ناول

يار

ناول يار اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ناول جو ليکڪ محترم حيدر دريا زئور آهي. ملاحن انهن جي زندگي، عشق، مذهب، سياست ۽ ٻين گهڻ رخي موضوعن تي مشتمل هن ناول ۾ ڪمال جا مڪالما آهن.

ڪتاب مان ورتل ٽڪرو

“۽ اها حقيقت به تون چڱي طرح ڄاڻندو هوندي ته، حضرت آدم جو گناهه، حضرت آدم جي پيدائش کان چاليهه سال اڳي، اهو توريت ۾ لکجي چڪو هو ۽ حضرت آدم کي ان جو علم نه هو.
عشق ته ابليس به ڪيو، ته آدم به ڪيو ۽ غلطي به ابليس ۽ آدم ٻنهي ڄڻ ساڳي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي بڻيو ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر”
Title Cover of book يار

باب ڏهون

قربان جي سوچ اهڙن تاريخي حالاتن تان گهمندي، سنڌ جي حالتن تي اچي، تصوف جي اونهي ساگر ۾ گم ٿي ويندي هئي. سندس مجازي عشق جون اکيون ننڊ نه ڪنديون هيون، جن ڏٺو ۽ سوچيو پي، ته ڪيترائي فرهاد ۽ مجنا نامراد ۽ دل شڪسته ٿي مري ويا پر عشق ته اهڙي مراد آهي، جنهن جو موت ناممڪن آهي، پر نااهل ۽ نادانن جي دل ۾ عشق آباد نٿو رهي سگهي. حضرت موسيٰ عه جي زماني ۾، فرعون پنهنجي فڪر جي سُڪي درياهه ۾ ٻڏندي، “انا ربکم الاعليٰ” چئي وقت اڳيان پاڻ کي نادانيءَ سان مارايو هو.
بينظير ڀٽو به پنهنجو اباڻو نعرو، “ماني، ڪپڙو ۽ اجهو” ساڻ کڻي، وطن واپس اچي، هاڻ انسان دشمن، وطن فروشن جي گهيري ۾، سياست سان گڏ ڄڻ پنهنجي زندگيءَ جا به ڏينهن پي ڳڻيا. ۽ سڄي سنڌ هن سياسي رنگ ۾ رڱي ڇڏي هئي. قربان ۽ صوفي صالح محمد جي پاڻ ۾ محفل به اهڙي ئي ڪنهن سياسي سوال سان شروع ٿي ۽ پوءِ، “الله اوري ڇڏيائون، پنڌ پراهين پيا” واري مڪان جي منزل به شايد اورانگهي ويا. هر مڪان ۽ مئخاني ۾ معاملي جي شروعات هميشه قربان ئي ڪندو هو، ۽ صوفي صالح محمد کان به هن سياست بابت پڇندي پنهنجي شروعات ڪئي، “سنڌ ۾ سياست ڇا، ماڻهن کي سمجهه ۾ ڪونه آئي آهي، ڇا اهڙي سياست کي چئجي ۽ ڇا اهڙي قوم کي چئجي!؟”. قربان پڇيو.
“جي سياست ۾ وجوديت آهي، ته سياست عبادت، سخاوت ۽ هدايت آهي ۽ جي سياست ۾ شهُوديت آهي، ته سياست نحُوست، نفاق ۽ عداوت آهي… قربان فقير دنيا تمام تڪڙي ڊوڙ ۾ آهي، جيڪي قومون ان ڊوڙ ۾ رهجي ٿيون وڃن، اهي بس رڳو فنا واري موت لاءِ رهجي وينديون آهن. جڏهن زرعي آباديءَ ۾ قحط ايندو آهي، ته زمين ۾ ڇٽيل اَن زمين کائي ويندي آهي ۽ جڏهن قومن جي ذهنن ۾ ڏڪار ايندو آهي، ته ماڻهو پنهنجون سوچون پنهنجن ئي ذهنن کي کارائي غلام ٿي ويندا آهن. اسان جنهن رياست ۾ رهون پيا، ان ۾ سياست جو نتيجو ئي ناهي ۽ جيڪي نتيجا آهن، سي بس انساني قتل جي صورت ۾ آهن. جتي پئسي ڪمائڻ لاءِ سياست ڪئي وڃي، اتي ماڻهو جو رت ئي وهندو!”
صوفي صالح محمد کي پنهنجي جواب ۾ مطمئن ڏسي، قربان کيس وري ٻيو سوال ڪيو، “اسان جو عام ماڻهو، تصوف کي پوري طرح ڪونه ٿو سمجهي، ان کي جيڪڏهن عام فهم ۾ بيان ڪريون، ته ڪيئن ٿو ان کي بيان ڪري سگهجي؟”
صوفي صالح محمد مسڪرائيندي چيو، “قربان فقير، محبت ته اونداهي ۽ روشنيءَ جي وچ ۾ اهو وقت آهي، جنهن ۾ دعا ۽ بددعا جو وجود ئي نه هوندو آهي. جڏهن تصوف جي ڳالهه ٿا ڪريون، ته تصوف محبتي خيالن جو هڪ اهڙو ميلو آهي، جنهن جي بدذوقي ۽ بدسلوڪي مان پاڻ بچائي ثابت نڪري ايندڙ، اهو ميلو ته خود پاڻ مچائيندڙ هوندو آهي، باقي دنيا ته سندس ان ميلي جي رونق ۾ تماشو بڻيل هوندي آهي. تماشبين کي ڪهڙي خبر ته، ميلي جو مور ڪيتري خدائي جو خريدار آهي، پر شايد اها ٻولي به عام کان مٿانهين آهي. بس صاف لفظن ۾ اسان هيئن چونداسين ته، خودي ۽ بي خودي کي طلاق ڏيڻ تصوف آهي!”
“اڇا ان ۾ محبت جو درجو، محبت جو رتبو…!؟” قربان پڇيو.
محبت هڪ رسدار ميوي جو اُهو ٻج آهي، جيڪو جيستائين جيئرو آهي ته اڪيلو آهي، پر جڏهن زمين ۾ اڇلايو وڃِ ٿو، ته اتي مري وري جيئرو ٿئي ٿو ۽ پوءِ ان ۾ وڌيڪ گهڻائيءَ واري ڪثرت ايندي آهي. ائين محبت بقا ۽ دارالامان آهي ۽ ڪل انسانيت لاءِ دارالامارت آهي!
“محبت دنيا جي هر سزا کان بالاتر ۽ ناحق کان نجات آهي- انسان محبت ۾ پائمال ٿي انسانيت کي بقا ۽ حيات جاوداني مهيا ڪري ٿو - مثلن جيئن گهڻو ۽ تازو گاهه ڳئون جي خير کي وڌيڪ گهڻو ۽ مٺو ڪري، ائين محبت ۾ مجاز ماڻهو جي اندر وارين اکين جي نظر وڌائي ٿو- سوچن کي صحت بخشي ٿو – عقل جا بند دروازا سڀ کولي ٿو - هڪڙي ڳالهه تي ڪجهه ماڻهن کي حيراني تڏهن وٺندي آهي، جڏهن عشق مجاز ۾، محبوب جي اکين ۾ الله ڳالهائيندو آهي.!”
“قربان بابا، محبت ته ڏاچيءَ جي نڪ ۾ پيل سوراخ واري اها رسي آهي، جيڪا عشق جي هٿ وس هوندي آهي، ۽ عشق آزاديءَ سان ان جي مسافت مڪمل ڪندو آهي ۽ عشق اُها آزادي آهي، جنهن ۾ حجابن واري مذهب جا سڀ رُڪن رد ٿي وڃن ٿا!”
“ها! اها حقيقت آهي ته، مجازي محبوب، حقيقي محبوب جو گهر هوندو آهي”. قربان چوڻ لڳو، “پر توهان سويل هڪ نئون خيال ٻڌايو ته، روشني ۽ اونداهيءَ جي وچ وارو وقت اهو ڪيئن، اسان ان کي ڪيئن ڄاڻون، ڪهڙي شڪل ۾…!؟”
“ها! توهان شايد اهو خيال ڌيان سان نه ٻڌو”. صوفي چوڻ لڳو، “ان جو خلاصو هيئن بيان ڪيم ته، اونداهي ۽ روشنيءَ جي وچ ۾ اهو وقت، محبت آهي، ۽ اهو زندگيءَ جو سجايو وقت آهي، جيڪو هلندو رهي ٿو ۽ ڪنهن جو نه محتاج آهي ۽ نه ڪنهن جو انتظار ڪري ٿو. زمانو ان وقت جي تاريخ مڪمل ڪندڙ آهي، جيڪو انهيءَ وقت جو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ وقت جي پويان پويان ايندڙ آهي، جنهن سان وقت ڳالهائي به ٿو. جڏهن اسان تسليم ڪريون ته وقت زندگي آهي، تڏهن ان کي گونگو ته چئي نٿو سگهجي. ها! البت جيڪو وقت سان نٿو ڳالهائي، ان لاءِ وقت سان ڳالهائيندڙ چئي ڇڏيو ته،
“جو دم غافل، سو دم ڪافر” (سچل)
“معاف ڪجو! … اڃا به… منهنجي من ۾ ڪجهه رهجي ٿو شايد… ها! وقت جي آواز جي سڃاڻپ…!؟” قربان چيو.
“وقت هر ساهه واري جي اندر موجود آهي”. صوفي صالح محمد چوڻ لڳو، “جيئن اکين ۾ نظر - ۽ اهو آواز اشارن ۽ نظرن جي معرفت نڪرندو آهي ۽ اهو تڏهن ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جڏهن ڪوئي پنهنجي محبوب جي جدائيءَ ۾ هوندو آهي، پر اسان هتي ماڻهپي جي ڳالهه پيا ڪريون. ائين وقت جو آواز سمجهه ۾ تڏهن ايندو آهي، جڏهن ماڻهو پاڻ کي وساري، خود کان الڳ ٿيندو آهي، يعني ائين بلڪل جيئن پهرين اڳ مون چيو ته، خودي ۽ بي خودي کي طلاق ڏيڻ.” هن قد پنهنجو اندر جھُڪائيندي ۽ ساهه روڪيندي چيو، ”پر اهو ياد رهي ته، اهو هڪ خيال آهي – خيال جيستائين دماغ ۾ نظرن سان گڏيل آهي، ته اهو يقين آهي، ته خير آهي، پر جڏهن نظرن جي ذريعي دماغ مان ٻاهر نڪري ٿو، ته ان جي نتيجن جي خبر ضرور پوي ٿي، پر اهو يقين ضروري ناهي، ته عام ان کي مڃي، سمجهي ۽ قبول به ڪري!“
قربان پنهنجو ساڄو هٿ وات تي ۽ ٺونٺ پنهنجي سٿر تي رکي پاڻ کي ٿورو جھڪائي، صوفي صالح محمد ۾ نظرون وجهي ائين ويٺل هو، جو ڄڻ پنهنجو خيال صوفي صالح محمد جي من مان ڪڍي وري ان کان ئي پڇڻ لڳو، ”عام کان هٽي ڪري، جيڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ لاءِ چئون، ته خارجي طور، انسان ۽ خدا جو پاڻ ۾ تعلق ڪهڙو آهي!؟”.
اِن تَنصرُوا الله ينصُرکُم
“اوهين الله جي مدد ڪندا ته الله اوهان جي مدد ڪندو” (محمد -٧)
اهڙي طرح، انسان ظاهري طور، خدا جي سلامتيءَ جو سپاهي آهي، جنهن جو سپهه سالار حضرت عشق آهي ۽ انسان سپهه گير. ۽ حضرت عشق جيڪو سپهه سالار آهي، تنهن دنيا ۾ انسان کي ڪٿي غازي بڻايو ته ڪٿي شهيد! جنهن کي اسلام مسلم ٿو سڏي ۽ انجيل، سلامتيءَ جو فرزند ٿو چوي.
ائين انسان خدائي بادشاهت جي اصل بيٺڪ آهي، جنهن انسان کي به سلامتي عطا ڪئي”.
“اڇا ان ۾ مذهب کي مڪمل پوءِ ڪيئن ڏسجي!؟” قربان چيو.
“آسماني قانون ۽ انساني جسم جو پاڻ ۾ ڪو اختلاف نه هجي، ته ان کي مڪمل دين چئبو آهي، پر اختلاف جي حالت ۾ عقلي، دليل موت واري حڪم تي اچي کُٽي ٿا پون.”
“پر ان کي اسان اڃا به واضح ۽ روشن ڪريون ته ان جو به ڪو دليل آهي!؟” قربان چيو.
“ها!… مذهب آسماني بادشاهت آهي، ۽ انسان زميني بادشاهت آهي. آسماني بادشاهه جا دليل ڏيندڙ جبرائيل آهي ۽ زميني بادشاهت جا دليل ڏيندڙ انساني عقل آهي ۽ ٻنهي جو پاڻ ۾ ملائيندڙ ۽ سندن قبلو هڪ ڪندڙ، سندن عالمي امام حضرت عشق آهي.
دنيا جو پهريون ڳالهائيندڙ آسماني ڪتاب (آدم) انسان آهي ۽ آخري مقبول ڪتاب قرآن آهي.
پر انسان رڳو، آسماني تعليم جو موضوع ناهي، ڌرتي ۽ سمنڊ به انساني علم جو عنوان آهن. آسماني علم جو آخّري باب نبوت آهي، پر ڌرتي زندگيءَ جو علم آهي، ۽ سمنڊ ان جي سفر جو علم آهي.
انسان خارجي شئي آهي، ان جو اصل جوهر، ان ۾ موجود ان جو وجود آهي، جيڪو فنا ٿيڻو ناهي، يعني انسان خارجي طور تي دنيا جو هڪ زندهه پاڇو آهي ۽ داخلي طور تي اڄ تائين اها جستجو آهي، جنهن جي تحقيق لاءِ دنيا جو علم اڻپورو ئي آهي.”
“انسان ۽ ان جون حدون، آئون اڃا تائين الئي ڇو، سمجهي مڪمل نه ڪري سگهيو آهيان؟” قربان چيو.
“ڪائنات ۽ حاصلات – خدا ۽ ان جي ذات تي سوچڻ، انسان جو بنيادي حق آهي. صوفي هجي، ازڪي هجي، يا عيسائي هجي، ايماندار هجي يا منڪر، الحاج هجي يا ذاڪر، پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ هڪ دفعو هر ڪوئي گھڙي ٿو، پوءِ گھڻا اتان تڪڙو ئي نڪري ٿا اچن ۽ ڪي ٿورڙا اتي هميشه لاءِ رهجي ٿا پون، پنهنجي ڳولا ۾ سچ کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ سچي خدا تائين رسڻ جي لاءِ”.
اهو اندر وارو دروازو ازل کان کُليل آهي، ڪنهن جي لاءِ به بند ناهي. دنيا ۾ بند دروازو بس رڳو قبر جو رکيو ويو آهي، جيڪو به انسان جي ماضيءَ کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت لاءِ!
ماڻهوءَ جي جيءَ ۾ جو ڪجهه آهي، ان جو اظهار ته هو سڀ جو سڀ لفظن جي شڪل ۾ نٿو ڪري ۽ پر جيڪو ان کي مڪمل طور اظهاري ٿو، ته دنيا اهڙي سچ جي آزاديءَ کي جلدي قبول نٿي ڪري. انهيءَ ڪري جو اُهو اظهاريندڙ، ان وقت دنيا ۾ سڀ کان مٿانهون هجي ٿو ۽ سندس چؤگرد حسد جي باهه باري وڃي ٿي. بس اها اهڙي حسد جي باهه ٻاريندڙن، انسان ئي پنهنجي خساري ۾ چيو ويو. انسان مشالچي پاڻ آهي، شاهد پاڻ ۽ مشاهد به پاڻ.
“۽ ائين سڌي ريت سان، انسان اڪثر هڪ حد ۾ رهيو آهي. سندس سوچون، نظرون وغيره سڀ دين ڌرم تائين قيد ۽ قاعدي اندر رهيون آهن. ڪجهه احڪام وقتي حاڪميت جي طرفان، ڪجهه پيغمبري پيغامن جي طرفان!
کيس حڪم آهي ته، هي پنهنجي سڌي نظر سان ڏسي، هيڏانهن هوڏانهن جون نظرون کيس غافل، غرڪوري ۽ گمراهي جو ڪارڻ چيون ويون آهن.
انسان آزاد آهي، اهو چوڻ، دنيا ۾ انسان جي اختيار سان هڪ وڏو مذاق ۽ طعنو آهي!
انسان هن دنيا ۾ ڄڻ ابدي ضمانت تي آزاد آهي، جنهن ۾ کيس رڳو پنهنجي حال جي گرفتاريءَ جا اختيار مليل آهي!“
“ته پوءِ، دنيا ۾ انسان کي مليو ڇا آهي؟” قربان چيو.
“هر ماڻهو، انساني زندگيءَ جي ماحول کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيئي ويندو آهي ۽ ڪجهه جمع ڪري ويندو. جيڪو ڪجهه نٿو ڇڏي وڃي، ان کي نه ڪجهه هتي مليو ۽ نه هُتي ملندو ۽ جنهن کي ڪجهه به نه ملي، اها بدنصيبي آهي. انسان با نصيب آهي. هن کي عشق مليو آهي، حُسن مليو، جيڪي سندس قيد زندگي ۽ پابند احڪامن کان نجات ڏياريندڙ آهن. پوءِ به اگر ڪوئي چوي ته ڪجهه نه مليو آهي، ته اِهو اُهو ڪوڙ آهي، جنهن تي ڌرم ۽ ايمان ڪراهت ڪندا آهن ۽ دنيا ان تي پنهنجي نظر جي هڪ گھڙي به وقف نه ڪندي آهي. ڪفن ته انهن کي به ملندو، ڪانڌي ته انهن لاءِ به اچن ٿا، پر نظرن ۽ دلين جي تاريخ ۾، اهي ڊارون واري باندر جو اولاد ئي رهجي وڃن ٿا.”
جيڪڏهن اسان زندگيءَ کي، ڪنهن انتظار جو تسلسل چئون، ته ڇا ان کي صرف موت ئي چئي سگهجي ٿو يا منهنجي سوچ ۾ ڪا غلطي آهي؟“ قربان چيو.
“اصل ۾ سوچ ۾ غلطي نه هوندي آهي، بلڪ غلطيءَ ۾ سوچ هوندي آهي. انسان کي غلط پيدا ڪونه ڪيو ويو آهي. آدم کي مڪمل ڪري پيدا ڪيو ويو آهي. غلطي آدم ۾ ناهي، آدم کي غلطيءَ ۾ چيو ويو، جيڪو زندگيءَ جھڙي انعام کان پوءِ به موت جي انتظار واري غلطي پڪڙي پنهنجي باغِ عدن واري گھر لاءِ روئڻ لڳو ۽ پنهنجي ممات کي وساري ويٺو. ممات ٻئي جنم جو انتظار آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي هر عضوي کي ڳالهائيندي ٻڌندو ۽ هر عضوو سندس مڪمل آدميت تي ڳالهائيندو.
ممتاز اها زندگي آهي، جنهن ۾ انسان حسين حلاج واري ڪيفيت اختياري ڪري، حسين ابن علي وارو آخري سجدو ڪن ٿا ۽ پنهنجي وجود کي خدا جي وجود کان الڳ نٿا مڃن. ائين حيات ۽ ممات جي وچ ۾ موت جو انتظار فنا ٿي ٿو وڃي.”
“انهيءَ معاملي ۾ جيڪڏهن وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ٻنهي کان راءِ ورتي وڃي، ته ڇا سندن مؤقف ۾ فرق اچي سگهي ٿو؟“ قربان چيو.
“انهيءَ لاءِ، ان کي تون پاڻ سمجھڻ جي ڪوشش ڪج”. صوفي صالح محمد انهيءَ سوال ۾ خود کي آزاد رکندي چيو. “آئون بس ائين چوندس ته، اهلِ شهود جون نظرون خار جي دائري جي حد ۾ گهمن ٿيون ۽ اهلِ وجود، خار جي دائري سان گڏ داخلي محور ۾ آزاد نظرن سان، اهو سڀ ڪجهه ڏسي ٿو، جيئين آدم کي خدا جي صورت ۾ تخليق ڪيو ويو.
“اهلِ شهود جو يقين بس رڳو دين جي دامن سان سبيل آهي، جنهن کي اهلِ وجود ئي سبي سوگهيو ڪيو آهي، نه ته اهلِ شهود ناڪارا ۽ نادان عملن جي روڪ ۾ حسد ۽ ساڙ جھڙا هٿيار استعمال ڪري تضاد ۽ فساد جا ابتا دريا وهائيندڙ آهي، جنهن ۾ فتني باز خيالن کي ڄڻ پر لڳي ويندا آهن، جيڪي هڪ ذهن کان ٻئي ذهن تائين تيز رفتاريءَ سان پاڻ ئي پاڻ ڊوڙندا رهندا آهن ۽ انهيءَ رفتار ۾ پنهنجي پسند واري حد کان ٻاهر هليا ويندا آهن ۽ اسرار جا راز، تفسير، فقه، حديث، فلسفو ۽ علم الڪلام جي اهم نقطن تان نظرون گُسائي مذهبن جي تقابلي مطالعي کان محروم رهجي ٿا وڃن ۽ هي مرد ۽ عورت جي عشق مان ماڻهن کي خفا ڪندڙ آهي. جڏهن ته ٻنهي جي وچ ۾ خدا موجود آهي، پر کيس اهو ياد نٿو رهي ۽ عورت سان عشق فتني بازي ۽ ان سان محبت کي آتشي تصور ڏيندڙ آهي.
توڻي جو، اهو تسليم شده آهي ته، محبت جي راهه مسافريءَ ۾ ڪنهن ٽئين کي رفيق بڻائڻ، اهو ائين آهي جيئن موت ۾ ڀائيواري رکڻ! زمانيي ۾ ائين نه ڪڏهن ٿيو آهي، نه ٻڌو آهي.
“محبت واري شراب جو ته هڪ ڍڪ به ماڻهو جي دل ڊاهڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي، جنهن کي اهلِ شهود ويجهو ئي نٿو وڃي.
جنگين جي فتح انسان جي قتل عام سان ٿئي ٿي، پر زندگيءَ جي عظيم فتح، محبت سان زندهه رهڻ ۾ آهي، پر اهلِ شهود ان کي آتشي نظرن جو بدبودار خيال سمجهيو. هن تحت الثريٰ، پاتال کان هيٺ وارو حصو ۽ تحت الارض، زمين جو هيٺيون حصو – ان جي علم کي پنهنجي سمجهه ۾ پوري طرح نه آندو آهي.”
“۽ محبت ۽ دوزخ کي توهان ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا؟”
“دوزخ عقل وارن جي جاءِ ڪونهي ۽ عقل انسان جو ميراث آهي. انسان ٽنگن ۽ پيرن سان عالمگير عقل تي پيدا ڪيو ويو ۽ دل، عقل جو نظر آهي ۽ نظر نور آهي ۽ نور عشق جي معرفت آهي. اهڙو عقل ئي ماڻهو جو ڪامل رهبر آهي، جنهن جي رهبريءَ ۾ جيئن ڪائنات جا جسم گردش ڪن ٿا، ائين انسان جڏهن پنهنجي وجود جو طواف ڪري، پنهنجو جوهر لڀي ٿو، اهو ئي بهشت آهي.”
“۽ ان جو علم…؟” قربان چيو.
“علم اِلاهي نزول آهي ۽ انساني ساڃاهه ان جي سڃاڻپ آهي. ان جي ڄاڻ انسان کي نه پوي ته، اهو ان علم جو موت آهي ۽ علم اهڙو موت انسان لاءِ دوزخ آهي. تو تاريخ ۾ پڙهيو هوندو ته دوزخ مان باهه چورائيندڙ، يوناني ديوتا کي زنجيرن سان ٻڌي لٽڪايو ويو هو. اهڙو لٽڪاءُ انسان جي لاعلمي آهي!”
“عشق جي سماج ۾، مذهب ۽ عشق ۾ تضاد وارو عام فهم ڪيئن پيدا ٿيو؟!”
“نه، تضاد ڪو به ناهي. بس هڪڙي راهه ۽ ٻه مسافر آهن. اصل ۾ انسان پنهنجي وبائي عقل جي ماحول ۾، سڪون جو پرستار آهي، جنهن ۾ مذهبي ماڻهو، مذهبي احڪامن تي عمل ڪري، پنهنجي لاءِ عارضي سڪون گڏ ڪن ٿا، پر صوفي پنهنجي خدا جي حاصلات کان سواءِ سڪون محسوس نه ڪندو آهي. هو سڄي عمر سورن ۾ رهي به، هميشه جي سڪون جو متلاشي آهي، جيڪو پنهنجي وجود جي پرک کان پوءِ حاصل ٿئي ٿو، ۽ اهو هڪ ڏينهن وارو سڪون، سؤ سالن واري عارضي سڪون کان وڌيڪ آهي.
ڪوئي به مذهبي عقل، ابدي سڪون جو گھٽ، ۽ عارضي راحت جو وڌيڪ موالي هوندو آهي، پر پنهنجي عقلي صلاحيت کان اڳتي ويندڙ هميشه جي نجات حاصل ڪري ٿو، جيڪا انسان دوست کان الڳ پنهنجو جيون ماڻي نٿي سگهي.
ماڻهوءَ جي ڪل صلاحيت کان اڳتي معرفت جي واٽ آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي پنهنجي عقلي صلاحيت جي اؤج کان پوءِ، پنهنجي حاصلات لاءِ، پاڻ ڏانهن سڏيندي آهي، پر اهو سڏ بنا عشق جي، ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي، جنهن سبب ڪيترائي راهه رُلي ٿا پون ۽ پاڻ سڃاڻڻ واري واٽ وڃائي، ڪي مصنوعي نشي جا موالي ٿي ٿا وڃن ته ڪي مسجدن جا متولي بڻجو وڃن، ته ڪي وري، بس رڳو مزارن جا مريد سڏائين.”
“ائين ته پوءِ اسان جو سوال وري اسان ڏانهن واپس ٿو اچي ته، انسان خساري ۾ آهي؟!” قربان چيو.
“انسان! جنهن کي اسان انسان چئون ٿا، سو جيڪڏهن مڪمل خساري ۾ هجي ها ته ڌرتيءَ جو زمانو ساڍا چار ارب چيو وڃي ٿو. سمنڊ جو زمانو پنجاهه ڪروڙ سال به چيو ويو آهي. لڳ ڀڳ ساڍا چار لک سال نوح نبيءَ جي طوفان تائين چيا وڃن ٿا. ڌرتيءَ تي حياتي سٺ ڪروڙ سال اڳ چئي وڃي ٿي ۽ انسان ويهه لک سال اڳ آباد چيو وڃي ٿو ۽ اهو اڄ تائين آباد آهي، ته پوءِ ان جو خسارو ايتري عرصي ۾ ڪيڏانهن ويو.
انسان ته ننڊ، سپنو، سجاڳي ۽ الهامي جو گڏيل هڪ زندهه مجسمو آهي.
ها! البت ائين چئون ته، سپنن کان خالي ننڊ، نامڪمل ماڻهوءَ کي ايندي آهي ۽ الهام کان محروم ماڻهو، سجاڳ نٿو چئي سگهجي، ۽ ائين به چئي سگهون ٿا ته، انسان پنهنجي پيٽ جي باهه وسائڻ خاطر، هٿيار ايجاد ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ هٿيار سان ئي پنهنجو پيٽ به ڪپندو آيو آهي، پر ان سان گڏ، هر ماڻهو سان گڏ، اها خواهش به رهي آهي، ته موت کان اڳ، هو پنهنجي خدا سان به ملي. توڻي جو آخري ڪتاب ۽ آخري نبي کان پوءِ، خدا پنهنجي بندي سان ڪنهن طرح سڌي ريت ڳالهائڻ منتقل ڪري ڇڏيو، ليڪن انسان پنهنجي خدا پرست جستجو بند نه ڪئي ۽ خدا پرست ئي پي رهيو آهي ۽ خدا پرستي يا خدا دوستيءَ جي مراد آهي، انسان دوست رهڻ، جنهن کي خسارو چئي نٿا سگهون. ها! باقي مذهبي نقطه نگاهه کان، انسان کي جنهن خساري ۾ چيو ويو آهي، اهو پنهنجي خالق کان غير واقف رهڻ وارو خسارو ئي آهي. پنهنجي وجود کان اڻڄاڻ ۽ غافل رهڻ، ان کان وڌيڪ وڏو، دنيا ۾ نقصان ٻيو آهي ڪونه.”
۽ پوءِ، قربان ڪا نئين ڳالهه ڪري، ان کان اڳ ۾ هو بنا ڪنهن وقفي جي پنهنجي گفتگو جاري رکندي چوڻ لڳو، “انسان اڪيلو پيدا ٿيو، ان کي اڄ به ڪڏهن، ڪڏهن اڪيلو چئي سگهجي ٿو ۽ تيستائين اڪيلو رهي ٿو، جيستائين منجهس انسان دوست واري تهذيبي تخليق پيدا نٿي ٿئي.
اهو ته هاڻ عام به سمجهي ٿو، ته انسان جڏهن عقل ۾ آيو، ته پهرين هن ۾ خوف جي تصور جنم ورتو ۽ پاڻ کي اڪيلو ۽ ڪمزور معلوم ڪندي هن انساني تهذيب کي جنم ڏنو. ائين پوءِ گڏيل حاصلات سان سندس باقي سڀ خوف ختم ٿيڻ جي کيس اميد هئي. اڄ به ان حالت ۾ آهي. اڪيلائي، ڪنهن اڻ ڏٺي خوف سبب سندس وجود وڍيندي آهي، پر تهذيبي تخليق مان دوستيءَ واري تعلق جنم ورتو، جنهن جي ذريعي هن پنهنجي اک (نظر) سان خدا کي لڌو ۽ وات (آواز) مان مختلف ڌرم جي واٽ لڌي. بس نظر ئي آهي، جيڪا حق، سچ کي صحيح سڃاڻي ٿي، پر وات، ماڻهن کي واٽن ۾ منجهائي وڌو آهي.
“انسان جيڪڏهن پاڻ کي ڏسي ٿو، پاڻ کي محسوسات ۾ لڀي ٿو ۽ پاڻ کي سمجهي ٿو ته معنيٰ خدا کي روز ڏسي ٿو، محسوس به ڪري ٿو. روز پنهنجي خدا کي سمجهي ٿو، پر پوءِ به سندس اها روز خدا جي ڳولا واري جسجتو، پنهنجي شڪل کان الڳ ڪنهن خاص شڪل ۾ ڏسڻ واري خواهش ۾، روز خود کي وساري ڇڏي ٿو ۽ اهو هن جو ڄڻ ڪو هڪ نفسياتي، پنهنجو پاڻ سان ضد آهي.
زمانو ته هن کي، خدا نه ڏسڻ وارو مهڻو ته ڪونه ٿو ڏئي، پر هي پنهنجو پاڻ کي مهڻي هاب بڻائي ويٺو آهي. جيئن ننڍڙو ٻار پنهنجي مائٽ جي دڙڪي کان ڊڄي ٿو، ائين انسان پنهنجي بالغاڻي بادشاهي دوران پنهنجي ضد جي خوف ۾ رهي ٿو ۽ بهتر فيصلي کان زندگيءَ کي محروم رکي ٿو.
زماني جي ناانصافي، سندس سوچن ۾ بکيڙو پيدا ڪري، کيس انسان دوستيءَ جي راهه ڏانهن موڙي ٿي ۽ انصاف، انسان دوستيءَ ۾ ائين رهي ٿو، جيئن ٻج زمين ۾ ضايع ٿيڻ جي بجاءِ زندهه ٿي اڀرندو آهي ۽ زماني کي پنهنجو رسدار ميوو مهيا ڪندو آهي. ان رسدار ميوي واري وڻ کي صوفي ازم به چئي سگهون ٿا. ۽ صوفيءَ جو ڪنهن فرقي، مذهب سان ڪوبه ڦڏو يا اختلاف ناهي. دنيا ۾ جيڪي به ڌرم جڙيا، انهن جو انسانيت سان اختلاف رهيو آهي. انهيءَ ڪري جو، هر ڌرم کي ضرورت وڌيڪ بس رڳو انسان جي رهي آهي، تنهن ڪري ان کي، سندس چونڊيل ڌرمي بيٺڪ کي غلط چئي، ان کي پاڻ ڏانهن سڏي، کيس پنهنجي فرقي ۾ رهائڻ، گڏائڻ سان ان کي درست ٿو سمجهي”.
“اسان ٿورو ڪجهه ان تي اڳ ۾ به ڳالهائي آيا آهيون، ته عام طور تي چيو وڃي ٿو ته، آدم هيئن پيدا ٿيو، آدم هونئن پيدا ٿيو، آدم آزاد پيدا ٿيو، پر آئون ته اڄ به ان حقيقت تي گھڻو بيٺل آهيان ته، انسان مرده پيدا ٿئي ٿو. جڏهن محبت ڪري ٿو، تڏهن زندهه ٿئي ٿو، ۽ پوءِ خود کي محبت ۾ پوکي، خود کي ئي لُڻي ٿو. اسان انگور پوکي، اهو الڪو هرگز نه ڪنداسين ته انب مورندو!
حضرت آدم جي رهبري به ته عشق، محبت ڪئي. اهو ڪير دل جهلي نٿو ٻڌائي ته، عشق اڳ هو يا خدا، پر خدا عشق جي رضا سان ‘ڪُن’ چئي هيءَ دنيا خلقي، تڏهن اهو ضروري ٿيو ته آدم کان اڳ خدا هو ۽ خدا کان اڳ ڪنهن ڪجهه نـ ڏٺو ۽ خدا کانپو ءِ اُهو سڀ ڪجهه آهي جنهن کي اڄ تائين ڪير بـ مڪمل ڪري نـ سگھيو !.”
۽ پوءِ هن کِلندي چيو، “پر اسان ڪُل انسان کي هڪڙي پاسي رکي سنڌي ماڻهوءَ تي جيڪڏهن سوچيون ٿا، ته ان جي صلاحيت ڏسي ائين لڳندو آهي ته، زندگيءَ جي شروعات به هن کان ٿي ۽ زندگي ختم به هن تي ٿيندي. هي ڏاڍو عجيب لڳي ٿو، دنيا کان نرالو لڳي ٿو. هي پنهنجي تواريخ ۾ پنهنجي عمر، ياري باشي ۾ گذاريندڙ رهيو آهي. سياست ڇا آهي، وطن ڇا آهي، جمهوريت ڇا آهي، آزادي ڇا آهي، ملڪ ۽ قانون ڇا آهي؟ سو ملڪ ڄاڻِ قانون ڄاڻي. ياري باشيءَ ۾ ووٽ ته ڇا، سر ساهه ۽ سڱ سياپا سڀ قربان، گھر آباد رهي يا برباد. ڪوئي آزاد رهي يا غلام رهي، مال مڏيون ۽ ملڪيتون، سڀ يار ۽ ياريءَ تان قربان. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته، کيس پوري سڃاڻپ پنهنجي سچي يار جي به نه رهي آهي!
هي سنڌي انسان اهڙي محبت ۾ ئي رهيو آهي، جنهن ۾ محبوب جي ياد، دنيا ۾ جياپي لاءِ جنت پر دنيا جي اکين لاءِ جهنم رهي آهي!”
۽ پوءِ قربان کي پاڻ ڏانهن وڌيڪ متوجهه ڪندي چوڻ لڳو، “قربان فقير! دل تي عشق جي حڪومت، هڪ اهڙي سامونڊي رياست آهي، جنهن ۾ زندگي اگر جي ٻُڏي پوي ٿي، ته سمنڊ جي تري مان اهڙا موتي ميڙي واپس اچي ٿي، جنهن جي اصل قيمت دنيا جو ڪو به علم لڳائي نٿو سگهي.
دل جو سماج ۽ نفس جي تهذيب، عشق جي اصولن مان، صدين کان خارج ٿيل آهي…!”
ليڪن قربان، جيڪو پنهنجي دنيا کان افضل نه هو، پر الڳ ضرور هو، سو ان مهل صوفي صالح محمد جي ڪنهن خيال تي سوار ٿي پنهنجي سوچ ڊوڙائڻ لڳو هو. هو مئي خودي جي خيال ۾ خوديءَ ۾ خدا ۽ خدا ۾ خوديءَ واري سوچ جي درياهه جو مسافر هو. هو ديوانگيءَ جي لهرن کان آجو هو ۽ سالم واري رتبي ۾ سرمست، پر مجذوب ڪيفيت واري حالت ۾ نه هو. محبت واري سندس مئي خودي، جنهن کي ڪو نالو ڏجي، ان جي لاءِ سندس اهڙي حالت کي، سندس ڪنهن نالي جي تجويز، ڪنهن دوست ته ڇا، پر دشمن کي به سمجهه ۾ نه پي آئي ۽ سندس اهڙي حالت سان دشمني به ڪهڙي؟ بس عدن جي محبت رڳو، جنهن عدن جي پيءُ رانجهي شاهه کي هڪ اسمگلر گينگ جي صورت ۾، سندس سر جو دشمن ڪري سامهون آندو هو، جنهن هاڻ قربان جي سر کي ائين گُم ڪري وڃائڻ پي چاهيو، جتان قربان جي سر جو وري هڪ وار به واپس نه لڀي.
۽ قربان کي ڪڏهن ڪڏهن، پنهنجو پاڻ کان پنهنجو پاڻ تائين هجڻ تي ايڏي ڪاوڙ ايندي هئي جو هي پنهنجو پاڻ کي سچ پچ به کڻي ماري وجهي ها، پر سندس محبوبا جا چيل ڪنهن چٺيءَ ۾ هي لفظ ته:
“خودڪشيءَ جو حق ته اسان جهڙن جو رهيو آهي، جن زندگيءَ جون نراس راهون لتاڙيندي، راحت ڪڏهن ڏٺي ناهي!
توهان ته نصيبن جا خدا ۽ محبت جو معراج رهيا آهيو.
پيار جا پيغمبر ائين ڪندا، ته خوديءَ جي خليفن جو ڇا ٿيندو؟
پوءِ حسن جي آذان ڪير ڏيندو؟
اهي حُسن جا امامو، پنهنجي محبت جا مؤذن زندهه رکو.”
پر پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي ڪيفيت ۾ ماري به ويهندو هو، ته اهو گمان غالب ئي ڪونه ٿيندو هئس، ته جيئڻ ڇاهي ۽ مرڻ ڇاهي؟ ۽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي، پنهنجو پاڻ کي ڪجهه چوندي ۽ پنهنجو پاڻ کان پي جواب ورتائين.
“خبر ناهي، خدا پنهنجي بندي کان رُسي ڇو ٿو؟ ۽ رُسوائيءَ جي حالت ۾، پوءِ خدا ٿو پرچي، يا بندو ٿو پرچي؟ هي رُسڻ پرچڻ وارو رواج، ڇا ايستائين خدائي آهي؟ جيڪا حسين حلاج کان سچل سرمست تائين واضح نظر اچي ٿي!؟ خدا پنهنجي سڃاڻپ لاءِ، دنيا جوڙي، آئون به ته سندس ائين سڃاڻپ آهيان!”
ائين هو مڪاشفه ۽ الهام واري عنايت کي سمجهڻ تائين پاڻ کي وٺي پي ويو.
“ماڻهوءَ جو موت ان وقت هجي ٿو، جڏهن خدا هُن کي چاهي ٿو، پوءِ موت جو نالو، خدا جي محبت ڇو نه رکيو ويو، ڇا خدا جي محبت هر بندي سان هڪ جھڙي ناهي!؟
ڪنڀر جا ٺاهيل ٿانوَ ته ڪنڀر کي سڀ پيارا هوندا آهن! ڇا خدا انسان جي ديد جو مشتاق آهي!؟
جيڪڏهن ناهي، ته پوءِ ڇو عرش عظيم تي گهرائي هن کي ساراهڻ لاءِ، احمد جو نالو ڏنائين!؟
هُو نماز کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو يا سجدي کي؟
سجدي کي.
تڏهن ته سڄي دنيا ڪنهن طرح سان ساجد به آهي، مسجود به آهي، سجدي ۾ دوست ويجها رهن ٿا.
۽ پوءِ دشمن جو قسم ڪهڙو آهي؟ گھڻا سجدا ابليس ڪيا،پوءِ به آدم انعام وٺي نبي ٿي ويو ۽ ابليس اڄ تائين اڪيلو آهي. آدم کان اڄ به، هرڪو امن جون دعائون ٿو گهري ۽ ابليس سان دوستي ته ڇا دشمني به ڪير دل سان نٿو رکي ۽ پوءِ ابليس نه هجي ها، ته آدم کي ولايت ڪنهن جي مقابلي ۾ ملي ها؟”
هن پنهنجي اهڙي سوچ ۾ ئي، صوفي صالح محمد کان سوال پڇيو، “ڇا ابليس زندهه آهي؟ ابليس فنا ڪونه ٿيندو؟”
“فنا… ڪير فنا ٿيندو، موت کان پوءِ وري سڀ اٿاريا ويندا ۽ اهو ڏينهن بقا ۽ فنا جي فيصلي وارو ڏينهن هوندو، جنهن کي قيامت جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي، پر مون کان ڪير پڇي، ته ان لاءِ آئون ائين چوندس ته، آسمان جي کل لاهيندڙ ئي قيامت ڪندڙ آهي.
مدعا ۽ بددعا جو مقصد ڪهڙو چئبو ۽ دعا ۾ دغا، شمار ڪيئن ٿي ٿي سگهي، ائين عشق ۾ عداوت جو مثال به ڏيئي سگهون ٿا. ۽ خدا، محبت مان عشق ڪيو، ته قيامت به ڪري سگهي ٿو.”
“محبت…!؟” هن سوال کي ان هڪڙي لفظ تي ئي ڇڏي ڏنو ۽ صوفي صالح محمد جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو، جنهن سندس پوري جسم تي نظر وجهندي چيو، “جيڪڏهن ڪائنات رڳو وهم ۽ خيالي هجي ها، ته پوءِ اها ته بي مقصد هئي.
اسان جي حواسن جي صلاحيت، جڏهن محدود هجي ٿي، ته الائي ڪيترين حقيقتن جي موجود هوندي به، اسان کي نظر نٿيون اچن، ته پوءِ اهو چئي نٿو سگهجي، ته اسان قدرت جي سڀني حقيقتن کي سمجهڻ جي اهل آهيون.
اسان ته ان حقيقت کي به اڃا ظاهري طور ڏسي نه سگهيا آهيون، ته جڏهن اسان کي موت واقعي اچي ٿو، ته نه اسان ان کي روڪي سگهون ٿا ۽ نه ڏسي سگهون ٿا! سو مجبورن اهڙي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوي ٿو، ته اسان ان هستيءَ کي، سواءِ محسوسات جي ڏسي نه سگهياسين.
ائين، ازل ۽ ابد، شروعات ۽ هميشگي، عام انسان ان جي اڳيان مجبور ۽ ان جي پويان مسرور آهي.
“زندگي به هڪ تسلسل ته آهي، پر ان جي صورت بدلبي رهي ٿي. انسان خود کي هميشه ساڳي حالت ۾ نٿو رکي سگهي، ته ان کان وڌيڪ ڪهڙي مجبوري آهي، جيڪا انسان کي بيوس بڻائيندي هجي؟
محبت جي عمل ۾ به انسان ائين مجبور آهي، جنهن کي هن زندگيءَ کان به اتم رکيو آهي، ڇو ته اهو هي سمجهي چڪو آهي ته محبت حيات آهي، فاني ناهي!
محبت اها قيامت ناهي، جيڪا دنيا ۾ ساهوارن جي هوندي معدوم ٿي وڃي.
جيئن ڪو آواز هرطرف ڦهلجي وڃي ٿو، ائين محبت انسان جي پوري جسم ۾ قائم رهي ٿي.
جيئن هٿرادو مشينون، اسان مختلف رفتار سان ڊوڙائيندا آهيون، ائين محبت انساني ڪيفيتن ۾ مختلف رفتار سان قائم رهي ٿي.
۽ جيئن روشني، هر انجڻ جي رفتار کان تيز آهي، ائين محبت وارو خيال، انسان جي ذهن ۾ باقي هر خيال کان تيز آهي ۽ جيئن باهه، پاڻيءَ کان سواءِ باقي هر شئي کي ساڙي ڪِر ڪري ٿي ڇڏي، ائين محبت، انسان جي ذهن کان سواءِ باقي هر ضرر رسا خيال ذهن ۾ ئي فنا ڪري ٿي ڇڏي.“
صوفي صالح محمد کي پنهنجن خيالن ئي، سندس ڪيفيت کي ايڏي ڪا لذت ڏني جو هن هاڻ پنهنجي خاموشيءَ کي ڄڻ پنهنجي اندر جو ڪرب پي سجهيو يا شايد ائين به هو ته، هڪڙي راهه جا ٻه مسافر هڪ ٻئي جي ڪيفيت ۾ داخل ٿي چڪا هئا ۽ محفل جي رنگ سندن روح کي هاڻ هڪڙي ئي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو هو، تنهن ڪري ڪير ڪيترو به ڳالهائي پر اهو آواز هڪڙيءَ دل جو هو.
يا شايد محبت معاملو ئي اهڙو آهي، جنهن جي ڇيڙڇار سان ماڻهوءَ کي پنهنجو به ڇيڙو نظر نه ايندو آهي.
صوفي صالح محمد به خود کي ائين ئي ڇيڙي ويٺو، “قربان فقير، گناهه جي سزا نيڪي آهي، پر بيگناهيءَ جي سزا، ڪيڏي عجيب آهي، جنهن مان اصل انسانيت جاڳي پوي ٿي.
اُهي آڳڙيا ئي مري ويا فقير، جيڪي محبت جي اوزارن کي پاڻي ڏيئي، انهن کي استعمال ڪرڻ به سيکاريندا هئا!
ماڻهوءَ جي صلاحيت مان ئي، دليري ۽ بزدليءَ جي پرک پوي ٿي، بُرائين جي طاقت سان، بهادرين کي شڪست ناهي ڏيئي سگهبي، محبت ۾ حساس ماڻهن مان، ڪجهه ماڻهو روئي رُسندا آهن ۽ ڪجهه کِلي رُسندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهن کي رُسامي جي عادت ٿي ويندي آهي، ڇو ته رُسڻ ۽ پرچڻ ۾ به هڪ عجيب لذت هوندي آهي. اهڙي لذت جا مريض، زندگيءَ ۾ پنهنجي لاءِ بس رڳو روڳ ئي حاصل ڪندا آهن، انهن لاءِ بس اُهو ئي سڀ ڪجهه هجي ٿو. هُو اُن کي پنهنجي محبت جي تڪميل ئي سمجهندا آهن، پر اصل ۾ اِهو اُهو رومانس آهي، جيڪو بس رڳو روئڻ ئي سيکاريندو آهي. اهڙي قسم جا مجازي عاشق، محبت جي دنيا کي ٿڪائيندڙ هوندا آهن. اهڙن يارن جي اهڙي حال تي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي!
“اهڙي طرح ڪجهه ماڻهو پرائي ياريءَ مان مزو وٺندا آهن ۽ خود بزدل هوندا آهن. محبت جي قربانيءَ کان خوف کائيندا آهن. بس پرائي پيار جا داستان ۽ قصا، پنهنجي زباني ٻڌائي، محبت واري لذت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر وقت انهن کي پنهنجو ڪري، قبول نه ڪندو آهي. ائين اُهي پنهنجي اهميت وڃائي ويهندا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو!
سنڌ ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا نوجوان، جيڪي شاهه لطيف جي سورمين جي داستان مان مزو وٺندا آهن ۽ پاڻ خود محبت جي اهڙي عظيم عمل کان محروم آهن.
خدا جنهن کي، جڏهن چاهيندو آهي، ان کي انسان جي صورت سان محبت عطا ڪندو آهي، پر انسان جيڪي سوچي ٿو، سو انسان وٽ ئي رهي ٿو. ماڻهو ته پنهنجي نيت ۾ لڪل آهي، ۽ ماڻهوءَ جي خواهش کي سبي سلائي نٿو ڪري سگهجي، بلڪ سندس خواهه کي هڪ ٽاڪو به نٿو لڳي. هو نيت ۾ جيڪي چوي ٿو، حاصل ڪري ٿو. پوءِ اهو ارادو انفرادي هجي يا اجتماعي – پر انسان سوچي اُهوئي ٿو، جتي هن جي نيت سڄي ڏينهن جي ماحول ۾ ۽ عمل جي اڳيان پويان ڌڪا کائي ٿي.
“ماڻهوءَ جي اندر ڪوئي جنون حد کان مٿي وڌي ويندو آهي، ته ماڻهوءَ مان پنهنجو ماڻهپو به هٿ ڪڍي ويندو آهي، پر محبت جو جنون وڌي وڃڻ سان، ماڻهوءَ مان پنهنجي انا، مڪمل ختم ٿي ويندي آهي. دنيا سان عداوت ختم ڪري ڇڏيندو آهي. پنهنجي وجود جي احساس ۾ رهندي، ديوانگي به سندس حصي ۾ اچي ٿي، پر هر حالت ۾ پنهنجي ذات کان سواءِ ڪنهن کي نقصان نٿو رسائي.
حياتيءَ جي آخري گھڙين کان اڻڄاڻ ماڻهو، رڳو پنهنجي عمر جا ڏينهن ڳڻيندو هجي، ته ان کان وڌيڪ ٻيو بيوقوف ٿي نٿو سگهي.
قربان فقير، مون کي سنڌ جو نوجوان پنهنجي مقصد ۾ الئي ڇو ائين لڳندو آهي، جيئن شيخ شبلي چيو هو ته لفظ لامحدود کي محدود ڪري ڇڏيندا آهن، شايد منصور حلاج تڏهن انا الحق چيو هو!”
سندس آخري جملي، قربان کي پاڻ ڏانهن وڌيڪ متوجهه ڪري ڇڏيو ۽ قربان جي ڪيفيت جا احساس ڳالهائڻ لڳا ۽ پوءِ پنهنجن احساسن جو ئي اظهار ڪندي قربان چيو، ”منهنجي خيال ۾، شيخ شبلي ۽ بن حلاج جي دؤر ۾، انسان جي آبادي ايتري ڪانه هئي. جيترو انسان جي آبادي واڌ کائيندي اچي، اوترو ئي معاملن ۾ به واڌ آئي آهي، اوتريون ئي سوچون وڌيون آهن، عقل ۽ عشق جون حدون به اوتريون هاڻ ناهن، جيتريون بن حلاج ۽ شيخ شبلي جي دؤر ۾ هيون.
اهو پهاڪو هن دؤر جو آهي ته، “جيترا وات اوتريون ڳالهيون” هن دؤر ۾ آباديءَ جي لحاظ سان جيترا وات آهن، عشق جي اپٽار به اوتري آهي. حسن ۾ به اوتري خوبصورت واڌ آئي آهي. ظاهر آهي ته پوءِ محبت ۾ برڪت اچڻ به فطري عمل آهي. اهو ته پورو يقين سان چئي سگهجي پيو ته، هن دؤر ۾ دنيا ظاهري طور وڌيڪ خوبصورت آهي، ته معنيٰ شيخ شبلي ۽ بن منصور واري دؤر کان، هن دؤر ۾ محبت ڪيترائي حصا وڌيڪ وڌي آهي ۽ ان ۾ اڻ ڳڻيون خوبيون شمار ٿيون آهن!
قربان ايترو چئي، ڄڻ خو کي مطمئن ڪرڻ خاطر، صوفي صالح محمد کان پڇيو، “ڇا اهو آئون درست پيو سوچان؟”
“توکي غلط به نٿو چئي سگهجي.“ صوفي چوڻ لڳو، ”ها! البت ان حساب سان ڪجهه شيون تنهنجي فڪر ۾ هوندي به، تنهنجو ذهن شايد اظهاري نه سگهيو آهي. مثلاً، هر هڪ شئي ۾ واڌ آئي آهي، ته ظاهر آهي جھالت ۽ اڻ ڄاڻائي به، ان تناسب سان، پنهنجي واڌ واري مرحلي ۾ آئي هوندي.
قربان فقير، بزدلن جي اندر ۾ ويٺل پنهنجو دشمن نظر نه ايندو آهي، ان ڪري جو هُو ان خوف ۾ ئي مري ٿا سگهن، سو اهڙن انڌين دلين ۾ به واڌ آئي هوندي!
ڏسو، دنيا ۾ هڪڙن کي محبتون ڏنيون وينديون آهن، ٻين کي رڳو ڏيکاريون وينديون آهن. محبتون ڏيڻ ۽ وٺڻ جا نتيجا ٻيا، پر ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ جا نتيجا ٻيا هوندا آهن!
دنيا ۾ ڪجهه ماڻهن محبتون رڳو ٻڌيون آهن، اهي ماڻهو به تبديل ٿيا، جن محبتون ڏٺيون. اهي انهن کان وڌيڪ تبديل ٿيا، پر جن کي محبتون مليون ۽ انهن ورتيون، اهي عظيم ٿي ويا. پر ان حساب سان، سنڌ جو نوجوان، مون کي ڪنهن حد تي نظر نه ايندي، ڏاڍي مايوسي ٿيندي آهي!
انسان کي ته رحمت ڪندڙ ڪري موڪليو ويو آهي ۽ پنهنجي وطن سان محبت ڪندڙ، ڪري موڪليو ويو آهي.
تنهنجي نظر مان اها حديث ته ضرور گذري هوندي، قربان فقير!
حُب الوَطن مِنَ الايمان
“وطن سان محبت ايمان جو حصو آهي”.
جنهن کي وحدت الشهود وارا چون ٿا ته اهو بس رڳو، عالمِ ارواح وارو وطن آهي.
“جيڪڏهن ڪجهه دير لاءِ اهو سچ به آهي ته پوءِ خدا تعاليٰ، آدم کي بهشت مان هيٺ ڌرتيءَ تي رڳو، خوار ۽ خراب ڪرڻ لاءِ لاٿو؟ ته وڃ اوڏانهن، جتي تنهنجو ڪو وطن ئي ناهي!
ڪنهن عربي محبت جو تصوف کڻي ائين چوي ته ٺيڪ آهي، پر سنڌ جو صوفي چوي ٿو ته، نيڪ عملن لاءِ توکي ڌرتي ۽ پنهنجو وطن مليل آهي ۽ ان تي سوچڻ لاءِ توکي کُلو آسمان ۽ آزاد فضا جون هوائون ۽ سمنڊ ۾ ساهه وجهندڙ طوفان تنهنجي احساسن ۽ ڪيفيتن لاءِ ڪافي آهن.
عالم ارواح ته واپسيءَ واري جنم جو وطن، جتان آدم کي محبت جو انعام ڏيئي، پنهنجي ڌرتيءَ واري وطن جي وارثيءَ لاءِ موڪليو ويو، جتي وحدت ۽ ڪثرت واري ڪُل علم جي دعوت پکڙيل آهي.
ڇا پنهنجي مت مان نڪري ويلن لاءِ اهو ڪافي ناهي:
لَوَ لـٰک لَمَا خَلَقُت الَاک
“اي حبيب، جيڪڏهن تنهنجي ذات مقصود نه هجي ها، ته آئون زمين ۽ آسمان پيدا نه ڪريان ها!”
جيڪڏهن آدم جو ڪو وطن ئي ناهي، ته پوءِ سوا لک انبياء ڪهڙي ديس ۾ انسان ٿي رهڻ جي هدايت ڏيڻ آيا!؟
جنهن کي پنهنجي وطن سان محبت ناهي، ان کي اگر ڪنهن ماڻهوءَ سان محبت آهي، ته اها محبت پنهنجو معراج ماڻي نه سگهندي. بي گهر بندو، خدا جي گهر ۾ به بيزاريءَ جو سبب هوندو آهي ۽ بي وطن آبادي، پوري عالم لاءِ عذاب کان وڌيڪ عذاب هوندي آهي، جنهن کي نه ديني راهه ۾ ڪا راحت ايندي آهي ۽ نه دنوي مايا ۾ سُڪون، نه وٽس شاهي شوڪت رهي ٿي ۽ نه سندس گدائيءَ جي گودڙيءَ ۾ برڪت!“
قربان فقير کيس وطن پرستيءَ تي پهريون دفعو پي ٻڌو. هو عمر ۾ هاڻ هڪ صدي پوري ڪرڻ وارو هو، پر سندس ڏند سڀ سلامت هئا، هٿ جيڏي ڏاڙهيءَ جا وار چانديءَ جي رنگ کي به مات ڏيو بيٺا هئا. سندس ٻانگ وارو نالو اڃا به ڪو ٻيو هو، پر هو صوفي صالح محمد واري نال کان پوءَ، پنهنجي ذات سان گڏ پنهنجو اهو اصل نالو به صوفياڻي رنگ ۾ رل مل ڪري ان ۾ الوپ ڪري ڇڏيو. پنهنجي اباڻي ڪرت موجب هي ناکئو هو ۽ هي ان دؤر جو ٻيڙياتو هو، جنهن دؤر ۾ کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر کان، حيدرآباد ۽ سکر تائين، سنڌو درياهه جي رستي وڻج واپار هلندڙ هو. سؤ سالن جي عمر کي رسڻ کان پوءِ به سندس دهشت سلامت هئي، جنهن کي ٻيون اکيون ڏسڻ سان وسامي وينديون هيون. هو صوفي هو، ۽ صوفي به اهڙو جو پنهنجي جان کي صندل جو شربت سمجهي پي وڃڻ وارو صوفي هو، پر ظاهري لباس ۽ قداور هڏ، هاٺي جي ڏيکاءَ ۾ عام کي مذهبي ماڻهو نظر ايندو هو. قربان جي هن سان صوفياڻي سنگت، پنهنجي ٻيلي کاتي واري نوڪريءَ دؤران ئي جڙي ويئي هئي، جنهن هاڻ کيس پنهنجي محبت واري نوڪريءَ جا قاعدا قانون به سڀ سيکاري ڇڏيا هئا.
هنن جي هاڻ ان ڏينهن واري محفل ٽه پهريءَ ۾ داخل ٿي چڪي هئي. سج هاڻ اکين ۽ نراڙ جي وچ کي ويجهو اچي پيو هو، پر وچينءَ واري نماز ۾ اڃا ڪجهه دير هئي. قربان هن کي مسجد ڏانهن لوڻو هڻندي ڏٺو ته محفل برخاست هئڻ جي گمان ۾ هن بغير سوچڻ ويچارڻ جي چيو، ”اڄ اسان مذهب تي ڪجهه وڌيڪ شايد ڪونه ڳالهائي سگهيا آهيون؟“
تڏهن صوفي صالح محمد ٿڌو ساهه کڻندي چوڻ لڳو، ”قربان فقير، دنيا جا سڀ مذهب، تصوف جي ٿنڀي تي بيٺل آهن، ۽ تصوف انسان جي فطري سوچن تي بيٺل آهي، ۽ انسان پنهنجي خدا جي شڪل ۾ فطرت جو هڪ اهڙو اونهو سمنڊ آهي، جنهن جو دنيا ۾ ڪو مثال ئي ناهي!
سوا لک نبين جو ڊگهو سلسلو، آخر ۾ جيئن الله لاشريڪ جون سڀئي شاهديون حضرت محمد صه ڪريم جي معرفت مڪمل ٿيون، تيئن هندو ڌرم جي ڀڳوت ۽ رامائڻ ۾ ديوتائن ائين چيو ته، جنهن ملڪ ۾ راجا ناهي، اُتي پٽ پيءُ جي عزت نٿو ڪري، ۽ زال مڙس کي مان نٿي ڏئي، ماڻهو مڙي مجلس نٿا ڪن، پر وڻندڙ باغ ۽ مندر بنائين ٿا. اميرن کي تحفظ حاصل ناهي، ريڍار ۽ هاري رات جو در بند ڪري سمهن ٿا. هڪ بي آب ندي، هڪ بنا گاهه جي ٻيلو، ڌڻ مال جو ڌنار کان سواءِ، اهو ملڪ راجا جو!
سو انساني تهذيب جون پاڙون هر ڌرم ۾ ائين مضبوطيءَ سان کُتل آهن، جنهن ۾ سماجي آزادي يا قومي آزاديءَ جي حاصلات لاءِ، ڪنهن ويڙهه دؤران، انسان جي اهڙي تهذيب جو احترام ڪرڻ لازمي امر آهي. رام ۽ رحمان، ڪريم ۽ ڪرشن بغير، سنڌ ۽ هند جي بقا ناممڪن آهي. پاڙو پريم سان ئي آباد هوندو آهي.
“انسان جي ڀلائيءَ لاءِ، انسان کي اهو تسليم ڪرڻو آهي ته، دنيا جا ڌرم، محض رڳو سورهيائي ۽ ڀلمانسي جا رومانوي قصا ناهن، بلڪ اهي ته روحاني هٿيار آهن.
ويدانت ۽ قرآن کي ڌيان سان پڙهبو، ته ويدانت هڪ هندو اهم فلسفو آهي، جنهن کي اسلامي تصوف سان ڀيٽيو وڃي ٿو.
هندستاني اسان کان پري ويهي به، اڄ اهو محسوس پيا ڪن ته، سنڌي ماڻهو هن وقت ڀڳتي مرڳ ۾ پيو گذاري.
ڀڳتي مرڳ جي معنيٰ آهي، سڀ ڪم ڪار خدا جي حوالي ڪري ڇڏڻ وارو خيال.
۽ ٻيو جنتا مرڳ آهي، جنهن جي معنيٰ علم ۽ ڄاڻ جي اها واٽ، جنهن ۾ خدا، انسان ۽ روح بابت ويچار ڪرڻ وغيره. ان کان علاوه هڪ ٽيون رستو به آهي، ڪرما مرڳ – جنهن ۾ ٻئي جنم جو فلسفو آهي. جنهن لاءِ اسان ائين کڻي چئون ته، غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ، جنهن کي نرواڻ حاصل ڪرڻ به چئجي، پر هاڻ هن ايڪيهين صديءَ ۾ نرواڻ، اسان آزاديءَ کي ئي چونداسين، جنهن ۾ مڪتي آهي، جيڪا انساني حق ۾ ڀلي صفت آهي.
“هندو ڌرم ۾ به هاڻ اهو دؤر نه رهيو آهي، جو سماج کي طبقن ۾ ورهائي قائم رکي سگهي، جيئن سنڌ ۾ قبائلي طبقا پاڻ ۾ ورهايل آهن.
دنيا جي پهرئين آدمي مرڻ سان دنيا ختم نه ٿي سگهي، پر آخري آدم مرڻ سان يقينن دنيا ختم ٿي ويندي.
ائين آدمي مرڻ سان، ماڻهن زندگيءَ کي سمجهڻ شروع ڪيو، ۽ اڄ تائين ان سوچ کي گڏ ڪري سمجهڻ ۽ ڪو سليقو اختيار ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي سرخروئي سبب هر مذهبي پيشوا پنهنجو عقل ٻين ۾ ورهائي پنهنجي من جي مڪتب جو ملعون بڻجي پيو آهي!
ڌرم، دلين جا کُليل سڌا دروازا آهن، ان ۾ پنهنجي خدا کي سڏي ويهارڻ، هر ڪنهن جو هڪجهڙو حق آهي ۽ ان جي ادائگي مڪمل انسانيت جي سلامتي آهي.”
“بلڪل درست” قربان چيو، “پر اڄڪلهه مذهبي سرخروئي کان علاوه، دنيا جا عالم مادي ۽ روح جي ملت جي لاءِ ملڪو حاصل ڪرڻ خاطر، دنيا کي عجيب بحثن جي بحر ۾ وجهي ڇڏيو آهي؟”
“ها! خدا جي قبضي کان ڪير به ٻاهر ناهي، اها هڪ حقيت آهي، جنهن کي دنيا تسليم ڪري ٿي، پر ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ دنيا لاءِ هڪ عجيب عذاب آهي ته، تصوف ان قبضي مان نجات جو نالو آهي.
دنيا مادي ۽ روح جو سنگم آهي، جنهن جي خوبصورت شڪل انسان آهي.
مادي ۽ روح جي وچ ۾ نور آهي، جيڪو مادي ۽ روح جو سنگم ڪندڙ آهي.
نور جي قبضي کان ڪير به ٻاهر ناهي ۽ دنيا کي اها عجيب حيرانيت ضرور آهي ته، تصوف ان جي قبضي مان نجات جو نالو آهي. مادي ۽ روح کي، نور جي تجلين سان جرڪائي، ان مان حقيقت حاصل ڪندڙ کي صوفي چئبو آهي، جنهن کي خود شعوري حاصل هوندي آهي.
ٻڌمت، ويدانت، صوفي ازم ۽ اسلام، سڀ پنهنجي پنهنجي رياضت واري مسافت سان هڪ مرڪزي دائري ۾ اچي گڏجن ٿا.
قربان فقير، ڪنهن درست چيو آهي ته، سوڀ نفرت پيدا ڪندڙ آهي. سوڀاري جي ننڊ حرام آهي. هار ۽ جيت کان بي نياز ماٺيڻو ماڻهو امن ۾ رهي ٿو.
اسان ان کي صوفي چئي سگهون ٿا ۽ اهو صوفي جيڪو ٻڌمت، ويدانت، صوفي ازم ۽ اسلام جي ان چؤڪنڊ جي وچ ۾ بيٺل آهي ۽ مادي ۽ روح کي نور جي تجلين سان پاڻ ۾ ملائي، پنهنجي اصل هستيءَ واري حقيقت حاصل ڪندڙ آهي.
جيڪڏهن اها حقيقت ڪوئي تسليم ڪندڙ آهي ته مادي ۽ روح بابت جهڳڙو کُٽي پوي ٿو، ٻي حالت ۾ خيالن جي آزادي ۽ اختلاف راءِ، انسان جو بنيادي حق آهي ۽ ان سان اختلاف رکڻ ناحق آهي. ۽ اهو ضروري ناهي ته، منهنجو نالو صالح محمد آهي ۽ آئون صالح ئي هجان… ۽ ها! هڪڙي ڳالهه جيڪا مون کان رهجي ويئي، سا اها ته، روحانيت ئي انسان جو اصل نصيب آهي.”
ايتري ۾ عصر واري آذان جو آواز سندن ڪنن تي پيو ۽ خاموش ئي خاموش مسجد ۾ گڏجي نماز پڙهيائون. عصر واري نماز کان سانجهيءَ واري نماز تائين صوفي صالح محمد حجري کان ٻاهر ڪونه نڪرندو هو، ۽ سانجهي نماز کان پوءِ گهر ڏانهن هليو ويندو هو، پوءِ وري سومهڻي نماز تي نڪرندو هو. ان ڏينهن به پنهنجي معمول موجب سومهڻي نماز تي آيو ۽ پوءِ وري به ٻئي اچي اوطاق تي ويٺا، ته شروعات وري به قربان ڪئي.
“ڪو زمانو هو ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اڻ ڳڻيون صوفي خانقاهون هيون، جن ۾ صوفي عالمن جي علم ۽ فڪر جون مجلسون ۽ محفلون ائين اؤج تي هيون، جيئن ڪو وقت سنڌو درياهه جو مست وهڪرو هوندو هو؟”
صوفي صالح محمد جي پنهنجي ڪا مقرر خانقاهه ڪانه هئي. هي ته بس ڪنهن ولر کان وڇڙيل اهو هنج هو، جيڪو هاڻ بس رڳو پنهنجي وڇڙي ويل ساٿين جي سار ۾ پيو پنهنجين اکين مان درياهه وهائيندو هو.
سندس ڳوٺ سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي درياهه جي ڪنڌيءَ تي ئي هو. پاڻ بس پنهنجي ڳوٺ واري مسجد سان پاسي ۾ هڪ حجرو قائم ڪري رکيو هئائين، جنهن ۾ پنهنجي يار جون يادون گڏ ڪري، انهن سان پنهنجي روح کي سنڌو نديءَ جي ڇولين جيان وندرائيندو هو.
“قربان فقير کي به سڄي سنڌ ووڙيندي، سنڌ جي صوفين مان اهوئي فقير تن ماڻهو صوفي صالح محمد مليو هو، جنهن وٽ پنهنجي روحاني ضرورت لاءِ پاڻ هلي ويندو هو، ته صوفي صالح محمد بنا ڪنهن معاوضي، بنا ڪنهن مقرر وقت جي،بي حجاب ۽ بي خوف ٿي قربان فقير سان پنهنجي علم ۽ فڪر کي هر حوالي سان درياهه جيان پلٽائي وجهندو هو ۽ قربان بس ائين محسوس ڪندو هو ته، ”سنڌ ۾ صوفين مان شايد هي اڪيلو گمنام صوفي عالم آهي، جيڪو پنهنجي علم کي امانت سمجهي مون جهڙن ضرورتمندن ۾ خلوص سان ورهائي ٿو، باقي سنڌ ۾ صوفين جا نالا ته وڏا آهن، پر سي وقت کي ائين آڏا اچي ويا آهن، جو ڄڻ اهي وقت کان به وڏا ٿي ويا آهن.”
قربان جي صوفي صالح محمد سان ان رات واري اها آخري مجلس هئي. ان کان پوءِ سندس قسمت ۾ رانجهي شاهه جي ڪاوڙ ڪاهي پيئي هئي ۽ پوءِ، صوفي لا ڪوفي واري مصداق موجب، هِن هُن ٻنهي ٻڌي کڻي هاڃي ۾ هنيس.
پر في الحال هن صوفي صالح محمد وٽ پنهنجي فقيريءَ لاءِ فيض حاصل ڪندي، ان کي هن پنهنجي قسمت جو احسان پي تصور ڪيو، پر چڱائين کي سامهون ايندڙ برائين تي هن ڪڏهن سوچيو به نه هو، ۽ نه ئي هن ڪڏهن صوفي صالح محمد کان اهو پڇيو هو ته، ”عشق عزازيل سان ڪهڙي حالت ڇڏائي هئي؟“ هن کي بس عشق جي علم واري فيض جي اُڃ هئي، جنهن جي لاءِ ان رات آخري مجلس دؤران هن جڏهن، سنڌ جي صوفي خانقاهن بابت ذڪر ڇيڙيو، ته صوفي صالح محمد سنڌ جي تاريخ جو هڪ خلاصو بيان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ درد ڀري پُر سوز ڪيفيت بيان ڪندي چيو، ”قربان فقير سنڌ ته رهيو ئي صوفين جو ديس آهي. توکي ڪيترين خانقاهن جا نالا ٻڌايان، ۽ انهن سان ڌارين حڪمرانن ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪيا، جيڪي مون کي هن وقت ذهن تي آهن، انهن مان سنڌ ۾ لعل شهبازي خانقاهه، عثمان مرونديءَ جي موجودگيءَ ۾ قائم ٿي هئي، جنهن تصوف جي علي الاعلان پرچار ڪئي هئي. شيخ حسن ديبلي عرف حضرت پير پٺو، شيخ نوح بکري، هنن خانقاهن ۾ ته دهليءَ کان مصر تائين جا ماڻهو فيض حاصل ڪندا هئا، پر پوءِ سنڌ تي اُهو ڏينهن آيو، جڏهن ٺٽي ۾ سنڌ جو جيد عالم ۽ صوفي شاعر، قاضي قاضن چرين وانگر، ٺٽي جي گھٽين ۾ رڙيون ڪندي پنهنجي اهل اولاد کي ڳوليندو رهيو. چون ٿا اهو سورهين صديءَ جو ڏينهن هو، جڏهن تاريخ، بغداد جي تباهيءَ کي ٺٽي ۾ پي دوهرايو!
۽ ان کان بعد ٻن ٽن سالن جي اندر مخدوم بلاول کي هڪ لوهي گھاڻي ۾ وجهي پيڙيو ويو.
“جن خانقاهن سنڌ کي فنا جي راهه تان واپس آندو، انهن ۾ مخدوم نعمت الله صديقي عرف مخدوم نوح جي خانقاهه، مخدوم متو عرف مخدوم رڪن الدين صديقي پاٽائي ٺٽوي جي خانقاهه، شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جي خانقاهه ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن جي هر سنڌي ماڻهوءَ جي دل ۾ خانقاهه جڙيل آهي ۽ آئون ان کي سنڌ جي آخري صوفي خانقاهه چوندو آهيان. انهن خانقاهن جڏهن خود کي فنا جي راهه تي روانو ڪيو، ته سنڌ جي حق ۾ وڙهندڙ صوفين جي رت سان هٿ ڀريا. اها شايد ارڙهين صدي هئي، ته صوفي شاهه عنايت شهيد ڪيو ويو ۽ کهڙن جي مخدوم عبدالرحمان کي ٻه سؤ ماڻهن مريدن سميت مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو هو. ان زماني دؤران شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٻه دفعا قتل جي سازش کان بچي ويو ۽ سامين، سنياسين جي ويس ۾ روپوش ٿي هنگلاج جي جبلن ۾ وڃي نڪتو ۽ بعد ۾ پوءِ سنڌين جي دل کٽڻ خاطر سندس مقبرو ڪلهوڙن ئي ٺهرايو. ڪلهوڙن حڪمرانن سنڌ وطن بچائڻ کان وڌيڪ، پنهنجي بادشاهت بچائڻ تي پنهنجي طاقت استعمال ڪئي، پر نادر شاهه هٿان مار کائي ويا، جيڪو ظالم، ٻين ڌارين لاءِ به تاوان ۽ خراج حاصل ڪرڻ لاءِ رستو ٺاهي ڏيئي ويو، جنهن افغانين کي به هتي پهچايو ۽ ائين انگريزن لاءِ به رستو آسان ٿيو. ان کان اڳ ۾ سنڌوندي به پنهنجو پيٽ بدلائي چڪي هئي. نصرپور وارو وهڪرو، نيرون ڪوٽ ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ مان وهڻ لڳو ۽ پوءِ اها شايد اوڻويهين صدي هئي ۽ ڪلهوڙن جي هڪ ٻئي لاءِ غداري، مدد خان پٺاڻ کي وجهه ڏنو، جنهن سنڌ جي پراڻن چهڪن ۾ نوان گھاءُ وڌا. جنهن کانپوءِ بني هاشم قبيلي مان پاڻ کي امير حمزي جو اولاد سڏائيندڙ مير، سنڌ جا حڪمران ٿيا، جن جي انگريزي دوستي، انگريزن کي سنڌ جو آقا بڻائي ڇڏيو ۽ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ، پير صبغت الله راشدي جو ميت به اڄ تائين هٿ نه آيو آهي، ۽ هاڻ اڄڪلهه پاڻ کي ڏاها ۽ عظيم سڏائيندڙ انگريزن جي پوکيل رشوت خور سياست ذريعي ڦاهيون پيا چڙهن ۽ سنڌ ميرن ۽ انگريزن کان پوءِ وڏيرن، سردارن جي چنبن ۾ پيئي ڦٿڪي ۽ سنڌ کي ائين سڪرات ۾ وڌو ويو آهي، جو صوفين توڙي صوفين جون خانقاهون سڀ کان پهرين پنهنجي موت جو شڪار ٿيا آهن. هن وقت مون کي اهڙي خانقاهه ڪونه ٿي سُجي، جيڪا تصوف جو باقاعده سليس طريقي سان درس ڏيندي هجي. باقي نينهن جي نالي ۾ ناچو ته گھڻا ئي آهن. سو هي سنڌ جو اهو هڪ اهڙو درد آهي، جنهن کي ڳائڻ وڄائڻ لاءِ سرڪاري اسيمبليءَ ۾ ڇڏيو ويو آهي، جتي وڏي اڪثريت صوفين جي بدلي موالين جي آهي.”
“ته، ڇا سنڌ ۾ هاڻ صوفي شاعر يا ان جو موجوده زندهه ڪردار به باقي ڪونه رهيو…!؟” قربان چيو.
“نه، نااُميد ته ٿيڻو ناهي، پر شايد، جيڪو پنهنجي سماج ۾ عذابن، انڌن عقيدن، غلط روايتن ۽ غير جمهوري روين وغيره کي پنهنجي تخيل ذريعي فنا ڪندڙ آهن، ۽ شاعر جو ڪلام جڏهن سُر ۽ سنگيت جو سنگم اختيار ٿو ڪري، تڏهن هن ڌرتيءَ تي پيار، محبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي عمر وڌائيندڙ ٿيو پوي.
چئي نٿو سگهجي ته، رڳو شاعريءَ ۾ ئي ڪل بقا آهي. ها! البت بس بقاءِ باهمي جو عظيم ربط ضرور آهي، جنهن جو سلسلو ازل کان ابد تائين ۽ ابد کان معبود تائين هڪ سلسلي جي شڪل سان انسان جي ذهن تي سامونڊي طوفان واري رفتار جي حالت ۾ رهيو آهي. ان جي رفتار کي صحيح رخ ڏيندي تاريخ ۾ ته ڪجهه شاعرن عظمت ماڻي آهي ۽ اهو ضروري ناهي ته هر شاعر عظيم هجي، پر ٻوليءَ جي سلامتيءَ لاءِ شاعرن جو ڪو چڱو تعداد ضروري هجي.
“اسان وٽ ان تعداد ۾ ڪمي ناهي، پر ان عظمت جي ڪمي ضرور آهي، جنهن کي پنهنجي عوامي سماج جي دل کٽڻ وارو معجزو حاصل هوندو آهي. حالتون هر لحاظ کان واڪا ڪري، شاعر کي پاڻ ڏانهن سڏي رهيون آهن، پر اڄ جو، اسان جو شاعر پنهنجي ضرورت واري وقتي قيد مان پاڻ ڇڏائيندي، پنهنجي قومي قربت حاصل ڪندي ڪندي ڪنهن اهڙي دڳ تي رهجي ويو آهي، جتي پوري قوم ڄڻ ته پاڻ وڃائي ويٺي آهي.
“چوندا آهن ته، ٻيڙي پاڻيءَ جي پنڌ لاءِ پار اُڪاريندڙ ۽ تار پاڻيءَ تي ترندڙ هڪ گهر آهي. گوتم چواڻي ته، ان کي مٿي تي کڻي هلندا ته ٻڏي مرندا!
سو ان لحاظ کان، اسان جو شاعر شخصي طور تي، پاڻ کي پنهنجي مٿي تي کڻي هلندڙ ٿي پيو آهي. شايد قوم کيس ٻڏندي نظر پيئي اچي.جنهن ڪري پاڻ ٻڏتر جو شڪار آهي.”
۽ پوءِ سڄي رات سندن ڪچهريءَ جو موضوع سنڏ جي صورتحال تي هو. اها 24 ڊسمبر 2007ع سومر جي رات هئي. ۽ هنن سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهائيندي، بينظير ڀٽو تي به ڳالهايو. انهن ڏينهن ۾ بينظير ڀٽو سڄي سنڌ جو سياسي موضوع بڻيل هئي. هُوءَ سنڌ ۾ سياسي دؤرا ڪري، سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گھڙي ويهي رهي، ۽ سڄي سنڌ جو ووٽ هن ڄڻ اڳواٽ پنهنجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو هو ۽ گل محمد پنهنجي ٻنهي پٽن جي غير حاضريءَ سبب پريشان ته هو، پر سنڌ ۾ پنهنجي پارٽي ليڊر جو ماڻهن ۾ چاهه ڏسي، ان پريشانيءَ ۾ به، سندس روح ڪا فرحت پيو محسوس ڪندو هو. هن هڪ دفعو اڃا به پنهنجي سياسي قسمت کي، ڀٽو خاندان جو حق سمجهيو هو، ۽ 27 ڊسمبر جمع جي رات، قربان جو پنهنجي محبوبا، عدن سان ملاقات جو انجام رکيل هو، جنهن لاءِ هن کي پنهنجي دوست ناکئي قاسم سان ڳالهائي پروگرام طئه ڪرڻو هو ۽ ان ملاقات ۾ عدن کي هاڻ ڪو اهم فيصلو ڪرڻو هو.
انهيءَ رات ٻنهي صوفين کي ڪچهري ڪندي، هاڻ هنن کي درياهه جي ڪنڌيءَ تي وڻڪار ۾ ويٺل پکين جي هلڪي هلڪي آواز ڄڻ اهو اطلاع پي ڏنو ته، ”اي صوفيو، رات پنهنجي اڄوڪي عمر کي پهچي ويئي، نفل وغيره پڙهڻ چاهيو ته پڙهي وٺو، اجهي فجر جي آذان وارو وقت، روايتي ملن کي جاڳائڻ وارو آهي!“ ۽ سنڌو نديءَ جي ڪنڌيءَ تي، رات وارو اهو وقت، صوفين جي دلين کي ڄڻ ائين چوندو هجي ته، ”مان دنيا جو هي، اُهو عظيم وقت آهيان، جنهن صوفين کي، رات جي انهن ساعتن ۾، پنهنجي خدا سان گڏ ڪچهريون ڪندي به ڏٺو آهي، ته سُولين تي چڙهيندي بيگناهه صوفين جي آخري پساهه جي شهادت به ڏٺي آهي. مون انهن گھڙين دؤران مجازي عاشقن کي درياهه جي ڌڌڪن جيان روئندي به ڏٺو آهي، ته محبوبائن جي اکين ۾ سڪون جي ٿڌي ننڊ ۽ سندن چهرن ۾ سندن عاشقن جا عڪس به ڏٺا آهن. اي صوفيو، مون کي ضايح نه ڪريو، منهنجي هن گھڙيءَ جي راحت کي روح سان ملائي، پنهنجن مجازڻين کي پيار جي نور سان روشن ڪريو. مون کي ضايح ڪندڙ، خود کي هميشه ضايح ڪيو آهي!”


_______________________________