باب پنجون
ٻڌ ڌرم ۽ هندو ڌرم ۾ بنيادي مذهبي اختلاف هئا، جيڪي تاريخي حيثيت وارا هئا.
تامل هندستاني، پورهئي جي سانگي، هندستان مان سريلنڪا ۾ اچي رهيا- (جيئن مهاجر سنڌ ۾ آيا) ۽ پوءِ اتي پنهجي لاءِ سريلنڪا جو الڳ ورهاڱو گهرڻ لڳا، سندن ان ناجائز گهر ملڪ ۾ مذهبي ۽ نسلي مت ڀيد ۾ ايتري ته خونريزي ٿي، جنهن ۾ سريلنڪا، جيڪو پنهنجي خوبصورتي جو مٽ پاڻ هو، جنهن جي نارين تي بغداد ۽ دمشڪ جا حاڪم به مست هوندا هئا، تنهن جا ناريلن ۽ چانهه جا باغ ۽ عاليشان مندر تباهه ۽ برباد ڪيا ويا ۽ اتي به پناهه گير ڪيمپون لڳيون!
۽ افغانستان، جنهن مان روس جو قبضو ڇڏائي، پنهنجو هٿ، قبضو ڄمائڻ خاطر امريڪا، طالبنائزيشن ذريعي، افغانستان جا آنڊا اُڊيڙي ڇڏيا هئا.
افعانين پاڻ ڀڄي، پاڪستان ۾ اچي سر لڪايو ۽ سنڌ ۾ هڪ دفعو وري به پناهه گير ڪيمپون لڳيون ۽ پوءِ اهو سلسلو، بهارين، بنگالين ۽ هندستانين جي شڪل ۾، ڌارين جو سنڌ ۾ اچي رهڻ شروع ٿي ويو.
ائين افغانستان جو آفيم ۽ هيروئن وارو واپار جرنلن جي ڳجهن ادارن ذريعي سنڌ ۾ عام ڪيو ويو.
انکان اڳ ۾، سنڌ ۾ آيل لکنو جي ڪوٺن تي ڪؤنرا ڀريندڙ، رقاصائن جا دلال، چور، بشني ۽ ڪيترائي رول، جن جي انڊيا ۾ ڪا پراپرٽي ڪان هئي، انهن کي سنڌ ۾، اڏيل ۽ آباد ٿيل شهر ۽ واڻين جون ڇڏيل جاگيرون ۽ عمارتون مفت ۾ ڏنيون ويون ۽ جڏهن سنڌ ۾ بکون لاهي ڍؤ ڪيائون، ته بدمستي ۾ اڳيان، پويان آيلن گڏجي، انهن به تاملن جيئان، پنهنجي بدنيتي سان سنڌجي ورهاڱي جا نقشا ٺاهڻ ۽ ورهائڻ شروع ڪري ڏنا ۽ سنڌي مهاجر فساد شروع ڪري ڏنو. جنهن ۾ سنڌين جو روڊن تي رت وهايو ويو، عزتون لٽيون، ماڻهو شهرن ۾ اغوا ڪري قتل ڪيا پي ويا، عورتن جا بُبا ڪپي، انهن جي شرم گاهه تي سندن تنظيمن جا ٺپا هنيا ويا- ۽ پوءِ ان ويڙهه دوران سندن ڳجها ادارا، سياسي بليڪ ميلنگ ڪري، آيلن کي وڏا، وڏا قرض ۽ وڏيون وڏيون نوڪريون ڏنيون پي ويون، ۽ انهن کي سنڌ جي وڏن شهرن تي قابض ڪيو پي ويو، انهن شهرن ۾ سنڌي پنهنجي ٽوپي لاهي ورن ۾ لڪائڻ لڳا.
انهن بدنيتي سان ان هٿرادو بغاوت کي، نسلي ويڙهه جو نالو ڏئي وڏن شهرن ۾ پنهنجا ٽارچر سيل ٺاهي ڇڏيا، جنهن ۾ سنڌي نوجوانن جي عزت، غيرت ۽ سر، ساهه جولابارو ڪندا رهيا.
ان اهڙي تاريخ جو ڪجهه عرصو قربان جي اکين اڳيان به گذريو هو، پر اهو اذيتناڪ جذبو ۽ ڌارين جو سنڌ بابت رٿيل، سندن مستقل مفاد، سو قربان جي ذهن مان نڪتو ته ڪون هو، پر سياسي غير سنجيدگي سبب قومي غيرت جو جذبو ڄڻ ته ٺري ويو هئس.
هي صوفي ازم جي لفاظي، رول ۽ پيداگير پيرن وٽ جهڙو ڦسي ويو هو، ان دوران انهن پيرن جي پڳداري تي ملا آزم اچي منهن وڌو هو.
سنڌ ۾ وهابيت واري فرقي، نه رڳو صوفي ازم جي تڏا ويڙهه ڪرڻ واري نيت پي ٺاهي پر پيرن، فقيرن جي ساهه ۾ به منجهه پيدا ڪري وڌي هئي، ۽ اها ملا ازم به جرنلن جي معرفت، طالبان جي مدد سان سنڌ ۾ هڪ نئون مقتل گاهه بڻايو پي ويو.
سڄي سنڌ ۾ صوفين جي مزارن تي، صوفي راڳ جون محفلون ۽ سماء جو هُل ٻڌو پي ويو، پر اُتان به سواءِ صوفي شاعري جي، باقي جيئڻ ۽ جيئارڻ وارو درس باقائده ڪنهن تنظيمي شڪل يا ڪنهن نظم و ضبط سان نظر ڪون پي آيو.
ساڳي طرح راڳ ته، شاهه لطيف، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي درگاهن تي به تسلسل سان هلندڙ هو، پر سا، شاهه لطيف جي واِئي، جنهن لئي ۾ ڳائي پي وئي، سا عام کي ته ڇا پر خواص به ان سمجهه کان قاصر هو. ۽ ايتري به سمجهه ۾ ڪون پي آئي، جو ماڻهو روح جي گهرائي ۾ لهي، پنهنجي خدا، پنهنجي انسانيت، سان، قومي جذبي جي معرفت حاصل ڪري، پنهنجي پياسي فڪر کي آب حيات جو پيالو پياري، ان مان حقيقت حاصل ڪري، سماج ۾ ڪو امن، سڪون، ڀائيچارو ۽ اتحاد قائم ڪري، انسان کي انسانيت تائين رسائي، بس، شاهه جي ڪلام جو ماڻهن ۾ رڳو احترام هو! ۽ اهڙي اعليٰ عظمت وارو انسان ته ڄڻ اڻ لڀ هو، جيڪو شاهه لطيف جيئان هڪ دفعو وري به:
وَتَواصَو بِاالحق وَتَواصَو بِالصبر
“پاڻ ۾ صلاح ڪندا رهو حق سان ۽ پاڻ ۾ صلح ڪندا رهو صبر سان”
يا- العشق حجاب بَين العاشق وَالمعشُوق
“عشق، عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ هڪ پردو آهي.”
ان عميق علم کي عام ۾ صاف بيان ڪري، ماڻهن جون دليون ڌوئي، عشق، انسان ۽ خدا واري فڪري منجهاري وارو منجهيل سٽ ۽ قلب ۾ ڪڙهيل ڪرب کي پنهنجون ڪوتائون ٻڌائي، سنڌ جي ٺري لاش ٿي ويل فڪر کي پنهنجو پساهه بخشي.
ان اهڙي اڻاٺ جي سبب قربان به پنهنجي يار جي تار ۾ غوطا کائيندي ان حالت کي اچي رسيو، جو هن عام سان هاڻ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو، ڪنهن ڪجهه چيس پي يا ڪنهن ڳالهايس ته، هن شاهه لطيف جي اڻپورن بيتن سان جواب پي ڏنو.
مثلن- جيڪي ڏنائون، سو سر ڏئي سهه جندڙا (شاهه)
يا- انا عبد معبود تون، اتي نه شرڪ، شڪ ڪو. (شاهه)
يا وري هيئن به پيو چوي:
سڏ مَ ڪر، سڏڻ ري، هلڻ ري مَ هل،
جلڻ ري مَ، جل، روئڻ ري متان روئين.
(شاهه)
اهڙي طرح گهرواري سان رشتو گهٽائي ڇڏڻ، اناج نه کائڻ ۽ پوءِ وري عام سان نه ڳالهائڻ، ائين زندگي جا اڻپورا ۽ مختلف فيصلا ڪندي، پنهنجي عمر جو وقت، ڪنهن ڀڳل ٿانءَ ۾ پاڻي وانگر وهائيندو ويو.
اڻڄاڻائي ۾، پنهنجو پاڻ تي سختيون ڪندي، مهينن جا مهينا، شاه لطيف جا بيت به چوڻ ڇڏي پي ڏنائين، ۽ وري جيڪڏهن ڪنهن سنگت موالي مفت جو چرس گهڻو پي پياريس ته وري به شاهه لطيف جا بيت، ساڳي طرح سان شروع:
اڳ پوءِ مران، مر مران مارڳ ۾. (شاهه)
يا-
گڏيي جي هوت، ته دين سڀوئي دور ٿيا. (شاهه)
۽ ان سان گڏ، ڪنهن، ڪنهن مهل وري پنهنجي شاعري به چوي:
“پنڌ نه پڄاڻي، اڻ ڪوٺي ڪيڏانهن وڃان.”
يا وري-
“رڙهان ۽ رئان، ته به نه رسان راهه کي”
۽ وري ڪيڏي مهل پيو چوي:
“پيئي پڇايان پاڻ جيڏيون،
هڪ جيڏيون
پر آ هرڪا، پاڻ وڏيري!”
اهو سڀ رڳو، پنهنجي رهبري ۾ پاڻ پرڀائڻ ۽ پاڻ وڻائڻ وارن ماڻهن جيان پي لڳو، ۽ اهڙا ڪيترائي نو عمر نوجوان، سنڌ ۾ اهڙين ڪيفيتن ۽ حالتن جو شڪار هئا.
اهڙين حالتن دوران، سياسي نقطي نگاهه کان، سنڌ کي غلام رکڻ جا وڌيڪ سياسي وار ڪيا پي ويا، ۽ ڪنهن مهل ته ائين پي لڳو، ته ورهاڱي کانپوءِ، آهستي، آهستي اهڙيون حالتون بڻايون پي ويون، جو ملڪ جا سياستدان حڪمرانن سميت، ملڪ جي سڀني قومن کي غلامي ۾ رکي، ملڪ کي سلامتي سان هلائڻ وارا وڏا وس ۽ حيِلا ڪيا پي ويا، پر آزادي ته انسان کي ازل کان عطا ٿيل آهي- پوءِ به بنگالين پنهنجا ٽيهه لک ماڻهو ڪهائي پنهنجي آزادي حاصل ڪري ورتي.
1971ع ۾ ملڪ جي پيڙهه جو پٿر ائين اُکڙيو، جو باقي ملڪ پنهنجا پير سنڀالڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.
ملڪ جا حڪمران قتل ٿيڻ شروع ٿي ويا.
انصاف جي انتظار ۾، ماڻهن جون نظرون فوت ٿيڻ لڳيون.
انصاف گهرندڙ، انصاف لاءِ دانهيندي مري پي ويا، ۽ انصاف وقت کان وڏو ٿي ويو!
سياستدانن تي، ڪوڙن ڪيسن وارو عمل عام ٿيڻ لڳو!
ملڪ، جرنلن ۽ ڪرنلن جي ڪرامت جي ور چڙهي ويو!
رٽائرڊ فوجي، سنڌ جا ڪامورا بڻائي، وڏن عهدن تي مقرر ڪيا ويا ۽ انهن کي سنڌ جون زمينون ڏئي جاگيردار بڻايو پي ويو!
تعليم کي تباهه ڪري، بيروزگاري وڌائي، سنڌي ماڻهن کي عشر ۽ زڪوات جي نالي ۾ پنائڻ سيکاريو پي ويو!
هر ماڻهو ۾ بک جي وحشيت پي وڌي وئي!
سنڌ جي اڻ پڙهيي زميندار ۽ وڏيري کي وڏن عهدن جون لالچون ڏئي ڳڙ جي آڱر چٽائي، انهن ڪم ظرف جاهلن کي، رڳو نالي ماتر سرڪاري عهدا ڏئي، استعمال ڪري، ڪارو ڪاري جا بهانا ٺاهي، قبيلن ۾ فتنو ۽ فساد پکيڙي، سنڌ ۾ بدامني پيدا ڪري، قومي نسل ڪشي پيدا ڪئي پي ويئي.
پر، سنڌ ۾ شاهه لطيف ستل هو، مخدوم بلاول جو صدقو سلامت هو، سچل سرمست جون صدائون زنده هيون ۽ مڪليءَ تي، سنڌ جا اڻ ڳڻيا عاشق زنده مدفون ٿيل هئا.
انهن سڀن جو پوکيل، سنڌ ۾ امن، ڪنهن جي فنا ڪرڻ جو نه هو، ڀارت، افغانستان ۽ بنگال ۾ پني کائيندڙ پيرين اگهاڙا، سنڌ ۾ آڻي آباد ڪيا پي ويا، ۽ انهن جي ذريعي سنڌ ۾ قتل ۽ غارت ڪري، دهشت ڦهلائي پي وئي. جنهن سان سنڌ جو نئون نسل پنهنجو مهاڏو اٽڪايل هو.
سنڌي قوم کي نمبردار آزما بڻايو پي ويو، نوجوانن لاءِ نوڪرين جا دروزا بند ڪري، انهن لاءِ نشي جو ڪاروبار عام ڪيو پي ويو.
تعليمي ادارن ۾، سياسي دهشتگردي کي ڇوٽ ڏني وئي!
عام ماڻهو، پنهنجي اولاد مان پنهنجوٻار وڪڻي، گهر جو اٽو، لٽو وٺي جهان ۾ جيئڻ لڳو!
قوم جي تهذيب سان چرچا ڪري، ان جي تذليل ڪئي پي وئي!
سنڌي سياستدان، پنهنجي مرڪزي آقائن جي اندروني حڪمت عملين جا غلام بڻجي، پاڻ کي پنهنجن مفادن جي معاهدن ۾ ڦاسائي ڪمتر بڻجڻ لڳا!
هر حيلي سان، اليڪشن ۾ پاڻ کي چونڊائي، اسيمبلي ۾ ويهندڙ اهي وڏيرا، انهن مان هڪڙا چرس، ڀنگ ۽ ٺري جا موالي، ٻيا عورت جا موالي ۽ باقي جيڪي ان مرض کان بتا هئا، سي ڪتن جون مزارون اڏيندڙ شڪار جا مريض هئا.
اهڙي حالات ۾، جيڪي قومي وحدت جا پاسدار هئا، سي بي يارومددگار هئا، انهن لاءِ ملڪ جو ايندڙ، هر نئون حڪمران سنڌ جي انهن شڪارين ۽ موالي اقتداري طبقي جي هٿان، موت جا وارنٽ کڻي پي آيو.
حق گهرندڙ کي، ڪڏهن ڌاڙيل سڏي گوليون هنيون پي ويون ته ڪنهن کي ملڪ دشمن چئي ڪٺو پي ويو.
ڪڏهن هٿوڙا گروپ ٺاهي، ماڻهن جا مغز چٿيا پي ويا، ته ڪڏهن منهن مٿا ڪوڙي، ڪَوڙا هڻي، قيد ڪري ڪمزور ڪيو پي ويو!
اهو سڀ قربان جي ڀاءَ، حافظ امين، جيڪو دين جو عالم به هو- تنهن به پڙهيو، ٻڌو ۽ ڪجهه ڏٺو پي، پر سو، ملڪ ۾ مذهبي فرقا بندي واري بي رحم سياست۾ ويٺل هو، جنهن جي خبر سندس پيءَ گل محمد کي به پوري طرح اڃان ڪون هئي.
ملڪ ۾ ڳجهن ادارن، مذهب ۾ نئون جنون پي اُڀاريو، چوڏانهن سؤ سالن کان پوءِ، سنڌ ۾ مسلمانن کي وري نئين سري سان مسلمان ڪيو پي ويو.
مسلمانن جي ايمان جو لائسنس Renew ڪرڻ لاءِ، حافظ امين جهڙن نوجوان جنوني ملن ۽ متولين کي، مذهبي آزادي جي نالي سان منجهايو پي ويو!
سڄي سنڌ، عوام کان اقتداري ڌرين تائين، قوم، پنهنجي قومي وجود واري احساس ۽ قرباني واري جذبي کان محروم ٿيڻ لڳي .
بک ۽ بدحالي ۾ هرڪوئي پنهنجي خدا جي ياري ياد ڪرڻ لڳو.
تڏهن قربان اهو ڪو ڏوهه ڪون پي ڪيو، جو شاهه لطيف جي بيتن جي هڪڙي تُڪ ياد ڪري، پنهنجي دل کي عشق جو وضو به پي ڪرايو، ته سنڌ ۾ صوفي ازم کي زنده رکڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش به پي ڪئي. جيڪا حافظ امين کي هرگز پسند نه هئي، حافظ امين جي سوچ ۾ ته “قربان سارو ڏينهن ڪفر ٿوبڪي!”
ٻنهي ڀائرن ۾ نظرياتي طور به وڏو فرق هو، پر اهو رڳو انهن ٻن ڀائرن جي وچ ۾ اهڙو فرق ڪون هو، بلڪ سڄي سنڌ پنهنجي محروميت جي سبب ڪنهن تبديليءَ جي راهه ڏانهن ڊوڙندڙ هئي .
حافظ امين، جنهن وهابيت واري فرقي جو پرچاري هو، سنڌ ۾ صوفي ازم، اهڙا ڪيترا جنوني فرقا پنهنجي فلسفي ۾ فوت ڪري چڪو هو.
قربان چوندو هئس “اوهان ته مسجد ضرار کان، اڄ اڃا تائين پنهنجي ايمان جي آزمائش ۾ اٽڪيل آهيو- خدا، جنهن آدم کي پنهنجي صورت ۾ ٺاهيو، اُهو سڄو اوهان کي عيبدار ٿو نظر اچي، عبد ۾ معبود، اوهان کي پندرانهن صدين ۾ به نظر نه آيو - توڪل ۽ يقين به ته، مذهب چئبو آهي- رڳو گناهه ڳڻڻ سان، نيڪين ۾ واڌارو ڪون ٿو اچي - سڄي عمر گناهه ڳڻيندي، پنهنجي بيگناهي جي بخشش ۾ گذاريو ٿا - ۽ مرڻ تائين، بخشش جو پورو يقين اوهان کي نٿو رهي - جنهن کي خدا پنهنجي صورت تي جوڙيو، اوهان کي برائي رڳو ان ۾ نظر آئي - ماڻهو سان چڱائي ڪر ته ان جو يقين دل کي ٿي پوي ٿو - خدا سان چڱائي ڪندي، اوهان کي ان يقين جي خاطري ڪندي، ڪندي موقت اچيو وڃي. چڱي ماڻهو کي مرندي اوهانکي برائي نظر نٿي اچي - وچينءَ واري وضوءَ جو سانجهي واري نماز تائين يقين نٿو رهي - ۽ سانجهي واري وضوءَ جو سومهڻي واري نماز تائين اوهانکي پليتي پڪڙيو وٺي.
“امام تي جماعتي جو يقين نٿو رهي - انهيءَ ڪري جو، هو جيڪا قرات پڙهي ٿو، ان جي مطلب، معنيٰ جي کيس پوري خبر نٿي رهي- جمع جي خطبي ۾، صوفي شاعرن جا غزل پڙهو ٿا ۽ واعظ ۾ انهن کي ڪافر سڏيو ٿا- انهيءَ اڻپوري ۽ اڌوري نيت، اوهانکي پنهنجي سچي خدا جي دوستي کان پري رکيو آهي- ۽ اوهان انسان کي، خدا کان روز پري ڪندا وڃو.”
قربان، جنهن مهل به ائين نيم حڪيم ۽ نيم ملا- واري محاوري تي کليل لفظن ۾ آزادي سان کيس چوندو هو، ته حافظ امين جي تنگ ظرفي، پنهنجي جنونيت ۾ اچي، سڀ ڪجهه مذهب کي ئي سمجهي غيرمهذب انداز ۾ چڙي پوندو هو، ۽ وڏو ڀاءُ هوندي به قربان تي آڪرو ٿي چوندو هو “هوا ته ساهه کڻڻ جي به ڪم اچي ٿي- پر پيٽ جي هوا، پليتي کانسواءِ ڪجهه به ناهي - هوا سان، باهه به ٻاري سگهجي ٿي- پر دماغ ۾ هوا خودي کي جنم ڏي ٿي، جنهن مان ابليس جو اولاد جنم وٺي ٿو- يقين ته موت جو به هر ماڻهو کي آهي - پر دنيا جي مزي ۾، موت جي خاطري کيس مرڻ وقت به نٿي رهي!
“قرآن پاڪ، ڪنهن جي پيءَ جي ٻولي ناهي، الله جي ٻولي آهي، ان کي جيئن جو تيئن پڙهي پيش ڪرڻ، سندس احڪامن ۾ شمار آهي - ڪير ان کي نٿو سمجهي، ته ان کي خدا کانسواءِ ڪير ٻيو نٿو سمجهائي سگهي - پر جيڪا نشي جي حالت ۾ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، سا نه خدا جي ٻولي آهي نه بندي جي- پر اها ٻولي وقت سمجهي ٿو ۽ وقت ان ٻولي جو شاهد رهي ٿو- جن جون برايون وقت بيان ڪندو آهي- پوءِ به بُرن کي پنهنجي برائي جو يقين نٿو رهي.
جيڪو نشو، شفا جي بدلي عادت ۽ عذاب بڻجو وڃي، انهن کي خود جيئان پنهنجو اولاد به ياد نٿو رهي.
“شاعرن جون چيل ڳالهيون، سندن ئي سزائون آهن، تڏهن، جڏهن هو جيڪي چون ٿا، ان تي پاڻ عمل نٿا ڪن، رڳو ٻين کي صلاحون ڏيئن ٿا!”
“او... پنهنجي دل جي دين جا دشمن، حافظ ڀاءَ-قربان چوڻ لڳو- هر ٻولي کي پنهنجون ڪيفيتون هونديون آهن- ۽ سندن هر ڪيفيت کي، لفظن ۽ جملن جي شڪل ۾ نٿو اظهاري سگهجي- انسان جي زبان مان نڪرندڙ ٻولي، تنهنجي، منهنجي پيءَ جي ٻولي ناهي- الله جي حڪم جي ٻولي آهي- اها به جيئن جو تيئن ڳالهائڻ، سندس حڪمن ۾ شمار آهي- هي ابن آدم ته، اڄ به الهامي احڪامن جو محتاج آهي- پر دين، ڌرم جي اکرن ۾ اڙيل- انسان جي زبان کي ملندڙ روز جي حڪمن کان اڻڄاڻ آهن- ان کي ته رڳو عشق ئي پڙهي، سمجهي سگهي ٿو.
جيڪا هوا خود ي کي جنم ڏي ٿي، ان هوا ۾ ته خود خدا رهي ٿو!
موت جي خاطري ته اُهي ڪن، جن کي تو وانگر ماني سان محبت هوندي آهي- محبت ۾ ته ماڻهو موت کان اڳ مريو وڃي.
“جيڪي شاعر ڳائن، چون ٿا، سو ته انهن کي پنهنجي حبيب کان چورايو وڃي ٿو- تون ته اها ٻولي چئي، ڳالهائي ڏيکار؟
جن کي تون صلاحون ٿو سمجهين، سي ته عاشقن جون صدائون آهن- سي سڀ عشق جون ڳالهيون، دين جا دوست سمجهي ناهن سگهندا- هي خدا جي دوستن جون ڳالهيون آهن، منهنجا حافط ڀاءُ!”
“آئون سڀ سمجهان ٿو- پر تنهنجي سمجهه توکان کٽندي وڃي- حافظ امين چوڻ لڳس- جن کي تون عاشقن جون صدائون پيو سمجهين، سي ته سندن غلط عملن جون دانهون آهن- بيگناهه ته ڪيربه دانهن نٿو ڪري- تون به ته، سيدن جي نياڻي سان نينهن لڳائي، پنهنجي غلطيءَ جو پاڻ فريادي بڻيل آهين- پر پاڻ کي ايتري پڇتاءَ ۾ وٺي وڃڻ سان، تو پاڻ کي دين دنيا مان ڪڍي ڇڏيو- جيڪي پوکيندين، سو ئي لڻندين- ڪجهه ماڻهو سڄي دنيا لاءِ پنهنجو عمل پوکيندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهن جي پوکي تووانگر رڳو پنهنجي ذات تائين هوندي آهي - خدا جو ته هڪڙو ئي دوست آهي، سو آهي انسان، جنهن کي اڃا تون سمجهي نه سگهيو آهين!”
بس پوءِ ان مهل حافظ امين جي ان مذهبي مناظري جو منهن ڇڏي، پنهنجي ذهني سڪون ۽ دل جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ، گهرجي ان اونداهه ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو جتي هو، پنهنجي اندر ۾ لهندي، خود کي پنهنجي خدا جي ويجهو تصور ڪندو هو.
هي پنهنجن سوچن مان ائين پيو سمجهندو هو ته “اونداهه ۾ اڪيلو ويهي، پنهنجن خيالن سان پنهنجو اندر جاڳائي ۽ پوءِ پنهجي من اندر ۾ لهي وڃڻ سان، ظاهري توڙي باطوني ڪيفيتن، حالتن ۽ عملن ۾ پائيداري جُڙي ٿي، فڪري گهرائي ۾ واڌارو اچي ٿو- اندر جون اکيون جاڳن ٿيون، ته نت نوان نظارا جڙن ٿا- هر مظهر جو درست علم حاصل ٿئي ٿو- ناپاڪ عملن جي سمجهه پوي ٿي- دل جون بڇڙيون حالتون بهڪائن ڪون ٿيون- نيتن تان ڪپڙا لهيو وڃن، ماڻهو پنهنجن چڱاين ۽ برائين جو ميزان پاڻ توري ٿو ۽ پوءِ بهشت ۽ دوزخ واري جنجهٽ مان جان ڇڏائي، پنهنجي انسان کي، پنهنجي خدا سان گڏ ويٺل ڏسي ٿو!”
هاءِ ڙي عشق تنهنجي امامت ۽ هاءِ ڙي انسان تنهنجي صداقت! هي عشق ۽ انسان گڏجي ٿا پون، ته باقي دنيا ۾ ڪهڙو عملي رشتو آهي؟ جيڪو عبد ۽ معبود جي وچ وارو فاسد خيال فنا ڪري ان الحق جو آواز ٿو ڳالهائي؟
قربان کي به پنهنجي عشق، سندس من جي صلاحن سان، سمورا بڇڙا خيال، ناپاڪ حالتون، ايمان جون بيماريون، نيت جون عياشيون، تماشائي خواهشون، عقل جون صلاحون ۽ سوچن ۾ برايون، اگهاڙيون ڪري پي ڏيکاريون.
هونئن ته هن جيستائين عشق جو احوال نه سمجهيو هو، تيستائين وٽس جيڪي ڏاهپ سان ڀريل موجود ڪتاب هئا، تن جي خاموشي کيس رڳو اندر ۾ اُڌما پي جاڳايا ۽ سندس سورن سان ڪا به صلاحڪاري نه پي ڪيائون.
ڪتاب ته قرآن پاڪ به وٽس هو، پر سو ته جڏهن نازل پي ٿيو، ته اصحابن سڳورن به، محمد نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کان پي ان جي تفسير پڇي- پر سنڌ ۾ صوفي ازم لاءِ اڄ به اها ٻولي آسان آهي- پر پوءَ هاڻ مذهب ۽ سياست جي گڏجي وڃڻ سان، انسانيت جو قتل عام ۽ قومن جي غلامي جنم ورتو.
ڪتاب جي خاموشي صحبت، قربان کي به خاموشي جي عادت ۾ وڌو ۽ انهن ڪتابن کي خاموش صلاحيتون ادا ڪندڙ، انهن ڪتابن جي خالقن جي صحبت کيس حاصل ڪون هئي.
هن ته بس پنهنجو من ماري، پاڻ کي پنهنجي هن شعر مطابق بڻائڻ پي چاهيو:
“مان آهيان قاتل، مان مقتول، مونکي سڀني ڪيو قبول!
آدم جي دم ۾ مان دم، آهيان مان مقبول!
مونکي سڀني ڪيو قبول.”
هن چاهيو پي ته، ڪهڙي طرح سان، ماڻهو مونکي پنهنجي نفس جو قاتل سمجهن، ته آئون مجازي مام مان حقيقت جي حد کي رسي سگهان!
توڻي جو سندس شاعري وارو خيال، هاڻ جهڙو مجازي حدون اورانگهڻ لڳي هئي، پر پنهنجو پاڻ لاءِ، ماڻهن جي نظرن کي حيران ڪرڻ ۽ انهن جي سوچن کي عجب ۾ وجهڻ، سندس نفس جي اها بڇڙائي کيس سمجهه ۾ ڪون پي آئي ۽ جهڙي، تهڙي حال ۾ پنهنجي من جي جهيڙي سان لڳو رهيو ۽ مقصد کي هٿان وڃڻ ڪون پي ڏنائين.
ڪهڙو به مقصد، برو ته نه هوندو آهي، پر برائي ماڻهو مان مقصد تي سوار ٿيندي آهي ۽ مقصد جي وضاحت، مقصد سان مصلحت پسندي کان بچائي ٿي.
ماڻهو ڪيترو به ڏاهو هجي، پر مصلحت پسندي ماڻهو جي شعور ۾ لڪل گيدي پڻو هوندو آهي. جيڪا آهستي، آهستي ماڻهو کي هر معاملي جي مقصد ۾ مصلحت پسندي جومريض بڻايو ڇڏي.
مصلحت پسندي جون هڪ کان وڌيڪ شڪليون آهن، پر قربان شعوري طور تي اهو فيصلو ڪيو ته “نفس سان مصلحت پسندي، پنهنجي خودي سان مصلحت پسندي آهي- جيڪا ماڻهو کي هميشه ڪمزور ۽ ننڍڙو ڪري پيش ڪندي آهي- جاهل ڪري پيش ڪندي آهي- هميشه ڪنهن اڻ ڏٺي خوف ۾ رکندي آهي- وهم ۽ گمان وارا وسوسا رکي ٿي- ماڻهو جي فڪر لاءِ مٺو زهر آهي- بهتر مقصد جي دشمن ۽ خواهشن لاءِ غلام بڻايو ڇڏي- ۽ مقصد جي عمر جي پڇاڙي لاءِ پڇتاءُ گڏ ٿيو وڃي!”
هي جيئن ئي حافظ امين جي مذهبي مناظري کان منهن ٽاري گهرجي ڪنڊ ۾ اچي ويٺو هو، ته ڪجهه دير کانپوءِ، حافظ امين به گهرجي ان اونداهي ڪنڊ ۾ اچي خاموشي سان سندس ذڪر ٻڌڻ پي چاهيو، پر ڪافي دير خاموش ويهندي به قربان جي زبان تي ڪوئي ذڪر ٻڌڻ ۾ ڪون پي آيس ۽ پوءِ پنهنجي خيرخواهي موجب، پنهنجي ڀاءُ جي بهتري لاءِ سوچيندي، آهستگي سان کيس چيائين“زندگي کي ايتري سزا ڏي، جيڪا تنهنجو معصوم اولاد به سهي سگهي- روشني هوندي به، اونداهين ۾ اونڌو ٿي ويهڻ سان، مايوسين کانسواءِ ڪجهه نٿو ملي- اونداهين ۾ لڪي بندگي ڪندڙ، پنهنجي نفس کان ڊڄندڙ ماڻهو هوندا آهن، جن کي پنهنجي نفس جوسپاهي چئبو آهي- نفس جا حاڪم ميدانن ۾ مرندا آهن!ٰ
تنهنجي صوفين جي صلاح آهي- سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي- نفس کان ڊڄي، دل ۾ دوزخ ٻاريندڙ، لافاني سوڀ نٿا ماڻي سگهن!؟”
پر هن حافظ امين کي خاموشي سان پي ٻڌو، ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾، اونداهي سندن مهانڊن جو رشتو پنهنجي قباحت ۾ لڪائي رکيو هو، ۽ رڳو آواز مان کين پنهنجي رشتي جو احساس ڄڻ ڌنڌلو پي محسوس ٿين، جيئن ڪو ماڻهو اکيون پوري ڳالهائي، ته پنهنجي پيءَ جو به جهڙو ادب نه رهندو هجي.
حافظ امين، توڙي جو هن کان سال کن ننڍو هو، پر هو حافظ سان، گڏ عالم هئڻ جي ناتي سان، هو عربي، فارسي به پڙهيل هو.
شيخ سعدي، امام غزالي ۽ مولانا رومي جهڙ اجراح عالم پڙهيو ويٺو هو، انکان جان ڇڏائڻ کيس ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو هو- پر قربان جي من ۾ به محبت مدرسو اڏيو هو ۽اتي عشق، سندس استادي پي ڪئي، ته پوءِ عشق اڳيان اکرن جو عالم ته ڄڻ ڏيئي ۾ پيل تيل هوندو آهي ، جيڪو وٽ سوريندي نيٺ سڙيو کٽيو پوي!
۽ عشق ته خود ڏيئي جي لات آهي، جنهن کي جيترو به تيل ڏي سو ڳڙڪايو ڇڏي.
رڳو بس، ماڻهو جو رت جيئرو آهي، جيڪو سندس ٿوري گهڻي اڃ اُجهائي ٿو، باقي هن جبل جلائي سُرمو ڪري ڇڏيا، ته ڪربل ۾ ڪڪرن جو پاڻي به سُڪائي ڇڏيو!
حافظ امين سندس ڊگهي خاموشي کي، پنهنجي هدايت جو اثر سمجهي، هاڻ اتان اٿڻ جي خيال ۾ هو، ته قربان ڳالهايو “جهنم هجي ياجنت، فيصلو ته هر ماڻهو جي ذهن ۾ هڪڙو ئي هوندو آهي. پر عبادت گاهون، نيڪي جي نيت سان ايتريون ڪون جڙيون آهن، جيتريون بهشت جي شوق ۾ جُڙيون آهن- اوهان پنهنجن عملن کان عمارتون وڌيڪ وڏيون ۽ خوبصورت جوڙايون آهن.
سڄي دنيا کي ته بيوقوف نٿو چئي سگهجي- هڪ رڳو آئون آهيان جيڪو گهر جي ڪنڊ ۾، توکي نفس پرست لڳان ٿو،- پنهنجي مرضي سان بندگي ڪرڻ- پنهنجي دل جي دوستي، پنهنجي خدا سان رکڻ، دنيا جو ڪو به دين ڌرم منع نٿو ڪري!”
حافظ امين، اٿندي، اٿندي ويهي رهيو، کيس ذاتي عقل جو علم هو ته “نشي جو عادي اِبن آدم، ان عورت جهڙي ڪيفيت رکندو آهي- جيڪا ڪنهن بحث ۾ کٽي وڃڻ کانپوءِ به، پنهنجي هار قبول نه ڪندي آهي ۽ سندس دل ۾ فتني باز دليلن جا درياهه وهي پوندا آهن”. حافظ امين، پنهنجي سنجيدگي قائم رکندي جواب ڏنو“ آئون توکي نفس پرست نه پيو چوان-۽ غلط ڪون پيو چوين تون به- جهنم ۽ جنت جو فيصلو هرڪوئي هت ڪري، پنهنجي ڪفن ۾ ويڙهي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو آهي. ماڻهن وڏيون عمارتون جوڙايون آهن، ته اها انسانيت جي بلندي آهي- مڃان ٿو، ان ۾ بهشت جو شوق به گهڙي ويو آهي- پر سو ائين، جيئن تون پنهنجي سواءِ ڪنهن استاد جي- رياضتون ڪري، پنهنجي روح کي رهڙون ويٺون ڏيئين- ائين ته دل جي ڪپت، ماڻهو کي خودي جي زهر ۾ ٻوڙيو ڇڏي ۽ اندر جو انسان مريو پوي- تون جيترو جلد پنهنجي واپسي ڪري سگهندين، تنهنجو عشق ۽ ايمان اوترو باقي بچندو- جيتري دير ڪندين، اوترو تنهنجي پڇتاءَ ۾ واڌارو ايندو- جيترو وقت هينئر تووٽ يار پرچائڻ لاءِ باقي آهي-اُهو ڪنهن پُسيل ڪپڙي جيئان هوائي خيالن ۾ سڪندو خشڪ ٿيندو وڃي؟”
هونئن ته، اڪثر حافظ امين جي مذهبي بحث ۾ حافظ جو منهن ڇڏي ڪيڏانهن ٽرڪي ويندو هو، پر سندس ڪيفيتن جا سڀ سڪون ۽ ڏينهن جي وقت سور ميڙي، رات جي وقت گهر جي ان اونداهي ڪنڊ ۾ اچي گڏ ڪندو هو، جٿان اٿڻ پنهنجي روح جو رُوسامو محسوس ڪندو هو.
خاموشي، ڀڄڻ ۽ وڙهڻ، اهي ٽيئي، ڪنهن بحث ۾ هار مڃڻ جون علامتون آهن.
قربان خاموش ٿي ويو هو، پر سندس ڪيفيتن ۾ هڪ وڏي ولوڙ هئي، جنهن ڳالهائڻ لاءِ، سندس حلق ۾ ڄڻ خارش پي ڪئي.
حافظ امين کي به انتظار هو ته، ڀلي ڪجهه ڳالهائي، بحث مباحثو ڪري ته جيئن سندس عشق وارو جنون، شريعت جي شوق لاءِ، فيض ياب ڪري سگهان.
ڪافي دير کانپوءِ به، جڏهن قربان ڪجهه به نه ڳالهايو، تڏهن وري به حافظ پاڻ چوڻ لڳس “توکي بهشت ۽ دوزخ هڪ تقراري معاملو لڳي ٿو، پر اهي رڳو انسان لاءِ ناهن- توکي ٻڌائي ڇڏيان، مروي آهي ته چوڏانهن جانور به جنت ۾ داخل ٿيندا:
1. حضرت صالح نبي جي اها ڏاچي ا(ُٺڻ) جنهن سندس دعا سان پنهنجي قد جيترو ٻچو ڄڻيو هو ۽ سندس امت جا سڀ ماڻهو ان ڏاچي جي کير مان پنهنجا ٿانوَ ڀرينداهئا، ته به کير نه کٽائيندي هئي!
2. حضرت موسيٰ نبي جو، ڳئون جي مهانڊن وارو اهو ڍڳو، جنهن کي ڪهي، ان جي گوشت جي ٻوٽي، قتل ٿي ويل مالدار نالي عاميل بن راحيل جي جسم تي لڳائي هئي، ته ان مقتول پنهنجي قاتل جو نالو ٻڌايو،جيڪو سندس ڀائيٽيو هو. جنهن کانپوءِ مقتول جي ڇڏيل ميراث مان، قاتل جو حق ختم ٿي ويو.
3. حضرت ابراهيم جو اهو گابو، جيڪو هن مهمانن لاءِ ذبح ڪيو هو، جيڪي مهمان بعد ۾ فرشتا ظاهر ٿيا هئا ۽ ان مهماني جي صدقي، هڪ سؤ ويهه سالن جي عمر ۾ بي، بي حاجره کي حضرت اسماعيل ڄائو ۽ بي بي ساره مان حضرت اسحاق ڄائو.
4. حضرت اسماعيل وارو دنبو.
5. حضرت يونس نبي واري مڇي، جنهن جي پيٽ ۾ هو چاليهه ڏينهن زنده رهيو هو.
6. حضرت عزيز، نبي، جو سواري وارو اهو گڏهه، جڏهن حضرت عزيز پاڻ وفات ڪئي ۽ سؤ سالن کان پوءِ وري کيس زنده ڪيو ويو هو، ته پنهنجو اهو گڏهه به وري زندهه ٿيندي پنهنجي اکين سان ڏٺو هئائين.
7. حضرت سليمان واري ميزبان، اُها سردار ماڪوڙي، جنهن کيس چيو هو ته، تنهنجو ڪهڙو نقصان ٿيندو، جيڪڏهن اهڙو تخط خدا تعاليٰ ڪنهن ٻئي انسان کي به عطا ڪيو ته؟
8. اٺون اهوبگهڙ، جنهن حضرت يعقوب، سان ڳالهائيندي، سچ ٻڌايو ته، حضرت يوسف کي ڪنهن بگهڙ نه کاڌو آهي.
9. حضرت عيسيٰ نبي وارو گڏهه.
10. اُهو هُد، هُد پکي، جنهن حضرت سليمان کي، شهزادي بلقيس جو احوال ڏنو هو.
11. اصحابِ ڪهف وارن جو ڪتو، خدا تعاليٰ ان کي دنبي جي شڪل سان جنت ۾ داخل ڪندو.
12. حضرت علي موليٰ جو دُلدُل.
13. حضرت ابو حريره واري ٻلي، هي اهو ابو حريره آهي، جنهن کي پنج هزار حديثون ياد هيون.
14. حضرت محمد ڪريم جي ڏاچي.
اهي سڀ جانور، جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ اسان کان جانورن جيتري به وفانٿي ٿئي.”
هاڻ قربان جي خاموشي، سندس وس ۾ نه رهي ۽ جنت ۽ جهنم جو دليل ڏيندي ڳالهايائين“جانور ويچارا ته جيئري ئي جهڙا جهنم ۾ آهن- پر پوءِ به تو اهو نه ٻڌايو ته، آخرت واري جهنم ۾ جانور به ڪي داخل ٿيندا- تون دين جو دليل ڏئي جنتي ۽ جهنمي جا مثال ٿو ٻڌائين، ته پوءَ تو تاريخ معتبر ۾ اهو به پڙهيو هوندو ته، نمرود پنهنجي بادشاهي دوران، بابل شهر ۾ پنهنجي تخط گاهه جي اردگرد ۾ هڪ ٽامي جي بدڪ، وڏي هڪ حوض نما پاڻي جي تلاءُ ۾ بڻائي رکي هئي، جنهن ۾ حيران ڪندڙ ڇهه خاصيتون هيون:
1. جنهن مهل ڪوئي جاسوس دشمن وغيره، ان شهر ۾ داخل ٿيندو هو، ته ان ٽامي واري بدڪ مان هڪ اهڙو آواز نڪرندو هو، جنهن جي ٻڌڻ سان، سندس انتظاميه توڙي سڄو شهر اهو سمجهي ويندو هو ته، شهر ۾ ڪوئي ملڪ دشمن داخل ٿي ويو آهي، ۽ پوءِ ان ماڻهو کي پڪڙي وٺندا هئا.
2. اتي هن هڪ نقارو به لڳائي ڇڏيو هو، ڪنهن به ماڻهو جي ڪا شيءَ گم ٿي ويندي هئي ته اهو ماڻهو، اهو نقارو اچي وڄائيندو هو، ته ان جي طبل مان آواز ايندو هو ته، تنهنجي گم ٿيل شيءَ هن وقت فلاڻي هنڌ پيل آهي.
3. ان ٽامي واري بدڪ ۾ هڪ آئينو به لڳل هو، جنهن مان گم يا غائب ٿي ويل ماڻهوءَ جو پتو ملندو هو، ان غرض وارو ماڻهو ان آئيني ۾ اچي ڏسندو هو، ته اهو غائب ٿي ويل ماڻهو پنهنجي ان وقت جي حالت ۽ هُليي سميت نظر ايندو هو.
4. اهو جيڪو حوض ٺهيل هو، ان جي ڪنڌي تي سال ۾ هڪ ڀيرو هو وڏو جشن ملهائيندو هو، جنهن ۾ وڏا وڏا سردار، وڏيرا ۽ شهر جا امير ان ۾ شريڪ ٿيندا هئا، انهن ماڻهن مان جنهن کي جنهن شيءَ کائڻ يا پيئڻ جي طلب هوندي هئي، ته اهي کائڻ، پيئڻ واريون شيون، پاڻهي ان حوض ۾ اچي گڏ ٿينديون هيون ۽ جڏهن ساقي اهي پيالا کڻي مهمانن جي اڳيان رکنداهئا، ته انهن بند پيالن ۾ سندن ئي من پسند واريون شيون موجود پيل هونديون هيون.
5. ان کان علاوه اهو حوض نما تلاءَ، سچي ۽ ڪوڙي ماڻهو جي پرک به ڏسيندو هو، مثلن ٻه ماڻهو پاڻ ۾ ڪنهن معاملي تان وڙهي پوندا هئا، ته انهن کي ان تلاءُ جو پاڻي رڳو دُن تائين ايندو هو ۽ جيڪو ڪوڙو ۽ ڏوهاري هوندو هو سو ٻڏڻ لڳندو هو. پر جيڪڏهن پنهنجو ڏوهه قبول ڪندو هو ته ٻڏڻ کان بچي ويندو هو.
6. ان مهل جي دروازي تي، هن هڪ اهڙو وڻ به لڳايو هو، جنهن جي ڇانو ۾ درٻاري ماڻهو اچي ويهندا هئا ۽ ان جي ڇانوَ ۾ هڪ لک ماڻهو ويهي ويندا هئا ۽ هڪ لک کان وڌي ويندا هئا ته ان وڻ جي ڇانءُ بلڪل ختم ٿي ويندي هئي. ۽ اهڙن ڪارنامن تي نمرود کي وڏو شوق هوندو هو، ان کي تون ڇاٿو سمجهين، عبادت، عمل، انسانيت يا ڪفر، جنهن کي دنيا ۾ مذهبي تڪرارن ان وقت ان هنر ۽ علم سميت تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ نه رڳو ڏاهپ پر عشق، علم ۽ انساني ترقي سان وڏا ظلم ٿيا ۽ انسان کي پنهجي خدا سان ويجهو ٿيڻ ڏنو ئي نه ويو.
“اها ڏاهپ ۽ اها جدت انسان جي جيڪڏهن تباهه ۽ برباد نه ڪئي وڃي ها، ته هن ڌرتيءَ تي ۽ اڄ تون آئون ايتراجاهل ئي ڪون سڏجون ها، جنهن جهالت جي سبب اڄ جي استاد کي اڌورو ٿا سمجهون.
تو ته، اهو به پڙهيو هوندو ته، حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي هٿ مبارڪ جي آڱرين مان جيڪو پاڻي ڦوهارا ڪري نڪتو هو، اهو حوض ڪوثر ٿو سڏجي.
۽ جيڪو پاڻي جو چشمو حضرت اسماعيل جي لاءِ هڪ ويران صحرا ۾ ظاهر ٿيو هو ، اهو آب زم زم ٿو سڏجي.
پر ڪربلا ۾ حضرت امام حسين جي ڪافلي لاءِ پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه هو.
محشر جو ڏينهن ته رڳو ڄڻ مسلمانن جي فيصلي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، پر تون ڇا ڄاڻي يار جي ياريءَ جا رنگ.
“۽ اها حقيقت به تون چڱي طرح ڄاڻندو هوندي ته، حضرت آدم جو گناهه، حضرت آدم جي پيدائش کان چاليهه سال اڳي، اهو توريت ۾ لکجي چڪو هو ۽ حضرت آدم کي ان جو علم نه هو.
عشق ته ابليس به ڪيو، ته آدم به ڪيو ۽ غلطي به ابليس ۽ آدم ٻنهي ڄڻ ساڳي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي بڻيو ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر ۽ توکي جانورن جي جنت ۾ وڃڻ واري خيال، منهنجي لاءِ قباحت پيدا ڪري وڌي آهي!
آئون سنڌ آزاد نه ڪرائي سگهيس ۽ پاڻ کي آزاد ڪري گهرجي ڪنڊ ۾ اچي ويٺو آهيان، تڏهن به تنهنجي نظرن ۾ نادان آهيان- پر منهنجي وس جيڪڏهن هجي، ته آئون به بي بي بصري وانگر، بهشت جلائڻ ۽ دوزخ وسائڻ جي ڪوشش ضرور ڪريان.
نمرود جي مُئي، اها تاريخ به جهڙي مري چڪي آهي، پر اسان اڃا اهڙا جديد اوزار ايجاد ڪري، پنهنجي قوم خوشحال ڪري نه سگهيا آهيون.
۽ تنهنجو اهو مذهبي جنون، هاڻ ته پنهنجي خدا جي ڳولا واري آزادي کي به ڪفر ٿو سڏي.
“عشق! سچ کي ايجاد ڪندڙ عمل آهي، جيڪو آدم ۽ ابليس جي گناهه واري عمر کان وڏو آهي. عشق جا راوي، روح کان اڳ جا ڄايل آهن، انهن جي روايت اوهان کي سمجهه ۾ نه ايندي.”
۽ حافظ امين جي ان وقت فارسي، عربي شايد کٽي وئي، جنهن مهل قربان چيس ته، “ابليس ۽ آدم ٻنهي غلطي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر”۽ ان کان علاوه حضرت آدم جو گناهه، سندس پيدائش کان چاليهه سال اڳ، توريت ۾ لکجي چڪو هو.”
اهو حافظ امين کي به علم هو ته، ابودائود، حضرت عمر فاروق کان اها روايت ڪئي هئي ته، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن پاڻ اهو قصو ٻڌايو هو.
______________________________