ناول

يار

ناول يار اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ناول جو ليکڪ محترم حيدر دريا زئور آهي. ملاحن انهن جي زندگي، عشق، مذهب، سياست ۽ ٻين گهڻ رخي موضوعن تي مشتمل هن ناول ۾ ڪمال جا مڪالما آهن.

ڪتاب مان ورتل ٽڪرو

“۽ اها حقيقت به تون چڱي طرح ڄاڻندو هوندي ته، حضرت آدم جو گناهه، حضرت آدم جي پيدائش کان چاليهه سال اڳي، اهو توريت ۾ لکجي چڪو هو ۽ حضرت آدم کي ان جو علم نه هو.
عشق ته ابليس به ڪيو، ته آدم به ڪيو ۽ غلطي به ابليس ۽ آدم ٻنهي ڄڻ ساڳي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي بڻيو ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر”
Title Cover of book يار

مهاڳ

هڪ انڌو فقير فٽ پاٿ تي پنندو هو، قسم قسم جون صدائون ڏئي واٽهڙن کي متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. طرح طرح جون دعائون، الله رسول جا واسطا، قرآن جا ڊوهه، منٿون ميڙون ڪندو هو، پر سڄي ڏينهن نِڙيءَ تي زور ڏيڻ باوجود ايتري خيرات نه ملندي هئس جنهن سان ٻچا پالي سگهي. هڪ دفعي، اُتان هڪ اديب جو گذر ٿيو، جنهن فقير کي چيو “فقير مان روز هتان گذرندو آهيان، تنهنجون صدائون ٻڌندو آهيان، تنهنجا ايلاز، رڙيون ٻڌندو آهيان، مون کي توتي ترس ٿو اچي، اڄ مان توکي هڪ اهڙي شيءَ ٿو ڏيان، جنهن سان تنهنجي آمدني وڌي ويندي ۽ توکي رڙيون ۽ ايلاز منٿون به نه ڪرڻيون پونديون.”
فقير چيس، ابا وارو ڪر، اهڙي ڪا ٽل هلاءِ، ڪو قرب ڪر. اديب هڪ ڪاغذ تي هڪ سِٽ لکي ڏنس، چيائينس، هن تختيءَ کي ائين جهلي ويهه ته جيئن هر ايندڙ ويندڙ هن تختي کي پڙهي. فقير، اديب جي ڏنل هدايت تي عمل ڪيو ۽ خاموشيءَ سان اها تختي واٽهڙن کي پڙهائيندو رهيو، ۽ تقريبن پڙهڻ کانپوءِ هر لانگهائو کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏيندو ويو.
انڌي فقير کي تجسس ٿيو، ته آخر هن تختيءَ تي اهڙو ڇا لکيل آهي، جو بنا ڪنهن صدا، الله رسول جي واسطن جي، منهنجي جهولي پئسن سان ڀرجي وئي آهي، نيٺ فقير هڪ ماڻهوءَ کي جهلي پڇا ڪئي ته هن تختيءَ تي ڇا لکيل آهي؟. هن ماڻهو پڙهي ٻڌايو، جنهن تي لکيل هو:
“خدا اوهان کي ڪيڏو نه خوبصورت بڻايو آهي، پر افسوس جو آءُ بينائيءَ کان معذور آهيان ۽ اوهان کي ڏسي نٿو سگهان.”
مٿئين مختصر قصي مان جيڪا ڳالهه ڌيان طلب آهي، اُها آهي “فن”! ڪنهن به شيءِ کي فنڪارانه انداز (Artistic Way) ۾ پيش ڪرڻ. دراصل اها پيشڪش يا پيشڪاريءَ جو فن (Presentation) ئي سڀڪجهه آهي، ڇو ته دنيا ۾ (جيئن ٻڌو ۽ پڙهو اٿئون) ڪل موضوع جو تعداد 36 آهي، انهيءَ ليکي، هيل تائين جيڪي به لکين ڪروڙين ڪهاڻيون، ناول يا شاعريون سرجيون ويون آهن، اهي سڀئي انهي 36 موضوعن کان ٻاهر نه آهن. ڳالهه سڄي آهي اڻت جي، بيهڪ ۽ پيشڪاريءَ جي. سنڌ ۾ امرجليل جي ڪهاڻين کي وڌ ۾ وڌ مڃتا ملڻ جو سبب دراصل اها ڪاريگريءَ واري اڻت آهي، جيڪا اڄ سوڌي منفرد ۽ انوکي آهي.
اسان جو سنڌي ادب ناول جي معاملي ۾ غريب ادب رهيو آهي، انهيءَ جي ڪيترن ئي سببن مان هڪ اهم سبب هي آهي ته اسان جو سمورو ننڍو کنڊ شاعريءَ جو سماج رکندڙ خطو آهي، جنهن ۾ وسندڙ تقريبن سموريون قومون شاعري سان رغبت رکندڙ مزاج واريون قومون آهن. هونئن به ادب جي شاعري، شاعريءَ سان ٿي آهي، ۽ خاص طور تي اسان سنڌي ماڻهو، جيڪي ڪيڏي به وڏي ميٽرو پوليٽن / اربن شهر جا رهواسي هجون، بنيادي طور ڳوٺاڻي فطرت (Rural Nature) جا ماڻهو آهيون، جن جي طبيعت شاعري (ان ۾ بيت، گيت ۽ اهڙيون ڪلاسيڪل صنفون وغيره اچي وڃن ٿيون) ڏانهن مائل آهن. ناول سرمائيدار ۽ صنعتي سماج جي صنف آهي، جنهن ۾ 90 سيڪڙو خواندگيءَ جي شرح هوندي آهي. سنڌي ادب جي تاريخ جا پنا اُٿلائي ٿا ڏسجن ته مرزا قليچ بيگ جي ناول “دلارام” (جيڪو سنڌي ادب جو پهريون طبعزاد ناول چيو وڃي ٿو) کان وٺي هيل تائين ٻه اڍائي سو ناول ئي لکيا ويا آهن، جن مان جيڪر ڇانٽي ڪبي ته ٽوٽل ٽيهه يا پنجٽيهه کن ناول اهڙا ٿيندا جيڪي ڀرپور ناول چئي سگهجن ٿا، اڃا به جيڪر عالمي سطح جي ڳالهه ڪبي ته پنج ست ناول مشڪل سان مقابلي ۾ ايندا.
حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌي ادب ۾ نثر يا فڪشن جا تمام وڏا نالا به ڪو زبردست ناول نه ڏئي سگهيا آهن. ان کان به وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي تاريخ جي غير معمولي ترين شخصيت شاهه لطيف تي ان جي قد جيترو ناول نه لکي سگهيا آهيون. انهيءَ ڏس ۾ مرحوم مراد علي مرزا جو ناول “ساميءَ سج وڙاءَ” پڙهيوسين، تمام سٺو! پر ڀٽائي ان کان گهڻو، تمام گهڻو مٿي آهي. منهنجي خيال ۾ لطيف جو حق علي بابا يا آغا سليم ادا ڪري سگهن ٿا.
“لفطن جي خواهش” ۽ “رشتن جي آزادي” کانپوءِ، حيدر دريا جو هي ٽيون ناول “يار” اوهان جي هٿن ۾ آهي، ٽنهي ناولن جا موضوع مختلف آهن. ٽيئي پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه ته يقين سان چئي سگهجي ٿي ته حيدردريا وٽ موضوعن جي ورائٽي آهي. سماجي اڻ برابري، عشق، سياست ۽ مذهب برابر الڳ موضوع هجڻ باوجود هڪ مخصوص لاڳاپو رکن ٿا.
ناول “يار” جو موضوع “عشق، مذهب ۽ سياست” جي دائري ۾ ڦري ٿو ۽ اِهي ٽيئي موضوع انتهائي سنجيده ڳوڙها ۽ حساس هجڻ سان گڏوگڏ سماج جا اهم ترين معاملا آهن، جيڪي انفرادي به آهن ته اجتماعي به. ڇو ته هر انسان عشق، مذهب ۽ سياست سان سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح لاڳاپيل آهي. شعوري توڙي لاشعوري طور تي اهي ٽيئي ماڻهو جي اندر ۾ ٽيئي کاتا کليل هوندا آهن.
هي ناول گل محمد ملاح نالي هڪ شخص جي هڪ اهڙي گهراڻي جي ڪٿا آهي، جنهن جي گهر ۾ مذهبي بحث، صوفي فڪر، سياسي وابستگين ۽ عشق جي اُڻ تُڻ آهي. گل محمد پيپلزپارٽيءَ جو هڪ مخلص ڪارڪن آهي، جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عشق ۾ جذباتي طور ورتل آهي. سندس هڪ پٽ ڪنهن سيد زادي ڇوڪري “عدن” جي عشق ۾ گرفتار آهي، جيڪو صوفي ذهنيت رکندڙ آهي، سندس ٻيو پٽ جهادي بڻجي مذهبي ڪٽرپڻي جو شڪار آهي.
سنڌيءَ ۾ مون اهڙيون ڪهاڻيون يا ناول تمام گهٽ پڙهيا آهن، جن ۾ حقيقي ڪردار کنيل هجن. اصولي طور تي ٿيندو ائين ته ڪردار ڀلي حقيقي هجن پر کين نالا فرضي ڏنا ويندا آهن. ڇو ته اهو عين ممڪن هوندو آهي ته ڪنهن به شخص يا ڌر کي اصلي نالا ڏيڻ سان اعتراض ٿئي ۽ هو قانوني ڪارروائيءَ لاءِ رجوع ڪري.
هي ناول پاڪستان ۽ سنڌ جي وڏي سياسي تنظيم “پاڪستان پيپلزپارٽي” جي ويجهي ماضيءَ جو عڪاس آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي بينظير ڀٽو تائين، سنڌ جي عوام ديوانه وار بڻجي غير مشروط عشق ڪيو آهي، اهو عشق نج جذباتي به آهي ته عملي به. ڇو ته گذريل چئن ڏهاڪن کان هنن الهه لوڪ سنڌين کين اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو آهي. اسان گذريل ٽِن ڏهاڪن کان ٻڌندا ٿا اچون ته قوم تي ڀٽي صاحب جو قرض آهي، جيڪو لهي نٿو لهي، پر اهو ڪنهن جي واتان نٿا ٻڌون ته ڀُٽن تي سنڌين جو هيڏن اقتدارن جو قرض آهي، اهو ڪير لاهيندو؟ اڄ خود پيپلزپارٽيءَ کي اقتدارن سان گڏوگڏ، ڳڙهي خدابخش جي قبرستان ۾ قبرن جو اضافو مليو آهي ۽ صورتحال اها وڃي بيٺي آهي، جو منظر تان سڀ “ڀٽا” هٽي ويا آهن، يا هٽايا ويا آهن ۽ هاڻي “غير ڀٽو” کي “ڀٽو” بڻائي ڪم ڪڍڻ جي نوبت اچي وئي آهي. ڇو ته سنڌ جي سياسي مارڪيٽ ڀٽو هڪ ٽريڊ مارڪ برينڊ آهي، جنهن کان سواءِ ووٽ وٺڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي، مان سمجهان ٿو ته اها سموري واويل هن ناول جو حصو هئڻ کپندي هئي.
مختصر هن ناول ۾ پ پ پ جي ذوالفقار علي ڀُٽي کان وٺي بينظير تائين، سڀني اقتداري دورن جو ذڪر آهي، جنهن مان اها ڄاڻ ته ضرور پوي ٿي ته سنڌي ماڻهن هن سياسي پارٽيءَ سان ڪيترو عشق ڪيو آهي پر اها خبر نٿي پوي ته هن پارٽيءَ يا هن پارٽيءَ جي اڳواڻن موٽ ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي ڇا ڏنو. گذريل اڌ صديءَ جون اخبارون ٻڌائين ٿيون ته سنڌين جي ساده لوحيءَ تي ڪهڙن ڪهڙن سياستدانن سياست ڪئي آهي ۽ وڏي ڀٽي کان وٺي بينظير ۽ زرداري تائين، سمورا سال ساريا پيا آهن. هن ناول ۾ محترمه بينظير جي شهادت جو ذڪر واضح نموني منظريو ويو آهي ۽ محترمه کان پوءِ واري پ پ پ جنهن جي اڳواڻي “پاڪستان کپي” جو نعرو هڻندڙ ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ دور جي اقتدار جي جهلڪ پڻ رهيل آهي.
هن ناول ۾ سنڌ جي سياسي حوالي سان اهم شخصيتن جو ذڪر آهي، جنهن ۾ سائين جي. ايم. سيد به شامل آهي. جي. ايم. سيد اُهو فقير منش ۽ صوفي سياستدان هو، جنهن پنهنجي علم، عقل ۽ فڪر ذريعي سنڌ جي وستيءَ وستيءَ ۾ وسندڙ ڪروڙين سنڌين تائين سنڌ جو ازلي پيغام پهچايو. خاص طور هن جهور پوڙهي جا ساٿي سنڌ جا نوجوان هئا، جيڪي سيد جي سڏ تي لبيڪ چئي نڪري پيا. مان ذاتي طور اهڙن ڪيترن نوجوانن کي سڃاڻان، جن سيد جي راهه ۾ پنهنجون سون جهڙيون جوانيون ڳاري ڇڏيون، گهر، ٻار ۽ نوڪريون “سن” واري عشق ۾ وقف ڪري ڇڏيا ۽ سيد جي ڏسيل راهه ۾ پاڻ ارپي ڇڏيو. ون يونٽ واري دور کان اڄ تائين هزارين سيد ۽ سنڌ جا عاشق جيلن ۾، عذابن ۾ آخر ۾ شهادت تائين پهتا.
جيئن ته هن ناول جو محور سنڌ جو سياسي پسمنظر آهي ۽ جنهن ۾ سنڌ تي غير معمولي طور اثر انداز ٿيندڙ ٻنهي شخصيتن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جي. ايم. سيد. پر سمورو ناول پ پ پ جي هڪ ڪارڪن جي محور ۾ سرجيل آهي، پر ايتري هڪ اهم ۽ پر اثر سياستدان جي. ايم. سيد جو ذڪر ايتري تفصيل سان نه آهي، جيترو هئڻ کپندو هو، ڇو ته پيپلز پارٽي ۽ جيئي سنڌ هلچل جو نه صرف نظرياتي ٽڪراءُ آهي، بلڪه هر لحاظ کان الڳ الڳ رستا ۽ منزلون آهن. ڇو ته تاريخ گواهه آهي ته هن ملڪ جي ڪرتا ڌرتائن پ پ کي هميشه جيئي سنڌ هلچل ذريعي سنڌ جي آزاديءَ ڏانهن وڌندڙ سفر کي ڪچلڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته استعمال ٿيندڙ پاڻ استعمال ڪندڙن جي صعوبتن جو شڪار ٿي ويا ۽ ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ وڃي پهتا ۽ تاريخ ۾ انتهائي تڪراري بڻجي ويا.
حيدر دريا جو هي ناول، سنڌ جي ايندڙ دور جي مورخن ۽ محققن کي سياسي حوالي سان ڪيترن سوالن جا جواب ڏيندڙ ناول آهي، جيڪو نه صرف سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ هڪ اضافو آهي، بلڪه سنڌي ادب جي صنف ناول جي کيتر ۾ غربت واري واويلا جو ڪنهن حد تائين ازالو پڻ آهي. ”

زبير سومرو
10 ڊسمبر 2012ع
شڪارپور، سنڌ