ناول

يار

ناول يار اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ناول جو ليکڪ محترم حيدر دريا زئور آهي. ملاحن انهن جي زندگي، عشق، مذهب، سياست ۽ ٻين گهڻ رخي موضوعن تي مشتمل هن ناول ۾ ڪمال جا مڪالما آهن.

ڪتاب مان ورتل ٽڪرو

“۽ اها حقيقت به تون چڱي طرح ڄاڻندو هوندي ته، حضرت آدم جو گناهه، حضرت آدم جي پيدائش کان چاليهه سال اڳي، اهو توريت ۾ لکجي چڪو هو ۽ حضرت آدم کي ان جو علم نه هو.
عشق ته ابليس به ڪيو، ته آدم به ڪيو ۽ غلطي به ابليس ۽ آدم ٻنهي ڄڻ ساڳي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي بڻيو ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر”
Title Cover of book يار

باب چوڏهون

هاڻ هنن کي ان جيل ۾ ڇهه مهينا ٿي چڪا هئا. هڪڙي ڏينهن هنن کي جيل انتظامه جي چال معمول کان ڪجهه وڌيڪ تيز نظر آئي ۽ ڏينهن جو يارهن لڳي ڌاري، جيلر ڪمار هنن جي وارڊ تي آيو ۽ قربان کي چوڻ لڳو، ”اڄ جيل ۾ هڪ اسپيشل وزٽ اچڻي آهي، تنهن ڪري پنهنجا رويا بهتر رکجو. جيڪڏهن ڪا شڪايت آهي، ته آئون آهيان، مون کي ٻڌائي ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ اسان هڪ ٻئي سان بهتر هليا آهيون؟“
پر ان ڏينهن قربان کي جيلر به ڪجهه بدليل بدليل ۽ اڳي کان مختلف پي لڳو. سندس چهرو سڪڙيل هو، منهن ۾ کِلَ واريون ريکائون سڀ سُن هيون. ڳالهائيندي ڳالهائيندي، اجنبين جيان هيڏانهن هوڏانهن لوڻا بيٺي هنيائين. جهڙو هن ڪجهه چوڻ پي چاهيو، سو چئي ٻڌائي نه پي سگهيو. سندس اهڙي خشڪ ڪيفيت قربان کي پوري طرح سمجهه ۾ نه آئي. هو بار بار ان تي سوچي ڪو به نتيجو ڪڍي نه سگهيو.
انسان لاءِ، سندس هر عضوو، سندس ڇهين حِس سان تعلق ۾ رهندو آهي ۽ ايندڙ حالتن کان کيس اڻ سڌي طرح اطلاع لاءِ واقفيت ملندي رهندي آهي، پر اها ڇهين حس به هڪ اهڙي محبوبا جيان آهي، جيڪا بس رڳو خاموش اشارن ۾ ڳالهائيندي آهي! باقي ان جي علم لاءِ دنيا ۾ نه ان جو اسڪول، نه مدرسو نه استاد، پوءِ به انسان سان سندس اهڙو نيڪ تعلق رهيو آهي، جو انسان کي ولايت جو عالم ۽ حوضِ ڪوثر جو اڳواڻ ڪري ڇڏيو اٿس.
انسان پنهنجي اندر ۾ ڀلي براين جا ڀانڊار ڀريو ويٺو هجي، پر اها الهام جي سڳي ڀيڻ ڇهين حِس، هر نيڪ، بدنيڪ ماڻهوءَ کي پنهنجو فيض رسائي ٿي. پر ان جي ٻولي سمجهڻ لاءِ نيڪ دل ڪردار هجڻ ضروري آهي.
اُهي اهڙا سڀ گڻ قربان ۾ ائين نظر ايندا هئا، جو اُهي ڄڻ سندس مٿي جي وارن کان به ڄايل هئا ۽ هن جيل اندر جيلر جي اُها اوچتي بي رُخي چال ڏسي، سوچي سوچي هن پنهنجي وارڊ جي ساٿين کي هدايتون ڏيڻ شروع ڪيون، ”منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو. اوهان مان جنهن کي به پنهنجي موت جو خوف وڌيڪ آهي، سو سڀن جي موت جو سبب بڻجي، ان کان اڳ ۾، هن کي ائين سمجهڻ گهرجي ته اهو هاڻ زندهه ناهي ۽ جيڪو سمجهي ٿو، مون کي آزاد ڪانه ملندي ۽ آئون هن جيل ۾ مرندس، سو سڀن کي گيدي بڻائي، انهن جي غيرت کي ٿڪون هڻائڻ کان اڳ ۾، اسان جو ساٿ ڇڏي، جيل انتظاميه کي پنهنجي غلامي پيش ڪري پنهنجي جان ڇڏائي سگهي ٿو، ته ان کي اجازت آهي، پر جيڪو سمجهي ٿو، جهڙو موت هتي، تهڙو پنهنجي ديس ۾، ته پوءِ دل نه هاري ۽ ساٿين سان گڏ ساڳي هڪڙي ٻولي ڳالهائي ۽ خود کي ٻين کان مختلف نه رکي.
هي عذاب، اذيتون رڳو اسان ماڻهن لاءِ ناهن. اهي سڀ جهالتون ۽ عداوتون ڄڻ آدم جي انتظار ۾ هيون، جڏهن آدم ۾ پساهه پيو ته سڀ سندس پويان لڳيون.
“ياد رکو، هر ماڻهو زندگيءَ جي جيل ۾ مري ٿو. پر عزت جي خيرات ۽ غير جي مهلت گهري مرڻ کان بهتر آهي ته، زندگيءَ جي جيل جا سڀ اصول ٽوڙي ان مان پنهنجي غيرت آجي ڪري، آزاديءَ جو موت مرجي.
جيل ته جهڙو ديس جو، تهڙو پرديس جو، ڪوئي جيڪڏهن سمجهي ٿو ته، منهنجا ٻچا رُلندا هوندا ۽ بک مرندا هوندا، ان کي سمجهڻ گهرجي ته، جيڪڏهن هر حال ۾ پاڻ زندهه موجود آهي، ته سندس اهو خدا به زندهه موجود آهي، جيڪو سندس ۽ سندس ٻچن جو ساڳيو هڪڙو ئي سنڀاليندڙ خالق آهي”.
شايد سڀ سوچيندا هوندا ته، هي اڄ آئون ڇا پيو ڳالهائيان. پر پريشان ڪير به نه ٿئي. موت جو دعوت نامو ان ڏينهن لاءِ لکجي ويو، جنهن ڏينهن اسان مان هر ڪوئي، پنهنجي امڙ جي پيٽ ۾ پي پليو، پر عقل اسان مان، اُن کي تڏهن سمجهه ۾ آيو، جڏهن ڪو عذاب سندس عمر ۾ آيو ۽ کيس اڪيلو ڪري ويو!
“مون کي الئي ڇو هاڻ ائين لڳڻ لڳو آهي ته، اسان مان هرڪو پنهنجي لاءِ سوچي، پنهنجي قيد جي عمر وڌائڻ لڳو آهي. ان کي بس اهو سوچڻ گهرجي ته، هن جيل ۾ اچڻ کان اڳ ۾، اسان ڪنهن سامونڊي طوفان جي پڪڙ ۾ اچي اتي ٻڏي مرڻ لڳون ها، ته ان وقت پنهنجي گهر، اولاد ۽ عزيزن لاءِ ڪهڙي سوچ هجي ها؟ شايد ان جو ڪوئي جواب ڪنهن وٽ ناهي ۽ اسان لاجواب آهيون. ائين زندگي جڏهن لاجواب واري دڳ تي اچي ٿي، تڏهن انسان نه رڳو پنهنجا رشتا، پر دل جا تعلق به سڀ وساري بس پنهنجي زندهه رهڻ لاءِ اڪليو سوچي ٿو ۽ اها اڪيلي سوچ سندس زندگيءَ جي اهميت، ان جي وصف ۽ صفت جو موت آهي.
سو منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، پاڻ کي اڪليو رکي پنهنجي لاءِ سوچڻ ڇڏي ڏيو، سوچون گڏايو ته جيئن برو وقت اسان جي همٿ چورائي نه سگهي!”
قربان پنهنجي ان گفتگو ۾ محو هو، ته اوچتو پنج نوجوان سپاهي هڪ جيلر ڪمار ۽ ان سان گڏ هڪ پوليس آفيسر جنهن جي ڪلهي تي ٻه ڦول لڳل هئا، سندس قد ڊگهو، انب جي ڦار جهڙو منهن، مٿو ڊگهو ۽ صورت تمام حسين ۽ خوبصورت، ائين پي لڳو جهڙو ڪرد نسل مان هجي، تنهن جيلر ڪمار کان پڇيو، “هنن مان قربان ڪهڙو آهي؟”
۽ جيلر، فورن قربان کي پاڻ ڏانهن سڏيندي آفيسر کي چيو، “سر هي آهي قربان”.
“هن کي ٻاهر وٺي هلو”. آفيسر قربان جي منهن ۾ غور سان ڏسندي چيو.
جنهن مهل قربان کي وارڊ مان ٻاهر ڪڍي پي ويا، ته ناکئي صديق احتجاج ڪندي چيو، “ڇو، هن کي ڪيڏانهن پيا وٺي وڃو؟” ته جيلر کيس آڱر جي اشاري سان خاموش رهڻ لاءِ چيو، ناکئي صديق وڌيڪ اوچي آواز ۾ چيو، “پر معاملو ڇا آهي، اسان کي هڪ ٻئي کان ڌار ڇو پيا ڪريو. اسان احتجاج ڪنداسين”.
لفظ احتجاج، ان پوليس آفيسر کي جهڙو گار ٿي لڳو ۽ هڪ دفعو وري به قربان جي منهن ۾ ڌيان سان ڏسندي، سپاهين کي چوڻ لڳو، “وٺي هلو انهيءَ کي به هن سان گڏ”.
۽ جڏهن ناکئي صديق کي قربان سان گڏ هٿڪڙي لڳي، تڏهن ان سڄي وارڊ کي جهڙو ڪنهن باهه ڏيئي ڇڏي، سڀني قيدين جيلر تي وٺ وٺان ٻاري ڏني. ڪو چوي پيو ته، “اسان کان انهن کي الڳ ڪندا، ته پاڻ کي مارينداسين”. ڪو چوي پيو، “اسان ڏوهاري ناهيون. اسان کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪندا ته ان جو نتيجو خراب نڪرندو!” ته ڪنهن چيو پي، ”ڇو کڻي اسان سان ظلم ٻاريو اٿو، روز روز نئون عذاب“ ۽ سڀ کان وڏي آواز ۾ ناکئي جي سرنگ، بصر چيو، ”اسان جانور ناهيون، ڀڻيا اسان کي لاوارث ڏسي اسان سان ويل ڪري ڇڏيو اٿوَ. اسان کي ته پاڻي به گٽر جو ٿا پياريو!”
پر سندن ڪنهن به ڪونه ٻڌي ۽ جيلر، جنهن کي پنهنجو جيل انتظام هلائڻ جو وڏو ڏانءُ هو، جيڪو کيس چوندو هو ته، منهنجو ڏاڏاڻڪو سنڌ جو هو، تنهن به کين رڳو لوڻو هڻي به ڪونه ڏٺو. جڏهن سندن دانهن ڪوڪ جو ڪو اثر نه ٿيو ۽ سندن همراهن کي وٺي هليا ويا، تنهن مهل هرڪو پنهنجي منهن ولِل هڻڻ لڳو. ڪنهن جي ڪهڙي ڪيفيت هئي ته ڪنهن جي ڪهڙي، پر ڀانڊاري عرس ڏکاري ڪيفيت ۾ چوڻ لڳو، “يار نڌڻڪا آهيون، هجي ڪو ڌڻي سائين، ته ڪير اسان جي ٻڌي به سهي!”
تنهن مهل ڊرائيور محمد، جيڪو طبيعت جو تمام ماٺيڻو هو، جنهن ان سڄي عرصي دؤران، ان معاملي تي پهريون ڀيرو، ڀانڊاري عرس کي چيو، “او، ائين يتيم سڏيو پاڻ کي، هاءِ ڙي ڀڻيا سنڌي مهاڻا، گهر ۾ رڳو مڇيءَ جو پِتو ڦسي ٿو پوي، ته زال سان ڪيڏو ويل ٿا ڪريون ۽ جيل ۾ وري اهڙا ڀاڙيا جو هيترا سارا گڏ هوندي به جهڙا هڪ ٻئي لاءِ ڌاريا. متان هڪ ٻئي جو ڏڍ ڪيو اَٿان. نڌڻڪو ڪريو پاڻ کي ته خدا به اسان مان هٿ ڪڍي. بس پوءِ سِگهو هلي هرڪو پنهنجي زال سان سمهندو!”
ڊرائيور محمد، ايترو چئي بس ڪئي ته ان موضوع تي هنن جو پاڻ ۾ وڏو بحث ڇڙي پيو. جنهن مهل هو ان بحث جي ڊگهي تڪرار ۾ هئا، تنهن مهل ناکئي صديق ۽ قربان کان هڪ بند ڪمري ۾ آفيسر پنهنجي پڇا ڳاڇا پئي ڪئي. پهريان هن پڇيو، “اوهان مان ڪئپٽن ڪير آهي؟”. ته ناکئي صديق پنهنجي ڇاتيءَ تي هٿ رکندي چيو، “آئون آهيان”.
تڏهن هُن قربان جي طرف ڪُرڙي نظر ڪندي پڇيو، “پوءِ هي ڇا ڪندو آهي؟” ان سوال تي ناکئو منجهي پيو ته، “ڪهڙو جواب ڏيان!” سندس ان ٻڏتر کي قربان سمجهي ويو ۽ هن پاڻ جواب ۾ چيو، “آئون مڇي مار ملاح ناهيان”.
قربان جي ان سؤ سيڪڙو سچي جواب، آفيسر کي اهڙو بدگمان ڪري ڇڏيو، جو هاڻ قربان مان هن کي ڪوڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر ئي ڪونه پي آيو ۽ هن پنهنجو رويو سخت ڪندي چيو، “ته پوءِ تون ڪنهن جي لاءِ ڪم ڪندو آهين؟ ايم.آءِ. لاءِ يا آءِ.ايس.آءِ. لاءِ؟” قربان آفيسر جو ارادو نه سمجهي سگهيو ته، هي ڪهڙي ڪارروائي ٿو ڪرڻ چاهي، پوءِ به هن پنهنجي بردباري سان جواب ڏيندي چيو، “مون کي توهان جو سوال سمجهه ۾ نه آيو؟”
“مان تنهنجي پهرئين جواب مان ئي سمجهي ويس ته توسان ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻو پوندو. ٺيڪ آهي، ڳالهايون ٿا ان ٻوليءَ ۾ به”.
۽ پوءِ وري ناکئي کان پڇڻ لڳو، “اوهان رشتي ۾ هڪ ٻئي سان ڇا لڳندا آهيو؟”
پر ناکئي جي بدقسمتي، جو ان سوال جو جواب به ويچاري کي ڪونه پي آيو ۽ قربان جي منهن ۾ ڏسي، پريشان ٿيڻ لڳو ته وري به قربان جواب ڏيندي چيو، “اسان ٻئي سنڌي آهيون، اسان جي ٻولي ۽ تهذيب هڪڙي آهي. اهڙي طرح اسان پنهنجي هڪڙي ذات جا رشتيدار آهيون”.
“ڪنهن سوال جي، سڌي جواب ڏيڻ جي توکي منع ٿيل آهي… هان… ڇا هن جي منهن ۾ زبان ناهي، جنهن کان جيڪو پڇيو وڃي، اُهو ٻڌائي. تون پنهنجي وڪالت بند رک” ۽ پوءِ آفيسر ناکئي کان وري به ساڳيو سوال پڇيو، “آئون توکان ٿو پڇان، رشتي ۾ ڇا لڳندا آهيو پاڻ ۾؟”
هاڻ ويچارو صديق، جيڪو پنهنجي سٺ فوٽن واري هوڙي جو ناکئو هو، جنهن کي آفيسر ڪئپٽن پي سڏيو، اهو ائين ششدر ٿيو، جو ڄڻ پنهنجي هوڙي سمت سمنڊ ۾ پي ٻڏو. جڏهن آفيسر جو موڊ وڌيڪ تبديل ٿيندي ڏٺائين، تڏهن هن قربان جي جواب سان سهمت ٿيندي چيو، ”سائين اوهان کي، صوفي قربان غلط ڪونه ٻڌايو آهي”.
“صوفي… قربان…!؟” آفيسر حيرت جي نگاهه سان ڏسندي چوڻ لڳو، “گهڻا نالا آهن تنهنجا ۽ ڪيترن ملڪن جا جيل گهميو آهين؟“ پر اهو هن هڪ داٻي واري انداز ۾ چيو ۽ ان سوال واري جواب جو بغير انتظار جي سپاهين کي قربان لاءِ چيائين، “هن جا هٿ ۽ پير ٻڌو!” ۽ ناکئي صديق لاءِ چيائين، “هن کي پنهنجي وارڊ ۾ ڇڏي اچو”.
سپاهين هڪدم پهريان قربان جون پٺيريون ٻانهون ٻڌيون ۽ پيرن ۾ لوهه ڪڙيون هڻي ڇڏيون. ان کان پوءِ جنهن مهل اهي چارئي سپاهي، ناکئي صديق کي ساڻ وٺي ڪمري مان ٻاهر نڪتا ته آفيسر قربان کان پڇيو، ”رانجهن شاهه سڃاڻين؟!“
ان مهل قربان جي دل جهٽڪو کاڌو. هن کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو. پر اهو هن محسوس نه ڪرايو. هن کي پنهنجي هم وطن قيدي، ڪامل شاهه جا اهي لفظ ياد آيا، جنهن کيس چيو هو ته، “پنهنجي غيرت کي پارسل ڪري وڪڻندڙ، جيڪي پنهنجي پويان ڇڏي آيا آهيون، انهن جي غيرت جو آسرو نه ڪجو، انهن رهزنن جو ڪميڻو راڄ،جهڙو اُتي آهي، تهڙو هِتي آهي”.
هن ان تي سوچيو پي ته آفيسر وري چيس، “ڇا پيو سوچين، جيڪي پڇان پيو، سو سڌو سڌو ٻڌاءِ. پاڻ کي عذابن ۾ نه وجهه، نه ڪجهه لڪائي سگهندين ۽ نه توکان لڪي سگهندو. ٻڌاءِ ته رانجهن شاهه سڃاڻين؟”
“ها!” بس قربان ايترو چيو.
“۽ ان جي ڌيءَ، عدن؟” آفيسر پڇيو.
“ان سان رشتو عظيم آهي. اها منهنجي محبت آهي…” قربان چيو.
“بڪواس – سڀ بڪواس”. آفيسر چيو.
“آئون ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندو آهيان”. قربان چيو.
“۽ سچ ڳالهائڻ به توکي نه ايندو آهي!” آفيسر ڪڙڪ لهجي ۾ پڇيس، “اُها عدن هن وقت ڪٿي آهي؟”
ان سوال قربان جو ڄڻ سڄو سرير سُن ڪري ڇڏيو ۽ هن هڪدم آفيسر جي منهن ۾ اهڙي گهٻراهٽ سان ڏٺو، جهڙو سندس سڀ ڪجهه لُٽجي ويو هجي، پر سندس ان گهٻراهٽ آفيسر کي وڌيڪ مشڪوڪ ڪري ڇڏيو ۽ قربان، آفيسر کي خوفزده محسوس ٿيو، تنهن ڪري قربان کي تڪڙ ۾ ئي چيائين، “تنهنجي لاءِ بهتري ان ۾ آهي ته، مون کي سچ سچ ٻڌاءِ ته، اها عدن ڪنهن جي حوالي ڇڏي آيو آهين ۽ هن وقت اها ڪنهن وٽ رهيل آهي؟”
“مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته، آئون توهان کي ڪهڙو سچ ٻڌايان، جيڪو توهان جي سمجهه کي سچ لڳي. بس اُها عدن، هن وقت منهنجي روح ۾، منهنجي وجود سان گڏ آهي، پر توهان ان کي بس ڪوڙ ئي سمجهندا!” قربان چيو.
“ها! اهي فلمي ڊائلاگ سچ تي مبني هوندا آهن، پر هي سچو پچو جيل آهي ۽ تون سچو پچو ڏوهاري آهين. عورتن جو واپاري ۽ مان آفيسر آهيان ڪو اداڪار ناهيان، جنهن کي ڀنڀلائڻ جي ڪوشش پيو ڪرين!”
ايتري ۾ اهي چار سپاهي ناکئي صديق کي پنهنجي وارڊ ۾ پهچائي واپس ڪمري ۾ پهچي ويا ته آفيسر کين چيو، “هن صوفي کي ٽنگيو، هن مان صوف جو رس ڪڍڻو آهي!”
هاڻ قربان کي ابتو ٽنگي بانس جي لٺين سان جنهن مهل سندس پيرن جا تر ڪٽڻ لڳا، ته شروع ۾ کيس پنهنجي جسم جا هڏ ٻرندي محسوس ٿيا، پر ٿوري دير ۾ ئي سندس پير سُن ٿي ويا ۽ هنکي لاهي فرش تي تيز تيز هلڻ لاءِ چيو ويو، پر هي ٻه قدم به هلي ڪونه پي سگهيو ۽ پنهنجو جسم پاڻ کان ڇڏايو پي ويس ته هي فرش تي ڪِري پيو. ائين هن کي ٽي چڪر ڪُٽ ڏني ويئي، ته بار بار فرش تي ڪِرڻ سان سندس گوڏا ۽ ٺونٺيون رتورت ٿي پيون ۽ کيس مٿي ۾ لوڻن کان به زخم ٿي پيا ۽ پوءِ آخري چوٿون ڀيرو، هن کي ٽنگي جنهن مهل سندس پير، پُٺا ۽ ٻنڊڻ ڪُٽيا پي ويا، تنهن مهل آفيسر چيس، “ماڻهن جون نوجوان ڇوڪريون اسمگل ڪندو آهين… هان؟”
ته قربان ڪاوڙ مان چيو، “اهو ڌنڌو ته اسان تاريخ ۾، لکنؤ جي مشهور دلالن جو ٻڌو آهي!”
تڏهن آفيسر سندس جواب تي عجب کائيندي چيو، “اُهي ورهاڱي جي وقت، سڀ اوهان ڏانهن سنڌ لڏي آيا، جيڪي هاڻ تو جهڙن جا پارٽنر آهن ۽ سنڌ جي زميندارن جا دلال پيا ٻڌون”.
ان کان پوءِ ته سندس جسم جو اهو حصو ڪونه بتو، جتي لٺين جو نشان نه هجي ۽ آخر هي بي هوش ٿي ويو ۽ هن کي ڪجهه دير ان حالت ۾ فرش تي ئي ڇڏي ڏنائون ۽ پوءِ جنهن مهل هي هوش ۾ آيو، ته آفيسر اڳيان ٽيبل تي رکيل پاڻيءَ جو گلاس کيس نظر آيو. سندس چپ خشڪ هئا ۽ جسم ساڻو. پاڻيءَ جو ڪلاس ڏسڻ سان سندس پياس جي تڙپ وڌي ويئي. هن ان پاڻيءَ لاءِ تانگهيو پي، پر نه اڃا پنهنجو جسم کڻڻ جي سگهه ساري پي سگهيو ۽ نه آفيسر کان پاڻي گهرڻ جي لاءِ، سندس سوچ اجازت پي ڏني. هن ٻيو دفعو جنهن مهل پاڻيءَ جي گلاس ڏانهن ڏٺو، تنهن مهل آفيسر چيس، ”هي سنڌو نديءَ جو آبِ شفا آهي، تنهنجي محبوبا عدن جي ڳوٺ جو!”
تڏهن هن کي وري ڪامل شاهه جو چيل اهو جملو ياد آيو ته، ”انهن رهزنن جو ڪميڻو راڄ، جهڙو اُتي آهي، تهڙو هِتي آهي!” ان مهل قربان آفيسر جي منهن ۾ ڏسي ۽ گلاس ۾ ڏسي پنهنجون اکيون بند ڪري خاموش ئي رهيو. تنهن مهل آفيسر سپاهين کي اشارو ڏنو ۽ هو ٻاهر هليا ويا ۽ پوءِ پنهنجي منهن قربان کي چوڻ لڳو، “ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي؟”
پر قربان کي، آفيسر جي ان انسان سوز عمل کان وڌيڪ ان سوال پريشان پي ڪيو ته، “عدن هن وقت ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ رهي ٿي؟” هي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو ۽ جڏهن به پنهنجي جيءَ ۾ سختي محسوس ڪندو هو ته پنهنجو پاڻ سان ئي ڳالهائڻ لڳندو هو. ان مهل به انهيءَ ڪيفيت ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو، ”اي خدا! هي ڇا اهي، مون عدن جي محبت، تنهنجي ئي بي مثال عشق سان ملائي ڇڏي، ڇا توکي مون کان به وڌيڪ عدن پسند هئي، ڇا توکي مون کان وڌيڪ عدن سان محبت آهي، پر عدن، آئون ۽ تون – انهن کي ته عشق هاڻ الڳ نه رکيو آهي. هاڻ عدن ۽ آئون کان تون جدا – پوءِ ته نه آئون، نه عدن آهي ۽ نه تون آهين!”
پر آفيسر هن کي وڌيڪ وقت سوچڻ جي مهلت نه ڏني ۽ نرميءَ سان پيش ايندي چوڻ لڳو، “ڪنهن سوال جو جواب نه ڏيڻ تنهنجي لاءِ وڌيڪ خراب آهي. مان نٿو چاهيان ته، تون ڪوڙ ڳالهائي، خود کي خطرناڪ حد تائين پهچائي ڇڏين. ڪوئي اهڙو تهڙو ڏوهه هجي ٿو ته، ان لاءِ رعايت به هجي ٿي، پر عورتون اسمگل ڪري وڪڻڻ، هڪ اهڙو عالمي جرم آهي، جنهن جي پاداش ۾، مجرم ڪيس جي فتويٰ کان اڳ ۾ ماريا ويندا آهن. منهنجي ڳالهه تون سمجهين پيو يا پنهنجي موت جي راهه تو پاڻ چونڊي ورتي آهي؟”
قربان فرش تي ئي هو ۽ آفيسر جي منهن ۾ ويٺو ڏٺو. ٻيو هو هاڻ ڪري به ڇا پي سگهيو. ڪوڙ، فريب ۽ اٽڪل سان ساهه واري تند بچائڻ ۽ سر سانڍڻ واري چوراڻي عادت، نه هن ڪنهن کان ورتي، نه ڪنهن کان هن کي ملي هئي. هن ته ساهه سانڍڻ جي بجاءِ، ساهه ۾ محبت سانڍڻ سکي هئي ۽ جيڪا محبت هن ساهه ۾ سانڍي رکي هئي، سا عدن جي نالي واري اها اصل صورت ڇهه مهينا گذرڻ کان پوءِ به سچ پچ غائب هئي ۽ ان جي گم ٿي وڃڻ واري تفتيش، آفيسر ان قربان نالي شخص کان پي ورتي، جنهن ان عورت کي پنهنجي وجود جو خدا پي سڏيو.
آفيسر هن کي وري چيو، “ايترو گهڻو نه سوچ، سچ انسان جي اندر ۾ گهڻو وقت ناهي لڪندو ۽ ڪنهن مرده جسم ۾ ته سچ رهي نٿو سگهي. زندهه دل ئي سچ ڳالهائيندي آهي، ان کي ائين مرده بنائي پنهنجي جان جي سلامتيءَ کي خطري ۾ نه وجهه، ٻڌاءِ عدن هن وقت ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ رهي ٿي؟”
قربان پنهنجي ڪڪريل آواز ۾ چوڻ لڳو، “جيڪڏهن آئون چوان ته اُها هن وقت منهنجي اندر ۽ منهنجي دل وٽ رهي ٿي، ته اتان اوهان ان کي وٺي وڃي نٿا سگهو، ۽ جيڪڏهن چوان ته، ان معاملي جي مون کي ڪا خبر ناهي ته، اهو سچ اوهان کي پسند ڪونه ايندو. آئون سمجهان پيو ٻنهي حالتن ۾ اوهان کي وڌيڪ مايوسي ملندي ۽ مون کي وڌيڪ سزا ملندي، تنهن کان بهتر آهي ته، توهان مون مان پنهنجي مرضيءَ مطابق تسلي ڪريو!”
“ ‘اڇا’تنهنجي جان ۾ ته ايتري سگهه نظر ڪانه پيئي اچي، جيتري تنهنجي لفاظي ۾ سگهه آهي. ڀلا ڪڏهن لفاظي به ماڻهوءَ جي گناهه جو تحفظ ڪري سگهي آهي. ٺيڪ آهي، اسان توکي ڏهن ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا. سوچي وٺ ۽ پنهنجن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪر. ان لاءِ ڀارت ۾ اوهان جو ڪو دلال آهي ته ان سان علحدگي ۾ ملاقات جو انتظام ڪري سگهجي ٿو.“ ايترو چئي، آفيسر فرش تي پيل قربان ۾ نظرون وجهندو هليو ويو ۽ ان مهل قربان ڄڻ پنهنجي جسماني حالت ڏسي پنهنجي جيءَ جي جهان ۾ هليو ويو هو. جتي هن پنهنجي خدا کي ڄڻ روبرو ويٺي شڪايت ڪئي، ”اي خدا! تون يارن جو يار، دوستن جو دوست پر دشمن سان به تنهنجو دنگل دنيا کي نظر نه آيو، ان ڪري جو اهو ته سڀ تون پاڻ آهين. تنهنجي وڏائي آدم جي صورت ۾ ڪيڏي نه عجيب آهي. صورت تنهنجي، سيرت آدم جي- ثواب تنهنجا، گناهه آدم جا، محبت تنهنجي ۽ سزا آدم جي. واهه ڪيڏو عجيب رشتو جوڙيو اٿئي. اُن اڻ ڏٺي رشتي سان - آدم صورت ۾ عظيم ۽ ان عظيم صورت ۾ عظمت تنهنجي، جنهن جي بقاءِ دوام لاءِ، تو هر صورت ۾ پنهنجي مشابهت جا بي مثال اهڃاڻ ڏيئي، آدم ۾ فنا جو خوف وجهي پاڻ کي امر ڪيئي ۽ فنا آدم جي، بقا تنهنجي!”
ايتري ۾ اهي ساڳيا چار سپاهي آيا ۽ کيس پير ڪڙيون هڻي هڪ اهڙي کوليءَ ۾ بند ڪري هليا ويا، جنهن ۾ نه پائخانو، نه ڪمبل نه ٽوال، ويهاڻو. ان کوليءَ جي ڇت جي برابر هڪ ننڍڙي دري هئي، جنهن مان روشني جو گذر هو. اتي هن سان رات جو ڏهه لڳي، جيلر ملڻ آيو، جنهن کيس ٻڌايو، “تنهنجي اڄ روٽي پاڻي بند ڪئي ويئي آهي، پر روٽي مون به اڃا نه کاڌي آهي. اڄ توسان گڏجي کائيندس!” ۽ وري هڪ بي خبر ماڻهوءَ وانگر پڇڻ لڳو، “معاملو ڇا آهي؟ ڇا هي مڇي مار ملاح انهن سان تون گڏ ڪونه پڪڙيو هئين، توکي الڳ ڪٿي پڪڙيو ويو آهي؟”
“اسين سڀ هڪڙي هوڙ ۾ گڏ هئاسين”. قربان چيو.
“پوءِ هي رڳو، تو هڪڙي تي جانچ پيئي هلي ۽ ايڏي سختيءَ سان، اهو ڇا آهي؟” جيلر چيو.
“اهو مون توهان کان پڇڻ پي چاهيو” قربان چيو.
ائين هي ٻئي اهڙي گفتگو ۾ هئا، ته ٻه سپاهي ماني کڻي آيا ۽ جيلر خاموش ٿي ويو. مانيءَ کان پوءِ جيلر سپاهين کي چيو، ”هن جون هي پير ڪڙيون ناهن کولڻيون، باقي انهيءَ حالت ۾ هن کي پنهنجي ساٿين واري وارڊ ۾ ڇڏي اچو. پر صبح جو وري به هن کي هن ساڳي کوليءَ ۾، اوهان کي ئي پهچائڻو آهي. شاباس وڃو، هي تنگ آهي، پهريان هن کي اتي پهچايو”.
۽ قربان واقعي به عذاب ۾ هو. سڄي ڏينهن واري جهليل پيشاب واري عذاب ۾ هاڻ ايترو تنگ هو، جو سوچيائين پي ته، هي جيلر بس هتان نڪري، ته پنهنجو مثانو کوليءَ ۾ ئي خالي ڪريان” پر جيلر جي مهربان رويي ڄڻ سندس مثانو به هلڪو ڪري ڇڏيو ۽ جنهن مهل هن بار بار جيلر جو منهن پي ڏٺو، تنهن مهل جيلر کيس چيو، “مان صبح تو وٽ وري ايندس. هن مهل هنن سان گڏجي وڃ”
۽ پوءِ جنهن مهل پنهنجي ساڳئي وارڊ ۾ پهتو، ته پنهنجن ساٿين مان ڪنهن کي به ننڊ ستل ته ڇا، پر ڪنهن کي ٺلهو ليٽيل به ڪونه ڏٺائين. سڀ ائين اُڀا لڳا ويٺا هئا، جيئن ماڻهو ڪنهن مُئي جي پٿر تي ويهندا آهن. هي وارڊ ۾ اچي پهريان پنهنجي ضروري حاجت مان هلڪو ٿيو ۽ پوءِ هي سڀني جو وچ وٺي ويٺو. هن گورين کائڻ لاءِ پاڻي گهريو. اهي ٽي گوريون، جن مان ٻه پين ڪِلر هيون ۽ هڪ آرام جي هئي، سي هن کي جيلر ڏنيون هيون. سندس سڄو بدن درد هو. رات هئڻ ڪري، سندس زخمن تي ڪنهن جي چڱي طرح نظر نه پيئي هئي، پر صبح سج اڀريي مهل، جڏهن اهي ٻئي سپاهي جنهن مهل هن کي واپس وٺڻ آيا، ته پير ڪڙين جي ڪري هن کي اٿڻ ۾ تڪليف پي ٿي، ته صديق ناکئي سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهي، هن کي ڪجهه ٽيڪو ڪرايو، ته ٺونٺ ۾ زخم هئڻ ڪري هن کان هلڪي چنگهه نڪري ويئي. ان مهل سندس سڀني ساٿين ڏٺو ته، سندس ٺونٺين ۽ گوڏن واري هنڌ جا ڪپڙا رت سان رڱيل هئا ۽ رت سُڪي وڃڻ جي ڪري، ڪپڙي جي انهن جاين تي جهڙو ڪو ڪلف ڪيو ويو هو. هن ان رات پنهنجن ساٿين کي ان معاملي بابت ڪجهه به نه ٻڌايو هو ۽ پوءِ جنهن مهل سپاهي هن کي ان ساڳي کوليءَ ۾ بند ڪري هليا ويا، ته ان مهل هن کي پنهنجي گهر جي اُها اونداهين واري ڪنڊ ياد آئي، جنهن ۾ هن کي پنهنجي محبوبا عدن جي محبت، عشق جا پرائمري سبق پڙهايا هئا ۽ سندس ڀاءُ حافظ امين اتي هن سان ڊگها بحث پيو ڪندو هو. پر هاڻ هن هڪ بند کوليءَ ۾ پنهنجو پاڻ سان پي بحث ڪيا، جنهن ۾ تڪراري به پنهنجو پاڻ هو ته اقراري به پاڻ.
ماڻهو جڏهن تڪرار ۽ اقرار جي مناظري ۾ پنهنجو پاڻ اڪيلو هوندو آهي، تڏهن هو اهڙي سچ کي وڌيڪ ويجهو هوندو آهي، جنهن لاءِ دل جا دليل واضح ڪري ڇڏيندا آهن ته خالقِ ڪائنات به پنهنجي ذات سان پاڻ ئي اقرار ڪندي چيو هو:
الِاَنسان سري وَ اَنَاَسرّهُ
“انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ آئون سندس ڳجهه آهيان”.
“اهو سچ خدا پنهنجي ذات سان پاڻ ڳالهائي، پنهنجو پاڻ سان انصاف ڪيو.” قربان اهو خود سان مخاطب هو، “۽ انسان ان سچي انصاف لاءِ هزارين صديون پوءِ به رڳو پنهنجي ڳجهه جي سڃاڻپ کي پهتو ۽ بعد ۾ پوءِ اتي پهتو، جتي خدا کيس پنهنجي ڳجهه ۾ رکيو هو، جنهن کان پوءِ انساني محبت جنم ورتو، جنهن يارن جا راڄ پيدا ڪري انهن کي سرن جو سودو سيکاريو، جن ساهه کان وڌ، پنهنجي خدا جي محبت کي اهميت ڏني”.
هاڻ هي ان اقراري پهلوءَ مان جڏهن تڪراري پهلوءَ ۾ گهڙيو، ته هي پنهنجا واڻ پاڻ وڍڻ ويهي رهيو.
“انسان صدين کان ته اڳ جو ڄايل آهي. ان کان اڳ ۾ لفظ ‘ڪُن’ جنهنکي خدا کان سواءِ اڃا ڪنهن ڪونه ٻڌو هو ۽ ان حڪم کان اڳ ۾، هي جهان سڄو هڪ قيد ۾ هو، جڏهن جهان جُڙيو ۽ خدا پنهنجي خوبصورتيءَ کي آدم ۾ آندو ته ابليس ۽ انسان، آدم ۾ گڏ رهي نه سگهيا”.
“پوءِ ڇا ٿيو؟” هن پاڻ کان پڇيو.
“پوءِ خدا ابليس کي ڊوڙائي آدم کي اهميت ڏيئي ان ۾ انسان کي ويهاريو، جنهن عشق آباد ڪيو. خدا جي ان خوبصورتيءَ کي عام ڪيو پر ان کان اڳ ۾، آدم کي سجدي جي سلامي ڏني ويئي، جنهن ڪري آدم جو سجدو، سواءِ خدا جي روبرو، باقي لاءِ ممنوع ڪيو ويو”.
“پوءِ ڇا ٿيو؟” خود کان پڇيائين.
“پوءِ پنهنجي وجود ۾ ويٺل، اڻ ڏٺي خدا کي ڪيل توڪلي سجدي، انسان کي پنهنجي سچي خدا ڏسڻ لاءِ بيچين ڪري وڌو ۽ پوءِ، انسان پنهنجي خدا جي ڳولا ۾ ورهائجي ويو، ڪن آدم جي صورت ٺاهي ان ۾ خدا پي ڳوليون، ڪنهن هوا، باهه، پاڻي ۽ طوفانن ۾، ڊوڙندڙ خدا پي ڳوليو ۽ ڪن وري پنهنجي اندر جي اونداهي ۾ اُجهامي ويل روشنيءَ کي ٻاري خدا پي ڳوليون، جنهن جي رڳو هڪڙي چڻنگ سان دوزخ ۽ بهشت سڀ جلي وڃن!”
“پوءِ ڇا ٿيو؟”
“پوءِ انسان ان نوراني چڻنگ کان پنهنجو جيءَ سلامت رکڻ خاطر محبت جو سهارو ورتو ۽ عشق کي پنهنجو امام تسليم ڪري ان جي رهبري ۾ خدا جي خوشنودي حاصل ڪيائين، پوءِ اُها نوراني چڻنگ، سندس لاءِ ابراهيم جي آڙاهه جيان گلزار بڻجي سندس جيءَ کي سلامتي بخشي ۽ پوءِ ابليس اڪيلو رهجي ويو!”
“پوءِ ڇا ٿيو؟”
“پوءِ ابن آدم ان اڪيلي ابليس کي بدنام ڪري، پنهنجي خدا جي سلامتي لاءِ جنگي کاهيون کوٽي، ڌرتي تي موجود آخري آدم تائين، پاڻ کي ان محاذ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن جي جيت ۽ هار جي فيصلي لاءِ، خدا انسان جي انصاف خاطر، دنيا جي آخري ڏينهن تي وري “ڪُن” مخالف ڪو لفظ ڳالهائيندو ته ابن آدم جي هٿ مان جنگي هٿيار ڇڏائي ويندا! سج هڪ هنڌ بيهي ويندو- رات موڪلائي ويندي- آسمان گم هوندو ۽ باقي بس رڳو سندس اُهي يار سلامت هوندا، جن سندس سلامتي لاءِ، جنگين جون کاهيون، پنهنجن سسين سان ڀريون هيون.”
“پوءِ تنهنجي سچ کي ڪوڙ ثابت ڪيو پيو وڃي- اها ڪهڙي جنگ آهي- تون خود پنهنجي خدا جي سلامتي لاءِ چوين ٿو ته، آئون ۽ عدن آهيون، ته تون به آهين- اها ڪهڙي انتها آهي-؟”
ائين هن کي پنهنجي ان تقراري ۽ اقراري بحث ۾ ان ڏينهن وارو ڪافي وقت گذري ويو هو، هن کي جيلر چئي ويو هو ته، صبح تو وٽ وري ايندس، پر ان ڏينهن جيلر ڪمار جي بدلي وري به سندس هم وطن قيدي ڪامل شاهه آيو ۽ ان سان گڏ هڪ سپاهي هو، جيڪو ڪامل شاهه کي، سندس حوالي ڪري ۽ کولي کي تالو هڻي هليو ويو.
هاڻ قربان کي اهو شڪ پئجي ويو هو ته “ڪامل شاهه جيل ۾ صاحبن جو ماڻهو آهي!” ۽ ڪامل شاهه به ان مهل ئي جهڙو سندس اندر پڙهندي چيو “تون مونکي پاڻ وٽ ڏسي، اهو ضرور سوچيندو هوندين ته، هي ڪامل شاهه بار بار منهنجي معاملن ۾ ٽنگ ڇو ٿو اڙائي؟”
“نه، آئون ائين سمجهان به ٿو، ته اُهو ان حوالي سان ته، اها تنهنجي مجبوري هوندي!” قربان چيو.
“صحيح، اها به حقيقت آهي- ڪامل شاهه چيو- هتي بااختيار ڪير آهي يار- سڀ مجبور ته آهيون- پر اِهو اسان کي هڪٻئي تي اعتماد هئڻ گهرجي ته، اسان هڪٻئي جو نقصان نه ڪنداسين!”
“ها! پر انسان زندگي مان جڏهن ٿڪندو آهي، ته پنهنجو به نقصان ڪري ڇڏيندو آهي” قربان چيو.
“مان ارڙاهن سال قيد ڪٽي، جيل مان ضرور ٿڪو آهيان، پر نااميد ناهيان، زندگي مان نه ٿڪو آهيان.” ڪامل شاهه چيو.
“هلو! ان بحث کي ڇڏيون ٿا-مقصد تي اچون ٿا، پر پهرين مونکي اهو ٻڌائي ته، هي مون تي ڪهڙي باهه ٻري آهي؟” قربان چيو.
“قربان، هتي اسين سڀ انهيءَ باهه جا ٻارڻ آهيون- هي جيڪا ٻارن ٿا ۽ اُجهائين ٿا- اهو راز، هي ڪنهن غير ملڪي قيدي کي ڪيئن ڏيندا!”
“ته پوءِ ارڙانهن سال، هنن مان تو ڇا سکيو آهي؟” قربان چيو.
“ذلت، بيوسي ۽ جيل انتظاميه جي اُها ضرورت، جنهن ۾ سندن ترقيءَ جا سبب آهن- ها! بس ان ۾ پنهنجا ذاتي ڪجهه مفاد ضرور آهن، جنهن ۾ ڪنهن قيدي ڀاءُ جي ڀلائي هجي.” ڪامل شاهه .
جيل جو تجربو، قربان کان ڪامل شاهه ۾ وڌيڪ هو ۽ زندگي جي جيل جو تجربو قربان ۾ وڌيڪ هو. تنهن ڪري ٻنهي جي وچ ۾ اهو فرق صاف هو ته، قربان پنهنجي سزا جي هر عذاب کي سر تي وسائڻ واري حالت ۾ هو ۽ ڪامل شاهه هر سزا کان بچاءَ واري حالت ۾ هو ۽ ڪامل شاهه هر سزا کان بچاءَ وٺڻ جو ماهر هو ۽ سندس نيت ۾ قربان کي وڌيڪ سزائن کان بچائڻ واري سوچ هئي. توڻي جو هن کي جيلر ڪمار ئي پنهنجي ڪنهن مقصد لاءِ موڪليو هو، ۽ هن ان مهل به قربان کي کولي ٻڌايو “ڏس قربان، معاملو ڇاهي- ۽ ڪهڙو آهي، ان جي خبر هڪ ان آفيسر کي، جنهن وت تنهنجي ڪيس جي جانچ آهي ۽ ٻي خبر توکي- مان توکان ان معاملي جو نٿو پڇان- توڻي جو، جيلر ڪمار، مونکي ان مقصد لاءِ ئي استعمال پيو ڪري- ته توکان اهو سڄو راز حاصل ڪري کيس کي ٻڌايان.”
“تنهن جي معنيٰ جيلر ڪمار به مون وانگر ان معاملي کان بي خبر آهي!”
“قربان هڪڙي ڳالهه ياد رکجان- ڪامل شاهه چوڻ لڳو- جيڪي مون هنن جيلن ۾ سکيو آهي، ان لحاط کان جيل انتطاميه جو آفيسر جيڪڏهن سٿڻ لاهي اُگهاڙو ٿي سمهي ۽ تون ان جي مٿان سمهي- ائين ست دفعا ان آفيسر جي اوگهڙ مٿان تون لهين، چڙهين تڏهين به اهو اعتماد نه ڪجان، ته تو هن جي سچ، پچ به ڪا اوگهڙ ڏٺي آهي- بس بچاءُ- پنهنجو بچاءُ ڪري سگهين سو ڪر- اسان پنهنجي حال مطابق، سڄي سنگت توسان گڏ آهيون- پاڻ کي مضبوط رک ۽ پنهنجي تڪليف جو پنهنجن ساٿين سان اظهار نه ڪر، جيڪي سچا، پچا ساٿي هوندا آهن، سي پنهنجي ساٿي جي تڪليف پاڻ سمجهي ويندا آهن- انهن کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي هوندي!”
ڪامل شاهه جا تجربا، قربان جي حوصلي وڌائڻ لاءِ ڄڻ ڪجهه به ڪون هئا. انسان پنهنجي اندر ۾ مضبوط ٿي ويندو آهي،ته ان کي بس رڳو موت ئي فوت ڪري سگهي ٿو. باقي دنيا جون آٿتون، ان لاءِ دنيا ڄڻ پنهنجو احسان قائم رکڻ لاءِ ڪندي آهي.
اهڙي طرح قربان سندس احسان قائم رکندي چيو “سائين ڪامل شاهه تنهنجي مهرباني- ۽ وڌيڪ مهرباني ٿي سگهي ته، منهنجي ساٿين جو خيال رکجو- انهن جي اوهان کي پارت آهي- هُو اڻ پڙهيا ۽ تمام سادا ماڻهو آهن- مونکي پنهنجي بچاءُ ۾ نه ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ نه ڪجهه ٿي سگهندو- منهنجو سچ آفيسر کي ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه نظر نٿو اچي- جيڪي شيون هُو مونکان وٺن چاهي پيو، سي ڪوڙ هڻي قبول ڪريان ته ڏيندس ڪٿان ۽ جيڪي منهنجي اندر ۾ آهي، سو ته مون کان به نڪري ڪون سگهندو، تنهن ڪري ٻنهي حالتن ۾، ڪا قرباني آهي، جيڪا قربان کي پاڻ ڏانهن سڏي پئي!”
ڪامل شاهه، انهن لفظن مان سمجهي ويو ته، “همراهه مضبوط آهي.” ۽ هم وطن قيدي هئڻ جي ناتي سان، خوشيءَ ۾ سندس بدن مان سيئانڊو نڪري ويو ۽ فخر مان پڇيائين “قربان، مون ۾ ڪو تنهنجو شڪ، گمان؟“
“نه سائين ڪامل شاهه، شڪ ۽ گمان ته هن وقت منهنجي گرد پيا گهمن- مونکي افسوس آهي جو، آئون اوهان سان ڪوڙ نٿو ڳالهائي سگهان، بس!“
ائين پورا ٻه ڪلاڪ، ڪامل شاهه هن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وچ ۾ قربان کي خيال آيو ته “رانجهن شاهه جي باري ۾ کانئس ڪجهه پڇان.” پر وري اهو سوچي خاموش ٿي ويو ته “سيد هئڻ جي ناتي سان، منهنجي محبت کيس سمجهه ۾ نه آئي ته دوستي مان دشمني، وڌيڪ عذاب پيدا ڪري وجهندي.”
۽ ڪامل شاهه کي هن مان ڇا حاصل ٿيو جنهن جي ذريعي هو جيلر کان پنهجي چال چلت واري ڪردار لاءِ شاباشي وٺي پي سگهيو. جيڪڏهن کيس قربان مان ڪجهه به نه مليو هو، تڏهن به هن وٽ اها ڏانءُ هئي ته، پنهنجي شرافت لاءِ، شاباشي ڪيئن حاصل ڪجي.
هاڻي ڏينهن جي ٽه پهري جو وقت هو، قربان کي سڄي ڏينهن واري پيشاب جي روڪ، پريشان ڪري وڌو هو، هن سوچيو “مونکي ڪنهن ڪنڊ کان پيشاب ڪرڻو ئي پوندو.”
وارڊ ۾ هو پنج ئي وقت نماز پڙهندو هو، رات جو تهجد نماز تائين ذڪر ۽ فجر جو سڀن کان اڳ ۾ اٿندو هو، پر کولي ۾ بند ٿيڻ کانپوءِ سندس من جي اُٿل، پٿل کانسواءِ باقي سندس انساني حق سڀئي ڄڻ قيد هئا.
پيشاب کي به هن ڏينهن جي وقت جيڪو روڪيو پي، سو بس رڳو ان کولي کي صاف رکڻ خاطر، پر جنهن مهل ان اذيت دوران کيس اهو خيال آيو ته “جيڪڏهن سڀاڻي مونکي پنهنجي محبت خاطر پيشاب پيئڻو پيو، ته ڇا پنهنجي عشق سان انڪار ڪندس؟” تنهن مهل اُٿي هن ڏاکڻي اڀرندي ڪنڊ ۾ پيشاب ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ته ان مهل جيلر ڪمار سندس کولي ۾ داخل ٿيو.
جيلر ڪمار کولي ۾ گهڙڻ شرط، کولي جي فرش تي نطرون ڊوڙائڻ لڳو. پر هن کي ڪٿان به ڪا غلاظت نظر نه آئي ۽ حيران گاڏڙ مسڪراهٽ سان پڇڻ لڳو “توکي پنهنجي ڪا ضروري حاجت پريشان نٿي ڪري؟”
۽ قربان به ساڳي ادا سان کيس چيو “توهان کي هن ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ پريشاني کانسواءِ ٻيو ڪجهه محسوس ڪون ٿيندو- ان ڪري توهان پريشان آهيو ۽ ٻيو دنيا ۾ جنهن کي اسان ضروري سمجهون ٿا، سو بس پريشاني جو سبب ئي آهي.”
“تنهنجي چوڻ جو مقصد، ضرورت ئي پريشاني آهي؟” جيلر چيو.
“ها! انسان هزارين حاجتن ۾ جڪڙيل آهي ۽ هر حاجت جي پويان غلامي جو هڪ اهڙو قيد آهي، جنهن ۾ هر ضرورت، هڪ اهڙي شڪل واري سزا آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي خودداري کان خودشناسي تائين، خود کي وسريو وڃي.”
جيلر ڪمار کلي ڏنو ۽ اشاري سان چيائين “ويهه!” ۽ پوءِ پاڻ به فرش تي ويهندي چيائين “صوفي قربان، جيل اندر هي تنهنجا فلسفا اجايا آهن- توکي ڪنهن جي ضرورت ناهي ته اها الڳ ڳالهه آهي- پر تنهنجي ڪنهن کي ضرور ت هوندي، اهو احساس توکي هئڻ گهرجي- ڏس تون هن وقت جنهن ڪرب ۾ آهين ان کي اسان سمجهون ٿا- پر تون اسان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر ڀائي؟”
ماڻهو ان وقت ڪيڏي نه عجيب حالت ۾ گذرندو آهي، جنهن وقت هو سؤ سيڪڙو سچ ڳالهائيندو هجي ۽ سندس هر تعلق ۽ واسطي وار و کين سؤ سيڪڙو ئي ڪوڙو تصور ڪندو هجي. اهڙي ڪرب ۾ ته هر ماڻهو، ان وقت هڪ اهڙي سزا ۾ هوندو آهي، جنهن جو ڪو مدو مقرر ئي نه هوندو آهي.
قربان هاڻ اهڙي حالت م داخل ٿي چڪو هو، پر خود کانسواءِ ڪنهن کي ڪيئن چوي ته “منهنجي لاءِ، منهنجو هر خيرخواهه ماڻهو به. منهنجي بيگناهي جي سزا بڻجي پيو آهي.”
پر ضرورت به انسان ۾ ڪيڏي نه ڇڙواڳ سگهه واري حاجت آهي، جو منصور حلاج جهڙو عاشق به سنگسار ٿيڻ وقت ان مهل پنهنجي ضرورت روڪي نه سگهيو، جنهن مهل سندس حال محرم دوست شيخ شبلي کيس هڪ گل اڇلي هنيو هو.
۽ ڪربلا ۾ شهادت جي وقت امام حسين به پنهنجو اظهار ڪيو هو ته “جنهن وقت ڪو ٿڌي پاڻي جو ڍُڪ پيو ته اسان کي ضرور ياد ڪجو!”
قربان کي جيلر ڪمار سمجهي ڪون سگهيو، جيڪڏهن سندس اهڙي حالت کي سمجهي به وٺي ها، ته وري ان جو تدارڪ ان جي سمجهه ۾ نه اچي ها ۽ ٻيو ته هڪ جيل عملدار جي حيثيت سان ڪنهن قيدي جي اهڙي ڪيفيت سان سندس ڪا خاص دلچسپي ڪان هئي، پر قربان سندس لاءِ هڪ اهڙو ضروري قيدي بڻجي پيو هو، جيڪو سندس لاءِ،سندس آفيسر جي ٽيبل تي پيل سندس ترقي جو ڪوئي سنديسو هو.
جنهن مهل هن قربان کي چيو “توکي ڪنهن جي ضرورت ناهي ته اها الڳ ڳالهه آهي، پر تنهنجي ڪنهن کي ضرورت هوندي.”
ان مهل قربان کي پنهنجي عدن ائين ياد آئي، جو سندس هر قيدي عضوو کيس ڄڻ دانهيندو هجي ته “اَي قربان، پاڻ وسارڻ ۾ ته انسان آزاد آهي- پر پنهنجا پيارا وسارڻ، اها ڪهڙي آزادي آهي؟”
تنهن مهل هن جيلر کي چيو “مونکي خبر نٿي پوي ته، ڪيترين ضرورتن ۾ ورهايو ويو آهيان- جيڪڏهن توهان به ڪنهن اهڙي ضرورت خاطر منهنجو خيال رکو ٿا، ته توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته، توهان کي نااميد نه ڪندس ۽ ڪوشش ڪندس ته، توهان جو اعتماد منهنجي لاءِ قائم رهي.”
“تون ڀلا پنهنجو پاڻ کي ايڏي عذاب ۾ ڇو پيو وجهين- جيلر چوڻ لڳو- ڇو نٿو آفيسر کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏين- جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته، سڀ ڪجهه ٻڌائڻ سان ڪنهن ڊگهي سزا ۾ نه هليو وڃان، ته اهو تون غلط پيو سوچين- جيڪڏهن تو پنهنجي ملڪ جو ڪو ڏوهه ڪيو آهي، ته ان جي سزا ڏيئڻ جو هتي جي عدليا جو اختيار ناهي- ۽ هتان تون آزاد ٿي سگهين ٿو ۽ پوءِ تنهنجي لاءِ تنهنجي پنهنجي وطن ۾ تنهنجا، پنهنجا به ته آهن- هتي هي سڀ ڪجهه لڪائي پاڻ مارائڻ مان توکي ڪنهن فائدي جي بجاءِ نقصان آهي ۽ الئي ڇو منهنجي دل چوي ٿي- تو جهڙي، اهڙي ذهين ماڻهو کي، اهڙي چريائي ڪري پاڻ مارائڻ نه گهرجي- ڏس قربان ڀائي- مان توکي کولي ٿو ٻڌايان- جنهن آفيسر کي تنهنجي تفشيش لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي- اهو ڪرپٽ ۽ تمام خطرناڪ قسم جو ماڻهو آهي- هو ڪهڙي به حد تائين وڃي سگهي ٿو، جيڪڏهن توکي مون ۾ اعتماد آهي، ته معاملو مون سان ڪليئر ڪر، مان توسان واعدو ٿو ڪيان، هتان کان آزاد ڪرائڻ منهنجو ذمو آهي،.؟”
اهو جيلر ڪمار هن کي دلي طرح پي چيو، ۽ ان ۾ جيڪڏهن سندس ڪو مفاد هو به، ته اهو سندس سروس مطابق ان جو آفيشلي حق هو، پر قربان کي هاڻ پيشاب جي تنگي ۾ سندس مثانو ڄڻ تندور جيان تپي پيو هو. سندس منهن تي هلڪو پگهر ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿي پيون هيون، سندس اهڙي حالت کي، جيلر ڪمار وٽس اچڻ وقت ئي سمجهي ويو هو ۽ ان مهل ئي سندس لاءِ انتظام ڪري پي سگهيو، پر هن چاهيو پي ته اهڙي ڪنهن هلڪي سزا ۾ ئي راز کلي وڃي ته باقي سزائن کان جان ڇٽي پوندس.
اهو هاڻ ڏينهن جو اهو وقت هو، جنهن وقت سج سڄي جهان جا ڏينهن وارا، انتطار پاڻ سان گڏ کڻي تڪڙو لهي ويندو آهي ۽ دنيا وري سندس ئي انتطار ڪندي آهي. جيڪڏهن ان مهل ڪو مشاهدو ڪندڙ هجي ته ائين چوي ها ته “قربان جي منهن جو رنگ ۽ سج جي ٽامڻي ۾ ڪو فرق نه هو.
ان مهل قربان جيلر کي تنگ حالت ۾ ٻڌندي چيو “آئون جيڪڏهن ڪنڊ ۾ بيهي پيشاب ڪري وٺان، ته توهان غلط ڪون سمجهندا!؟”
جيلر جي دل سندس ان حالت تي ايتري نرم ٿي پئي جو هن هڪدم چيو “اٿي، تنهنجي ساٿين واري وارڊ ۾ٿا هلون.”
۽ ان وارڊ تائين پهچڻ جو فاصلو تقريبن چار سؤ فوٽ کن هو، پر اوستائين پهچڻ به هن لاءِ هاڻ ڄڻ زندگي ۽ موت وارو مفاصلو هو. هي اٿي جيلر سان گڏ هلڻ لڳو، پر سندس دل خراب ۽ مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳا، رستي ۾ هن کي جيلر چيو “جيل ۾ سينيئر قيدين جي صحبت جو خيال رکجو- قيد دوران قيدي پنهنجي آزادي لاءِ وڌيڪ سوچيندو آهي- هو جيل ۾ صرف انهن رستن ڏانهن گهڻو ڏسندو آهي- جيڪي سندس غير قانوني آزادي ڏانهن ويندي سڏيندا آهن. پر انهن رستن ۾ نظر ئي نه وجهندو آهي، جٿان سدس قانوني آزادي جا دروازا قانون پاڻ کوليندو آهي.”
پر هن جي طبيعت ان مهل نيم بيهوشي واري هئي، تنهن ڪري جيلر جيڪي ڳالهايو پي، تنهن ۾ هو رڳو پنهجي مقصد ۾ مطمئن هو- باقي قربان جو ذهن ۽ نظرون ان وارڊ ڏانهن هيون، جتي هن کي پنهنجي ٻرندڙ جان مان پيشاب جي باهه خارج ڪرڻي هئي.
جڏهن هو ان وارڊ ۾ پهتو، ته سندس سڀ ساٿي هن لاءِ اٿي بيٺا، پر ان مهل سندس نظرن ۾ تِرورا اچڻ لڳا ۽ سندس ساٿين تان سندس نظر ترڪڻ لڳي ۽ پاءِ خانو هڪڙي پاسي ته هي ٻي پاسي وڃڻ لڳو، ان مهل ناکئي صديق تڪڙو اچي سندس ٻانهن پڪڙي چيو “ڪيڏانهن پيا وڃو؟”
“پيشاب؟” هن پنهنجي خشڪ زبان سان آهستي چيو، تڏهن ناکئي صديق کيس پاءِ خاني جي طرف روانو ڪري ٻانهن مان هٿ ڪڍي ڇڏيو ته هي پاءِ خاني جي طرف رخ رکي روانو ٿيو، ته ان مهل سندس نظرون گم ٿي چڪيون هيون ۽ اکين اڳيان اونداهه اچڻ سبب هي پاءِ خاني جي دروازي ۾ منهن ڀر وڃي لڳو، ۽ هڪدم پاڻ سنڀاليندي دروازي ۾ هٿ وجهي اندر گهڙي پٺيري هٿن دروازو ورائي بيٺي پيرن پنهنجو مثانو خالي ڪيو، پر ڪافي دير هي پوءِ به اکيون پوري پاءِ خاني ۾ پنهنجي نظر جي واپسي جي انتطار ۾ بيٺو رهيو ۽ پوءِ جنهن مهل هن پنهنجي جان هلڪي ۽ ٺرندي محسوس ڪئي ته هي ٻاهر نڪتو، پر ٻاهر نڪرڻ مهل هن دروازو کليل ئي ڇڏيو، شايد دروازو بند ڪرڻ کيس وسري ويو هو. هي جنهن مهل ٻاهر نڪتو، ته جيلر ڪمار سندس ساٿين سان ڪچهري ۾ ويٺل هو، ان کي پنهنجي ساٿين سان گڏ ويٺل ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو “مهربانيون ماڻهو جيڪڏهن هٿ سان ٺاهيندا هجن ها، ته هن ماڻهو لاءِ آئون هڪ اهڙي مهرباني ضرور ٺاهيان ها.
جيڪا سندس هر حسرت کي پياري هجي ها- پر افسوس انسان هڪ اهڙو مهربان آهي- جيڪو پنهنجي حسرت جي مهرباني لاءِ به ملول آهي!”
ايترو سوچيندي هي هاڻ پنهنجن ساٿين وٽ جيلر جي سامهون اچي بيٺو هو ۽ جيلر کيس ڏسي چيو “ڇا خيال آهي- هُن گهر ڏانهن هلڻ جو پيو سوچين.... ويهه، ويهه!”
ان مهل ناکئو صديق جيلر کي ويجهو ويٺل هو، تنهن اٿي هن کي پنهنجي جاءِ ڏني. هي ويٺو ته جيلر ڪمار سڀني کي مخاطب ٿي چيو “اوهان پنهنجي هن دوست جي عزت ڪريو ٿا- ۽ آئون به خبر ناهي ڇو، سندس هردم خيال رکان پيو- پر هي نه پاڻ کي ٿو سمعجهي ۽ نه اسان سڀن جي مهربان رويي کي- آئون اڄ هن کي هتي ڇڏي ٿو وڃان، توڻي جو هن جو هاڻ هتي اوهان سان گڏ رهڻ منهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو- پر پوءِ به مان چاهيان ٿو ته، هڪ دفعو اوهان به هن کي سمجهايو- ۽ پوءِ به هي نٿو سمجهي ته پوءِ کيس ٻڌائي ڇڏجو ته، هن ملڪ ۾ مري ويل ماڻهو لاءِ اڪثر اگني سنسڪار جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي..... مونکي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هي پنهنجي جان جو دشمن ڇو ٿي پيو آهي، جيڪو آفيسر سندس جانچ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي- ان لاءِ مون کيس ٻڌايو آهي ته هو تمام بي رحم قسم جو ماڻهو آهي – هو پنهنجي تفتيش دوران قيدي کي انسان ته تصور ئي ناهي ڪندو، ۽ هو ڪلاڪن جي اندر پنهنجي مقصد جو نتيجو حاصل ڪرڻ جو قائل آهي- ۽ اُن جيڪا مهلت ڏني اٿس، اُن ۾ مان پريشان آهيان، ته اها هِن لاءِ وڌيڪ نقصانڪار نه ثابت ٿئي.”
سندس سڀ ساٿي خاموش هئا، ۽ ايترو وقت اهي سڀ سندس اهڙي ڳنڀير معاملي کان غير واقف هئڻ ڪري تمام پريشان هئا ۽ سڀن ائين پي سوچيو ته، قربان جيل ۾ قيدين کي ڊگها، ڊگها ليڪچر ڏئي، بک هڙتالون ڪرائي جيل اندر قيدين جي ذهنن ۾ جيڪا تبديل آندي- ان عملي سرگرمي جي ڪري مٿس سختي ڪئي وئي آهي، پر جنهن مهل جيلر ڪمار کين، سندن ان ساٿي لاءِ ڪنهن ابتڙ نئين صورتحال کان واقف ڪندي چيو “بس هڪ دفعو هي ان آفيسر سان حقيقت واضح ڪري- يا ان کان مطمئن ناهي ته ڀلي مونکي علحدگي ۾ ان معاملي کان واقف ڪري – مان اوهان سڀني سان واعدو ٿو ڪريان، ته سڀن قيدين کان اڳ ۾ اوهان کي آزادي ملندي نه ته ٻي حالت ۾ اوهان سڀ سالن تائين اهڙن گم نام قيدين واري صورتحال ۾ رهندا. جو اوهان جي رپورٽ سفارتي سطح تائين به پهچي نه سگهندي.”
تنهن مهل سڀن جون نظرون قربان ڏانهن هيون ۽ قربان کي سندن نظر مان، جيلر جي هدايتن جو اثر چٽو نظر پي آيو.
۽ پوءِ جنهن مهل جيلر اٿي هاڻ ويو پي، تنهن مهل وري به چيائين ته “صوفي قربان، جيڪڏهن اسان سڀني کي ڇڏي، تون رڳو پنهنجي سمجهه تي قائم ٿو رهين، ته سڀاڻي وري به هُن کولي واري گهر ۾........ ٺيڪ!”
جيلر روانو ٿيو ته، سندس ساٿين ۾ ٿوري دير لاءِ هڪ عجيب ڀُڻ، ڀُڻ شروع ٿي وئي، ناکئو صديق ساڳي جڳهه تي هن سان گڏ ويٺل هو، بصر سرنگ، ساٿين جي اها ڀُڻ، ڀُڻ ٻڌي ڪاوڙ مان چيو “بند ڪريو اها ڪروڌي ڀڻاٽ، ڀيڻان ڪون ٿا سڀ ڦاهي چڙهو- ۽ جيلر جي نالي چوڻ لڳو- هو ڪو اوهان جو بابو آهي ڇا- جيڪي چئي ويو سو سڀ سچ آهي-ائين؟”
ته خلاصي مورڙي چيو “اسان کي ڪهڙي خبر اهو سچ آهي يا ڪوڙ پر اها خبر ضرور آهي ته، فلحال لوهه آهيون!”
تڏهن سرنگ چيس “ڪون ٿو تون لوهه ٿئين ڀيڻان ڪروڌي- تون گوشت جو ٺهيل آهين، گوشت جو ئي رهندي ڀيڻان گونههُ”
ته ان مهل ناکئي صديق سرنگ کي منع ڪندي چيو “ٺهيو، بند ڪر هاڻ تون به اها ڀيڻان، ڀيڻان- مت ڇڏي بيٺا آهيو سڀئي،”
۽ قربان، جيڪو هنن ۾ هاڻ جهڙو معاملي مدامي قيدي بڻيل هو، تنهن ناکئي کي منع ڪندي چيو “ڇڏ همراهن کي ته ڀلي هڪٻئي سان پنهنجي سوچ ورهائن- ويندڙ وقت کان ايندڙ وقت جي رفتار تيز آهي- آئون سمجهان پيو، منهنجو اوهان کان الڳ ٿيڻ وارو وقت، رات ۽ ڏينهن وانگر ويجهو آهي- هنن کي سنڀالڻ هاڻي تنهنجو ڪم آهي- ائين نه ٿئي جو، هڪ، هڪ ڪري اسان کي الڳ ڪري ڇڏن.”
۽ پوءِ وري سڀن کي سڏي گڏ ويهاري چوڻ لڳو “منهنجي باري ۾ اوهان کان ڪا پڇا، ڳاڇا ٿئي، ته آئون جيئن ۽ جهڙي حال سان جنگسير تڙ تان اوهان سان چڙهيو هئس، اهو سارو قصو سربستو ٻڌائجو- پر جيڪڏهن توهان کي مار ڪُٽ ٿا ڪن ته اوهان مونکان لاتعلق ٿي وڃجو، ۽ چئجو اهو ماڻهو اسان سڃاڻو به ڪون ٿا- مونکي يقين آهي، اوهان جي اهڙي ڪوڙ کي هو سچ سمجهندا ۽ اوهان وڌيڪ سزا کان بچي ويندا- ڪير به، نه پريشان ٿئي ۽ نه ٻين کي مايوس ڪري ۽ سچ به اهو آهي ته منهنجي اوهان سان مائٽي به ڪهڙي آهي- آئون اوهان سان اوهان جي هوڙي تي به هڪ مسافر هئس ۽ هتي هن جيل ۾ به هڪ قيد مسافر آهيان- منهنجي ڪري اوهان سڀ عذاب جي منهن ۾ نه وڃو- بس ياد رکجو، منهنجي ڀلائي چاهيو ٿا، ته مون منجهان هٿ ڪڍي ڇڏيو- ۽ ائين جيڪڏهن ڪريو ٿا- ته اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته، منهنجو ٿورو ڪجهه جسماني نقصان ٿي سگهي ٿو- باقي سڀ سلامتي سان، پنهنجي سنڌ وطن گڏ هلنداسين،”
ان کانپوءِ جيستائين انهن سان وارڊ ۾ گڏ هو، ته اهڙي هدايت هر رات انهن کي ڪندو رهيو ۽ ناکئي کي بار بار چوندو رهيو ته “مون کانپوءِ، توکي پاڻ به سنڀالڻو آهي ۽ هنن سڀني جي ذميواري به توتي آهي- آفيسرن سان پنهنجي سوچ هڪٻئي لاءِ هڪجهڙي رکجو- ۽ هڪٻئي لاءِ ساهه تائين جي قرباني کان نه ڪيٻائجو.

__________________________