باب ڇهون
هن ٻن ڄاڙين جي وچ واري عضوي جي ذريعي، ٻن ٽنگن جي وچ واري عضوي تي قابو پائڻ جي به ڪوشش پي ڪئي.
هن پنهنجي پيٽ، زبان ۽ شرم گاهه جي شِر کان، پاڻ بچائڻ پي چاهيو، پر حافظ امين جي اجائي شري سندس هر شروعات کي ڪمزور پي ڪيو.
حافظ امين ته قرآن جو حافظ هو، پر قربان پنهنجي زبان کي، پنهنجي دل جي پٺيان رکي، پنهنجي زبان جو حافظ بڻجڻ پي چاهيو.
هن هڪ مڪمل عارف جيئان، زبان جو حافظ ۽ وضح جو پورو رهڻ پي چاهيو. تنهن ڪري هن پنهنجي زبان روڪي پنهنجي دل جي دين جا احڪام ۽ پنهنجي انسانيت جا فرض پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش پي ڪئي.
هن ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو يا ٻڌو هو ته “زماني جي عارف ‘منصور بن معتمر’ چاليهه سالن تائين، سومهڻي جي نماز کان پوءِ هڪ لفظ به، نه ڳالهايو هو، ۽ ‘ربيع بن ختيم’ ويهن سالن تائين، دنيا جي ڪا به ڳالهه ڪان ڳالهائي هئي!”
انهن سڀني يادن ۽ عارفانا حالن احوالن کي ذهن ۾ رکي، اهڙي جوڳ ۾ پنهنجي دل جي سچائي ۽ خيالن جي صفائي حاصل ڪرڻ لاءِ هن اهڙا ڪشٽ پي ڪاٽيا، جيڪي ماڻهو کي پنهنجي اڪيلائي ۾ عجيب احوالن ۾ منجهائي، ٿڪائي نااميد ڪري، دنيا جي باقي هر چڱي ڪم تان به دل کڻايو ڇڏن.
قربان جي گهر وارن، توڙي سندس دوستن ۽ سندس محبوبا عدن تائين سڀن کي کيس مان پڻ اهو ئي خوف هو.
پر اها حقيقت آهي ته، ماڻهو اهڙي روڳ جي جوڳ ۾ پنهجي سوچ ۽ خيالن جي حد اورهانگي، هڪ اهڙي اڻڄاڻ حد حاصل ٿو ڪري، جتي پنهنجي دلجي سچي مقصد (خدا) جي بجاءِ رڳو پنهنجي خودي کي اڪيلو ڪنهن ڪوفت کي محسوس ٿو ڪري، ليڪن اصل ۾ اُها خودي جي انت واري حد آهي ۽ من ۾ ويٺل سچي خدا سان هڪ ٿي وڃڻ واري جاءِ آهي- پر بهتر استاد جي رهبري نه هئڻ سبب، ماڻهو پنهنجي مت مان به ٻاهر نڪري ٿو وڃي!
ظاهر ۾ ائين پي لڳو ته، هن پنهنجي خيالن ۽ حواسن سان چاهه رکي جيترو تعلق جوڙيو هو، ان ۾ انسانيت لاءِ ڪو درد، ڪا محبت، ڪا همدردي يا ڪو ئي اتساهه، عام کي ذري برابر به نظر ڪون پي آيو. پر اصل ۾ ائين هو، جيئن ماءُ پنهنجي نئين ڄاول ٻار کي جنم ڏيئڻ وقت، خود پاڻ ته ڄڻ قبر حوالي هوندي آهي.
انسان پنهنجي انسانيت، پنهنجي من مان حاصل ڪرڻ وقت، اهڙي ساڳي ڪيفيت مان گذري ٿو.
قربان به پاڻ کي ائين اهڙن خيالن ۾ خود کي کپائيندي، جهڙو پنهنجي معصوم انسانيت کي اپاهج ڪري پي ڄڻيو ۽ ان جي سچائي کان ورچي ويٺو هو، پر ائين نه هو.
اصل ۾ هن پنهنجي وجود مان، هڪ پنهنجو هم عمر انسان پيدا ڪرڻ پي چاهيو، جيئن حافظ امين پنهنجي شخصي خاصيت کي به فاني ۽ غير حقيقي تصور پي ڪيو ۽ باقي بقا رڳو کيس پنهنجي دين ۽ ايمان جي رُڪنيت ۾ نظر پي آيس.
تيئن قربان کي پنهنجي فڪر ۾ پاڻ فنا ڪري، پنهنجو خدا پاڻ بڻجڻ ۾ بقا نظر پي آئي. شايد سندس ذهن تي، اهو گوتم ٻڌ جي تپسيا واري عمل جو به ڇاپو هو.
هن، سچل، سامي ۽ شاهه عبداللطيف وغيره جهڙن شاعرن جي شاعراڻا فڪر کان ٿيندو، پنهنجي اندر ۾ پاڻ پرکڻ ۽ پنهنجي اصليت واري نرواڻ ماڻڻ پي چاهي ۽ نجات سلطنت حاصل ڪرڻ پي گهري، پر متضاد حالتن واريون يادون وٽانئس وسريون ڪون پي.
هن کي مجاز اوڏانهن شايد اڃا وڃن ئي نه پي ڏنو، جٿي محدود رهڻ، محروميت ۽ جهالت آهي، ۽ لامحدود نرواڻ آهي ۽ خودي کان خود ڇڏائڻ آهي.
انسان دنيا ۾ ايندو آهي ته ان مهل پاڻ سورن کان آجو ۽ رڳو ماءُ لاءِ سور کڻي ايندو آهي ۽ ٻيو ڪجهه ان مهل نه کڻي ايندو آهي. پر واپسي لاءِ ڪجهه کڻي وڃڻ ۽ گهڻو ڇڏي وڃڻ، اهو تصوف آهي ۽ اهو ئي صوفي ازم آهي، جيڪو اسلام کان اڳ سنڌ ۾ موجود هو. ۽ سنڌ ۾ ان جي سٻاجهائي، ماڻهن جي من ۾ ايترو امن ڀري ڇڏيو، جو حضرت عيسيٰ نبي جيئان، هن به پنهنجي ڳلن تي، زماني جون الئي ڪيتريون لپاٽون سٺيون پر اڄ تائين هٿ آڏو به نه ڏنو.
سنڌي ماڻهو جي روحاني حالت رڳو واقعاتي ۽ جذباتي حالتن ۾ رهي آهي سندس جوش، جلال ۽ ولولي واري ڪيفيت ۾ مستقل مزاجي ڄڻ صدين جي سانڍيل ڪرب، ۽ ڌارين جي ڪوس ڪهي ڇڏي هجي.
ڪوئي غير، سندس ڪا غيرت باز حرڪت ڪري، ته ان کي به وقتي واقعو تصور ڪري وساريو ڇڏي.
ڪوئي گهر کسي بي گهر ڪري، زر کسي بي زر ڪري يا ڀلي کڻي سر کسي باقي بدن بازارن ۾ اڇلي ڇڏي ته ان کي به پنهنجي امن جي عَلمَ جي بيرق بڻائي پيو يادون ملهائيندو پر ويڙهه ۽ وير کي پنهنجي وجود ۾ ويهڻ نه ڏيندو.
شايد اهڙي قومي ڪيفيت تي ئي ڪنهن لکيو ته:
“بس اهو ئي جذبو اَي جبين،
آ، جان تنهنجيءَ پويان لڳو.
مر ته مر، جي اڄ مرين،
سُڀان مري، سو ٿيو ڍڳُو.”
پر اهو سڀ ائين به هو ته، ڌارين جون لوڌون جڏهن دريائي اٿل جيئان لاڳيتو پلٽي پيون هيون تڏهن سنڌ ديس جا اصل ڌڻي پنهنجي ڪنهن بهتر اڳواڻي ۽ اڪائي ۾ نه هئڻ واري حالت سبب، آيل جو آڌرڀاءُ ته وڏي خوشيءَ مان ڪيو، پر بنيادي طور ان اوچتي سياسي طوفان واري اٿل ۾ وائڙو، منجهيل، بيوس ۽ بي يارومددگار هو- ۽ هر ان جهڙي، تهڙي سياسي اڳواڻ کي پنهنجي اصل قوت سمجهي، ان جي پويان هلي پيو، ائين ڏسندي ئي ڏسندي سنڌي عوام، ڀٽو خاندان جي سياسي سحر ۾ اچي ويو. ۽ ڀٽي خاندان نئون جنم وٺندڙ ملڪ جي سرڪاري سياست پي ڪئي، ان سياسي پس منظر ۾ سندس خانداني شان، شوڪت ته عالمي سطح تائي پهچي وئي، پر پنهنجي سياسي طاقت جي ڏک ڀري پڄاڻي کي هن پنهنجي سياسي هُل ۾ نه سمجهو- ۽ اِها مصيبت به سنڌ لاءِ ڪو نئون سياسي قحط کڻي اچڻي هئي. جيڪو سنڌ جي نئين جڙندڙ تاريخ جون مکيه خوبيون ۽ خاميون کڻي اچڻو هو. ان کان اڳ ۾ ته، سنڌ اڻ ڳڻيل تڪڙين ۽ دور رس تبديلين مان گذري هئي .
جنهن ۾ غير محفوظ ۽ ڪمزور مغل شهنشاهيت، نادر شاهه جا ظلم، ايرانين ۽ افغانين جي مارا ماري ڏسيو ويٺي هئي، اهو اُهو زمانو هو، جڏهن ٺٽي ۾ سوين تعليمي درسگاهون هيون- الائي ڪيترا اڻ ڳڻيا عالم، شاعر، صوفي عالم، محقق ۽ مفڪر هئا. ۽ سنڌ ڌڪن تي ڌڪ کائيندي، پنهنجا سياسي ۽ صوفي عالم ڪهائيندي، ۽ هميشه جيئان پنهنجا پراڻا ڦٽ وساري وري نون سورن لاءِ سنڌ انگريزن فتح ڪئي، سنڌ ۾ مذهب کي به پنهنجي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو.
ان سڄي جنگ ۽ جدل واري خونريز عرصي ۾ سنڌ مٿان سر ڏيندڙ صوفي ازم جا عالم، انهن جا هاڻ رڳو نالا ۽ حوالا باقي وڃي بتا. ۽ انهن جون تعليمي درسگاهون، تعليمي طريقيڪار، طريقت جو سلوڪ ۽ سمجهاڻيون به انهن سان گڏ غم خواري جا جهڙا خواب ٿي ويون.
باقي هاڻ بس رڳو شاعري ۽ مذهبي تصوف هو، تنهن قربان جهڙن هزارين صوفي طالبن کي خود کان الڳ ۽ بلڪل اڪيلو ڪري ڇڏيو.
تاريخ جي للڪارهئي، ته سنڌ پنهنجي ڪنهن اعليٰ قرباني جي ڪمال سان، پنهنجي لاءِ پنهنجو ڪو سنڌي فاتح پيدا ڪري؟ جنهن لاءِ، سائين جي. ايم. سيد، ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو، سنڌي عوام جي نظرن ۾ سواليا نشان بڻيل هئا.
پر سرڪاري سرمايا پرست اسٽيبلشمينٽ ۽ رجعت پرست طلسمي سياست ڀٽي خاندان کي احساس برتري جي ڌٻڻ ۾ هڻي ڇڏيو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽو کي تختهءِ دار ڏانهن پي سڏيو.
قربان ۽ حافظ امين جو پيءُ گل محمد، جنهن کي پنهنجي ٽيهه، چاليهه ايڪڙ کن پنهنجي زمينداري هئي- ۽ سندس سياسي سڃاڻپ پيپلرزپارٽي هئي- پر پارٽي ۾ هڪ جيئالي ڪارڪن کان وڌيڪ سندس اهميت ڪان هئي ۽ گل محمد جهڙا اهڙا ٻيا به ڪيترائي اڻ ڳڻيا زميندار هئا، جيڪي ذوالفقار علي ڀٽو، جي سياسي فن ۽ شعلا انگيز تقريرن جا مداح هئا.
گل محمد به سنڌ جي عام زميندارن وانگر نياڻين جي تعليم کي ڇڏي باقي ٽن پٽن کي ديني تعليم ۽ قربان کي سندس مرضي مطابق تعليم ڏياري. جنهن ۾ قربان ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ماحول ۾ اٿندي ويهندي، سنڌ جي حالتن ۽ قومي غلامي جي درد کي سمجهي ورتو هو، ۽ عشق جي عميق درياهه ۾ لهڻ کانپوءِ، اتان کيس جيڪا سچائي حاصل پي ٿي، تنهن ۾ به هن انساني وجود ۽ قومي وجود ۾ ڪوئي فرق ڪون پي ڏٺو.
گل محمد پنهنجي سڄي گهر کي، پيپلزپارٽي جي سياسي گهرجن لاءِ پابند پي رکيو هو، پر قربان وٽانئس ڇڏائي قوم پرست سياست ڏانهن هليو ويو هو، جيڪو هاڻ سياسي نتيجن کان مايوس ٿي، مجاز جي عشق کي پنهنجو رهبر بڻائي، صوفياڻي ڇير جي ڇمڪار ۽ صوفياڻي سوز، سماع وارن تڪين تي عشق حقيقي حاصل ڪرڻ پي چاهيو.
پر اُهي من اجاريندڙ مئخانا به سنڌ جي سياست جئان چرس جي دونهين ۾ دونهاٽجي پيا هئا، ته ڪن تي مذهبي تصوف جي پرچاري ملن، پنهنجون مذهبي حدون انتها کان به چاڙهي ڇڏيون هيون.
نه اهي فقير هئا، جيڪي پير پٺي جي مزار تي، وجد ۾ اچي نچندا هئا، ۽ نه اهي ملنگ رهيا هئا، جيڪي مستي ۾ اچي، مڪليءَ جي جبلن ۾ مٿا هڻندا هئا ۽ نه اهڙا يغانا يارباقي رهيا، جيڪي قلندر جي ڌمال تي عثمان مروندي جا شعر ٻڌندي، سماع جي لذت ۾ ساڻا ٿي پوندا هئا.
سنڌ جون اهي اوطاقون، اوتارا به اجڙي ويا هئا، جتي تصوف مان، ديس جي دشمن لاءِ، خطرناڪ سياسي هٿيار به تيار ڪيا ويندا هئا.
سنڌ مان ته ڪفني وارو لباس به ڪفن جيئان دفن ٿي چڪو هو، نه ڪشتو نه گودڙي، نه گبري نه بڻڇي ۽ بيراڳڻ!
بس باقي رڳو سور ۽سالڪاڻي سڃ. ڄڻ لامڪاني سڀ لڏي وڃي موت جي مڪان تي ويٺا هئا.
نه جلالي نه جمالي، نه سامي نه سنياسي، نه سي جبروتي نه لاهوتي، محبت جا اهي سڀ مسافر فقير الائي ڪهڙي سفر جي راهه ۾ رهجي گم ٿي ويا هئا. جن تي شاهه لطيف به فدا پيو ٿيندو هو.
انسانيت جي اهڙي ڏڪار ۾، قربان ويچاري پنهنجي جيءَ سان جهيڙيندي ڪمايو پي ته رڳو پنهنجي ڀاءُ حافظ امين جي ڪروڌ سان گڏ، پنهنجي من ۾ ورهه جي وڄا جي بدلي ويراڳي وروڌ جو ڪشڪول پي ڀريو.
ائين پي لڳو ته، هن پنهنجي حقيقي يار جي حاصلات لاءِ، پاڻ تي سختيون ڪندي، پنهنجي انسانيت کي ڪجهه ويجهو رسي چڪو هو، توڻي جو سندس ان عشق اُجار عمل واري ڪشٽ، سندس جسم جو گوشت ڳاري کيس هڏن تي اچي بيهاريو هو، سندس منهن جا هڏڙا چُلهه جي مارنگ جيئان اڀا نظر اچڻ لڳا ۽ سنان پاڻي ڇڏن سان، بدن ۽ ڪپڙا ڄڻ مڇي مارڪيٽ بڻجي پيا ۽ سندس اکين، پنهنجن عزيزن، دوستن جي احساس ۾، جهڙي ڪنهن بخشش لاءِ همدردي پي گهري.
ماءُ جو روح ته، ستارن کي لتاڙي، قبر جي تهه تائين وڃي ٿو، تنهن جو روح پنهنجي ڏکياري اولاد جي جسم ۽ هڏڙن جي ڪمزور حالتن کي، خداکان به پهريان ڏسي ٿي وٺي ۽ ان تي رحم کائڻ لاءِ سندس خدا جي نظر به اڃا شايد دير ڪندي هجي.
قربان جي ماءُ کان، قربان جي اها اهڙي حالت سَٺي نه پي ٿي، تنهن پنهنجي دل جي ڏکندي ۽ هينئانءُ جي هيڻائي کان، کيس چوڻ جي بجاءِ سندس پيءُ ۽ ڀاءُ حافظ امين کي چيائين “خبر ناهي زندگي ۾ مون ڪهڙو پاپ ڪيو آهي، جنهن جي سزا، منهنجي قربان اهڙي ته ڀوڳي آهي، جنهن وٽانئس پنهنجي اولاد جي به سڃاڻپ کسي ورتي آهي- حافظ امين، ڇا تون به کانئس نا اميد آهين؟ تون دين اسلام جو عالم آهين- ڇا توکي پنهنجي اهڙي ديني فرض تي يقين ڪونهي، ته پنهنجي سڳي ڀاءُ جي اهڙي فقيراڻي حالت بابت، توکان به آخرت ۾ پڇا ٿيندي، دين اسلام ۾ ته، پهرين پنهنجي عزيزن جي سار سنڀال جو حڪم آهي.”
حافظ امين جي ذهن مان ته هڪ ڏينهن به قربان ڪون وسريو هو، پر قربان ٻين سڀني کي وساري ڇڏيو هو، سندس ذهن ۾ باقي ڪنهن جي ياد اڃا کيس ضروري هئي، جيڪا سندس جيئڻ ۽ مرڻ وارو سوال بڻيل هئي. جنهن کيس ماٺ ۾ وجهي، اونداهه ڪنڊي ۾ ڪرونڊڙي حالت سان ويهاريو هو ۽ اها سندس پهرين ۽ آخري پيار واري ياد هُئي.
محبت زندگي ۾ هڪ دفعو ئي ٿيندي آهي. ان کانپوءِ ته ڪجهه عياشي، ڪجهه من چلا ۽ ڪجهه دل جي روايتي ورونهن آهي.
حافظ امين جي ماءُ، حافظ امين مان ڪنهن اميد ڀريي جواب جي منتظر هئي- سندس اکين ۾ ڀرجي آيل اولاد جي ارمان مان لڙڪ ڏسندي، حافظ امين پنهنجي شرعي سختي جي خوف وچان چيو “مونکي ديني احڪامن جو علم آهي، منهنجي جيجل امان- دين ته ائين به چيو آهي ته- تنهنجو اولاد به جيڪڏهن ديني احڪامن تي عمل نٿو ڪري، ته ان کان به پنهنجا رشتا الڳ ڪري ڇڏيو، پوءِ به مون کيس بار بار سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر هو نمرود، فرعون جهڙن نامراد ماڻهن جا دليل ۽ ابليس جا احوال ڏئي مون سان مناظرو ٿو ڪري.
هو چوي ٿو آدم ۽ ابليس غلطي ٻنهي ڪئي، پر هڪڙي کي واري نبي ڪيائين ته ٻئي کي قيامت تائين ڪافر قرار ڏنائين- آئون ڇا ڪريان منهنجي جيجل امان- هاڻ صرف رڳو تنهنجي دعا بس باقي آهي. جيڪا کيس پنهنجي ماڻهپي ۾ آڻي سگهي ٿي- باقي آئون ته، پنهنجي پڳ به سندس پيرن تي رکڻ لاءِ تيار آهيان- پر جيڪڏهن هو مون سان مُناطرو نه ڪري ته؟”
“هو ديني حوالن يا دليلن کي اهميت ڏيندو ئي ڪون- سندس پيءُ گل محمد چوڻ لڳو- هن سان هاڻ جو ڪجهه به ڳالهائڻو آهي- اُن سان هن جي دل وچان ڳالهائي ۽ سندس سوالن جا جواب انسانيت جي تعلق سان جوڙي، پنهنجي لاءِ سچائي ۽ ايمانداري جو اعتماد منجهس پيدا ڪر- اوهان مذهب کي سياست سان گڏائي، پنهنجو مذهبي اعتماد جهڙو خود کان به پيا کسيو- آئون ڪجهه ڏينهن کان ڏسان پيو - هو تو منجهان هر قسم جو اعتماد وڃائي چڪو آهي- ۽ آئون کيس ڪجهه ڪون پيو چوان- آئون جيڪڏهن کيس ڪجهه چوندس، ته مونکي اهو خوف آهي ته، ڪٿي هو گهر ڇڏي، هنگلاج وغيره منهن ڪري، ڪيڏانهن يڪو نه هليو وڃي ۽ اهو اسان کانپوءِ برداشت ڪون ٿيندو- هونئن ته ڪيڏانهن وڃي ٿو ته گهمي ڦري واپس گهر اچي ٿو- پر منهنجو چوڻ هن کي شايد ڏکيو لڳي.”
حافظ امين کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو اهو احساس ٿيو ته “دين پيغمبر ۽ خدا جي تعلق سان گڏ، اولاد ۽ مائٽ جو تعلق ڪيڏو نه وڌيڪ مضبوط ۽ اٽل آهي، رشتن کي وساري، الله جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ ڪيترو نه اڌورو هوندو آهي ۽ سوچيندي سوچيندي، هن کي صوفين واري اها صلاح به دل سان لڳي ته “روزو ۽ نماز، رڳو وضو، بک، سجدي ۽ اڃ سان تعلق نٿا رکن، ان سان گڏ انسانيت ۽ ان جو تعلق به اهم آهي.”
حافظ امين پنهنجي دل سان پهريون ڀيرو قبول ڪيو ته “اهو اهڙو صوفي علم، خدا تعاليٰ پنهنجن مقرر خاص عاشقن کي ڏات ڌڻي ڪري ڏيندو آهي- جيڪو هر مذهب کان مٿاهون آهي- هر دليل، سمجهاڻي ۽ عقلي مثالن جي اڪابري کان اتانهون ۽ نرالو آهي.”
هن کي پنهنجي ڀاءُ قربان، جنهن جي حالت، هجر هلاڪين ۾ وجهي سندس عقلي هٿيار ۽ علمي هجتون وغيره، سڀ وقتي طور کانئس کسي ورتيون هيون.
ان سان هن اڳ ۾ جو ڪجهه ڳالهايو ۽ بحث مباحثا ڪيا هئا، ان ۾ پنهنجي نيت جي سختي سبب، هاڻ کيس افسوس ۽ پڇتاءُ ٿيڻ لڳو هو. ان افسوس ۽ پڇتاءُ ۾ هن رات واري نماز پڙهي ته نماز ۾ به کيس قربان جي فقيراڻي عشقيا حالت ۽ ان جو احساس هن سان نماز واري سجدي ۾ به گڏ هو.
جمع نماز واري رات، اها نماز پڙهي هي تڪڙو، تڪڙو سڌو قربان وٽ ان اونداهي ڪنڊ واري تڪيي تي آيو، پر سمجهه ۾ نه پيو اچيس ته “کيس چوان ته ڇا ۽ ڪيئن شروعات ڪريان.”
قربان ان مهل مونن ۾ منهن هڻي ڪرونڊڙو ٿي ويٺل هو، ۽ ان اونداهه ۾ ڪنڌ هيٺ جهڪيل هوندي به، پنهنجي اضافي حِس مان هن اهو محسوس ڪري ورتو ته،“ڪوئي آهي، جيڪو مون سان مخاطب ٿيڻ چاهي پيو؟”
پر پوءِ به هن پنهنجو ڪنڌ مٿي نه کنيو، هن کي پنهنجي احساس ٻڌايو پي ته، “ضرورت پاڻ ڳالهائيندي آهي- مقصد، ماڻهو مان تحمل جا سڀئي لوازمات ختم ڪري ڇڏيندو آهي.”
سوچ ويچارڪندي، ڪافي دير کانپوءِ پنهنجي دل سان رشتن جي اهميت جو احساس، گڏائيندي، حافظ امين ڳالهايو “مونکي معاف ڪج منهنجا ڀاءُ- غلطيون اڪثر عاقلن کان ٿينديون آهن- جيڪو گهڻو ۽ وڏو علم ٿو حاصل ڪري، اهو اوتريون ئي گهڻيون ۽ وڏيون غلطيون، پنهنجي علم جي اهميت مطابق ڪندو آهي- ۽ اها به حقيقت آهي ته، ڪڏهن، ڪڏهن ته اسان کان قرآني آيتون به وسريو وڃن، ته ڪڏهن نماز جي رقعت به ڀلجو وڃون- اهي اهڙيون غلطيون به ان نيڪ عمل جي برابر واري اهميت جي درجي واريون آهن، جن جو ازالو هي بني نوح انسان هرگز نٿو ڪري سگهي- وڌ ۾ وڌ اها نماز ۽ وساريل آيتون هو وري پڙهي سگهي ٿو- پر ڪهڙي خبر ته، جيڪا نماز اڌوري هئي، اهو ئي الله پاڪ وٽ قبوليت جو وقت هو- آئون سمجهان ٿو، هن کان اڳ ۾، جو ڪجهه به مون توسان پي ڳالهايو آهي، تنهن ۾ منهنجو رويو شايد، تنهنجي دل کي رنج رسائيندڙ هو، پر اڄ جو ڪجهه آئون چوان پيو- اهو آئون نه پيو چوان- اهي پنهنجي جيجل امڙ جا لڙڪ پيا ڳالهائن- سڄو گهر تنهنجي معاملي۾ هاڻ ڏاڍو ڏکارو ٿي پيو آهي- بس هاڻ توکان جي ٿي سگهي، ته پنهنجي جيجل امڙ جي حال تي احسان ڪر- هُوءَ تنهنجو صدمو هاڻ نه پئي سنڀالي سگهي، ۽ اسان امان کي ان حال ۾ نٿا سنڀالي سگهون- هن جون پوڙهيون اکيون- تنهنجي بي حالي جي سبب رات ڏينهن ڀنل رهنديون آهن- آئون پنهنجي عقلي روين تي شرمسار آهيان- مونکي اميد آهي ته، مونکي پنهنجي ننڍي ڀاءُ واري حيثيت سان- منهنجي ڪم عقلي ۽ اڻڄاڻائي کي دل تان لاهي ڇڏيندا!”
حافظ امين کي ڪوئي جواب ڪون مليو، پوءِ به سندس دل خاطر جمع هئي، شايد اهڙو علم کيس هو ته “پنهنجي خودي کي فنا ڪندڙ فقير، دنيا جي باقي بي مقصد فعل ۽ عمل کي پنهنجي فڪر جي رمز ۾ رهڻ نه ڏيندا آهن.”
هن صحيح پي سوچيو، پر پوءِ به هي ڪنهن جواب جو منتظر هو ۽ قربان پنهنجي فڪر جي لذت مان پاڻ نڪرڻ نه پي چاهيو. ليڪن پنهنجي پوڙهي ماءُ جي ڀنل اکين جي پيڙاءُ، فاقاڪشي ۾ ڳري ويل سندس سرير ۽ اوجاڳن ۾ اُجڙي ويل سندس احساسن ۾، ڄڻ ڪنهن پنهنجائپ وارو پساهه وجهي، سندس جيءَ کي جاڳائي وڌو- ۽ هن جهڙو پنهنجي وڃائجي ويل مئل آواز ۾ ڳالهايو “جن ماڻهن جون دليون، پنهنجو سچ وساريو ڇڏن، انهن ماڻهن جو باقي پنهنجي جسم جي گوشت ۽ هڏ سان رشتو به منافقي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي- آئون پنهنجي امڙ جي اکين کي روسامو ڏئي، پنهنجي اندر جي انسان ۽ من جي محبوب ماڻهپي کي رنجائي نٿو سگهان- تون پنهنجي دل ۾ اجايا گمان ڇو پيو گڏ ڪرين؟- تون افسوس ڪر ته، پنهنجي شرعي عملن جو ڪر، جيڪي تنهنجي دل تان لهي، توکي پنهنجي خدا ۽ پنهنجي وطن جي محبت کان پري رکي، توکي تنهنجي انسانيت سان ملڻ واري پنڌ ۾ وڇوٽيون وجهيو ڇڏي- آئون پنهنجي امڙ جي اکين ۾ موجود الالله کان پنهنجو روح الڳ ڪري، پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪنهن ٻئي وڇوڙي جو سور سهڻ واري سهپ پيدا نٿو ڪري سگهان.
تنهنجي مهرباني، تو پنهنجو شرعي فرض ادا ڪيو، منهنجا ڀاءُ. تنهنجي ان احسان جي مسرت، منهنجي دل ۾ تاحيات ڪنهن ياد جو سبب رهندي- امڙ کي چئو ته، آئون صبح جو سندس پيرن جي خاڪ، پنهنجي اکين ۾ پائي- سندس اکين جي ان مقدس پاڻي سان پنهنجي روح جون رهڙون ضرور ڌوئيندس!”
حافظ امين پنهنجي روزي، نماز مان حاصل ڪيل، پنهنجي علم، فڪر ۽ نيڪين کي، جڏهن قربان جي انهن چند جملن سان ڀيٽا ڪئي، ته پنهنجي عقل تي عجب کائڻ لڳو. انهن چند جملن ۾ کيس پنهنجي سوال جي بدلي، الائي ڪيترا جواب کيس معلوم ٿيا- هن ساڻس ڪجهه وڌيڪ ڳالهائڻ واري حاجت تان هٿ کڻي ڇڏيو ۽ پنهنجي اڻپوري سوچ تي سوچيندي ان اونداهه ڪنڊ مان نڪري ٻاهر آيو، ته گهر جي ٿلي تي، واسرو کٽ تي ويٺل پنهنجو پيءُ کيس پريشان نظر آيو، جيڪو ريڊيو تي هلندڙ سياسي تبصرو ٻڌي رهيو هو.
“چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءَالحق، ذوالفقارعلي ڀٽو کي گرفتار ڪري، ملڪ تي مارشلا نافذ ڪري، ملڪ ۾ نوي ڏينهن جي اندر اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو!”
گل محمد ان تي تبصري ٻڌڻ کانپوءِ،. ذوالفقار علي ڀٽو، جو جيل ۾ هليو وڃڻ ۽ ملڪ تي مارشل لا واري عمل تي سوچيندي، ملڪ جي سياسي مستقبل جي لاءِ کيس پريشان ڪنهن اونهي سوچ ۾ ويٺل هو، حافظ امين پريشان ڏسي، سامهون پيل کٽ تي ويهي رهيو.
ملڪ تي مارشلا کانپوءِ، سڄي سنڌ سياسي توڙي سماجي حوالي کان هڪدم اهڙي مايوسي ۾ مبتلا ٿي وئي، جو ڄڻ صدين واري سلسلي موجب، هڪ اهڙو سياسي زلزلو نازل ٿيو هو، جنهن سنڌ جي سياسي مستقبل جون سڀئي عمارتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، ۽ سنڌ جي ماروئڙن تي مارشل موچڙو اڀو ٿي ويو. صدين کانپوءِ هڪ سنڌي ليڊر، دنيا ۾ پنهنجي سنڌي هجڻ واري شخصيت مڃرائي هئي، جنهن کي هاڻ رجعت پرست اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي وڌو ڦاسائي وڌو ۽ سنڌين تي پنهنجي سنڌي شخصيت بچائڻ وارو امتحان اچي ويو.
“ڇا معاملو آهي بابا سائين- ڪجهه پريشان پيا ڏسجو؟”حافظ امين پنهنجي پيءُ کان پڇو؟”
“مونکي هن ملڪ جو نصيب سمجهه ۾ نٿو اچي-گل محمد چوڻ لڳو- خبر نٿي پوي ته هن ملڪ جي جنرلن ملڪ جو مُلهه ڪيترو مقررڪيو آهي- هن ملڪ تي عرب اسٽيٽ جا پراڻا اصول ڇو پيا واپرائين- توکي ياد هوندو ته پنهنجي قربان توساڻ ئي بحث ڪندي چيو هو ته- هاشميت، امويت، عربيت ۽ قوم پرست عرب مسلمانن ۾ پنهنجي حاصل حاڪميت جي خواهش وار ي باهه، انساني رت کانسواءِ اُجهاڻي نه پي، ۽ ان جنوني باهه جي ڪيفيت ٺارڻ لاءِ دنيا سان گڏ سنڌ جي رت به شامل ڪئي وئي. تڏهن عرب اسٽيٽ دنيا ۾ سپر پاور هئي. ۽ پوءِ پنهنجي پاور جي سلامتي لاءِ سندن تلوار جي رت جا ڇنڊا، عربن سنڌ تائين پهچائي ڇڏيا، ۽ ٽي سؤ سالن تائين سنڌ۾ لٽ مار ڪئي.
مونکي به ڪڏهن، ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته. هن ملڪ جي جنرلن کي به، عربن جيئان، اسان سنڌي مسلمانن جي مسلماني تي ڪو وڏو شڪ آهي.
آئون سمجهان ٿو، سنڌ جي ڪنهن به چونڊجي ايندڙ، سنڌي ليڊر کي هي جيئڻ ڪون ڏيندا، مونکي سنڌ جومستقبل، الئي ڇو رت جي درياهه ۾ ٻڏندي نظر پيو اچي.”
حافظ امين، مذهبي معاملي ۾ ته، پنهنجي پيءُ سان اسلامي تاريخ، ابوجهل کان حضرت علي جي قاتل ابن ملجم ۽ پوءِ ڪربلا جي قضيي تائين، مسلمانن جي پاڻ ۾ قتل ۽ غارت گيري تي ڳالهاءِ پي سگهيو. پر ملڪ جي عوامي سياست ۽ سنڌ جي قومي صورتحال تي، سياست ۽ مذهب جي وچ ۾ خود کي ناڪام ۽ نااهل تصور ڪرڻ لڳو- هن کي ان وقت اهو احساس ٿيو ته، “مذهبي ۽ شرعي نقطي نگاهه کان، سنڌ جي قومي حقن تي خاموشي، ڪنهن وڏي ناانصافي وارو عمل آهي- جنهن کي تاريخ سڀاڻي شايد معاف نه ڪري.”
ذاتي عقل جون غلطيون، ماڻهو زندگي ۾ ئي نبيري وٺندو آهي، پر تاريخي غلطين ۾ ته، پيڙهين جون پيڙهيون پيون لوڙهينديون آهن. انهن جو ازالو ته ماڻهو محشر ۾ به نٿو ڪري سگهي.
ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري به سنڌ کي، ڪنهن اهڙي عذاب ڏانهن وٺي وڃي رهي هئي، ۽ سنڌ ۾ قومي توڙي عوامي هلچل، وقتي جنرل جي ڄڻ کاٻي اک جي ڪيمرا ۾ قيد هئي.
حافظ امين جي لاڳيتي خاموشي ڏسي، سندس پيءُ چيو “حافظ امين، تون مونکي اهڙي معاملي ۾، ڪڏهن ڪڏهن بلڪل نااهل لڳندو آهين. اهڙين حالتن لاءِ، توکان ته سچي دل سان، ڪا چڱي دعا به گهري ڪان ٿيندي- پنهنجي آخرت اجارڻ لاءِ، ماڻهو جيئرن کي جهنم ۾ ڪون جلائيندو آهي- تنهنجي اهڙي بي علمي ۽ قربان کي عشق ۾ ڪڙهندو ڏسي- مونکي ائين لڳندو آهي ته، منهنجي مئي کانپوءِ منهنجا هاري به منهنجي سياسي عقل تي ملامت ڪندا ۽ تون خود منهنجي سياسي عملن تي ختما پڙهندين.”
حافظ امين پنهنجي شرم ساري وچان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ هن محسوس ڪيو ته “اڻڄاڻائي ماڻهو جي عزت ۽ نفس لاءِ هاڃيڪار آهي- ۽ ان جو اقرار نه ڪرڻ ان کان به وڌيڪ وڏي بُرائي آهي.”
“بابا سائين، توهان جي ڪنهن حڪم جي انحرافي ته مون ڪڏهن ناهي ڪئي- حافظ چيو- ها! باقي آئون قربان کي وڏو سمجهي- دنياوي معاملا ان ڏانهن منسوب ڪري، مون پنهنجو ڌيان ديني معاملن ڏانهن وڌائي ڇڏيو- ائين شايدموجوده حالتن کان، اوهان کي بي علم پيو معلوم ٿيان- ۽ ائين بلڪل به آهي- آئون موجوده سياسي حالتن کان واقعي به باخبر نه رهيو آهيان.”
گل محمد کي، حافظ امين تي گهڙي کن لاءِ ڪاوڙ رڳو انهيءَ ڪري لڳي هئي، جو هن ملڪ جي سياسي حالتن تي ڳالهايو، ته حافظ امين سندس خيالن سان، پنهنجي خيالن جي ڀاڱي ڀائيواري نه ڏيکاري. اصل۾ گل محمد کي، حافظ امين جي سياسي اڻڄاڻائي کان وڌيڪ، پنهنجي سياسي ليڊر جي گرفتاري وارو ارمان، سندس جيءَ کپائي رهيو هو.
هاڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي بچاءُ لاءِ ملڪ ۾ هڪ باقائده تحريڪ شروع ٿي وئي هئي. جنهن ۾ سنڌ ٻين صوبن کان پنج قدم وڌيڪ تيز هئي، اهو انهي ڪري جو ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جو خمير هو، ۽ وقت جي جنرل به سنڌ کي پنهنجي لاءِ وڌيڪ خطرو محسوس ڪندي، هن ماڻهن جا عضوا کائيندڙ پنهنجي ان مارشل لا جو سڄو رخ سنڌ ڏانهن موڙي ڇڏيو هو. ڦٽڪن ۽ ڪوڙن جو مينهن وسائي ماڻهن جي پٺن تان کلون لاٿيون پي ويون، مٿا ڦاڙيا ويا، عضوا ڀڳا ويا- روڊن تي هلندڙ مسافر گاڏيون بيهاري، ماڻهن کي روڊن تي اونڌو سمهاري، سندن ڳجهن عضون کي لانگ بوٽن سان لتاڙي چٿيو پي ويو، سرڪاري جيل ڀرجي ويا، اسڪولن ۽ ڪاليجن کي قيد خانا بڻائي، ماڻهن کي انهن ۾ واڙيو ويو.
قيدين جو پيشاب، پاڻي بند ڪيو ويو، سڄي سنڌ تي جنرل جي ڪاوڙ ڪوس ڪرڻ لڳي.
هيليڪاپٽرن ذريعي سنڌ جي درياهي ٻيلن تي گن مشين جا منهن کوليا ويا، هاري، مزدور، لاهيارا، پورهيت، مال چاريندڙ ڌرار، هر پنڌ پيچري تان ايندڙ، ويندڙ واٽهڙو مرڻ لڳا، جن جا لاشا ڳوليندڙ سندن وارث خود گن مشينون مارڻ لڳيون- سڄي سنڌ ۾ انقلاب پنهنجي رت جي خوشبوءِ ڊوڙائي ڇڏي، پر ان انقلابي بُوءِ کان، سنڌ جي امن پسند سياسي اڳواڻن پنهنجا نڪ ويڙهي ڇڏيا.
سنڌ پنهنجي آجپي لاءِ پي دانهيو، ۽ ماڻهن پنهنجا ڦٽيل ۽ وڍيل عضوا ٻڌي ڇڏيا.
جيڪي جيلن ۾ هئا، سي ته جهڙا جيئرا ئي ڪون هئا.
واپاري طبقي پنهنجي ڪاروبار جو نقصان سمجهي، پنهنجي غيرت کي خاموش ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي شهري آبادي، جنهن وٽ وڙهڻ لاءِ، ڪا جڏي، مُڏي ڪهاڙي به ڪان هئي، تنهن کي پنهنجي ذاتي تحفظ جي خوف گهرن ۾ ويهاري ڇڏيو.
هاري، مزدور، پورهيت ۽ شاگرد طبقو، تنهن ڦٽڪن وارا ڦٽ پي سيڪيا ۽ وقتي جنرل سڄي سنڌ ڦٽي، ڪٽي، سڄائي ساڻي ڪري مضبوط ٿي ويو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي روح کي ڦاهي گهاٽ لاءِ سينگاريو پي ويو ۽ امن پسند سنڌ ۾ شرط لڳي ويا.
“ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڪون ڏيندا- عربستان اپيل ڪئي آهي- ترڪي اپيل ڪئي آهي، انڊيا اپيل پيو ڪري- آمريڪا به چويس پيو- سڄي دنيا جي ملڪن اپيلون ڪيون آهن- ڀٽي کي ڦاهي ڏيندو ته، ملڪ ڪون بچندو- عوام جو درياهه اٿلي پوندو- باهيون آسمان کي به ساڙي ڇڏينديون!”
“سنڌيو هوشيار ٿيو- اهڙو ليڊر وري اسان کي ڪون ملندو- غيرت ڪريو- ليڊر بچايو- يتيم ٿي وينداسين- غلام ٿي وينداسين- اڪيلا ٿي وينداسين- گهرن ۾ نه ويهو- وڙهو، رت مٺو نه ڪريو- قرباني ڏيو- سر وڍايو، نه ته سڀاڻي ڌاريا اسان جي زالن جا بُبا ڪپيندا- اُٿو مڙسي ڪريو- پنهنجو ليڊر بچايو!؟”
پر، “مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين!” (شاهه)
ڪجهه به ڪون ٿيو.
ماڻهن ذوالفقار علي ڀٽو کي رڳو ووٽ ڏنا، سي به انهيءَ ڪري، جو ان ۾ رت ۽ سر جي قرباني شامل ڪون هئي.
ذوالفقار علي ڀٽو جي جسم کي، دار تان گهمائي، لاش فوجي تحويل ۾، ڳڙهي خدابخش ۾ دفنائي ڇڏيو.
جيڪي ماڻهو ان تحريڪ دوران شهيد ٿيا هئا، انهن جا چاليها، ختما به ٿي ويا، آهستي، آهستي سنڌ جو انقلابي رت، جيڪو وري پنهنجي ڪنهن اهڙي ٻي ليڊر جي اهڙي موت لاءِ، ٺري خاموش ٿي ويو.
۽ تاريخ آواز ڏنو “ذوالفقار علي ڀٽي، پنهنجي سنڌ نه سنڀالي ۽ سياسي غلطيون ڪري ويو!”
پر هڪ مڪمل قوم جي، پنهنجي هڪ اهڙي ليڊر جي ڪسڻ سان، سندس قومي قدر پوءِ، اڻ ڳڻيل سالن تائين ڪسندو رهي ٿو.
اهڙي ليڊر جي سندس غلطين بجاءِ، دنيا تي ڇانيل سندس شخصي ڏاهپ لاءِ، پاڻ ڪهائي به، قوم کي پنهنجي قومي عظمت لاءِ، دنيا جي نظرن ۾ مٿانهون رکڻو پوندو آهي.”
پر هاءِ گهوڙا ۽ پنهنجي ڇاتي جو نصيب پٽڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه ٿيو.
گل محمد به، پنهنجو مٿو، مڇون ۽ ڀرون ڪوڙائي، ويهه ڪوڙا پٺن تي وسائي، ڪجهه وقت قيد ڪمائي هاڻ گهر اچي ويٺو هو.
قربان، پنهنجي ماءَ جا پير چمي، پنهنجي ماءُ جي هدايتن تي عمل ڪندي، هاڻ هڪ ويلو ماني کانئڻ لڳو هو- سندس مئل صحت ۾ پساهه پئجي ويو هو- پنهنجي محبوبا عدن سان به ملاقاتون ڪرڻ لڳو هو- پر اڃا گهر جي اُن اونداهه ڪنڊ مان کيس فڪري تسڪين پئي ايندي هئي ۽ ان ڪرب مان ڪڍڻ لاءِ، حافظ امين کيس، پنهنجي هم خيالي ڏيکاري، سندس سوچن ۾ تبديلي آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيو.
حافظ امين کي ڏينهن جي وقت کان وڌيڪ رات جي وقت، ان اونداهه ڪنڊ ۾ ان سان گفتگو ڪرڻ وڌيڪ آسان پي لڳو، شايد هن پنهنجي وڏي ڀاءُ سان، بي حجاب ٿي ڳالهائڻ لاءِ، اهڙو حجابي پردو رکن پي چاهيو، جيڪو هن کي ڪنهن هٿرادو پردي ۽ حيا جي جاءِ تي، اهو رات وارو قدرتي-اماسي پردو، جيڪو ڪڏهن، ڪڏهن ماڻهو سان پنهنجي اڪيلائي ۾ ڳالهائيندو آهي.
حافظ امين، ان پردي جي ڪاري پوش ۾ وڌيڪ بي حجاب ٿي، قربان سان ڳالهائي سگهندو هو، ۽ گفتگو دوران پنهنجو لهجو هاڻ ڪافي تبديل ڪري چڪو هو، جنهن ۾ ڪجهه هن پنهنجو رويو پاڻ به نرم ڪيو هو ۽ گهڻو اثر مٿس قربان جي عجيب ۽ نرالن خيالن جو به پيو هو.
ائين به ڪو نه هو، ته قربان مڪمل نرواڻ ماڻي هئي ۽ الله جو ولي ٿي ويو هو ۽ خدا سندس زبان مان نڪرندڙ لفظن کي ڪرامت يا برڪت عطا ڪئي هئي.
اهڙي ڪرامت، جيڪا ماڻهو کي رڳو پنهنجي ذات جي ڪم اچي، سا ته ماڻهو جي ماڻهپي لاءِ موت آهي، ۽ اهڙي بزرگي جي خواهش قربان کي هرگز ڪون هئي.
هن پنهنجي جيءَ سان هاڻ جيڪي به سختيون ڪيون پي، تنهن ۾ هن پنهنجي سوچ، پنهنجي جسم جي مزاج، نفس جي صحت، ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ ردي ۽ رزيل خيال، طبيعت ۾ بدمزاجي ۽ ان جا ڪارڻ، آواز ڪيئن ۽ ڪهڙي عضوي ۾ رهي ٿو؟”
پنهنجي سڄي سوچ، جان جي اهڙن ارڪانن ۽ سندس فطرت تي پي کپايائين.
هن خواهش جي شدت ۽ ان جو غضب، ڪاوڙ تي قابو پائن، دل جي اختياري ۽ ان جا ارادا، وسوسن جا قسم ۽ انهن جا نقصان، عقل، قلب، نفس ۽ روح. هن ته هاڻ بس انهن تي مجاهدو پي ڪيو.
هن پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي ذات ۾ گم ڪري، قدرت جا سڀئي عجائب پرکڻ پي چاهيا.
هن پنهنجي دل کي، خدا جو تحفظ گاهه سمجهي، ان محل ۾ پنهنجي يار سان ملڻ جا درپي ڳوليا.
اهڙي رياضت ۾ هن جو ذهن، پنهنجي قومي مقصد لاءِ به ايترو صاف ٿي ويو هو، جو ڪوئي به ماڻهو هن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو، ته سندس گفتا ٻڌي، انهن جي گهرائي تي هاڻ حيران رهجي ويندو هو ۽ خود کي دنيا جي سواري لاءِ گڏهه سمجهي ويهندو هو.
حافظ امين، جنهن کي ڪجهه اڳ ۾ قربان جي حالت تي رحم پيو ايندو هو ۽ سندس خيالن کي ڪفر پيو تصور ڪندو هو، تنهن کي هاڻ سندس خيالن تي حسد جاڳڻ لڳو، حافظ سوچيو “رڳو ڪتابن جي ڄاڻ ته شايد ماڻهو جي دلجو دروازو نٿي کولي، ماڻهو شايد خودي، خدا ۽ خود جي خفي ۾ ئي پاڻ کي کولي ٿو ۽ اندر جي اونداهه کي روشن ڪري ٿو!”
۽ قربان جي من ۾ اهو سوجهرو پيدا ٿي پيو هو، جيڪو سنڌ ۾ صدين کان، صوفين جي قلب کي عطا ٿيندو، آيو هو.
فطرت طرفان ڏنل، سنڌ کي ان انعام ۽ ان جي ورهاست کي، زماني جي حوس ۽ حاڪمن جا ظلم فنا ڪري نه سگهياهئا.
سنڌ جي اهڙي ڏاهپ کان، حسد کائي، صدين کان جيڪا بيگناهه انساني رت وهائي وئي، ان کي ميڙي گڏ ڪجي، ته دنيا ۾ هن ڌرتيءَ تي، ايڏو وڏو پاڻي جو درياهه به ڪون ملندو. پر اُهو به وهي سُڪي، خشڪ ٿي گم ٿي ويل رت، سو ته وسري ويو ۽ پر جيڪو نئون رت سنڌ ۾ وهڻ لڳو هو، تنهن جي به مهذب دنيا کي ڪا ڪراهت، ڪاوڙ ۽ ناحق نظر ڪون پي آيو!
___________