ناول

يار

ناول يار اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ناول جو ليکڪ محترم حيدر دريا زئور آهي. ملاحن انهن جي زندگي، عشق، مذهب، سياست ۽ ٻين گهڻ رخي موضوعن تي مشتمل هن ناول ۾ ڪمال جا مڪالما آهن.

ڪتاب مان ورتل ٽڪرو

“۽ اها حقيقت به تون چڱي طرح ڄاڻندو هوندي ته، حضرت آدم جو گناهه، حضرت آدم جي پيدائش کان چاليهه سال اڳي، اهو توريت ۾ لکجي چڪو هو ۽ حضرت آدم کي ان جو علم نه هو.
عشق ته ابليس به ڪيو، ته آدم به ڪيو ۽ غلطي به ابليس ۽ آدم ٻنهي ڄڻ ساڳي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي بڻيو ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر”
Title Cover of book يار

باب تيرهون

مارچ جو مهينو هو. ڀارت جي ڄام نگر ۽ سنڌ ۾ ٺٽي جي بهار جي کلندڙ گلن جي خوشبوءَ ۽ رنگ ته هڪجهڙا هئا، ماڻهن جا مهانڊا ۽ محبت ڏسي ائين پي لڳو ته، هن ڌرتيءَ تي آباد ڪل انسان محبت جي هڪڙي ئي ساڳئي ڌاڳي ۾ موتيءَ جيان منڊيل هئا ۽ عشق جي آذان به دنيا جي ڌرمن جيان فرقي باز نه هئي. اها الڳ ڳالهه آهي ته انسان پنهنجو جسماني لباس، پنهنجي پاڙي واري کي پاتل ڏسي، اهڙو ساڳيو پاڻ پائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر دل کي لباس ته عشق پارائيندو آهي، جنهن تي بس رڳو محبوب جي تصوير اُڪريل هوندي آهي ۽ يار جي يادن جا گل چٽيل هوندا آهن.
قربان جي جيل ۾، ظاهري حالت هڪ قيديءَ جي حيثيت واري هئي، پر سندس دل کي پنهنجي محبوبا واري تصوير جو ويس پاتل هو، جنهن سندس ساهه جي آواز کي به عدن جي آواز سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو هو.
جيل ۾ جيڪي به عذاقب، اذيتون هيون، جن سندس جسماني تڪليف ۾ واڌارو پي ڪيو، انهن جي سهپ ۽ صبر جا سبق، عدن جي ان تصوير پي ڏني، جنهن تصوير کي هن، پنهنجي خدا جي نوراني شڪل جو درجو ڏيئي ڇڏيو هو. پر سندس ٻيا قيدي ساٿي، جن ويچارن کي رڳو مڇيءَ کي مارڻ سان محبت هئي، سي ته هاڻ پاڻ به ڄڻ ڪنهن بُولي رڇ ۾ ڦاٿا هئا، جيڪو رڇ مڇيءَ کي سُڪي تي اچڻ کان اڳ ۾ ماري ڇڏيندو آهي.
اُن جيل ۾ تقريبن ڏيڍ هزار قيدي هئا، جيڪي اڪثر مختلف ملڪن جا هئا. جن قيدين سان قربان جي ويجهڙائپ ٺهي هئي، انهن مان ٻه قيدي سنڌ جا سنڌي به هئا. جن مان هڪڙو قيدي ”ڪامل شاهه“ نالي سان هو، جيڪو قد جو ڊگهو، باڊي ۾ ڀريل، رنگ ڪڻڪائون، اکيون شيريون، ائين پي لڳو جهڙو ڪربلا واري يزيدي فوج جي سپهه سالار شمر جي نسل مان هو. هي اسمگلنگ واري ڪيس جو قيدي هو ۽ ٻيو قيدي نالي مصري ڪولهي هو. هن کي ڪڇ واري رڻ کان سرحد پار ڪندي، پڪڙيو ويو هو. هن تي چوپائي مال جي چوريءَ ۾ ٽي سؤ ڍورن جو ڪيس هو. هي قد جو پورو پنو، رنگ سانورو، مٿو گول، منهن ويڪرو، کاڏي ننڍڙي ۽ بڪيون ٿلهيون، ائين پي لڳو جهڙو آريا ۽ دراوڙ جي گڏيل نسل جو هجي ۽ اهڙو ئي هڪ ٻيو قيدي جيڪو ان مصري ڪولهيءَ جو هم خيال هو، ان جو به رنگ سانورو، مٿو گول، پر منهن سوڙهو ۽ کاڏي مضبوط. هي آزادي پسند ڪرد نسل جو هو، ۽ ان جو هم خيال جيڪو قيدي هو، سو قد جو ڊگهو، وچولو مٿو ۽ سنهن ڀروئن وارو هو. اهو ائين پي لڳو جهڙو حضرت نوح نبي جي پٽ حام جي حامي نسل مان هو، جن لاءِ موئن جي دڙي مان لڌل لاش جا به اهڙا اهڃاڻ هئا. هن ڪا پراڪرتي ٻولي پي ڳالهائي، جنهن کي تاريخ ۾ فطري ٻولي چيو وڃي ٿو، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي ٻولي به چئي وڃي ٿي. سنڌ هند جي ٻين ٻولين کي ملائي انهن جو گڏيل نالو ’پراڪرت‘ رکيو ويو هو. ۽ هڪ ٻيو قيدي جيڪو منهن مهانڊن ۾ شايد ترڪ نسل جو هو، جيڪو تاريخ ۾ سنڌو نديءَ جي الهندي ڪناري سان آباد ٿيل ترڪ، ايراني مخلوط نسل، جيڪو سرحدي علائقي کان وٺي بلوچستان، پنجاب ۽ سنڌ ۾ نمايان هو، هن جي چمڙيءَ جو رنگ کليل، اکيون ڪاريون ۽ ڪجهه ڀوريو، نڪ ڪنهن قدر سنهو ۽ ڊگهو، مٿو ويڪرو، هڏ ڪاٺ کان مٿيري هاٺي ۽ منهن تي وار، پر حيرت هئي، ته ان جو هم خيال قيدي منگول نسل مان پي لڳو، جنهن جي ڏاڙهي ٻُچي، ڦڪو رنگ، نڪ مِنو ۽ منهن جا هڏا ٻاهر نڪتل، پر سندس ٻوليءَ جو لهجو ڪوهستاني هو، جيڪا سوات ۽ سنڌوءَ جي ڪوهستانن جي گڏيل لهجن مان جڙيل هئي. جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ ڪٿي شايد هندي ۽ سنڌي نسل جي ست نسلن، گروهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جهن ۾ 1. دراوڙ، 2. هندي آريا، 3. سٿين دراوڙ گڏيل نسل، 4. آريا دراوڙ گڏيل نسل، 5. منگول نسل، 6. منگول دراوڙ نسل ۽ 7. ايراني نسل.
مطلب ته ڀارت جي ان جيل ۾، ماڻهن جي مختلف مهانڊن هوندي به ڄڻ سنڌ جي جيئري جاڳندي تاريخ پي گهمي ڦري ۽ انهن ۾ هڪ عجيب طبيعت ۽ نرالي سوچ وارو قيدي به هو، جنهن ڀانڊاري عرس جي ڀڳل ٻانهن جو جيل جي داروغي جي چوڻ سان علاج ڪيو هو. انهيءَ مغربي هندي پي ڳالهائي، جيڪا گنگا دوآبي ۽ ان سان لڳ اتر ۽ ڏکڻ ۾ ڳالهائي پي ويئي. هي پارسي هو. زرتشتي مذهب جو پيروڪار هو. 10 صدي عيسوي درميان اسلام جي پرجوش ڪاررواين سبب، جيڪي زرتشتي خاندان ايران مان هجرت ڪري هندستان ۾ اچي آباد ٿيا هئا، هي انهن مان هو. هن بمبئيءَ ۾ هڪ پوليس آفيسر جو قتل ڪيو هو. ‘جيو هزار سال’ اهو سندس تڪليو ڪلام هو، پر اهڙي انداز ۽ اهڙي ادا سان پيو چوندو هو، جو جيل ۾ ڄڻ هر قيديءَ کي پنهنجي ڊگهي عمر جي دعا لاءِ دعوت ڏيندو هجي.
اهڙي طرح ان جيل ۾، رڳو مختلف ڏوهن وارا قيدي ڪونه هئا، پر مختلف مذهب ۽ مختلف ٻولين وارا قيدي رکيا ويا هئا. ڪنهن به ڪنهن جي ٻولي مڪمل طرح ڪونه پي سمجهي، جنهن ڪري جيل اندر ڪنهن قسم جي ڪا بدنظمي نه هئي، پر جڏهن قربان ۽ سندس ساٿين کي ان جيل ۾ قيدي ڪري رکيو ويو هو، ته ٻن مهينن تائين سڀن اُهو کاڌو پي کاڌو، جيڪو بس رڳو دال مانيءَ جي شڪل ۾ هو، پر دال ۾ پٿريون، ننڍڙا جوتين وارا ڪوڪا ۽ دال جا بس رڳو ڪي ڪڻا هوندا هئا، باقي رڳو پاڻي، جنهن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن مئل ڪيڙا ۽ جيت وغيره به هوندا هئا. توڻي جو قربان هڪ صوفي هجڻ جي نسبت سان، هن جي ان جيل جي داروغي سان سُٺي جُڙي ويئي هئي، جنهن مغربي هندي ٻولي پي ڳالهائي.
ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت ان داروغي ۽ قربان جي پاڻ ۾ سٺي ڪچهري به مچندي هئي، جنهن ۾ جيل جا ڪجهه قيدي به داروغي جي رضا سان ويهندا هئا ۽ جيلر انهن تي ايڏي سختي نه ڪندو هو. قربان جي صلاحيت جي ڪري يا ڪو ٻيو معاملو به هو، جنهن جي ڪري جيل جي ان داروغي جا سڀني قيدين سان رويا بهتر ۽ سليقي وارا هئا. خاص ڪري ان وارڊ سان اڃا وڌيڪ بهتر هئا جنهن وارڊ ۾ قربان ۽ سندس ساٿي هئا. قربان کي ته چوندو ئي وارڊ ليڊر هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هاسيڪار وارڊ ۾ اچي قربان کان پڇندو هو، ”صوفي ليڊر، ڪهڙا حال آهن، ڪا تڪليف وغيره؟“
۽ قربان، ڪا شڪايت هوندي هئي ته، کيس هجت واري انداز ۾ ئي چئي ڏيندو هئس.
اُهو جيلر هاڻ اهو معلوم ڪري چڪو هو ته، صوفي قربان نه مڇيارو آهي ۽ نه سمندري ماڻهو، بس رڳو قربان واري عشق کان غير واقف هو. هن کي في الحال ائين پي لڳو ته، هن صوفي کي شايد سرمد واري سوچ جي سزا آهي، جنهن کيس هتي اچي هٿيڪو ڪيو آهي.
هڪ ڏينهن شام جي وقت هنن جي خوب محفل لڳي. مارچ مهيني جون آخري تاريخون هيون. سج لهي چڪو هو. بجلي هروڀرو ڪانه ويندي هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن قيدين جي سزا خاطر ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بجلي بند به ڪري پي ڇڏيائون.
ڪنهن جيل جي قيدي ۽ کوهه ۾ پيل ڏيڏر کي آسماني نظارا بس اوترائي نظر ايندا آهن، جيترا سنڌي سماج جي گهر ۾ بند هڪ سنڌي عورت کي نظر ايندا آهن.
فضا عام وڻندڙ هئي، پر پوءِ به ڪيفيتون، قيدي ۽ آفيسر واري فرق کي بدلائي نه سگهيون هيون، ۽ جيلر انهيءَ شام ايترو ته خوش طبيعت نظر پي آيو، جو جهڙو سندس ڪو پروموشن ٿي ويو هو.
جيل جي مين آفيس، جيل جي مين دروازي کان ڪجهه قدمن تي اوڀر کان اتر طرف هئي ۽ ان آفيس سان لڳ اوڀر طرف کان هڪ وڏو لان هو، جنهن ۾ غير ملڪي قيدين جا وارث، ملاقات واري وقت جو ويهي انتظار ڪندا هئا. هي جيلر ان وقت اُن لان ۾ ئي ويٺل هو ۽ هُن هڪ سپاهيءَ کي چيو، “صوفي قربان وارا مڇي مار قيدي، انهن کي هتي وٺي اچ، پر ان کان اڳ ۾ سڀني سپاهين کي چئي ڇڏ ته، پنهنجي ڊيوٽيءَ کان غافل ڪير به نه رهي!”
ان سپاهيءَ جڏهن ڊيوٽي واري عملي کي اطلاع ڪري، قربان وارن جي وارڊ ۾ اچي کين چيو، ”هلو، توهان کي ڪمار صاحب گهرايو آهي.“ ته هي سڀ هڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏسڻ لڳا. هنن کي شڪ پيو ته، ”ڪالهه جيڪا قربان قيدين سان گڏيل صلاح ڪئي آهي ته، هن بيڪار ۽ بيمار ڪندڙ کاڌي جي خلاف بک هڙتال ڪنداسين” شايد جيلر کي اُن جي کڙڪ پئجي ويئي آهي ۽ اسان کي ڪنهن سزا جي لاءِ گهرايو اٿس، تنهن ڪري قربان ان سپاهيءَ کان پڇيو، “ڇا ڳالهه آهي، ڇو گهرايو اٿس؟!”
۽ ان سپاهيءَ ڪنهن فلمي اداڪار وانگر آڪڙ مان چيو، “اهو ڪمار صاحب کان هلي پڇو. هلو… نڪرو ٻاهر”.
ته ان وچ ۾ انهيءَ خلاصي ڳالهايو، جنهن جو نالو الهڏنو هو، جنهن کي سڀ صوبيدار سڏيندا هئا، ان جي چوڻي ڪرڻي، هلڻي چلڻي پوليس آفيسر جهڙي هوندي هئي، جنهن ڪري ان کي چرچي طور صوبيدار سڏيندا هئا، تنهن پنهنجي انهيءَ فطري انداز سان سپاهيءَ کي چيو، “پهرين اسان کي اهو ته ٻڌايو، هي سج لٿي اسان کي ڪيڏانهن ٿا وٺي هلو؟” پر اهو سڀ هن سنڌيءَ ۾ چيو، جيڪو سپاهيءَ کي سمجهه ۾ نه آيو، پر سندس چوڻ واري انداز مان، ان سپاهيءَ کي جهڙو پنهنجي جيلر صاحب وارو رويو محسوس ٿيو، تنهن پنهنجي رائفل ڪُلهي مان ڪڍندي قربان کان هنديءَ ۾ پڇيو، “هي ڇا پيو چوي؟”
قربان ان سپاهيءَ سان ڳالهائي ان کي مطمئن پي ڪيو ته قربان جي پويان ناکئو صديق ۽ ناکئي جي پويان اهو صوبيدار نالي خلاصي ۽ ان جي پويان اهو ڀانڊاري عرس بيٺل هو، جنهن کي ڪاجر نهر (Creek) تي سيري مڇي ڦٿڪندي زهريلو ڏنگ هنيو هو، تنهن ان الهڏني عرف صوبيدار کي پنهنجي ٻنهي هٿن سان پويان پٺيءَ کان اڳتي وارڊ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ زور ڏيندي چيو، “خير آهي، خير آهي، هلو هلو خير آهي!”
ان مهل سپاهيءَ جي نظر الهڏني ۾ هئي ۽ ائين هي سڀ پنهنجي وارڊ مان نڪري هاڻ ان لان تي اچي سڀ ٻانهون ٻڌي لان ۾ جيلر جي اڳيان بيٺل هئا، ته جيلر قربان جي منهن ۾ ڏسي کلي ڏنو ۽ چيائين، “صوفي قربان، ڀائي پنهنجي وارڊ جي ماڻهن کي تو باقاعده قيدي هجڻ واريون عادتون به سيکاري ڇڏيون آهن. ويهو ويهو، سڀ ويهو هيٺ” ۽ پوءِ پاڻ به پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي هنن سان هيٺ ٿي ويٺو ۽ سپاهيءَ کي به چيائين، “تون به ويهي رهو.”
هاڻ سڀني، سندس سپاهيءَ سميت ان جيلر جي منهن ۾ ويٺي ڏٺو. جيل ۾ چؤطرف خاموشي هئي. لان ۾ ته ڪٿان ڪنهن پکيءَ جو آواز ڪونه پي آيو، سڀ سندس اظهار جي انتظار ۾ ائين ويٺل هئا، جو ان لان ۾ ڇٻر جي بدلي ڄڻ ديسي، پرديسي ماڻهن لاءِ بس رڳو انتظار ئي پوکيو ويو هو، جنهن ۾ ڏينهن جي پهرئين پهر ۾ قيدين سان ملاقات واري وقت جو انتظار ۽ ملاقات کان پوءِ ٻي پهر ۾ انهن قيدين بابت آفيسرن سان آفيشلي ڳالهه ٻولهه ۽ ٽه پهري جو جيل جي مين دروازي کُلڻ جو انتظار. اهڙي صورتحال ڏسي ائين پي لڳو ته زندگيءَ جو اصل نالو ئي ڪو انتظار هجي، ۽ ماڻهو پنهنجي عمر کي هلائيندي هلائيندي انتظار جي ڀنوَر ۾ گم ٿيو وڃي. جيئن عدن انهيءَ رات قربان جو انتظار ڪندي ڪندي گم ٿي هئي ته، سندس ڪو اتو پتو ئي اڃا ڪونه هو. زندگي به ائين شايد انتظار جي اوڙاهه ۾ گهمندي گهمندي موت گم ڪيو ڇڏي.
قربان وارا به ان جيلر جي اکين ۾ انتظار سان ائين ويٺل هئا، جهڙو ڪنهن قبرستان ۾ ويٺا هجن ۽ پوءِ آخر قربان کي مخاطب ٿيندي هن ڳالهايو، ”صوفي قربان، اڄ آئون تمام خوش آهيان. اڄ مون کي پٽ ڄائو آهي، ۽ اها منهنجي آخري اميد هئي. ٻيو ڀڳوان مون کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي. اڄ دل چيو ته اوهان سنڌ وارن سان ڪا ڪچهري ڪريان. توڻي جو مون کي سنڌي نٿي اچي، پر منهنجو خمير سنڌي آهي. منهنجو ڏاڏاڻڪو ورهاڱي جي وقت سنڌ مان لڏي هتي ڀارت ۾ آيا ۽ منهنجي ماءُ کتري آهي!“
تاريخ ٻڌائي ٿي ته، مها ڀارت جي لڙائيءَ ۾ ڪجهه قبيلا بيدخل ٿي ويا. ٻيا ٻاهران آيل قبيلن ۾ ضم ٿي ويا. ڌارين فاتح قبيلن کي آريا هندو سماج ۾ کتري ذات جو درجو ڏنو ويو هو. سندس ماءُ، ان کتري خاندان مان هئي ۽ رگويد ۾ کترين کي حڪومتي نظام لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. برهمڻ علم لاءِ ۽ شودر گند غلاظت واري صفائيءَ لاءِ، تجارت ۽ زراعت لاءِ ويش هئا. پر انسان جي هن سماجي دؤر ۾، علم انسان شناسي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيو ۽ انسان ۾ اوچ نيچ واري خيال کي فنا ڪري ڇڏيو آهي.
جنهن مهل جيلر چيو ته، “مان سنڌ جو خمير آهيان”. ان مهل هڪ خلاصي جنهن جو نالو لکانو هو، جنهن جي منهن مهانڊن مان ائين پي لڳو، ته سندس نسل منڇر جي اصل مهاڻن مان هو، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ قديم سنڌي نسل رهيو آهي، تنهن جيلر کي پنهنجو سنڌي سمجهندي، پنهنجي بي عقلي وچان چيو، “سائين اوهان سنڌي آهيو، پوءِ به اسان رڳو گڏرون پيا کائون؟!”
جيلر کي سندس شڪايت، ٻوليءَ جي ڪري سمجهه ۾ نه آئي ۽ ان جو هن مقصد پڇڻ پي چاهيو، سندس نظرون سڀني قيدين تان ترڪڻ لڳيون. شايد هن ڪنهن کان ڪجهه پڇڻ پنهنجي ڪمزوري پي سجهي ۽ قربان اهو محسوس ڪندي، لکاني خلاصي جي بي عقلي ۽ سادگيءَ تي ڳالهائيندي ٻڌايس، ”سائين هي اڻ پڙهيو ماڻهو آهي، هن کي بس جيڪي سمجهه ۾ ايندو آهي، سو پنهنجي عقل جي سادگيءَ سان چئي ڇڏيندو آهي. توهان چيو ته، منهنجو ڏاڏاڻڪو سنڌ جو هو، سو هي توهان کي سنڌي ٿو سمجهي، بس.“
جيلر ڪمار ان وقت ان لکاني خلاصي جي سادگيءَ کان متاثر ٿيندي سامونڊي ملاحن جي سماج تي هڪ تاريخي حوالو ڏيندي چيو، “صوفي قربان توهان لکيا پڙهيا ماڻهو آهيو، هاڪڙو درياهه توهان ضرور پڙهيو ٻڌو هوندو، جنهن کي سرسوتي به سڏيو ويو آهي. ان سرسوتي جو سنگم ٽن مشهور ندين سان ٻڌايو ويو آهي، گنگا ندي، جمنا ندي ۽ سنڌو ندي. انهن درياهن جي ڪنڌيءَ سان آباد انساني سماج پنهنجي پنهنجي مذهب ۽ ريتن رسمن جي مٽا سٽا ڪندي خود ۾ سڌارو ۽ تبديلي آندي. اڄ سرسوتي ان جو وجود هڪ خشڪ رڻ جي شڪل ۾ آهي. پر ان وقت کان ايندڙ تهذيب اڄ ايڪيهين صديءَ ۾ زندهه مثال بڻيل آهي. اصل ۾ سرسوتي هڪ هندو ديويءَ جو نالو آهي، جنهن جي نسبت اگني ديوتا سان آهي، جنهن سنسڪرت ٻولي ۽ ديوناگري لپي ايجاد ڪئي هئي. ان جي نسل مان راجپوت پيدا ٿيا پر هن جيل ۾ گهڻائي قيدين جي، سمندري ملاحن جي رهي آهي، انهن کي ڏسي مون کي بس الئي ڇو ائين لڳندو آهي ته هي سمندر جو سينو ڳاهيندڙ، اصل هاڪڙي، سرسوتي نديءَ جي نسل وارا ملاح آهن، پر بنهه بي علم ۽ بي سمجهه، سندن عقل ۽ نظر بس مڇيءَ جيترو ئي آهي”.
قربان سوچيو ته، “هڪ جيل عملدار پنهنجي جيل جي قيدين بابت، انهن جي عقل ۽ عادتن کان وڌيڪ ٻيو سوچيندو به ڇا. ان کي ڪهڙي خبر ته، هيءَ دنيا هڪ اهڙو جيل آهي، جنهن ۾ هر ڪو پنهنجي قيد جي سزا پاڻ تجويز ڪري پنهنجي عمر جا ڏينهن پورا ڪندو آهي. جنهن ۾ ماڻهو قيدي به پاڻ آهي، ته ان جو جيلر به پاڻ ۽ ان جو منصف به پاڻ!”
قربان بس سندس دل رکڻ خاطر چيو، “توهان درست پيا چئو. شينهن جو شڪار ڪندڙ، شينهن جي دل ڌاريندڙ آهي. ۽ هڪ مڇي مار، جنهن جو گهر ئي مڇيءَ جي اک آهي، سو سرسوتي ديوي جي اولاد جيان، راجپوت حاڪم ته ڪونه بڻبو”.
قربان جو هر خيال ان جيلر جي جيءَ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ڇڏيندو هو، جنهن ڪري جيلر جي ذهن مان نڪرندو ئي ڪونه هو. هُن کي بار بار اهو خيال پيو ايندو هو ته، ”آخر هي ماڻهو هنن مڇي مار ماڻهن سان هن جيل تائين ڪيئن پهتو آهي!”
ڪنهن مهل سوچيندو هو، “شايد هي ڪنهن تاجر خاندان مان آهي. وڻج واپار جي سانگي سان، هنن ملاحن سان تعلق اٿس”. ڪنهن مهل قربان جي عقل ۽ علم کي ڏسندي، کيس شاهي خاندان جو فرد پي سمجهيائين، ته ڪنهن مهل وري، سندس صورت شڪل ۽ سوچ صلاحيت مان، سنڌ جي انهن صوفي عالمن جي نسل مان پي سمجهيائين، جن جون ٺٽي ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ تان، زبانون ڪپيون ويون هيون. ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ به هي قربان کي سمجهي نه سگهيو هو ۽ هر دفعي هن کي نئون نظر پي آيو. ان مهل به هن قربان جي قيدي ڪردار کي پرکڻ خاطر، ڪچهريءَ جو رخ سياسي پهلوءَ ڏانهن وٺي وڃڻ خاطر چيو، “صوفي قربان، ڪڏهن سوم رس پيئڻ جو خيال توهان کي آيو آهي؟”
سوم رس، جنهن کي ڀارت جي ڪن علائقن ۾ ڀنگ به چيو پي ويو، پر آرين جي عقيدي موجب، سوم رس پيئڻ سان عمر وڌي ٿي، ۽ آريا ڪنهن جنگي معرڪي دؤران، پنهنجن ويڙهاڪ فوجين کي اهو سوم رس پياري کين جنگ لاءِ استعمال ڪندا هئا ته اهي ڦڙتيءَ سان وڙهندا هئا.
سوم ٻُوٽي، رات جو چنڊ وانگر چمڪندي هئي. سندس پن ڳاڙهسرا ڀورا چيا ويا آهن. هي ٻوٽو هماليه جبل جي چوٽين تي ڏٺو ويو هو، ۽ سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي پڻ ڏٺو ويو هو. هن کي گهوٽي پيئڻ وارو طريقو ساڳيو ڀنگ وارو هو.
سوم رس جي استعمال کي آريا ڌرم ۾، ڌرمي ڪردار مليل هو. آرين جو اِندر ديوتا، سوم رس جو پيالو پيئندي چوي ٿو:
“مان پنهنجي شان شوڪت ۾،
ڪُل آڪاش ۽ پرٿويءَ کان پار اُڪريو آهيان!
ڇا، مان سوم ئي پيندو آهيان!؟”
پر هاڻ اها سوم ٻوٽي اڻلڀ هئڻ سبب، سنڌ ۽ هند جي ماڻهن ڀنگ کي سوم رس جو درجو ڏيئي پنهنجي نشي وارو سرور حاصل پي ڪيو ۽ جيلر ڪمار، قربان کي صوفي سمجهي اهو سوال نه ڪيو هو. هن جي ذهن ۾ سياسي عياشيءَ وارو خيال هو، پر قربان سندس صوفياڻو سوال سمجهي ان مطابق کيس جواب ڏيندي چيو، “نه، آئون انهن صوفين مان ناهيان”.
“پوءِ تون ڪهڙن صوفين مان آهين، مون کي ته تون صوفي نظر اچين ٿو”.
جيلر جي ان سوال مان ائين پي لڳو، جهڙو هو ڪنهن ڪيس جي تفتيش ڪندو هجي، پر قربان جي جواب کيس عجب ۾ وجهي ڇڏيو، ”آئون ته پنهنجي ڪاوڙ جو نشو پي، پنهنجي سرير جو سُرور هاصل ڪندڙ صوفين مان آهيان. مصنوعي نشو واپرائڻ ته حاڪماڻو عمل آهي.“
“اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته، اهو بس رڳو حاڪمانو عمل ئي آهي؟” جيلر پڇيو.
“توهان برصغير جي تاريخ ضرور پڙهي هوندي ته، مغل شهزادا آفيم کائي سڄو ڏينهن ستا پيا هوندا هئا. ڪيترا حڪمران خاندان پڇاڙي افغاني آفيم ماري ڇڏيا. نشي جي ننڊ ۾ قومون ئي فنا ٿيو وڃن، خاندان ڇا جهٽ جهيلندا. صوفي مصنوعي نشي جا هيراڪ نه رهيا آهن!” قربان چيو.
“منهنجو والد صاحب چوندو هو، سنڌ ۾ کجيون کير ڏهائيندو هيون، جنهن مان تاڙي ٺهندي هئي، جنهن ۾ هڪ عجيب سُرور هوندو هو. صوفي به ته ڪنهن اهڙي سرور ۾ رهندا آهن”. جيلر چيو.
“مون کي اهڙو علم ناهي، ته کجيون کير ڏهائينديون هيون. ها باقي ائين ضرور هو ته، کجين جي ٿڙ مان رس ڪڍي، ان مان تاڙي ٺاهي ويندي هئي، پر ان جو سرور بيئر Bear جهڙو چيو ويندو هو. پر هاڻ ته سنڌ ۾ ٺرو ۽ ڀنگ عام آهي، سو ته ڀارت ۾ به جام هوندو. پر اهو اهڙو عام نشو ته غلام قومون ئي واپرائينديون آهن. صوفين جو اهڙي نشي سان ڪهڙو تعلق؟” قربان چيو.
“انسان کي ته عورت، موسم ۽ نشي کان وڌيڪ ٻي ڪا به شئي پسند نه رهي آهي؟!” جيلر چيو.
“نه، ائين ته انسان ورهايل آهي. دين ڌرم کان وٺي پنهنجي پسند ۽ خواهش تائين. جيئن مسلمان مسجد ۾ خدا کي سمجهن ٿا ۽ هندو پنهنجو خدا ڪنهن مورت جي شڪل ۾ پنهنجي پنهنجي گهر ۾ موجود رکي ٿو، بلڪ سفر ۾ به پاڻ سان گڏ کڻي هلن ٿا. هي انسان آتش پرست، پوءِ خيال پرست، پوءِ بت پرست سڏجي ٿو ۽ ايندڙ وقتن ۾ هي ڪهڙي پرستي ۾ رهي ٿو، ان لاءِ انسان آزاد آهي ۽ اهڙو علم به حاصل ڪري وٺندو، جنهن ۾ هي پنهنجي زندهه بت ڪدي ۾ ويهي، پنهنجي بت شڪني ڪري پنهنجو خدا لهندو” قربان چيو.
“ها! توهان تمام بهتر ڳالهه ڪئي. مان پاڻ ان تي سوچيندو آهيان ۽ مون کي ائين لڳندو آهي ته انسان کي پوري دنيا ۾، هڪڙي ئي اقتدار هيٺ تابع آڻڻ جي لاءِ ۽ اهڙي عالمگير نظام کي قائم ڪرڻ جي لاءِ دنيا ۾ انسان جو هڪ طويل قتل عام ٿيڻو آهي. دنيا هڪ عجيب اٿل پٿل ۾ آهي. توهان پنهنجي ملڪ جي حالت ڏسو، ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي بينظير ڀٽو جي قتل تائين؟”
بينظير ڀٽو واري قتل جي معاملي کان قربان وارا پوري طرح اڃا ايترا واقف ڪونه هئا. جيلر ڪمار جڏهن بينظير ڀٽو جي قتل جي ڳالهه ڪئي، تڏهن قربان پاڪستان جي صورتحال کان واقف ٿيڻ خاطر، جيلر کان پڇيو، “محترمه بينظير ڀٽو جي قتل بابت، ڀارت جو هن وقت، پاڪستان بابت ڇا تصور آهي؟”
هڪ جيل عملدار ۽ سرڪاري ماڻهو هئڻ جي ناتي سان، هُن پنهنجي ملڪي پاليسي قيدين سان ويهي اورڻ مناسب نه سمجهيو ۽ هن پنهنجي رخ مطابق چيو، ”ڀارت جو ان بابت ڪهڙو ردعمل هوندو؟ ڏسو پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي، عوامي مفاد لاءِ ايترو گهڻو ڪونه سوچيو، جيترو هن پنهنجي پارٽي ۽ ملڪ جي بچاءُ لاءِ وڌيڪ سوچيو ۽ ڪيو!” جيلر چيو.
“ڇا ڀارت پيپلز پارٽي کي عوامي پارٽي تصور نٿو ڪري؟”
“اصل ۾ ڇاهي ته، پاڪستاني سياست، رڳو سياست تي ئي پي سوپچيو آهي، ۽ جيترو ان تي گهڻو سوچيو آهي، اوتريون ئي گهڻيون پارٽيون ۽ اوترا ئي گهڻا سياسي گروپ ۽ قومون ورهائجن ٿيون ۽ ڪو بهتر فيصلو ڪري نه سگهبو آهي، جنهن سبب رياست ۾ هڪ پارٽي نظام قائم ٿي وڃي ٿو، جيڪو سامراجي مفادن جي حق ۾ هوندو آهي ۽ ڊڪٽيٽر حڪمرانيءَ کي جنم ڏئي ٿو، ۽ پارٽي ميمبر ٿي پارٽيءَ جا ڄڻ خريد ڪيل غلام هوندا آهن. جيئن جرمن نازي پارٽيءَ ۾ 1934ع دؤران پارٽيءَ جي آزاد خيال ميمبرن کي گوليون هنيون ويون هيون ۽ روس ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اهڙن آزاد خيال پارٽي ميمبرن تي غداريءَ جا مقدما هلائي ڦاهيون ڏنيون ويون هيون.
اهو به ته، پاڪستاني سياست جو فيصلو آهي نه، ته ملڪ جي قومي ٻولي اردو، جڏهن ته ملڪ ۾ اردو ڪا قوم ئي ناهي. سو ڀارت ۾ اهڙي سياست جي ڪهڙي اهميت، بس ان تي نٿو ڳالهائجي”. جيلر چيو.
“۽ پر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي دوران، چون ٿا ڀارت جي پاليسي تمام بهتر هئي؟” قربان پڇيو.
“نه، اهو ته هڪ ملڪي رويو هو. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب هڪ عالمي شخصيت هو، جنهن لاءِ ڀارت جي وقتي حڪمران جا رويا مثبت هئا، پر ڏسو نه…” ايترو چئي پنهنجو خيال هن روڪي ڇڏيو ۽ هن ڪچهريءَ جو موضوع بدلايو، صوفي قربان، جن معاملن تي اسان کي نه ڳالهائڻو هو، انهن تي ڳالهائي ويا آهيون. اصل ۾ مون کي صوفياڻن خيالن سان دلچسپي آهي. توهان سان منهنجو هي پنهنجائپ وارو تعلق به ان لحاظ سان آهي ۽ مون کي اميد به آهي ته، منهنجي ڊيوٽيءَ دؤران توهان ان نسبت جو لحاظ رکندا!”
ڪنهن غير ملڪي قيديءَ سان، جيلر جا رويا بهتر هجن ته، جيل جا عذاب کڻي نه گهٽجن پر تڪليف ۾ ڪجهه گهٽتائي ضرور اچي ٿي. قربان کيس ان لحاظ سان ئي چيو، “توهان جي انهيءَ بهتر رويي جي ڪري ئي، اسان پنهنجون تڪليفون سيراندي ڪري سمهندا آهيون. جڏهن کان اسان کي هن جيل ۾ رکيو ويو آهي، تڏهن کان توهان کي ڪا اسان جي شڪايت ناهي ملي. توڻي جو اسان جي ڪا وارثي اڃا تائين نه ٿي آهي. خبر ناهي ته، اُن جو الئي ڪهڙو ڪارڻ آهي؟!” قربان چيو.
“ڏسو، ڀارت ۾ ڪو اوهان جو عزيز آهي، ته ان جو اطلاع توهان اسان کي نه ڏنو آهي، باقي ملڪي سطح تي توهان جي رپورٽ سفارتي سطح تائين جي لاءِ مڪمل ٿي، اڃا آفيس ۾ ئي پيل آهي. سو انهيءَ ڪري، جو توهان ڏهن قيدين جي ڪيس جي تفتيش باقي رهيل آهي. ان لاءِ توهان کان ضروري پڇا ڳاڇا اڃا ٿيڻي آهي ۽ اها جاچ ڪهڙي آفيسر کي ڏنل آهي ۽ ڪڏهن ٿي اها جاچ مڪمل ٿئي، ڪا خبر ناهي. توهان بس جيترا پنهنجا رويا بهتر رکندا، توهان لاءِ اوترو ئي بهتر رهندو”.
هاڻ قربان کي پهريان خيال آيو ته، بک هڙتال بابت کيس ٻڌائجي ۽ جيل ۾ ان کاڌي پيتي واري معاملي کان کيس تفصيلوار واقف ڪجي. پر ان کان اڳ ۾ جڏهن جيلر چيو ته، ”مان سڀاڻي کان ٻه ڏينهن موڪل تي پيو وڃان. ان دؤران توهان کي ڪا تڪليف، ڪا شڪايت درپيش اچي وڃي، ته منهنجي اچڻ تائين اُها پاڻ وٽ رکجو، ان جو تدارڪ مان پاڻ اچي ڪندس” تڏهن قربان اهو سوچي ماٺ ڪري ويو ته، “هاڻ اهو وڌيڪ بهتر رهندو ته، اسان سندس غير حاضريءَ ۾ ئي بک هڙتال ڪريون” ۽ پوءِ قربان خاموش ٿي ويو.
هاڻ شام وارو وقت موڪلائي رات کي اهميت ڏيڻ لڳو هو. وقت جي رفتار ۾ ته ڪو فرق ڪونه هو، پر ڪنهن قيد ۽ محبت دوران ماڻهوءَ کي پنهنجي آزاديءَ لاءِ، وقت جي رفتار ڄڻ مئل محسوس ٿيندي آهي.
هي انسان ويچارو عجيب حالتن ۾ گذريو آهي، جنهن سان سندس دل جون نسون ڳنڍيل هونديون آهن، اتي وقت جون سڀئي وصفون، سندس قسمت کان ڄڻ غير واقف هجن! ۽ جتي عذاب، اذيتون ۽ زندگيءَ جا اگهاڙا امتحان هوندا آهن، اتي ان لاءِ وقت جهڙو جنازو، نه دغا نه وفا!
جيل ۾ هاڻ رات واري مانيءَ جو وقت ٿي چڪو هو. انهيءَ رات کاڌي ۾ چانورن جي رٻ ۽ پاڻيءَ ۾ اڻلڀ دال هئي. ٻنهي جي شڪل ۽ رنگ روپ هڪجهڙو هو. خبر ڪانه پيئي پوي ته چانور ڪهڙا آهن ۽ دال ڪهڙي آهي؟
هاڻ هنن کي جنهن مهل به دال ملندي هئي، ته ان ۾ آڱريون هڻي، ان مان پٿريون، ڪوڪا ۽ مئل جيت ڪڍي، پوءِ زندهه رهڻ جي لاچار کان اکيون پوري کائيندا هئا. هونئن ته جيل انتظاميا کي پرپٺ پيا پٽيندا ۽ گهٽ وڌ ڳالهائندا هئا، پر کاڌي جي شڪل ڏسي ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي کي به گاريون ڏيندا هئا، ۽ اُهي گاريون سندن مجبور حالتن ۾ اها مدد ڪنديون هيون ته هُو اُهو جانورن وارو کاڌو به گارين، گارين ۾ پيٽ ڀري کائي ويندا هئا.
صبح جو نيرن ۾ جيڪا چانهه هنن کي ملندي هئي، ان جو رنگ ڏسي هنن کي سنڌو نديءَ جو سانوڻيءَ وارو لُڙ پاڻي ياد اچي ويندو هو.
انسان عظيم آهي، پر دنيا جا عذاب کيس پنهنجي عظمت کان اڻڄاڻ رکندا آهن. انهن عذابن ۾ پنهنجي اهميت قائم رکڻ ئي بزرگي ۽ ڪرامت آهي.
۽ پنهنجي وجود سان وڙهي، پنهنجي ذات جي گلا ڪري پاڻ مان خفا ٿيڻ، زندگيءَ سان اختلاف رکڻ، اِهو زندگيءَ جو اُهو مغرور گناهه آهي، جنهن جي لاءِ هيءَ دنيا هڪ دوزخ جو مثال آهي، پر اهو ضروري ناهي ته ڏهه ماڻهو هڪڙي ئي قيد خاني ۾ گڏ رهندا هجن ۽ اهي سڀ زندگيءَ جي عظمت جا عالم هجن ۽ سندن زندگيءَ جا گناهه يتيم بڻجي، قيدِ تنهائيءَ ۾ ماتم ڪري، پنهنجي گناهگار وجود تي لعنت وجهي پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيندا هجن ها، ته انسان کي خطرناڪ سمجهي، دنيا کي جيل خانن اڏڻ جي سوچ ئي نه هجي ها!
هي ڏهه ڄڻا به ائين، سواءِ قربان جي، باقي جيل جي سختي جنهن مهل سندن ڪيفيتن کي ڪاڙهيندي هئي، ته ان مهل سندن سوچن مان هر اُهو خيال موڪلائي ويندو هو، جيڪو سندن رفاقتن کي جوڙي پيو رکندو هو.
جنهن ڏينهن جيلر موڪل تي هو، ان جي پهرئين ڏينهن تي رات واري مانيءَ کان پوءِ، هڪ خلاصي جنهن جو نالو مورڙو هو ۽ طبيعت جو ڪروڌي هو ۽ ٻيو سرنگ، جنهن جو نالو بصر هو، اهي پاڻ ۾ انهيءَ ڳالهه تان اٽڪي پيا، جو خلاصي مورڙي چيو ته، “مون ڪيڏي گهوڙا گهوڙا پي ڪئي هئي ته، اسان کي سير نهر (Creek) تان هاڻ واپس ٿيڻ گهرجي. ناکئي ته منهنجي ڳالهه سمجهي پي پر هن اسان جي سرنگ بصر کي ان مهل الئي ڪهڙي وَهَر اچي کنيو هو، جو ڪنهن جي ڪانه ٻڌائين. هاڻ ڏسوس حالت الٽيون ڪري ڪري سڀني کي بيمار ڪري ڇڏيو اٿس”.
تڏهن هڪ ٻئي خلاصي، نالي عارب بيزاريءَ مان چيو، ”يار هن کان بهتر هو، اسان سمنڊ جي ڪنهن گرداب ۾ ڦسون ها. مورڙي جي ڳالهه وانگر هتي اچي هي ڪُتن وارو کاڌو ڪونه کائون ها. پر هن اسان جي سرنگ بصر لالچ ۾ اچي سڀني جو سر ڪڍيو. هاڻ جهڙو نالو بصر اٿس، ته ڌپ به هاڻ اوهڙي ڪڍي اٿس!”
“شرم اوهان کي ڪُتي جيترو به ڪونهي”. بصر سرنگ ڪاوڙ مان چوڻ لڳو، “جڏهن پنجن ڏينهن جي به پنج پنج هزار پتي پيا وٺندا هئا، ته ٻه ڏينهن به ٻچن ۾ رهڻ ڪونه ڏيندا هئا، ۽ منهنجو پيشاب پي ويندا هئا. سرنگ، ناکئي کي چئو هلو رئون تي، هلون رئون تي، ۽ جڏهن پادرن ۾ پيا آهيو تڏهن مون منجهان اوهان کي ڌپ پيئي اچي. لخنا هجي اوهان جي عمر تي!”
ائين اهڙي گرما گرمي ۽ گار گند ڪندي هڪ ٻئي کي ٻکين پئجي ويا ته ناکئي صديق، قربان کي چيو، “يار هنن بي عقلن کي ته سنڀال، هي سڀن جا پُٺا ڇِلائيندا. هنن اڃا الئي ڪهڙي ڦٽي ڏٺي آهي، جو هڪ نه ٻئي ڏينهن تي ڏاڙهين ۾ هٿ اٿن”.
۽ قربان سندن وچ ۾ اچي کين ٿڌو ڪري چوڻ لڳو، “ڏسو هتي خوشيءَ مان ڪير ڪونه آيو آهي ۽ نه ئي سڄي عمر لاءِ هتي آيا آهيون. اها اميد آهي ته، هڪ ڏينهن ڇوٽڪارو ملندو. نااميد ماڻهو نامرد هوندو آهي. جيڪڏهن هڪ ٻئي لاءِ اهو رويو اسان جو رهيو ته هي جيل انتظاميا اهڙا مرچ ڏيندي جو سڀ کدڙن وارو بُل ڏيندا. اسان جي قسمت ڀلي آهي جو اسان کي جيلر چڱو ماڻهو مليو آهي، پر هي جي اها اوهان جي حالت رهي ته ڪتن وارو کاڌو ته ڇا پر گڏهه وارو کاڌو به کائڻو پوندو. مون ڪهڙي پتي پي ورتي، جو قسمت جو ڀنوَر مون کي به ميڙي اوهان سانگڏ هتي کڻي آيو. پنهنجو مقدر پڙهي، پنهنجي نصيب کي سمجهڻ، اهو رڳو عالمن جو ڪم ناهي، ماڻهوءَ کي پنهنجي ذات جو حياءُ، پنهنجي زبان جو اخلاق ۽ نظر جي نيڪ نيت، انسان کي پنهنجي قسمت جو ڪتاب زير، زبر سان پڙهائي ڇڏيندا آهن”.
پر ويچارا اڻ پڙهيا ملاح، جن جو اَنُ مڇي هو ۽ مڇيءَ جي اک ۾ پنهنجو گهر ايڏندڙ، جن جي سوچ ۾ سمنڊ، آسمان جي اکين جو سُرمو هو، انهن جي سهپ ۽ سادگي به هڪ عجيب ۽ نرالي هئي، جن جي مٽيءَ سان محبت ۽ پاڻيءَ سان پيار، هڪ زندهه تاريخ هئي. سندن دليريءَ جي به اها حد هئي، جو سامونڊي اجهاڳ رڻ ۾، جٿي دنيا جي خالق رڳو بس جهڙو شيطان کي ڊوڙايو هجي ۽ سمنڊ ڄڻ پاڻ کي اُٿلائي اونڌو ڪندو هجي، اُتي به سندن رفاقت جو رسو نه ڪڏهن ڪچو ٿيو ۽ نه سندن دلين جي ڪا ڌڙڪن خطا ٿي.
پر هي پاڻيءَ جي ان کُلي ميدان ۾، سمنڊ سان جنگ ڪندڙ، جڏهن جيل جي ان ننڍڙي دنيا ۾ آيا، ته ان سندن سهپ ۽ بهادريءَ کي گهٽا ڏيئي سوڙهو ڪري سندن همٿ ائين کسي ورتي هئي، جو هي ڪنهن ڪنهن مهل هڪ ٻئي جي سڃاڻپ به وڃائي ويهندا هئا. بس قربان هڪڙو انهن مان هو، جنهن زندگيءَ جي سمنڊ سان جنگ وڙهي محبت جي مايا ميڙي هئي ۽ پنهنجي انسانيت جي پاڻ تربيت ڪري، عدن جي محبت ۾ عبد ۽ معبود جو ويڇو وڃائي، دنيا سان تعلق ائين رکيو هو، جيئن رڇ ۾ ڦاٿل مڇي، سمنڊ کان پنهنجا سڀ رشتا ٽوڙي ڇڏيندي آهي.
هڪ ناول نگار ليکڪ کي اهو افسوس ضرور ٿيندو ته، سمنڊ جو بي رحم سينو، جيڪو هر جاندار کي رڳو موت لاءِ سڏيندو هجي، اتي هي دراوڙ نسل جا اٻوجهه ملاح، سمنڊ جو اهو سينو کيڙيندي، سندس ڪا پرواهه نه ڪندا آهن، پر جيل جي هڪ چؤديوار ننڍڙي دنيا ۾ خود کي ايترو ته بيوس، لاچار ۽ ڪمزور پيا سمجهن، جو سندن سيني ۾ ڄڻ اها دل ئي ناهي، جيڪا سنڌو درياهه کان بحرِ اسود تائين سمنڊ سان جهيڙيندي، رات ڏينهن جو فرق ئي نٿي رکي.
پر شايد اهڙن عجيب دل رکندڙ، زندگيءَ جي ويڙهاڪ ماڻهن لاءِ خدا تعاليٰ، قربان جهڙا ماڻهو پيدا ڪري، انهن سان گڏائي ڇڏيندو آهي، جيڪي سندن سورهيائي، ڏاهپ ۽ غيرت جي سلامتيءَ جا ڀرجهلا بڻجي سندن ستل دليون جاڳائيندا آهن.
قربان هنن کي ليڪچر ڏيندي ڏيندي کين پنهنجي اهميت کان واقف ڪندي چوڻ لڳو، ”ماڻهو ڪيترو به لاچار ۽ ڪمزور ٿي پوي، تڏهن به پنهنجي وجود جو ڪتاب ته ڦاڙي ڦتو نه ڪري. اسان سنڌي، سنڌ ملڪ جا آهيون. هتي پاڻ لڄائڻ معنيٰ پنهنجو ديس لڄائڻ آهي. اوهان کي خبر ڪانهي، جڏهن سڪندر اعظم سنڌ فتح ڪري چڪو هو، تڏهن به اسان جهڙن عام سنڌي ماڻهن ويڙهه ختم نه پي ڪئي ۽ پوءِ هُن جڏهن ان معاملي جي جاچ ورتي، تڏهن خبر پيس ته اهي عام سنڌي ماڻهو، پنهنجن سنڌي ڏاهن ماڻهن جي اثر هيٺ آهن. تڏهن انهن ڏاهن ماڻهن کي پڪڙيو ويو ۽ پوءِ سڪندراعظم ۽ سندس يوناني ڏاهن، انهن سنڌي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ پرکڻ لاءِ شرط وڌو ته، اسان جا ڪجهه سوال آهن، انهن جا جواب اوهان درست ڏنا ته اوهان جي جان بخشي ويندي، ٻي حالت ۾ اوهان کي قتل ڪيو ويندو.
هنن پهريان سنڌ جي هڪ سيوهاڻي ڏاهي کان پڇيو:
“مري ويل انسان ۽ زندهه انسان جو صحيح تناسب ڇا آهي؟”
ان سنڌي سيوهاڻي جواب ۾ چيو، “ڪجهه به نه، ڇو ته جيڪي مري ويا سي ڳاڻيٽي ۾ نه ايندا!”
ٻئي کان پڇيائون، “سڀني جانورن ۾، وڌيڪ چالاڪ جانور ڪهڙو آهي؟”
هن جواب ڏنو، “اُهو، جنهن تي اڃا انسان جي نظر نه پيئي آهي!”
ٽئين کان پڇيائون، “جانور زياده ڪٿي پيدا ٿين ٿا، پاڻي يا خشڪيءَ تي؟”
ان ڏاهي ٻڌايو،“ ڌرتيءَ تي، ڇاڪاڻ ته پاڻي به ڌرتيءَ جو حصو آهي”.
۽ وري هڪ ٻئي ڏاهي کان پڇيائون، “ڏينهن اڳ ۾ آهي يا رات؟”
هن هڪدم جواب ڏنو، “ڏينهن، ڇاڪاڻ ته اُهو رات کان هڪ ڏينهن عمر ۾ وڏو آهي!”
تڏهن اهي يوناني ڏاها، اڻڄاڻ ماڻهن وانگر هڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏسڻ لڳا ۽ پوءِ سنڌين جي ڏاهپ کي سڪندر اعظم اڳيان نيچ ڏيکارڻ جي نيت سان پڇيائون، ”انسان ڪهڙي طرح خدا بڻجي سگهي ٿو؟!“
۽ سنڌي ڏاهي کين ٻڌايو، “اهڙين ڳالهين ڪرڻ سان، جيڪي ماڻهو ڄاڻن ٿا ته، ٿي نٿيون سگهن”.
ان ڏاهي جي جواب سان، هو پنهنجي نيت ۾ ڪامياب نه ويا ۽ تڪڙو ئي هڪ ٻيو سوال پڇيائون، ”زندگيءَ ۽ موت ۾ وڌيڪ طاقتور ڪير آهي؟“
ان سنڌي ڏاهي سندن منهن ۾ ڏسندي چيو، “زندگي…! جيڪا مصيبتن باوجود باقي رهي ٿي”.
ان کان پوءِ هن ٻه سياسي سوال پڇيا. هڪڙي کان پڇيائون، “ڪهڙو عمل عوام ۾ مقبوليت جو سبب بڻجي ٿو؟”
ان ڏاهي پنهنجي جواب ۾ چيو، “اُهو اقتدار حاصل ڪرڻ، جنهن سان عام ماڻهوءَ کي خطرو محسوس نه ٿئي”.
۽ ان جي پاسي ۾ بيٺل ڏاهي کان پڇيائون، “ڪو انسان ڪيستائين ذميوار سمجهي سگهجي ٿو؟”
جواب مليو، “اُهو، جيڪو جيستائين زندگيءَ کان زياده موت جي تمنا رکندو هجي”.
۽ پوءِ آخري سوال ۾ چيائون، هن سوال جو جواب ڪير به اوهان مان ڏيئي اسان کي ٻڌائي ته، “اُهو ڪهڙو دليل آهي، جنهن سان اوهان عام ماڻهن کي، اسان سان ويڙهائڻ تي آماده ڪريو ٿا!؟”
ان سوال جو جواب هڪ ڏاهي سنجيدگيءَ سان ڏيندي چيو، “ٻيو ڪو به دليل ناهي، سواءِ ان جي ته، ذلت جي زندگي گذاريو، يا عزت سان مري وڃو!”
اهڙي طرح جڏهن سنڌي ڏاهن سڪندر اعطم ۽ سندس ڏاهن کي لاجواب ڪري ڇڏيو، تڏهن سنڌي ڏاهن سڪندر اعظم کي چيو ته، “هاڻ صرف هڪڙو سوال پڇڻ جي اجازت اسان کي به ڏيو، جيڪو اسان، توهان سڪندر اعظم کان ئي پڇنداسين”.
جڏهن ان جي اجازت کين ملي، تڏهن هنن ڏاند جو سُڪل ڇَوڙو وچ تي رکيو ۽ سڪندراعظم کي چيائون، “هن سُڪل کل تي بيهي ڏيکاريو!”
۽ سڪندر اعظم اڳتي وڌي جيئن ان ڇوڙي تي اڃا پنهنجو پير رکيو، ته ڇوڙو اٿل کائي سندس منهن ۾ پي لڳو، تڏهن مجبورن بُل ڏيئي، ڇوڙي جي وچ تي ٿي بيٺو، اُن مهل سنڌي ڏاهن چيس ته، “اي فاتح! ٻڌاءِ اسان توکان ڪهڙو سوال پڇيو آهي؟”
سڪندر اعظم ۽ سندس ڏاها انهيءَ سوال جو ڪو به جواب ڪڍي ڪونه سگهيا. نيٺ سنڌي ڏاهن کان پڇيائون، “توهان جو سوال ڇا آهي؟”
ڏاهن چيس، “توهان جو مرڪز مقدونيه آهي، اهو ڇڏي هتي ڇو آيا آهيو؟ توهان وٽ ته، هن سڪل ڇوڙي جي سنڀالڻ جيتري به ڏاهپ ناهي”.
قصو پورو ڪندي، قربان ملاحن کي چيو، “سو منهنجا ادا اها آهي اسان جي زندهه ۽ عظيم تاريخ، جنهن کي اسان هن قيد جي ڪجهه ڏينهن جي ڏکيائيءَ ۾ ضايع پيا ڪريون. خدارا مڙس ماڻهو ٿيو. پنهنجي وجود کي نه لڄايو. اڃا ته سختي ڪانه ڏٺي اٿئون. بس رڳو لاوارث آهيون. ڪو ڌڻي سائين اسان جو ناهي ٿيو، سو وڌيڪ هڪ ٻئي سان وڙهي، پنهنجي قومي سڃاڻپ ته نه وڃايو”.
قربان جي ان هدايت کان پوءِ سڀ خاموش ٿي ويا، ۽ گهڻن ته پوءِ ان رات واري ماني به ڪانه کاڌي. جڏهن صبح ٿيو ته اها رات واري پيل ماني صبح جو کائڻ جي نيت سان ڏٺائون ته ان ۾ جيئريون جاڳنديون گڏرون پي هليون. بس پوءَ ان کاڌي کي ئي سبب بڻائي، هنن بک هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. سڄي جيل ۾ اها ڳالهه پکڙي ويئي ۽ انتظاميا لٺ ۽ چٺ وارو رويو اختيار ڪيو.
انسان جتي ڪجهه وقت لاڳيتو رهي ٿو، ته اتي پنهنجي پوري جسم کان روح تائين جي رسواين توڙي محبتن جو ٻج پوکي ڇڏيندو آهي، جنهن جو فصل سندن وڃڻ کان پوءِ به، سندن تعلقدار پنهنجي پوري عمر تائين پيا ان جو لاب حاصل ڪندا آهن.
جيل ۾ قربان جو ڪردار به ائين هو. هفتي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ سڀني قيدين کي جيل اندر کُلو ڇڏيو ويندو هو. ان جو فائدو وٺندي، جيل جي ٻن سنڌي پراڻن قيدين، ڪامل شاهه ۽ مصري ڪولهيءَ جي معرفت قربان سڄي جيل ۾ پنهنجي فڪر جو روح ڦوڪي ڇڏيو هو. جن قيدين جي ٻولي کيس نه ايندي هئي، انهن سان به ڪامل شاهه جي ذريعي هن پنهنجي خيالن جا واجهه ويڙهي ڇڏيا هئا، تنهن ڪري قربان جي بک هڙتال جو ٻڌي، تقريبن هڪ سؤ جي اندر ٻيا قيدي به سندس حمايت ۾ اچي ويا ۽ اهو معاملو جڏهن جيل سپرنٽينڊنٽ کان اعليٰ اختيارين تائين پهتو، ته شام جو سج جڏهن پنهنجي حد جي زماني کي اطلاع ڪندو ويندو آهي ته، “مان انصاف لاءِ وري اڀرندس، پر انهن لاءِ، جن اونداهيءَ ۾ به پنهنجي ضمير کي روش رکيو”.
ان شام جي ميرانجهڙي وقت، جڏهن جيل انتظاميه جو هڪ باليٰ عملدار وزٽ تي آيو ته، هر قيديءَ جي زبان تي قربان جو نالو ٻڌائين.
هڪ جيل آفيسر جي حيثيت سان، جيل اندر ڪنهن قيديءَ جو ايڏو نالو ٻڌي، سندس طبيعت ۾ يوم عاشورا جي ڏينهن جهڙي گرمي چڙهي ويئي ۽ پڇا ڪيائين ته، “هي قربان نالي، ڪهڙي ڏوهه جو قيدي آهي؟”
کيس ٻڌايو ويو ته، اهو مڇي مار قيدي آهي. تڏهن حڪم ڪيائين ته، “هن کي آفيس تي وٺي اچو”.
پر جڏهن قربان کي چيو ويو ته، “هل، صاحب توکي آفيس تي ڳاهين لاءِ گهرايو آهي”.
تڏهن قربان چيو، “آئون هڪ قيدي آهيان. صاحب کي ٻڌايو ته ڳالهيون قيدين جي اڳيان ٿينديون ۽ هر ڪارروائي قيدين جي اڳيان ٿيندي، چاهي ان ۾ مون کي ڪا سزا ڇو نه ڏيو”.
قربان جو اهو جواب جڏهن صاحب وٽ پهتو، تڏهن سندس ٻرندڙ طبيعت کي ڄڻ ڪنهن ٻارڻ ڏيئي ڇڏيو. هُو ان تئو ۾ ئي اٿيو ۽ چار صحتمند سپاهي پاڻ سان گڏي، قربان جي وارڊ تي آيو ته صرف قربان ئي اٿيو، ته قربان کي ڏسي، سپاهين کي چوڻ لڳو، ”هي مڇي مار قيدي ته نٿو لڳي، هي ته ڪو آفيم جو اسمگلر ٿو لڳي.“ ۽ وري قربان کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو، “ليڊري ٿو ڪرين جيل ۾… هان… آءِ.ايس.آءِ جا ايجنٽ – هتي آءِ.ايس.آءِ جون هدايتون وساري ڇڏ، ڪهڙو معاملو کڻي بک هڙتال ڪرائي اٿئي؟”
“کاڌي جي تڪليف آهي!” قربان سندس دڙڪن کي نظرانداز ڪندي چيو.
“اڇا، کاڌي جي تڪليف آهي، هي ڪو تنهجي محبوب زال جو گهر آهي، جو توکي ڏهه ڏهه ڊشون تيار ٿي ملنديون؟”
“محبوب زال!” اهي لفظ قربان جي اندر واري محبت جي قيديءَ لاءِ ته ڄڻ هڪ اهڙي متوازن غذا هئي، جو گھڙي کن لاءِ سپرنٽينڊنٽ جي منهن مان به کيس عدن جي صورت ڏسڻ ۾ پي آئي ۽ ان جي ياد ۾ ويڙهيل پنهنجي دل کوليندي چوڻ لڳو، “هي ته منهنجي محبوب جو گهر ناهي، پر منهنجو پورو وجود، منهنجي محبوب جو گهر آهي. آئون ته اوهان جي جيل جو زهر به کائي ضايع ڪري ڇڏيندس پر هنن بيگناهه قيد ڪيل ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جن کي بدترين کاڌو کارائي، مختلف مرضن ۾ مبتلا پيا ڪريو ۽ جيڪڏهن اسان کي ڪنهن سنگين ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو آهي، ته پوءِ ان کان بهتر آهي، اسان کي گوليون هڻي ڇڏيو. جيل ۾ ته اسان کي مڇي مار قيدين جي نالي سان سڏيو پيو وڃي ۽ سليقو اهڙو آهي، جو ٻيو ته ٺهيو پر رڳو کاڌي جي شڪل ٿا ڏسون، ته الٽيون ٿا ڪريون!”
قربان پنهنجي ان شڪايت جا لفظ تميز سان جهلي جهلي اهڙي مهذباڻي انداز ۾ چيا، جو جيل سپرنٽينڊنٽ جي طبيعت تي ڄڻ برف جا ڳڙا وسي پيا، پر پوءِ به هن پنهنجي آفيسر واري آڪڙ ۾ چيو، “ڇا، کاڌو توهان کي وقت تي نٿو ملي يا ضرورت کان گهٽ ٿو ملي؟”
“اهڙي ڳالهه ناهي سائين، بند جيل ۾ قيديءَ جي عمر جو نالو ئي انتظار آهي. ۽ سندس ضرورت بس رڳو، آزادي هوندي آهي”. ايترو چئي، قربان ناکئي کي چيو، ”ناکئا، اهو کاڌو کڻي صاهب کي ڏيکاريو، جيڪو اسان کي رات مليو هو، جنهن جي ڪري اسان بک هڙتال ڪئي آهي.”
اُهي ڪُل ڇهه لوهي پليٽون هيون، جيڪي ناکئي نمبر وار ڪري جيل سپرنٽينڊنٽ جي اڳيان رکيون. جيل سپرنٽينڊنٽ انهن پليٽن تي نظر وڌي ته انهن ۾ کيس اهي جيئريون گڏرون نظر آيون ته ان مهل هن هڪ پليٽ کي اهڙو ٿڏو هنيو، جو اها روحاڪي پکي جيان اڏامندي اهڙو ڪڙڪو ڪندي ويئي، جو ان جو آواز پوري اڌ جيل جي قيدين پي ٻڌو.
اهو جيل سپرنٽينڊنٽ هندي آريا نسل مان پي لڳو، قداور هڏ ڪاٺ، اڇي چمڙي ۽ ڊگهو نڪ، سندس ڊول ڊال مان ائين پي لڳو ڄڻ ڪنهن يورپي ڪراس نسل مان هجي، جيڪا هن ٻولي پي ڳالهائي، ان جو متن مڌيا پرديشي پي لڳو، جيڪا اتي جي مقامي ٻولي هئي. هن ان مهل هڪ شخص کي گهرايو، جنهن کي ڪا سرڪاري وردي پاتل ڪانه هئي ۽ سندس حليي ۾ اهڙي ته ڪراهت لڪل هئي، جنهن جي ڏسڻ سان، ماڻهوءَ جو کاڌي تان روح کڄي وڃي. شايد اهُو جيل جو راڌارو هو، تنهن کي هن نفرت مان چيو، “اي باؤ، توکان ته نرڳ به نفرت ڪندو – ناستڪ جا اولاد، هي کاڌو ڏس، هن جا تون ڇهه روپيا ٿو وٺين. تنهنجو ته اولاد به انهن ڪيڙن وانگر رلي مرندو.”
۽ اهو شخص منهن مهانڊن ۾ به باؤُ پي لڳو. ان کي ڏسڻ سان خوف ته ڪونه پي ٿيو، پر خواب ۾ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏسي، وري سڪون جي ننڊ سمهڻ وارو خيال خراب ٿي پي سگهيو.
۽ پوءِ وڃڻ وقت، آفيسر قربان کي چيو، ”هي جيل آهي، هتي توهان کي توهان جي پسند جو کاڌو ڪونه ملندو ۽ توهان لاءِ بهتر به ائين آهي ته، مون تي اعتماد ڪريو، توهان کي هن کان ڪجهه بهتر کاڌو ملندو. توهان هيءَ بک هڙتال ختم ڪريو ۽ جيل ۾ سليقي سان رهو. ڇا خيال آهي، بک هڙتال ختم ڪريو ٿا؟”
“آئون ذاتي طور ته، فورن ڪو فيصلو نٿو ڏيئي سگهان، ڪجهه مهلت کان پوءِ مصلحت ٿي سگهي ٿي”. قربان چيو.
اهڙو جواب جيتوڻيڪ ان جيل آفيسر کي نـ وڻيو ، پر انتظامي لحاظ کان هن اهڙي معاملي کي وڌائڻ جي بجاءِ معاملو کُٽائيندي چيو، ”ٺيڪ آهي، مان توهان جي بهتر جواب لاءِ ڪلاڪ ٻن تائين جو انتظار ڪري سگهان ٿو، پر بعد ۾ معاملو ڪجهه اڳتي ويو ته پوءِ ڪجهه ڪونه ٻڌو ويندو ۽ نه ئي پوءِ توهان کي هتي گڏيل طور رکي سگهجي ٿو”.
۽ پوءِ ان باؤ کي ساڻ وٺي ويو ۽ پوءِ ڪجهه دير ۾ ئي، جيل جا ٻه سينيئر قيدي جن مان هڪ ڪامل شاهه هو، اهي قيدي پنهنجي سزا ۾ رعايت خاطر جيل انتظاميا جي هر حڪم جو احترام ائين ڪندا هئا، جيئن مسجد ۾ مُلو ۽ مندر ۾ سامراج دعائن ۾ ماڻهن لاءِ پنهنجي سفارش ڪندا آهن.
انهن قربان کي جيل سپرنٽينڊنٽ جي لاءِ ائين ئي راضي ڪرڻ جي ڪوشش پي ڪئي، جنهن ۾ هو ڪامياب ويا، پر قربان، ڪامل شاهه کي چيو، ”سائين ڪامل شاهه، اوهان بک هڙتال ۾ اسان جي مدد به ڪئي، ان لاءِ اوهان جي مهرباني، پر اوهان جي چوڻ سان، هيءَ جيڪا بک هڙتال ختم پيا ڪريون، اهو اوهان تي ٿورو ڪونهي. ڏسو اسان هڪڙي ديس جا آهيون. اسان جي غيرت ۾ فرق نه هئڻ گهرجي”.
“اسان جي غيرت ۾ فرق نه هئڻ گهرجي!“ اهو جملو ڪامل شاهه کي پنهنجي ارڙنهن سال واري قيد کان به وڌيڪ ڳرو لڳو، پر هن تمام ٿڌي لهجي ۾ چيو، ”اوهان ڪيئن ٿا سمجهو، مون کي پنهنجي غيرت جي سلامتيءَ لاءِ، ڀارت جي نيوي هٿان پڪڙائي هنن قيدن ۾ هنيو ويو آهي؟! مون ٻه دفعا جيل ٽوڙي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ٻيو دفعو جيل ٽوڙي جنهن مهل ڀڳس پي، ته مون هڪ سنتري جو، هڪ لوهه جي سريي سان مٿو ڦاڙي وڌو هو، پر مون کي تمام دير سان خبر پيئي ته، اهو مون سان دوکو ڪيو ويو هو. اسان هڪ ديس جا آهيون. اسان جي غيرت ۾ ته فرق ڪونه ايندو، پر پنهنجي غيرت کي پارسل ڪري وڪڻندڙ، جيڪي پنهنجا پويان ڇڏي آيا آهيون، انهن جي غيرت جو آسرو نه ڪجو. پنهنجو خيال پيا رکجو. اُنهن رهزنن جو ڪميڻو راڄ جهڙو اُتي آهي، تهڙو هِتي آهي!”
اهو ڪامل شاهه، قربان کي درست پي چيو، جنهن کي هاڻ انهيءَ قيد ۾ اوڻيهون سال پي هليو. ڪامل شاهه ۽ مصري ڪولهي، اهي ٻئي اُهي سينيئر قيدي هئا، جن پنهنجي وطن جي واپسيءَ واري اميد ئي ماري ڇڏي هئي ۽ انهن کي هاڻ انهن جيلن ۾ ڪافي تجربو ٿي ويو هو. هنن اهو سکي ورتو هو ته، دنيا واقعي به هڪ اهڙو انساني جانورن جو جهنگل آهي، جنهن ۾ انسان جانورن جي ڌڻن جيان پنهنجي پنهنجي ڪردار جي حدن ۾ ورهايل آهي. حڪومتون چورائيندڙ شاهي چورن جو ڌڻ، عدل ۽ انصاف وارن امينن سان ڪڏهن به گڏ نه ويٺو آهي.
اهڙيءَ طرح ظلم ۽ انصاف جي وچ ۾، دنيا اڄ به وائڙي آهي ۽ چڪيءَ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ ڪڻڪ جي داڻن جيان پي رهي آهي.
هاڻ ان بک هڙتال واري ڏينهن جو سج لهي چڪو هو. بک هڙتالي معاملو حل ٿيڻ کان پوءِ جيل انتظاميه جو معمولي سپاهي به سَرهو نظر پي آيو.
قيدي ۽ بک هڙتال، يعني بک جو بک سان جهيڙو، انتظاميه لاءِ ته اهو مرحلو وڏي آزمائش ۽ عذاب هوندو اهي، پر قيدي ۽ بک هڙتال جو پاڻ ۾ رشتو، ڪيڏو نه انصاف پسند آهي. بک جو بک سان جڏهن جهيڙو مچندو آهي، تڏهن ڍؤ وارن جا عقل ڍرا ٿيو پون. سڻڀين چمڙين جو سونهن سهميو پوي، ۽ هٺيلي قانون جي ته هستي مريو پوي. پر اهڙي عمل جي اهميت قربان سان گڏ قيد ٿيل، انهن مڇي مار ملاحن ۾ سواءِ خوف ۽ هراس جي ٻيو ڪجهه به نه هو.

__________________________