باب ٻيو
کبھی پیر مغان بھی ہوں، کبھی زاھد ہوں مسجد میں،
کبھی تسبیح بھی رکھتا ہو، کبھی ہاتھوں میں پئمانا!
خدا جانے کہ میں کیا ہوں، کوئی خبر نہیں مجھکو،
کبھی ہوں شمس تبریزی، کبھی منصور مستانا!
نظام الدین بھی میں ہوں، یے ھے خسرو کی حقیقت،
کبھی پیر طریقت ہوں، کبھی مصلحت مریدانا!
(نظام الدين خسرو)
“ڪنهن درست چيو آهي ته، اصل سوال اهو ناهي جنهن جو ڪوئي جواب هجي، پر اصل سوال اهو آهي جنهن جو ڪوئي جواب ئي نه هجي.”
جنهن سوال جو جواب هجي ٿو، ان کي وقتي حالت يا ضرورت چئي سگهجي پيو، پر ان کي اصل سوال نٿو چئي سگهجي.
اصل سوال ته آدم کان اڳ جو آهي- جنهن خدا کي گناهه بخشيندڙ ڪري، آدم جي اکين ۾ جواب لکي ڇڏيو، جنهن کي سواءِ عشق جي، باقي نه ڪوئي پڙهي سگهيو، نه سمجهي سگهيو.
اهڙو ئي هڪ سوال هڪ ڀيري قربان کي سندس ڀاءُ حافظ امين، هڪ روايت بيان ڪندي ڇرڪائي ڇڏيو هو ته، “اهل بيت جي ڪنهن نياڻي ۾، ڪنهن امتي رڳو هڪ نظر به ڏٺو، ته قيامت جي ڏينهن، انهن اکين کي جلايو ويندو!”
پر قربان ته قيامت کان اڳ ۾ پنهنجون اکيون ڪڍي پنهنجي پرين جي پيرن ۾ اڇلڻ لاءِ تيار هو- يعني قيامت کان اڳ ۾ پنهنجي قيامت ڪرڻ لاءِ تيار هو- پر سو به تڏهن نه، جڏهن سندس محبوبا اهي اکيون پنهنجي عاشق جي امانت سمجهي، پنهنجن اکين جيئان سنڀالي رکي. هُوءَ سيد گهراڻي جي ضرور هُئي، پر ولايت حاصل ڪيل ته هُن جي به ڪان هئي- اکيون ته هُن جون به اهڙي عجب، عجائب اظهار جو نمونو ٿي پيون هيون. جن قربان کي هاڻ دروزخ جي دڙڪي کان آزاد پي ڪيو- جنهن حافظ امين کي به اهو جواب ڏنو ته “عشق کان وڌيڪ به ڪاٻي دوزخ آهي؟- جيڪو رڳو اکيون ته ڇا، پر انسان جا ڪل عضوا جلائي ٿو ڇڏي ۽ ان دوزخ کان جيڪي اکيون بچيل هجن، انهن کي اهڙي روايتي دوزخ واري لعنت ملڻ به گهرجي، ڇو ته عشق کان آجيون اکيون، انسان جون ته چئي نٿيون سگهجن.”
هو ڪيئن نه اهڙو جواب ڏي ها، جنهن جو محبوب خوبصورت هجي- ان جي محبت به خوبصورت هوندي آهي ۽ ان جو هر خيال ۽ هر جواب به خوبصورت هجي ٿو.
هن جو جنهن سان جيءَ جڙيو هو، تنهن جو ته نالو ئي بهشتن مان چونڊي عدن رکيو ويو هو- ائين رڳو مذاق ۾ ته هن پنهنجون اکيون ڪڍي سندس پيرن ۾ ڪون پي اڇلن چاهيون.
جيڪي ماڻهو پنهنجي محبت کي پنهنجي نفس جي لذت سمجهي، پنهنجون اکيون وقتي طور، پنهنجي محبوبن جي قدمن ۾ اڇلائيندا آهن، ته انهن کي ان در جا ڪتا به ڪون سونگهيندا آهن ۽ اهي ماڻهو ته ڄڻ خود کي به دنيا مان اڇلي ڦٽو ڪندا آهن.
دل ته ڪميني به ٿي پوي ٿي، پر محبت ۾ ڪمينوپن، پوءِ اها دل اُمتي هجي يا اهلبيت، پر دنيا جي لعنت، قيامت کان اڳ ۾ ئي سندس نظرن کي جلائي انڌو ڪيو ڇڏي.
پر قربان جي دل ڪميني ڪان هئي، سندس دل ۾ حقيقت ڀريو اهو عذاب هو جنهن سنڌ جي صوفين جي مزارن تي کيس دل سوز سجدا پي ڪرايا جن کي سندس ڀاءُ حافظ امين ڪفر پي چيو ۽ سندس پيءُ گل محمد کي سندس اهڙي فقيراڻي روش پريشان ۽ نااميد پي ڪيو. جيڪو سندس قوم پرست سياسي سوچ مان اڳيئي ناخوش هو. توڙ ي جو قربان پنهنجي دل پنهنجي محبوب جي اکين واري اڱڻ تي وڇائڻ کانپوءِ، سياست مان دلچسپي ڪافي گهٽائي ڇڏي هئي، هن کي سياست مان ڪو نتيجو نظر ڪون پي آيو، تنهن ڪري سندس سياسي سوچ واري جذبي هن کي سياست کان ڄڻ خفا پي ڪيو ۽ هن پنهنجي زندگي جي هر سرگرمي کي پنهنجي محبت جي حاصلات لاءِ وقف پي ڪيو پر سو به هاڻ هن پنهنجي عقل ۽ سمجهه مطابق جو ڪجهه ڪرڻ پي چاهيو، سو ته اصل ۾ پنهنجي مذهبي جذبي کي عشق ذريعي پاڪ ۽ آزاد ڪري، حقيقت کي پرکڻ جو چاهه هو ۽ هن ڄڻ اها ڪوشش پي ڪئي، پنهنجي ان باوفا يار جي حاصلات لاءِ- جيڪو صوفين جي سوچ مطابق، بيوفائي ڪندو ئي ناهي.
سو هن پنهنجي پر ۾ صوفين جيئان پنهنجي دل کي پاڻ چمي ڏئي، ڪا خدائي چمي وٺڻ پي چاهي.
هن پنهنجي اڻ ڏٺي روح سان رهاڻ ڪرڻ پي چاهي- هن چاهيو پي ته، منهنجا درد دنيا سان نه، ،مون سان سور ونڊن.
دل سان ملڻ- وصل واري ڪيفيت ۽ قلبي سڪون حاصل ڪرڻ- ڪمال کي پهچڻ- روح جي وسعت ۾ رهڻ ۽ ڪمال جذبي جو اظهار ڪرڻ واري خواهش کيس پنهنجي مجازي محبوبا واري محبت کان به اڳتي، پنهنجي اڻ ڏٺي غير فاني يار جي وصل واري جذبي جي تڪميل ڏانهن وٺي وڃي رهي هئي- ائين پي لڳو ته، هي ڄڻ پنهنجو پاڻ کان آزاد ٿيڻ واري احساس ۾ وڃي رهيو هو ۽ پنهنجي دل جي الهام ذريعي، پنهنجي عقل کي هن اعليٰ ڪرڻ پي چاهيو!
پنهنجي شاعري کي پنهنجي وجداني ڪيفيت وارو احساس محسوس ڪرڻ لڳو ۽ سندس شاعري ۾ به، ڄڻ اهڙي احساس جو اظهار هو-
“اسان رهياسين، رڻ جا راهي،
پر پنهنجي پرينءَ کي پوءِ به هاءِ،
نه چئي سگهياسين، الله واهي!”
۽ اهو سڀ پنهنجي محبوبا، عدن کي ارادن مطابق نه پائڻ واري نااميدي ۽ ان کان الڳ رهڻ واري روڳ سبب، پنهنجي نفيساتي ڪيفيت ۾ خود کي بي يارومددگار سمجهڻ لڳو ۽ ائين پنهنجي خيالن ۾، پاڻ کي پنهنجو پاڻ کان به ڌار سمجهڻ لڳو- سندس اها ڪيفيت ۽ ان جو اظهار ، جنهن کي ماڻهو صرف ڪنهن سٺي شاعر جي تخيل مان سمجهي پي سگهيو- باقي پنهنجي زباني ان جو اظهار ڪرڻ کان هر ڪوئي لاچار هوندو آهي- خوش خير محمد جيان:
“عشق جيڪي مون سان ڪيون،
ڳالهيون ڪرڻ نه جهڙيون، سلڻ نه جهڙيون.”
اهڙي طرح، هن هاڻ پنهنجي (عدن) تي وڌيڪ سوچڻ جي جاءِ تي ان سان عشق ۽ ان عشقيا جذبي تي سوچڻ لڳو ۽ پنهنجي مجازي ڪيفيت پرکڻ پي چاهي- جيڪي کيس پنهنجي عشق جيان سمجهه ۾ ئي ڪون پي آيون- ايتري تائين جو، جنهن مهل پنهنجي نااميدي ۽ محبوبا جي جدائي ۾ رنو پي، ته ان روئڻ تي به سوچڻ لڳو ۽ ان درد کي ڳولڻ، سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو- پر اهو عضوو ته کيس لڌو ئي ڪون پي جنهن مان سندس درد دکي اکين تائين پي آيو- اهڙي جستجو کي، دنيا چريائپ کانسواءِ ٻيو ڪجهه شايد نه سڏي- پر اصل ۾ اها ئي انفراديت آهي جيڪا انسان ۾ عشق جي جذبي کي جاڳائي رکندي آهي. جنهن ۾ انسان پنهنجي آزاد حيثيت ۾ بي خوف رهي، پنهنجو پاڻ تي خودمختياري حاصل ڪري، پنهنجي خدا ۽ پنهنجي خودي بابت کُلي اظهار ڪري ٿو.
قربان توڙي جو مجاز جي ڪروڌ ۾ روئي، روئي ان روڳ ۾ هاڻ جهڙو عشق مجاز جي ان پُل تي اچي بيٺو هو، جنهن تان اڪري پار ٿيڻ کانپوءِ، لفظ “انسان” مان ٻيا سڀ اکر گم، فنا ٿي ٿا وڃن- باقي رڳو هڪ ”الف” سلامت رهي ٿو- جيڪو الفي پائي آدميت کي اعليٰ ڪري ٿو.
پر تنها راهه مسافري ۽ عشق ۾ اڪيلو ٿي وڃڻ ۽ اڻڄاڻائي سبب، قربان هاڻ نه اڳتي وڌي پي سگهيو ۽ نه واپسي لاءِ ڪا راهه نظر پي آيس، ائين پي لڳو ته، پنهنجي ئي خيالن واري طوفان ۾ پاڻ وڃائجي ويو هو.
ڪيئن چئجي ته، سنڌ جي صوفين- پنهنجي خيالن ۾ گم ٿي، پاڻ کي ايستائين وڃايو يا اڃا اڳتي ويا!؟
يا کين انهيءَ خيال روڪيو جنهن جي شاهدي سچل ڏني ته:
“پاڻ ڪيان پڌرو، ته ڪن مڙئي قتلام،
جدا جماعت جي، آهيان پاڻ امام،
دم نه آڏو دين ٿيو، ڇا ڪفر ڇا اسلام،
سچل آهيان سچ ۾ ڪونهي حلال حرام.
(سچل)
محبت جي مسافت ۾ هر ڪنهن کي ته راهه پاڻ ڏانهن ڪون سڏيندي آهي- ڪڏهن واٽون ويهه- ڪڏهن واٽ هڪ نه لڀي- ته ڪڏهن ساجن پاڻ سڏيو سيني تي سمهارين! پر قربان کي جڏهن هڪڙو قدم به عدن کي ويجهو وڃڻ جي واٽ نظر نه پي آئي ته هن سندس خاندان کي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ان خاندان لاءِ خواري کان وڌيڪ ڪجهه نه هو، تنهن ڪري هڪ ڏينهن عدن جي پيءُ رانجهن شاهه، قربان جي پيءُ ۽ سندس ڀاءُ حافظ امين کي- سندن اوطاق تي هلي اچي دانهن ڏني ته “پنهنجي قربان کي سمجهايو، اسان ساداتن ۾ اچي اکيون وڌيون اٿس- اسان تان ماڻهو پيو کلائي- هڪ اُمتي، اهلبيت جو احترام نٿو ڪري ته نه ڪري، پر ان کي اسان جي ننگن ۾ نظر وجهي، پنهنجي قيامت ڪاري ڪرڻ نه گهرجي- جيڪڏهن نٿو رهي ته اسان سادات پنهنجي عزت جو جنازو ته دفن ڪري ڇڏينداسين پر سندس ته ڪانڌي به ڪير ڪون ٿيندو-” ۽ وري ٿڌي لهجي ۾ چوڻ لڳو“گل محمد! اوهان جو هڪ سياسي گهراڻو آهي- اوهان کي اها سمجهه آهي- نه ته مان پنهنجي خواري کڻي- اوهان جي اوطاق تي نه اچان ها- تنهنجا ٻيا پٽ حافظ به آهن ۽ عالم به- ۽ نياڻين جو پيءُ آهين- پنهنجي عزت جو به خيال رکو؟”
قربان جي پيءُ گل محمد کي قربان جو اهو عمل تمام ناگوار گذريو هڪ ته پاڻ سياسي ماڻهو هو ۽ ٻيو ته هو سادات هئا- هن رانجهي شاه کان معافي ورتي- پر قربان سندس وڏي پٽ هئڻ جي خيال سان. اُن جي اِن عمل سندس روح رنجائي وڌو هو- هن رات جي وقت پنهنجي گهر ۾ قربان کي نصيحت خاطر پنهنجي ٻي پٽ حافظ امين کي به سڏي گڏ ويهاري ۽ پنهنجي خانداني شرافت بيان ڪندي هن قربان سان پهريون ڀيرو سندس ئي برهه جو باب کوليو “قربان، اڄ رانجهن شاه پنهنجي ٻن مريدن سان گڏجي، پنهنجي اوطاق تي آيو هو- چوي پيو – تو واري قربان اڄ ڪلهه اکيون پوري ڇڏيون آهن- اسان اهلبيتن ۾ اچي اکيون اڙايون اٿس- اهو ڇا معاملو آهي- آئون ان بابت پورو تفصيل ڄاڻڻ ٿو چاهيان- پر ان ۾ ڪا به اٽڪل بازي يا غلط بياني، پنهنجي خانداني شرافت کي نظر ۾ رکي پوءِ ڪجئين- پر بهتر ائين ٿيندو ته جهڙي جي تهڙي حقيقت بيان ڪرڻ وڌيڪ سٺي ڳالهه ٿيندي؟”
۽ زماني جي ڪهاوت- عشق ۽ مُشق لڪائي نه لڪجي- قربان کي ان ڪهاوت ۾ نسورو سچ نظر ايندو هو ۽ محبت ۾ ڪوڙ-ته، ماڻهو ڄڻ دل کان ئي جدا ٿيو وڃي ۽ قربان ۾ هاڻ وڌيڪ ڪنهن ٻيءَ جدائيءَ جو جهلو نه رهيو هو- هن سچ ڳالهايو ۽ اهڙو سچ ڳالهايو جيڪو پيءُ ۽ پٽ واري رشتي کان وڌيڪ عظيم سچ هو“بابا سائين، عشق جو قبيلن، قبلن ۽ ڪرامتن سان ڪهڙو تعلق؟ جنهن جي اڳيان دين ۽ ايمان به پنهنجي غلط ۽ صحيح هجڻ جا گمان لڀندو هجي، اُتي اُمتي ۽ اهلبيت، اُمراءُ ۽ غُربا، ٻروچ ۽ ٻانڀڻ، سماٽ ۽ سادات جي ساڃاهه ڪير ٿو لڀي سگهي- جيڪڏهن ابي ۽ اولاد جو خدا هڪ آهي، ته عشق ان وچ ۾ جيئاپي جون جڙيون جوڙيندڙ آهي- ذات ۽ نسل جو فرق فنا ڪري وحدت جا وسيلا ڳوليندڙ آهي- محبت ڪندڙ ماڻهو انساني گوشت ڪون ٿو وڪڻي نڪو غيرت جو واپار ٿو ڪري، هتي ته پير، فقير، شاهه گدا سڀ بي ملها ٿي وڪامن ٿا هڪ مان جيڪڏهن سادات خاندان ۾ وڪاڻو آهيان ته ڪو سج اتر کان ڪون اڀرڻ لڳو آهي- عشق جو سج ته هر اڱڻ تي هڪجڙو ئي اڀرندو آهي، حويلي هجي يا حُجرو، بنگلو هجي يا ڀونگڙي، دين ڌرم توڙي ماڻهپا سڀن تي سج ساڳيو اڀري ٿو- اُهو جيڪڏهن منهنجي من جي اڱڻ تي اڀريو آهي ته آئون سندس روشني کي اونداهه ۾ نٿو بدلائي سگهان.”
ايتري ۾ گل محمد پيءُ جي حيثيت سان کيس روڪيندي چيو.
“بس، بس گهڻو ٿيو قربان.”
“نه بابا مونکي ٻڌو.” قربان چوڻ لڳو-“متان وري توهان کي، مونکي ٻڌڻ جو موقعو نه ملي يا آئون اهڙو ساڳي جواب ڏئي نه سگهان.”
تڏهن حافظ امين چيو “ڳالهائڻ ڏيوس بابا”
۽ قربان ان ڪيفيت ۾ چيو “صدين کان سج ساڳيو اڀرندو اچي پر سنڌ ۾ هر ڪوئي عشق جو اُمتي رهيو آهي- هي ٻه اکيون ۽ ٽيون نڪ ڪنهن کي به نهوڙي سگهن ٿا. هي صوفين جي سنڌ آهي، هتي هيڻو ۽ڏاڍو هرڪو هضم ٿيو وڃي- هتي الست بِربڪُم جي آواز کي قالو بليٰ جو قول ڏيندڙ، روح جيان قيدالماءُ ۾ جيئڻو پوي ٿو ۽ مجازي محبوب ۾ خدا جو موڪليل ڳجهه ڳولڻو پوي ٿو- جيڪو صرف انسان دوست واري عمل ۾ رهي پنهنجي انسانيت جي سالميت سان، فنا ۽ بقا جي وچ ۾، پنهنجو ۽ پرايو، عبد ۽ معبود، عدم ۽ موجود، ننڊ ۽ جاڳ، حيات ۽ موت جي وچ ۾ حقيقت جي ڳولائو ٿيڻو پوي ٿو- خود غرض جذبن جو قاتل بڻجي، طالب ۽ مطلوب جي وچ ۾ پيل حجاب جي پردي کي جلائي، مذهب ۽ وهم، اعتقاد ۽ ايمان سڀن جا ڪپڙا لاهي سندن سياڻپ ۽ اياڻپ ۾ لڪل ڳجهه اگهاڙو ڪرڻو پوي ٿو- مون سيد خاندان ۾ اهڙي محبت سان پنهنجون اکيون اٽڪايون آهن، بابا- آئون چوان ته، اکيون الئي ڪيئن اتي اٽڪي ويون، ته شايد اهو توهان ڪوڙ سمجهو ها!”
پنهنجي پيءُ جي سامهون ايترو گهڻو ۽ نرالو ڳالهاءِ وڃڻ- سندس ڀاءُ حافظ امين کي سندس اهڙو رويو غير مهذب لڳو- ۽ حافظ امين ننڍو ڀاءُ هوندي به هڪ عالم ۽ قرآن جو حافظ هجڻ واري حيثيت سان پنهنجو ڄڻ فرض سمجهي کيس هدايت ڪرڻ لڳو “تون ته پاڻ کي جي.ا يم. سيد جهڙي صوفي جو پيروڪار ٿو سڏائين- ان مان ايستائين تو اهو ادب ۽ احترام سکيو آهي- جو هڪ اهلبيت جي نياڻي سان ٿو عشق ڪرين- تون سياست مان وري عشق ڪرڻ لڳو آهين؟ بابا سائين توکان ڪهڙي سليقي سان پڇيو، ته تون وري ان جي جواب ۾ واعظ ڪرڻ ويهي رهيو آهين- توکي جيڪڏهن تنهنجي غلطي واري حوالي سان رڳو ڪا هڪڙي حديث ٻڌايان ته توکي پنهنجي مسلماني تي به شڪ پئجي ويندو!”
“بيشڪ! حافظ امين تون حديث يا قرآن جو نالو کڻي، ڪهڙي به آيت يا روايت جو اظهار ڪندين ته آئون ان جو انڪار نه ڪندس. قربان چيو“آئون سياست ڪندي، ڪندي عشق ڪرڻ لڳو آهيان ته ان لاءِ مون پنهنجي روح ۽ دل کي ڪون چيو، ته اوهان حضرت عشق کي به پاڻ سان گڏ رکو- ڪنهن جي دل ۾ عشق اوطاق اچي اڏي- ته ان کان ڪيرقبضو پوءِ ڇڏائي نٿو سگهي- سرمد کي ڪنهن چيو ته زندگي جون سڀ آسائشون ڇڏي، پنهنجو عقل ۽ علم انساني سونهن کي خيرات ۾ ڏئي، آدميت جي عشق ۾ اگهاڙو ٿي هل- ڪنهن چيو اويس قرنيءَ کي، ته پنهنجا ڏند پاڙان پٽي اڇلي ڇڏ- ڪنهن چيو عبدالواحدآريسر کي، ته تون علم القرآن ڇڏي جي.ايم.سيد واري سچ سان عشق ڪر- ڪنهن چيو ذوالفقار علي ڀٽي کي، ته تون سنڌ وساري حڪمراني سان محبت ڪر- توکي اها حقيقت شايد سمجهه ۾ نه اچي- ته محبت ۽ عشق ٻه الڳ، الڳ عمل آهن- عشق مقصد آهي ۽ محبت عبادت آهي. ذوالفقار علي ڀٽي عشق ڇڏي محبت ڪئي. جي.ا يم.سيد محبت ڇڏي عشق ڪيو- ۽ پنهنجي بابا سائين- ذوالفقار علي ڀٽو سان عشق ڪيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو سان محبت ٿو ڪري- پر هتي توکي هاڻ اها به ڳالهه سمجهه ۾ ڪون ايندي ته، عشق ۽ محبت، پنهنجو پاڻ ۾ هڪ تنظيم جو اتحاد آهي- ڪيئن سمجهايان توکي ته، عشق ۽ محبت هڪڙي تلوار جا ٻه پاسا آهن- منهنجا حافظ ڀاءُ، ڪوئي پنهنجي دل مان روح ڪڍي ڏيکاري سگهي ٿو، ته آئون به عشق کي دل مان ڪڍي ڇڏيان.
محبت ته جانور به ڪندا آهن، پر انهن جي محبت مان مقصد- تون ۽ اسان حاصل ڪندا آهيون- آئون پنهنجون عادتون ته مٽائي سگهان ٿو، پر اکين جون عادتون ڪير ٿو سنڀالي سگهي!؟”
پاڪستان جي اڙدو، فارسي شاعر علامه اقبال جيان- جنهن خود کي خودي جي فلسفي ۾ ڦاسائي ستارن کان اڳتي وڃڻ پي چاهيو ۽ سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جنهن آدم کان اڳ عزازئيل ۾ عشق ڏٺو- پوءِ ان کي اُتي ڇڏيائين ۽ پاڻ ملائڪن کان اڳتي معراج واري ماڳ تي وڃي نڪتو.
قربان به ائين ئي پنهنجي مجازي معشوقا، عدن جي سونهن ساڻ کڻي پنهنجي عشق جو معراج ماڻڻ پي چاهيو، پر سندس سوچن جي اهڙي اُڏام ۽ فڪري ڌارا، جڏهن سندس پيءُ گل محمد کي ڪجهه سمجهه ۾ آئي ته ان کي پنهنجي پيءُ، پٽ وارو عظيم رشتو، سندس فڪر جي درياهه ۾ لڙهڻ جو خوف ٿي پيو- ۽ ان کي قربان جي جواني تي ايترو رحم شايد ڪون پي آيو، جيترو کيس پنهنجي پيءُ هجڻ واري رشتي لاءِ، سندس روح ڳري پيو هو- خبر ناهي ته ڪيئن ان مهل کيس اها سوچ آئي ته، “قربان کي پنهنجي محبت واري مام، جنهن ماڳ تي هن مهل اچي بيهاريو آهي، اتي هاڻ هن تي منهنجي رشتي جو اثر ته ڇا پر شايد خدا جو واسطو به اثر ڪون ڪندو”- ۽ پوءِ پنهنجي رشتي جي عظمت کي نظرانداز ڪندي- نتيجي کان اڻڄاڻ رهي- مجبور ٿي سندس محبوبا جو واسطو استعمال ڪندي، هن ڄڻ ان سيد خاندان کي به سندس خواري کان بچائڻ جي ڪوشش پي ڪئي-
“قربان، آئون ٻيا سڀ واسطا ۽ وسيلا وساري توکي پنهنجي محبت ۽ محبوبا جو واسطو ٿو ڏيان- ٻيلي انهن اهلبيتن جي در کان دل پلي- پاڻ کي انهن کان پري رک يار- تون پنهنجي دل جي رشتي کي اوليت ڏئي- اسان جي رشتي کي ذليل نه ڪر- بس ان کان وڌيڪ، هاڻ توکي ڪجهه چوڻ اجايو ٿيندو.؟”
۽ وڌيڪ چوڻ هو به اجايو- پر گل محمد ايترو چئي، هن پنهنجي نوجوان پٽ جي روحاني خواهش جو قتل جهڙو پنهنجي هٿ سان ڪري- سندس روح مان سڀئي راحتون ڪڍي، هڪ اهڙو نئون روڳ کيس ڏئي ڇڏيو- جو ان پابندي واري قيد ۾، هن نه رڳو هاڻ سندس پيءُ واري رشتي کي تياڳي ڇڏيو، پر هن پنهنجي زال، ٻار ٻچا،. سياست، سنگت ۽ نوڪري تائين سڀن کي الوداع چئي سنڌ جي صوفين جي مزارن تي راتيون جاڳي فيض حاصل ڪرڻ ۽ صوفي مت جي مئخانن ۾ محفلون ٻڌڻ لڳو- جيڪي مئخانا به هاڻ پنهنجي روح جي مدد پاڻ ڪرڻ واري بنياد تي آباد هئا.
۽ ان کان علاوه هن پنهنجي محبوبا، عدن جي ان خلفياڻي کي به ڇئي ڇڏيو ته “عدن کي چئج ته آئون هاڻ رات واريون ملاقاتون ايتريون تڪڙيون نه ڪري سگهندس، جيئن اڳ ۾، هفته هفتي ملنداهئاسين”۽ ان ٻيڙياتي، ناکئي قاسم ملاح سان به هن هاڻ ملاقاتون ڪرڻ ڇڏي ڏنيون هيون، جنهن جي هوڙي تي چڙهي عدن ۽ پاڻ چانڊوڪين جون راتيون درياهه جي وچ سير ۾ گذاريندا هئا- سندس محبت جا بس اهي ٻه ماڻهو حال محرم هئا- هڪ ناکئو قاسم ملاح، جيڪو پنهنجي هوڙي تي قربان کي کڻي پنهنجي محبوبا جي انجام واري هنڌ تي هنن کي پاڻ سان ملائي ۽ پوءِ هوڙي تي ٻنهي کي کڻي درياهه جي حوالي ڪري پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سندن واپسي جو درياهه جي ڪنڌي تي ويٺو انتطار ڪندو هو-
۽ ٻي عدن جي اها خليفياڻي جيڪا عدن جي حڪم بجاآوري جي منتظر رهندي هئي- ۽ اوڙي پاڙي ۾ ٿيندڙ سندن مقال کان باخبر پئي رکندي هئي- بس اهي ٻه ماڻهو هئا، جيڪي سندس ڀائي حال به هوا ته سندن محبت جي نتيجي جا آخري سوال به هئا- قربان انهي ٻنهي سان هاڻ ڪو مهيني، ماهه ملاقات ڪندو هو- ۽ عدن سان ملندي کيس ٽن، ٽن مهينن جو به وقفو پئجي ويندو هو- ناکئي قاسم سان ملڻ مهيني ۾ هڪ دفعو ته ضرور ٿيندو هو- اهو ان ڪري جو ناکئو قاسم جنهن ڳوٺ ۾ رهندو هو- ان ڳوٺ جي صوفي صالح محمد نالي شخص سان قربان جي صحبت اهڙي جُڙي وئي هئي- جو مهيني ۾ هن سان هڪ دفعو ڪچهري نه ڪري ته خود کي پنهنجي فڪر ۾ ڪوري جو ڪورو تصور ڪندو هو. ۽ باقي زندگي جي وهنوار جا ڏينهن هي هاڻ، مزارن، مئخانن، خانقاهن ۽ صوفي صنف ماڻهن سان رل مل ڪري پيو دل جو پساهه کڻندو هو- انهن سڀن کان الڳ ته پوءِ هن پنهنجي گهر جي ڪمري جي هڪ ڪنڊ پنهنجي ذڪر فڪر لاءِ سجائي ڇڏي هئي جيڪا هيٺ فرش تي هئي- جنهن ۾ رات جي وقت ۽ واندڪائي مهل پنهنجي سورن کي اتي ورهائي ويٺو انهن تي ڄڻ ڦيڻا رکندو هو.
هڪ رات هي مڪليءَ جون مزارون گهمندي، گهمندي ڄام نظام الدين جي مقبري کان به گهڻو اڳتي، لُٽر ملي جي مزار کان اوڀر طرف هن کي هڪ مئخانو متل نظر آيو – جنهن ۾ مئخار پنهنجي ساقي جون صلاحون ٻڌڻ ۾ محو ويٺل هئا- هي به پنهنجي اداس من جي منجهه مِٽائڻ خاطر وڃي وچ وٺي ويٺو- پنهنجي مسند تي ويٺل پُراثرشخص پنهنجي مريدانا مصلحت موجب پنهنجي فقرا کي هدايتون ڏئي رهيو هو“دنيا ۾ جڏهن کان دل جي ايمان جو واپار هليو آهي. اهو سڀ ڪم دين جي دلالن ذريعي ڪرايو ويندو آهي- اصل خريدار ظاهر نه ٿيندا آهن ۽ دلال پنهنجي ٻولي ۾ دين ۽ ڌرم کي استعمال ڪري، خدا جي سڃاڻپ رکندڙ عظيم انسان کي ذليل موت واري خواري کانسواءِ ٻيو ڪوئي مُلهه ۽ مانَ نه ڏنو آهي- حق جي هدايت ڪندڙ پنهنجي موت کان اڳ ماريا وڃن ٿا- ته پوءِ، باقي ڪير دنيا جي خوبصورتي ۽ خالق جي تخليق کي واضح بيان ٿو ڪري سگهي؟- انهيءَ ڪري دنيا کي بربادين، تباهين ۽ بدحالين جي سوچ سان ياد ڪيو ويندو آهي- سچ ۽ حق کي، دار جي در تي ٽنگيل ڏسي، عام ماڻهو جو ڌرم پنهنجي ايمان سميت مڙهين، مزارن، وڻن ۽ ڇوڏن جي عقيدن ڏانهن ڊوڙون پائي پنهنجي اڌ مئل ايمان لاءِ پناهه ڳوليندا آهن ۽ پنهنجي ان اڌ مئل ايمان جي سلامتي واري رولڙي سبب ئي، ماڻهو پنهنجي ماڻهپي جي منجهه ۾ شاه لطيف، سامي ۽ سچل سرمست جهڙن جي عظيم خيالن ۽ فڪري خوبين کي سمجهي نه سگهيا آهن ۽ انهن کي بس رڳو زندگي جي هر معاملي ۾ پنهنجي ذهني سڪون جي اهل سمجهي سندن شعرن ذريعي پنهنجون ڪيفيتون پي ٺاريون آهن. بس ائين ئي پنهنجي فڪر تي پاڻ سوچيندڙ اُداس ماڻهو عشق جي بدلي شوقيه خواب ڏسندا آهن، جن جو اڃا تعبير ئي معلوم نه ٿيندو اٿن، ته ذهن جي تباهي اڳ ۾ پهچي ويندي آهي- جنهن کان پوءِ اهي کٽل خيال، اڌوارا ماڻهو، پنهنجو وڃايل فڪر ٻين جي نيتن ۾ ڳوليندي پنهنجي اها اڌوري اهميت به وڃايو ڇڏن ۽ پنهنجي فڪر ۾ حق جي راهه واري سلامتي، سلامت بچائي نه سگهندا آهن ۽ سڄي عمر ائين پنهنجي فڪر جي غلام سوچ جا پابند رهندا آهن...
“افسوس! ڪيڏو عذاب آهي انسان سان، پنهنجن عملن جو- هن سنڌ ڌرتيءَ تي هي ڪڏهن حامي نسل جو آريا رهيو، ڪڏهن سامي نسل جو دراوڙ، ڪڏهن جپسي ته ڪڏهن سنڌي- پر پنهنجي آزاد انسانيت جو مالڪ ۽ مڪمل خودمختيار ناهي بڻيو....
...هن کي پنهنجي سچي خدا ته ائين پيدا ڪون ڪيو، پر هن پنهنجي سڃاڻپ وساري، پرائي سڃاڻپ ڪندي، ڪندي پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي اکين ۾ ئي وڃائي ويٺو، جنهن کانپوءِ پنهنجي وجود جي بقا وارو اعتماد به موڪلائي ويس، اعتماد مرڻ کان پوءِ پيار، محبت، همت ۽ خلوص، دوستي ۽ يقين وغيره ڄڻ چور وٽائنس چورائي ويا ۽ پوءِ پنهنجي اکين هوندي به هن پرائي ڪلهي تي هٿ رکيا ۽ پرائي عشق کي پنهنجي تهذيب جا ڪپڙا پارايا- جنهن کيس باقي سندس شوقيه عقل کي به اوجهڙ ۾ وجهي ڇڏيو!”
“قبلا سائين، ٿورو مان ڪجهه چوان..؟ منهنجي رهبري لاءِ مون کي ٻڌو” هڪ فقير وچ ۾ چيو- پر ڪوئي جواب کيس نه مليو، شايد اُها خاموشي، سندس اظهار لاءِ اجازت نامو هئي “هن انسان سوا لک نبين کانپوءِ هيستائين جو زمانو، اڃا به ڄڻ ڪنهن نئين ايندڙ غيبي مدد جي آسري ۽ عقيدي ۾ گذاريو آهي- شايد هن کي رڳو پنهنجي دل جي دلاسي ۽ غنيمبت جي مال تي گذارو ڪرڻ جي عادت پئجي وئي آهي يا ائين به آهي، ته هن جا ظلم، ستم ۽ ناانصافيون نبين کان سواءِ ڪير سهي نه سگهيو ۽ پوءِ ائين هن کي پنهنجي ذات تي ظلم ڪرڻ جي عادت پئجي وئي. قابيل هٿان هابيل جي قتل کان وٺي ڪربلا جو قضيو ۽ پوءِ منصور حلاج واري سوليءَ کان وٺي مخدوم بلاول ۽ صوفي شاهه عنايت تائين پنهنجن هٿان قتل ٿيندو ڏسي سندس من ۾ ويٺل اها سفاڪي حوس اڄ به سندس حلق کي خشڪ ڪريو ڇڏي.
سانوڻ جون برساتون سندس ڪيفيت کي ٺاري نه سگهيون، جاڙي وارين سردين سندس سينو ٿڌو نه ڪيو ۽ پنهنجي ماتمي من جي انصاف لاءِ هي ته اڄ به عيسيٰ نبي جي انتطار ۾ آهي ۽ حضرت علي کي ابرن ۾ پيو ڳولي- مزارن ۽ محرابن ۾ پنهنجو امان پيو ڳولي- ۽ پنهنجي سٺائي جي بجاءِ پنهنجي ندامت ۾ خدا پيو ڳولي- ائين ته ڪڏهن ٿيڻو ناهي، جو هرڻن جي باغ ۾ شينهن کي چوڪيدار ڪري رکجي ۽ هن ائين پي ڪيو آهي! پنهنجي شاه من ۾ چور ۽ ڌاريي خيال کي ويهاريو آهي! مان درست پيو چوان قبلا سائين؟”
“مان ان تي ٿورو ڪجهه ڳالهائيندس!”
سندس قبلي سائين جي جواب کان اڳ ۾ هڪ ٻئي ملنگ چيو، جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڳانا، ٻانهن ۾ چوڙا، مٿو اگهاڙو، آنڱرين ۾ اڻ ڳڻيون منڊيون پيل هيون، سو انسانيت کي ڄڻ تنبيهه ڪرڻ لڳو “انسان پنهنجا اختيار پنهنجي خيالن جي غلامي جي حوالي رکيا آهن، سندس نظرون، ڪنهن اڻ ڏٺي اميد جي آسري ۾ رڳو انتظار ڪندي پليون آهن. هڪڙي خام خيال خواهش حاصل ٿي نه ٿي ته وري من مان ٻيون ڄڻي ٿو- هن کي هميشه پنهنجن خواهشن ٺڳيو آهي- اها حقيقت ائين آهي جيئن ماڻهو پنهنجي من مان پنهنجي چوري پاڻ ڪري- هن پنهنجو ٺڳي ڪندڙ اهو عضوو نه پڪڙيو نه سڃاتو- نه ته هي ته باهه پرست به آهي ته بشارتون ماڻيندڙ به آهي- پر سندس سوچن فتني ۽ فساد جو لباس پاتو جنهن جي ميراڻ سندس نئين خيال جي سٺائي کي به هميشه ميرو ڪري پيش ڪيو- دنيا جي خوبصورتي سان ياري نڀائيندي پنهنجي عقل کيس اهڙو عليل ڪري وڌس، جو دنيا جي سونهن سان وفا ڪري ويٺو- جنهن الستي يار هن تي احسان ڪيا- اُهي احسان ڳڻيندي، ڳڻيندي پورو ته نه پيو پر جيترا ڀيرا اُهي احسان ڳڻيائين اوترا دفعا اُهي وساريائين، بس رڳو ياري پڪي ۽ يار ندامت ..... ۽ خود ته جهڙو ڪنهن مداري جيان پنهنجي ولِل ۽ هوڪارين جي هُل ۾ وڃائجي ويو!”
ان ملنگ جي گفتار، قربان جي ڪيفيت کي ڪو من لڀائيندڙ ڪيف پياري نه سگهي ۽ هاڻ ان محفل ۾ خود کي شمار ڪرڻ واري خواهش کيس کي به ڪجهه ڳالهائڻ تي آماده ڪيو. هن محفل ۾ موجود ماڻهن ۾ هر طرف نظرون ڊوڙائي ان شخص تي پنهنجي نظر کي روڪي بيهاريو جيڪو ڪاري لباس ۾ پنهنجي اهميت مطابق، مسند نشين هو، جيڪو نه رڳو محفل جو امام هو پر اها محفل به ان جي، اهو تڪيو به ان جو هو ۽ فقرا به ان جي هئي، شايد اُهو اُنهن سڀني کي تن تسبيح، من مڻيو ۽ دل دنبورو ڪرڻ واريون ڌياني هدايتون ڏيندڙ سندن حادي هو، جيڪو جسماني طور ڏٻرو، سادي صورت، قد ڊگهو، چاپُئين ڏاڙهي ۽ سائيڪالوجي ۾ ماسٽر ڪيل هئس- انساني نفسيات جو ڄاڻو ۽ ماڻهو مريد ڪرڻ جو ماهر هو ۽ اها سندس اضافي مهارت هئي جنهن قربان کي پنهنجي مئخاني ۾ نئون ماڻهو ڏسي، سندس نفسيات پرکڻ پي چاهي ۽ قربان جنهن مهل پنهنجي اظهار واري خواهش سان سندس منهن ۾ نظرون وڌيون، ته هن پنهنجي شخصي آدابن کي قائم رکندي، پنهنجون اکيون رڳو نمائيندي، پنهنجي ڪنڌ جو اشارو ائين ڏنو، جو قربان کي سندس اظهار جي آزادي ڏيندي جهڙو ائين چوندو هجي ته “ها، ڳالهائي ڳالهائڻ سان ئي ماڻهو سڃاتو وڃي ٿو.”
۽ قربان محفل جي موضوع کان هٽي، پنهنجي شروعات سياسي رخ سان ڪئي “سنڌي ماڻهو، ڌارين جي قتل ۽ غارت کان وٺي انگريزن جي غلامي تائين، سندس سوچون پنهنجي آزاد فڪر لاءِ ايتريون ته رولاڪ ٿي ويون آهن، جو سنڌ ۾ صوفي ازم واري سوچ نه هجي ها، ته سندس رت وهنديون حالتون اهڙي قصاب مان گذريو آهن، جو انهن جو موجوده حالتن ۾ اچڻ به مشڪل هو. پر اڃا به ته سندس پيٽ ۽ ذهن دانهين آهن- پراون جي پيهه ته اڃا به مٿائنس لهي نٿي- هن پنهنجي خدا جي راضپي خاطر مهمان نوازي کي ايتري اهميت ڏني، جو رُلي آيل پنهنجي هم شڪل ڌاريي کي پنهنجو سڀ ڪجهه، پاڻ سخي يار بڻجي ڏئي ڇڏيو. ۽ ان جي بدلي ۾ مليس بک، بدحالي، گولي ۽ غلامي. پر کيس اهڙو افسوس پوءِ به سندس جيءَ ۾ نه جاڳيو، ته مون آيل جي آڌرڀاءُ ڪري، پنهنجي سخاوت ۾ پاڻ فقير بڻجي پنهنجي خودداري جو جنارو رُلائي، پنهنجي خدا کي به خفا ڪري وڌو آهي! ۽ هاڻ هي دنيا کي پنهنجي ڏاهپ ۽ امن جوپيغام ڏيندڙ سنڌ جو سخي آدم، پاڻ ته رڳو دعا، پٽ واري وسيلي تي اچي بيٺو آهي، پر ان جو ماتم پٽڻ به صحيح طرح کيس نه پيو اچي. هي ته اڄ به عذابن جي سبب پنهنجي عظمت جي حد لتاڙ ي ٿو- هن جي مٿي ۾ عربن اها هوا ڀري ڇڏي ته، ابليس ۽ آدم ٻئي غلط هئا- هن زندگي کي ايترو ياد نه رکيو، جيتري موت هن سان مائٽي نڀائي آهي- هن زندگي جا سڀ رشتا رسوا ڪري فنا جي دار تي ڦٽي پي ڪيا، جٿان صوفي ازم کيس پنهنجي پناهه ڏانهن سڏيندو رهيس!”
جنهن سوچ ۽ مطلب سان، قربان ان محفل ۾ اچي ويٺو ۽ جنهن ارادي سان هن اظهار ڪرڻ چاهيو ان موضوع لاءِ ذهن هن کي ساٿ نه ڏنو – هن کي پنهنجي محبت باقي ٻين معاملن کان ته الڳ ڪري ڇڏيو هو، پر سندس شعور سان جڙُي ويل قومي سياست وارو جذبو، سندس تحت الشعور ۾ جهڙي جو تهڙو قائم هو- شايد ان جو هميشه لاءِ ذهن مان نڪري وڃڻ ناممڪن هو- جنهن جو وڏو سبب شايد اهو هو ته، جن مزارن، مقبرن ۽ مڙهين مقامن تي هن اوجاڳا پي ڪيا، ته اتي به سنڌ جي بدحالي، لاچاري ۽ مفلسي صدين کان انهن ماضي جي مزارن تي پنهنجي حالتن جي سڌاري لاءِ فريادي هئي، ائين پي لڳو ته انهن مزارن تي پنهنجن دردن جا دانهين، پنهنجي آه و زاري ڪندي پنهنجن حالتن مان ٿڪڻ لڳا هئا-
اهڙين حالتن ۾ قربان جي ذهن جو سياسي پهلو، انهن غريب، مفلس ۽ بي پهچ غلام حالتن کي ڏسي، انهنکان پنهنجي نظر ڪون پي لڪائي سگهيو، سي سڀ ته کيس جيئان محبت جا ماريل ڪون هئا- اُها ته سنڌ جي حقيقي ۽ اصلي ذهني غربت، سياسي غربت، علمي غربت ۽ سماجي غربت واري محتاجي هئي- جنهن جي ڇوٽڪاري لاءِ ماڻهن جي روئندڙ اکين جا ميلا، مزارن تي پيا نظر ايندا هئا ۽ انهن محتاجن، بيوس ۽ لاچارن جي ميلن ۾ سندس اکين به عام جيان سڀ ڪجهه پي ڏٺو ۽ سمجهيو!
سندس گفتار مان، سندس نفسيات کي، محفل جي امام، کيس ٿورو ڪجهه سمجهندي، هن سندس ئي موضوع کي اڳتي وڌايو “هن ڌرتي تي انسان پنهنجي ذات کي بقا ڏيڻ جي ڪوشش پي ڪئي آهي - سنڌ ۾ به ڌارين قومن جي خواهشن، سنڌي قوم تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن- جنهن جي اثر ۾ هن سنڌي آدم سماجي طور تي خود کي ذات پرستي جي دائري ۾ ويڙهي ڇڏيو ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ چئي سگهون ٿا، جن سندس اهڙي نادان عمل ۾ مدد پي ڪئي آهي - جنهن ۾ هن پنهنجي قومي وحدت کي ڪمزور ڪيو- جنهن کانپوءِ سندس پيار تي ڪارو پردو چڙهيو - سندس لائبريريون سمهي پيون - مئخاني کان پوءِ مسجد ۽ مندر کي به تالو لڳو - اوطاقون عذابن جون دانهون بڻجي پيون - شادي، ازدواجي حيثيت وڃائي جنسي چاهه جو چرچو بڻجي پيون - معاشي حالتون وياج جي وبا ۾ وِهائي تي ويهي رهيون - رشتن ۾ رسامن جو روڳ پيدا ٿي پيو - انسانيت ذاتي عقل تائين محدود ۽ علم ۾چوري ڪاهي پئي - فرض ۾ لاغرضي عمل اڻپورو - ضرورتن ضِرار کي جنم ڏنو، - خواهشون خواب بڻجي پيون - خيال، ڪنڀر جي ڪچي ٿانءُ جيئان ڪمزور - مقصد ۽ ارادا، سڀ ڪنهن واچوئڙي جي اُڏايل ڪاغذ جيان رُليل، اُجڙيل ۽ اڌورا!
“هن ته، شاه لطيف جي تسبيح، مُصلي ۽ حُجري کان به وڌيڪ، پنهنجا حسين خوابگاهه، خوبصورت دسترخوان ۽ يادن جا اڻ ڳڻيا مينار جوڙايا آهن- اڄ سي شاهه لطيف پاڻ اچي جيڪر ڏسي، ته رڳو ڪراچي ۾ ڌارين جا فليٽ ڏسي حيران رهجي وڃي- پر موهن جي دڙي ۽ مڪليءَ جي مزارن جي حالت ڏسي، پنهنجي شاعري جا سڀئي سُر، وري نئين سر لکڻا پئجي وڃنس! ۽ وري وڌيڪ جي پکن ۽ پنهوارن تي نظر پيس ته کيس سنڌ اُهائي ساڳي “ڍڳو پير پيران” نظر ايندس ۽ پوءِ هڪ دفعو وري ٻيڙياتن جو ٻيلي بڻجي وري به چوڻو پوندس.
“ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا”
(شاهه)
۽ اُهي ئي سڏ، اُهائي پڪار ۽ اُهي آيتون ورجائيندو، جيڪي اڄ جهاد جي جنون ۾ انسان پنهنجي مذهبي غيرت سان گڏائي پنهنجي وطن جا سور وساري ويٺو آهي- !
رت ۽ تلوار سان گڏجي آيل مذهب ته هن کي ياد آهي- پر مخدوم بلاول جي هڏن جا ٽڙڪاٽ هن وساري ڇڏيا.
هن کي سچل جيڪا جوءِ ٻڌائي سا کيس ڪاري پئي نظر اچي ۽ جُوءِ ۾ ڌارين جا ڌڻ پيا ڀيل ڪن، تنهن غيرت جو تاءُ کيس ٺري ويو آهي! ۽ پنهنجي ننگ جي ندامت جو اثر مٿس نٿو پوي!
“هي جڏهن کان علم چور بڻيو آهي، تڏهن کان پرايا خيال چورائي خود کي پنهنجي عقل جو خدا پيو سڏائي پر فرعون جيئان، پنهنجي خدائي جو پيغمبر مقرر ڪري نه سگهيو، نتيجي ۾ پنهنجي ذاتي خاصيت به گم ڪري ويٺو آهي!
هي ته علم چورائي رڳو سَند يافته بڻيو، پر تعليم يافته بڻجڻ واري همت هٿان ڇڏائي ويس!
ڌرتيءَ تي سڀ کان پهريان هن ئي ڦيٿو ٺاهيو، اجرڪ ٽوپي ۽ ٽوپي ۾ امن جي علامت مهراب به ٺاهيو- شهر اڏيا، انهن جون گهٽيون ۽ گٽر به ٺاهيا، سڪو به ايجاد ڪيو، واپار ۽ ان جا اصول به جوڙيا - هي ته ٻُڙي جو خالق، وڏو رياضيدان ۽ الجبرا جو مؤجد آهي -
هن سج جي سفر جو به تعين ڪيو ۽ ارض و سما جو علم ايجاد ڪيو. هن ئي، عورت ۽ ڌرتي کي ماءُ جو درجو ڏنو- هي ته اڄ به دنيا ۾ سنڌي پيو سڏجي- هن سڄي دنيا ۾ انساني تهذيب جو علم ورهايو- پر جڏهن سندس اهو علم، عقل ۽ ايجادون دنيا جي ڌارين قومن چورائي پنهنجي مالڪي ڏيکاري، ته هن آهستي، آهستي پنهنجي ان ڏاهپ جي مالڪي تان دست بردار ٿي، ڌارين جي دڙڪن ۽ دلاسن ۾ اچي، واپار ۾ ڪوڙ، سڪن ۾ ٺڳي، شهرن ۾ گند ۽ گاڏين ۾ ڦرون به ايجاد ڪري ورتيون!
“اڳي ننگ تان نثار ٿيندو هو- هاڻي ڌارين جا اگهاڙا ننگ بازارين ۾ ڏسي، پنهنجو ننگ پنهنجي هٿ سان ڪُهي نثار ٿو ڪري!
اڳي هڪ آڱر ڪني ٿيندي هيس ته وڍي ڇڏيندو هو- هاڻ عورت کي ڪُهي پنج ئي آڱريون ڪنيون ڪندو آهي، ته انهن کي ڌوئيندو به ناهي! اڳي موت کي ميارون ڏيندو هو، هاڻ موت جو مياري بڻجي پيو آهي!”
محفل جو امام پنهنجي ان ڊگهي تقرير کان پوءِ خاموش ٿي ويو- سندس اُها خاموشي، محفل ۾ ڄڻ ڪا صدارتي فتويٰ هئي، ڪنهن ڪجهه به نه پي ڳالهايو، سڀن جون نظرون سندس اکين ۾ هيون، سندس سڄي تقرير مان ڪنهن هڪ نقطي جوبه ڪو انڪاري نه هو، تڏهن به کيس ته ڄڻ ڪو انتظار هو، سندس گفتگو اڃا شايد ڪجهه اڳتي هلڻي هئي پر ائين وچ ۾ اوچتي خاموشي! هن ڄڻ ٻڌندڙن جي ڪيفيت جو جائزو پي ورتو ۽ جو ڪجهه چئي چڪو هو، ان جو اختصار ائين هو ته، سنڌ جي تعليمي درس گاهن ۾ به، مذهبي مدرسن واري تعليم جيان، رڳو رٽائڻ، ياد ڪرڻ ۽ ورجاءَ وارو عمل هو.
علم جي چوري کي هن، ڪاپي ڪلچر وارو عمل پي سڏيو ۽ تعليمي نساب ڄڻ هڪ اهڙو بي فائدو مذاق، جنهن مان اهڙي هوشياري حاصل نه پي ٿي، جنهن کي ذهانت چئجي، جنهن مان ڪامياب زندگيءَ لاءِ آسان راهون نڪرن ٿيون.
تعليمي ادارن ۽ ان جي ماحول ۾ جو ڪجهه به هو، سو حڪمران طبقي طرفان سياسي عقيدي واري تعليم ۽ سياسي سفارشن وارو نساب، جنهن جي ناڪام نتيجن، نوجوانن جي ذهنن کي، ڪا نواڻ ياتبديلي جو خيال ۽ جذبو ئي نه ڏنو!
قربان سندس خيال کي پوري طرح سمجهي چڪو هو، ۽ پوءِ هن قربان کي پنهنجي مريديءَ لاءَ، کيس مستقل ميمبر بنائڻ جي سوچ سان- هن پنهنجي تقرير جو پاڻ جائزو وٺندي- هاڻ هن ڪجهه صاف ۽ چٽيون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪيون “هر ماڻهو کي حق ۽ سچ جي اظهار ۽ ان جي سوز جي حاصلات لاءِ شديد شوق رهيو آهي. هر ماڻهو حق پرست سڏائي ٿو- پر افسوس هن انسان تي- جو اُها اصل حقيقت واري سوچ، سندس رڳو طبيعت تائين رهي آهي ۽ باقي رڳو وهمن ۽ وسوسن تي اعتماد! مذهبي عقيدي مان جنم وٺندڙ شخصي عقيدو ۽ پوءِ سياسي عقيدي جي پويان پنهنجي توڙي قومي ۽ سماجي آزادي جي بدلي، رڳو جيل، گوليون ۽ قيدخانا!
هن دل جي قيد ۾ محبت جي آزادي وارو معراج نه ماڻيو- سياسي حج ۽ ان جي معراج واري ذوق ته سندس سياسي ايمان کي الائي ڪيترن عقيدن ۾ ورهائي ڇڏيو.
“سندس دل جو خدا هڪڙو ، ته دنيا جو ٻيو- سياسي اثر ۾ حاصل ڪيل تعيلمي ڊگريون، سندس دماغ کي علم رڳو ايترو ڏئي سگهيون، جيترا ڪنهن فقير جي ڪشڪول ۾ اڇلايل خيراتي سڪا!
سنڌ جي فڪر ۾ تصوف جو اُهو وهندڙ درياهه رهيوآهي- جنهن کي ڪنهن جي خدا تي ڪڏهن به ڪو اعتراض نه رهيو آهي.
وقت هو، سنڌ جي صوفي مزارن تي، پيار محبت جي حاصلات، عقل، امن ۽ ساڃاهه جي سلامتي لاءِ عاشقن کان دعائون گهريون وينديون هيون- اُتي هاڻ رڳو جنسي حوس جا شائق، جُوتين جا چور- لليجا ۽ عزتون وڪڻندڙ دلال نظر ايندا آهن!
“جن ماڳن تي نينهن پچار ۽ خالص نماز جا نفل پڙهيا ويندا هئا، اُتي هاڻ ڪتا سمهي ننڊون پيا ڪن.
اڳي ميلن ۽ ڏڻ ڏيهاڙن تي، رانديون، ادبي رهاڻيون، سگهڙن جا سلوڪ، وڻج واپار ۽ کيل تماشن واري تفريح هوندي هئي-اُتي هاڻ لکنوءَ کان آيل رقصائن جي اولاد جا اگهاڙا جسم نچندي نظر اچن ٿا!
جن مڪانن ۽ مئخانن تي، صوفين جون نفس الامر تي صلاحون ۽ ملڪوتي مقالون ٿينديون هيون، اتي هاڻ نشي جا واپاري، نشي جي اگهن جا روز نوان اعلان ڪندي ٻڌا ويندا آهن! سڀ نااهلي ۽ سياسي عقيدن مان غلامي جا نتيجا!
۽ هن کان ته تاريخ به ڪجهه ڪون لڪايو- کيس خبر آهي ته، زراعت عورت جي ايجاد آهي-انسانيت ۽ زندگي جي خالق هي عورت، جنهن پنهنجي جسم ۽ بدن کان وڌيڪ ڌرتيءَ کي سينگاريو.
هن پنهنجي پيٽ جي ٻج کان وڌيڪ ڌرتيءَ جي پيٽ مان ان اُپايو! هن پنهنجي وارن جي سجاوٽ کان وڌيڪ گهڻا وڻ پوکي، نظارن کي رونق بخشي!
هن پنهنجي رخسارن جو رنگ، سج جي تپش ۾ تباهه ڪري، ڌرتيءَ کي رنگين گلن جي خوشبوءِ ادا ڪئي!
هن پنهنجي سيني تي اُڀريل نازڪ ۽ نفيس عضون کان وڌيڪ، جبلن، جانارن ۽ ڍنڍن ڍورن جي سنڀال رکي آهي- پوءِ به مرد جي مذهب سندس بشارت قبول نه ڪئي! ۽ عورت کي رڳو پنهنجي مرداڻي نسل ۽ عياشي لاءِ استعمال ڪيو، جيڪا اصل ۾ ارض و سما کي سونهن بخشيندڙ ۽ انساني ٻج جي ماءُ آهي، پوءِ به سندس الهامي اشارن کي قبوليت نه ڏنائين!
“عورت نه هجي ها! ته نه عشق نه اوتار، نه اولياءُ ۽ نه بيت العلومُ هجي ها! پر هي مرداڻي مذهب جو مالڪ، پنهنجي مسلڪ جو محافظ سڏائيندڙ سنڌي آدم، جنهن حضرت علي رضه سان گڏجي،. اسلامي جنگيون وڙهي پنهنجي انا ۽ اولاد جون قربانيون ڪون ڏنيون هيون!
نه هي بدر جي جنگ جو سپاهي هو، نه هن احد جبل ۾ جهاد ڪندي ڪڏهن ڪو جان جو صدقو ڏنو هو! هن جي ويهن پيڙيهين مان به ڪو اهڙو ڪون هو، جنهن ڪربلا جي مسافرن مان ڪنهن کي رڳو ٿڌي پاڻي جو ڍُڪ پياريو هجي!
هن کي ته بن قاسم پنهنجي تلوار، سندس رت سان وهنجاري ان مان دين ڌوئي ڏنو هو- پنهنجي رت مان ڌوتل ان دين جي پوئيواري ڪندي، هن عورت کي خدا جي گهر کان وڌيڪ پنهنجي بستري تائين رهڻ واري امن جو حڪم ڏنو!
“ائين پنهنجي انسانيت سان، رت جون رانديون کيڏائيندي، سنڌ جو هي سٻاجهو انسان، اهڙين اوڻاين ۾ منجهي ڦاسي پيو، جنهن مُنجهه سندس جيءَ پي کپايو ۽ سندس ماڻهپو قتل پي ڪيو، هن کي ان الڪي ۽ انهن عذابن پنهنجي اندر جي انسان ڏانهن سڏيو، جٿي سندس انسانيت خاموش پريشان ويٺل هئي، جنهن وٽ امن هو- عشق ۽فڪر جي آزادي هئي- هن کي اوڏانهن وڃڻو پيو ۽ هي اوڏانهن ويو، ته دنيا هن کي صوفي سڏيو ۽ هي مڪمل انسان ٿي پيو ۽ هن کي امن جو باني سڏيو ويو.”
“۽ هاڻ هن خود کي ڪهڙي حد تي اچي بيهاريو آهي- قربان پڇڻ لڳو- سندس ابتدا ۽ انتها جي وچ ۾ باقي اڃا ڪي اوڻايون آهن؟ ۽ انهن جو ڪوئي اهڃاڻ!؟”
قربان ٿوري مهلت ملندي ئي پڇي ورتس ۽ هُن هاڻ ڪجهه وڌيڪ شايد ڳالهائڻ نه پي چاهيو، هو پنهنجي رهاڻ جو رس بيهاري چڪو هو، جنهن ڪري کيس پنهنجي پراڻي مُريديءَ مان ڪنهن اُڀتي، سُڀتي سوال اچڻ جو امڪان ڪون هئس، هن کي هاڻ پنهنجي آسڻ تان اٿي، آرامي ٿيڻ جو خيال هو، پر قربان جي سوال سندس ارادي کي ڪجهه گهڙيون روڪي ڇڏيو، هن قربان کي پنهنجي شخصي صلاحيت کان متاثر ڪري، پنهنجي شخصي عقيدي جو معتقد بنائڻ واري نيت سان جواب ڏنو “هن کي فنا جي ذلت ۽ بقا جي اميد واري پڇتاءُ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه مليو، بس زندگيءَ جون ڪي، پاڻي تي ڦوٽي جيتريون قيمتي ساعتون مليون آهن- اسان ائين چئي سگهون ٿا ته، ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي زندگي جو مقصد وساري، زندگي جي انهن قيمتي ساعتن کي رڳو افسوس سان ڳڻيندا آهن- پر انهن ساعتن جي وچ ۾، انسان جو انسان سان عشق، جيڪو زندگي جي ساعتن کي بقا بخشيندڙ آهي، ان کي زندگي جي گهڙين سان گڏائي، ان جو بهتر ڳاڻيٽو نٿو ڪري- پر انهيءَ ابتدا ۽ انتها جي وچ ۾ پنهنجي دل جي اُها صدا به نه ٻڌي سگهندو آهي ته،
الله رکي آباد سڄڻ کي،
جنهن جي عشق،
ادب ۽ سونهن لاءِ سلام سيکاريو،
صبح جو سلام اي سونهن پرستو،
شال اوهان جي شام،
پنهنجي پرينءَ جي پيچ ۾، رحمت ڀري گذري!
اهڙن پاڻ وساريل ماڻهن بابت مان وڌيڪ ڪجهه چئي، سمجهائي نٿو سگهان - ان ڪري جو ڪجهه ماڻهن جي نيتن سان، صبح جي ساعتن ۾ پاراتا ۽ شام جي وقت ڪروڌ کانسواءِ ٻيو ڪجهه حاصل مقصد ناهي.
“ڪجهه ماڻهو، صبح جو قرآن پڙهن ۽ منجهند جو گلا کڻن ٿا!
شام جي مهل پنهنجون سڀئي نيڪيون، پراون گناهن کي ڳڻي، انهن سان گڏائي ڇڏيندا آهن، ۽ رات جيڪا روحن جي جاڳڻ لاءِ خدا خلقي آهي، سا سندن ننڊ جي نينهن ۾ گذري ٿي.
۽ صبح جو وري به سج سندن چڱاين لاءِ اڀري ٿو، پر اُهي پاڻ وسوڙل ماڻهو، هاڻ رڳو جنازو دفنائڻ وارو عمل باقي باقائده ڪن ٿا- اهڙي باقي عمل کان اوجهل آهن ته، عشق نيڪين جو درياهه آهي- محبت ان جي آبادي ۽ انسان ان جو اپائيندڙ آهي”
بس! ايترو چئي، اهو محفل جو امام اٿي پنهنجي حُجري ڏانهن ائين هليو ويو، سندس دل ڄڻ اهو کيس يقين ڏياري ڇڏيو ته؛
“هاڻ وڌيڪ پاڻهي پيو نوجوان پڇا ڪندو ته، مونکي پنهنجو مُهتدي سمجهي، پنهنجي مريديءَ لاءِ مُهر ڪڏهن هڻندا؟”
اهو ايترو يقين کيس ان ڪري هو، جو سندس سحر انگيز بيان- قربان جهڙ ا ڪيترائي لکيا پڙهيا ۽ محبت جا ماريل نوجوان سندس ڏاهپ واري ڏاانءُ مان پاڻ ڇڏائي نه سگهندا هئا ۽ سندس مريديءَ جي وڏي حام پيا هڻندا هئا - پر پنهنجي جوان عمر جي عرصي ۾ اڃا ڪو به اهڙو نوجوان ڪون هو جنهن کي هن عشق جي اهڙي رمز کان روشناس ڪري اهو پوري طرح سمجهائي ڇڏيو هجي ته:
“جيڪڏهن تون مقصد لاءِ زنده آهين، ته پوءِ اهو يقين ڪر، ته تون سدا حيات آهين.”
______________