ان اوڙاهه ۾ لٿو هو ، جنهن ۾ تارُو به توبهه ڪري، جيڪي گهڙيا سي ٻڏا ۽ جيڪي تڙ تي رڳو اميد ۾ اکيون اٽڪائي ويٺا تن کي ته سڌون ڪندي سج لهي ويو ۽ عمر اونداهين ۾ اجائي گذري!
قربان انهن بدنصيب اونداهين کان اڳ ۾ پنهنجو پيار پائڻ پي چاهيو. پر هي هڪڙو ئي اڪيلو انسان پيار، سياست، شادي، اولاد، پيٽ، ساهه، دنيا ۽ وري سڀ کان وڌيڪ وڏو وزن سندس خدا ۽ پوءِ موت!
هي هڪڙو انسان ، جيڪو پنهنجن عضون کان وڌيڪ گهڻن معاملن ۾ ورهايل آهي- جنهن جي گهيري- زندگي جي هر ضرورت تي ائين گرفت رکي ، کين پڪڙي رکيو آهي، جو زندگي جا عضوا ته ٽٽيو وڃن پر ضرورتن جي پڪڙ نٿي ٽٽي ۽ خواهشن جي زنجير نٿي ڀُري!
عمر کان وڌيڪ خواهشون پوڙهيون ٿيو وڃن، پوءِ عمر مري ٿي پوي ۽ حسرتون ماتم ڪنديون رهجو وڃن!
پر جڏهن محبت ماڻهو جي مانَ ۾ ڀليڪار ٿي چوي، تڏهن زندگيءَ جون باقي سڀ ضرورتون ان جي اثر هيٺ دٻجي خاموش ٿيو وڃن ۽ هجر جو هُل باقي صدائن کي هيڻو ڪريو ڇڏي.
قربان کي پنهنجي سرڪاري نوڪري جي فرض ادائگي کان وڌيڪ پنهنجي محبوبا جي محبتي ملازمت جو شوق وڌڻ لڳو هو- پرسا ته، سيد گهراڻي جي هئي. تنهن جا نوڪري ڪندڙ خادم، خليفا اڳيئي گهڻا هئا، هي ته محبت کان علاوه باقي اُمتي کان وڌيڪ ڪا حيثيت ڪو ن رکندو هو- رڳو سندس سونهن جو مريد هو- چڳ وڍيو مريد ڪون هو- جو ڪنهن بهاني سندس قدمن جي مٽي ٻهاري ها يا حويليءَ جون مَٽيون ڀري ها. جنهن جا ماڻهو مُريد هجن اتي محبت واري مريدي پنهنجي اهميت ۽ سڃاڻپ جي لاءِ سواءِ اکين جي باقي زبان ته عام طور ڳالهاءِ ڪون ٿي سگهي.
هُوءَ سيد خاندان جي خليفياڻين جي خاص البيلي، سندس نالو به “عدن” ڄڻ ته انهيءَ عدن باغ جي حُور هئي، جنهن ۾ قيامت واري فيصلي کانپوءِ خدا جا خاص دوست آرامي ٿيندا- پر قربان ته اڃا رڳو پنهنجي دل ۾ پنهنجي خدا جي دوستي واري دعويٰ جي ڪا مس شروعات ڪئي هئي، سو جيئري ئي بنا ڪنهن پڇاڻي جي هي ڪيئن پي ان باغ ۾ آرامي ٿي سگهيو. توڙي جو عدن جون اکيون به هن لاءِ آتيون هيون- هوُ پنهنجي ڪنهن خاص خليفياڻي جي معرفت قربان سان پنهنجا قرب ونڊيندي پنهنجو ساهه، قلب سڀ قربان جي نالي ڪيو ويٺي هئي- هُوءَ لکي پڙهي ۽ لبرل ذهن واري ڇوڪري هئي- هُن وٽ ذات پات جي ڪا اهميت ڪون هئي- هن وٽ ايم- اي جي ڊگري هئي- شروع ۾ هي اپر سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ جا رهندڙ هئا- سندس پيءُ رانجهن شاه زميندار هوندي به وڏو چور هو، پوءِ پاٿاريدار ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي علائقي ۾ دشمنيون وڌي وڃڻ جي ڪري اتان لڏي لاڙ ۾ سنڌونديءَ جي ڇوڙ واري ان علائقي ۾ اچي ويٺو جتي قربان وارا اڳيئي آباد هئا- سندن وچ ۾ ڳوٺ جو فاصلو هڪ ڪلوميٽر کان به گهٽ هو.
رانجهن شاه لوفر ذهن هوندي به هن ۾ اها سٺائي هئي- جو هن پنهنجي نياڻين کي سٺي تعليم ڏياري هئي- شايد سو ان ڪري به هجي جو کيس پت جو اولاد ڪون هو-
سنڌ جي ساحلي پٽي تي اچي ويهڻ کانپوءِ هن جو ڌيان اسمگلنگ واري ڌنڌي ڏانهن ڇڪجي ويو- جنهن ۾ هن ڪراچي جي هڪ وڏي اسمگلر، سيٺ عمر ڦلياڻي سان پنهنجي لائن ڪنهن طرح سان ٺاهي ورتي ۽ هاڻ هي ان اسمگلنگ واري ڌنڌي ۾ سيٺ عمر ڦلياڻي جو اهم ماڻهو هو.
_______________