باب ٽيون
هن صوفين جي محبت ۾ پنهنجي خدا جي پاڪ سوچن ۽ صاف خيالن ۾ دنيا جا ٻيا سمورا تعلق ۽ مقصد مڪمل فنا نه ڪيا هئا ۽ اهي هن کي ، پنهنجي راهه جي رمز لاءِ فنا ڪرڻا به ڪون هئا- انهن کي پنهنجي سوچ ۾ سالم رکي پنهنجي پريت جو پنڌ پڄائڻو هو- پر هن فڪر جي درياهه ۾ لهندي ئي خود کي هڪ مايا پرست مرشد جي عقيدي ۾ ڦاسائي وڌو، جنهن خود مجازي مام ۾ ڏکن جو اهو ڏيهه ڏٺو ئي نه هو، جنهن ۾ ڏک ماڻهو کي انعام ٿي ملندا آهن. ۽ پوءِ اهي ڏک سڀ سنڀالي پاڻ وٽ رکبا آهن ۽ پنهنجا سک سڀئي سماج ۾ ورهائبا آهن. پر هن کي ان مرشد چرس جي چسڪن ۾ هيرائي، رڳو نشي هاڻو نينهن پي سيکاريو، جنهن ۾ سندس خيالن جي اڏام ته سانوڻي ڪڪرن سان پي ڪُڏي، پر حاصلات حقيقت جي ابتڙ ۽ ڪيفيتون ڪروڌي بڻجڻ لڳيون، هن کي حبيباڻي هجر هدايت ڏئي جنهن راهه ڏانهن روانو ڪيو هو، تنهن راهه ۾ رهندڙ ڏاهپ ته چرس جي چسڪن کان ڪوهين ڏور، عشق جي ويران وادي ۽ نينهن جي اگهاڙي ننگري ۾ رهندڙ هئي، جنهن کي صدين کان سڪ جا صحبتي ۽ محبت جا مسافر، حضرت آدم ۽ ڏاڏي حواجي گهر کان ڳولڻ پيا ۽ پنهنجي جان جسم تائين ڳوليندا رهيا!
هن ته محبت ماڻڻ واري تڪڙ ۾، خود لاءِ ان مرشد کي پنهنجو رهبر بڻائي ڇڏيو هو، جنهن جي صورت صوفي هئي، پر سيرت سورن جي دشمن، ۽ من مانر ملو هو، جنهن جي اظهار ۾ عشق جي ته ساراهه هئي پر نيت نپٽ نڀاڳي ۽ نينهن جو ذرو به نه-
مقالون ته ملڪوتي هيون پر لاهوتي نه ڄڻ لوتي هو ۽ تجربو رڳو ڪتابي ٿيوري (Theory) هئي، جنهن قربان جي اصل مقصد کي نه موت پي ڏنو ۽ نه جيئرو رکڻ جهڙو پي ڪيو.
ان مرشد جي عقلي ۽ علمي فلسفي جي منجهاري ۾ قربان پنهنجي من جي مقصد کي رول موالين جيان هوائي خيالن ۾ رُلائڻ لڳو، سندس ذاتي خيال به، نشن هن کان کسي پي ورتا.
هن ڌاريا ۽ موالي خيال پنهنجي ذهن ۾ وجهي پنهنجا يار، دوست به پاڻ کان پري ۽ پريشان پي ڪيا.
ماڻهو پراون خيالن پٺيان ڊوڙي، نه چريو ۽ نه سياڻو بڻجي پوي ته ان کي پنهنجو قيمتي وقت ڏيندو به ڪير!؟
بس ٿوري ئي عرصي ۾، هاڻ سندس يار، دوست به بيزاري وچان وقت جي مجبوري وارا بهانا ڏيئڻ لڳس ۽ ڪجهه دوست سندس ماڻهپي جي واپسي جا منتظر به هئا.
سندس روح، پنهنجي محبوبا، عدن جي عشق مان نااميد ٿي، عدن جي صورت ۾ لڪل، پنهنجي ڳجهي خدا جو ڳولائو هو، جنهن جي صحيح سڃاڻپ لاءِ، سندس احساسن ۾ ڪائي صورت سڃاڻپ لاءِ نه پي ٺهي، بس رڳو وٽس پنهنجي دل جا ڪوڙا دليل هئا ۽ سندس دماغ، آسماني اونداهه ۽ بادلن جهڙو ٿڌو بڻجي پيو هو. نشن، سندس نرمل جي نينهن کي چرس جي دونهين ۾ دفن پي ڪيو، نه من ٻرندو هئس، نه اکين ۾ عشق حقيقي جو تئو تپندو هو!
موسمن جي ضد ۾ آيل ڏينهن، پنهنجي فطري اصولن مطابق ايندا ۽ ويندا رهيا، اهي سڀ سندس خيالن جي عمر ۾ فڪر جي حياتي ۾ کوٽ پيدا ڪري رهيا هئا.
جيڪو ڏينهن آيو پي، ان جو آڌرڀاءُ ڪون پي ڪيائين ۽ جيڪو ويو پي ان جو افسوس ڪُون پي ڪيائين ٽيهن سالن جي عمر ماڻهو ۾ پنهنجون سڀئي قوتون جاڳائي ڇڏيندي آهي. پر هن ته پنهنجي جان به هجڙي جهڙي بڻائي وڌي هئي.
عمر جو اهڙو ٽيون ڏهاڪو، بهارن جي حسين گلن جي خوشبوءِ وٺندي آهي ۽ سانوڻي رُت واري ماکيءَ جو رس پئندي آهي، سرديءَ ۾ سڪ ڀريا ٿڌا ساهه کڻندي آهي ۽ سرءُ ۾ جدائي جا گيت ڳائيندي آهي، پر هن کي پنهنجي موالي رهبر، سندس مجبور دل کي، چرس جي ور چاڙهي، سندس غمِ فراق وارا خيال، موالي خيالن سان ملائي ڇڏيا ۽ هن ته ويچاري اوڏانهن وڃن پي چاهيو جتي ماڻهو خود کي ٻٽي جنس بڻائي، پنهنجو گناهه، ڪنهن ٻئي وجود مان حاصل ڪرڻ جي بجاءِ، پنهنجو گناهه، پنهنجي وجود مان ڳولي وٺجي.
ائين پنهنجي گناهه جي مالڪي وارو تصور، گهرائي ۾ وڃي، پنهنجي وجود جي مالڪي تي حيران ڪري ٿو ۽ ان جي اصليت پرکڻ واري جستجو ۾ پنهنجي وجودي خالق وارو خيال، صاف ڪري انسان پنهنجي اصليت پرکي ٿو ۽ پنهنجي خوديءَ مان خالق لڀي ٿو ۽ خيال پنهنجي پڄاڻي کي رسي ٿو، جنهن جي اظهار جي لاءِ، پوءِ لفظن جي ڪا شڪل ئي نٿي جڙي. ٿي سگهي ٿو شاهه لطيف به اهڙ ي رمز ۾ ان ماڳ تي اچي ائين چئي ويٺو ته:
پنهون ٿيس پاڻهين، ويئي سسئي جي سونهن،
خَلق آدم عَليٰ صورتہ، اي وڻن منجهه ورونهن،
چرِي منجهان چونهن، کڻي هوت هنج ڪيو.
(شاهه)
______________________