باب ستون
اهڙي طرح، ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي قتل ٿي وڃڻ، سنڌ جي هر واهڻ، وسندي ۾ ماڻهن جي ذهنن تي اهڙو طوفاني اثر ڇڏيو هو، جو ماڻهن کان ڄڻ پنهنجو ذهن ۽ عقل به ان سياسي طوفان ۾ اُڏامي ويو هو، جيڪو هاڻ کين هٿ ئي ڪون پي آيو!
پنهنجي وڃائجي ويل اها سمجهه ڳولي، ماڻهو اڃا سانتيڪا ئي ڪون ٿيا هئا، ته ڀٽي خاندان جي ٻئي فرد جي شهادت جو وارو آيو، ۽ شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏئي هڪ اهڙي پُراسرار نموني سان قتل ڪيو ويو، جنهن جي خون جو هڪ ڇنڊو به، ڪنهن سرڪاري لباس تي ظاهر ڪون پي آيو!
اهڙي طرح سنڌ جي ڦاهي چڙهيل خودداري کي، هاڻ وري زهر جي ڪفن ۾ ويڙهيو ويو هو ۽ ماڻهن، ڀٽو خاندان جي سياست مان ٻئي فرد جو موت ٻڌو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي واري ڪاوڙ ۾ شاهنواز ڀٽو جي زهر پياڪ موت جي پس منظر ۾ ٻڏتر ۽ منجهاري جو شڪار ڪئي وئي!
ويچاري سٻاجهڙي سنڌ! جنهن جي ساهه سان صدين کان رت جي راند ۾ مُنجهه، ڪُپت، مصلحت ۽ ماٺ گڏ ئي گڏ پي آئي، تنهن کي پنهنجي تاريخي شرافت ۽ امن پسنديءَ واري مصلحت شاهنواز ڀٽو جي حادثاتي هٿرادو قتل به منجهائي وڌو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي واري ڪاوڙ ماٺي ٿي ويس ۽ پوءِ وري به نئون آسرو نئون اتساهه، سندس امن پسند اميد اڃا مُئي ڪان هئي- ۽ بس رڳو موت جي انتظار لاءِ زنده هئي.
هاري، مزدور، ڌرار، ڌوٻي، شاگرد، استاد، عام ماڻهو ۽ عام چؤٻول هئي. “مرتضيٰ ڀٽو ويٺو آهي، دشمن جا هڏ رولي ڇڏيندو-پنهنجو پلاند ڪندو- چون ٿا سڄو پيءُ تي ويو آهي- افغانستان جو ساٿ اٿس- سعودي عرب جي شهزادن هر قسم جي مدد ڏيئڻ جو يقين ڏياريو آهي. انڊيا سان سندس مڪمل رابطو آهي- ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪيس داخل ٿيندو- هي جنرل بس مهمان آهي- مير مرتضيٰ، وڏي ڪنهن سياسي طوفان جي تياري پيو ڪري- سنڌ مان هزارين ماڻهو سندس لاءِ سر ڏيندا!”
سڀ غير سياسي لٻاڙ، ناڪام تجربا، سڀ انومان ۽ سڀ اجايون عام ڳالهيون ۽ سياسي اڳ ڪٿيون.
ويچارو ٻن اکين وارو سنڌي ماڻهو، سندس ٻن اکين وارو نظر به وقت جي جنرل ورهاءِ ڇڏيو.
ماڻهن جي هڪ اک مرتضيٰ ڀٽو ۾ ته ٻي اک ذوالفقار علي ڀٽو جي (پنڪي) بينظير ڀٽو ۾ هئي.
نظرون ورهائجن ٿيون، ته سوچون پاڻهي ورهائجي ٿيون وڃن، ۽ ورهايل سوچون، هر قسم جي سگهه ورهائي، انسان کي ڪمزور ڪري ڇڏينديون آهن.
وقت جي جنرل، ائين سنڌ جي پوري سياسي سگهه، وڏي ڪنهن چالبازي سان ورهائي ٽڪرا ڪري ڇڏي هئي. جنهن ۾ سنڌ جي آزادي پسند قوم پرست سياست، جنهن جو هڪ وار به وقتي جنرل پنهنجي ڪاروباري سياست لاءِ خريد ڪري ڪون سگهيو هو.
تنهن لاءِ هن ڳڙ ۽ وات ٻئي استعمال پئي ڪيا. پر صوفي مزاج قوم پرست اڳواڻ سندس صحيح سڃاڻپ ۾ دير پي ڪئي، جنهن ڪري آزادي پسند قوم پرست سياست واري سرگرمي عام کي سمجهه ۾ ڪون پي آئي.
وقتي جنرل جي مذهبي ادارن ته، جي. ايم. سيد کي مسلماني مان به خارج ڪرڻ جون ڪوششون پي ڪيون ۽ جي. ايم. سيد، سنڌ جي سياست کي تصوف جي آب حيات سان ڌوئي صاف پي ڪيو، سندس سياسي ۽ ادبي تحريرن ۾، شاهه لطيف جي وائي جوپڙاڏو هو، ساميءَ واري سلوڪ جو آلاپ هو، هوشو واريون هڪلون هيون، مخدوم بلاول وارو عشق هو، ننگ تان نثار ٿيڻ وارا سچل سرمست جا سڏ هئا.
يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جي سرڪاري عمارتن تي به جيئي سنڌ واري جهنڊي لهرايو پي ۽ سنڌ جي هاري، مزدور ۽ زميندار طبقي کي پاڻ ڏانهن پي سڏيو، پر سو اهو طبقو هو جنهن ۾ صدين کان بهتر تعليم جي کوٽ هئي، سياسي شعور جي کوٽ هئي، وسيلن جي کوٽ هئي، سماجي اڻ برابري ۽ معاشي بدحالي هئي. سندس سوچون، خواهشون، ارادا ۽ سياسي جذبا سڀ انهيءَ ڪنهن اڻ هوندي واري باهه جا ٻارڻ بڻيل هئا، جنهن ملڪ جي هر جنرل حڪمران جي هٿن کي مضبوط پي ڪيو.
انهن حالتن دوران ملڪ جون مذهبي ڌريون، جنرل جي ضيافت واري سياسي سڻڀ مان، پنهنجي اڻڀي سياست ۾ سگهه پيدا پي ڪئي، جنهن آزادي پسند سياسي قدر گهٽائي، سندس خلاف سنڌ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پي ڪئي.
ملڪ ۾ اسلامي فرقي جي وهابي فرقي ۾ (جنهن کي ترقي پسند مذهبي جماعت سڏيو ۽ سمجهيو پي ويو) تنهن ۾ وهابيت جو جنوني ٻج پوکيو پي ويو ۽ اهو ساڳيو سياسي جنون، ڀٽو خاندان جي جمهوري سياست ۾ به هو، جيڪو ملڪ جي تباهي ۽ انسانيت کي فنا ڪندڙ خطرناڪ عمل هو، جنهن کي وقتي جنرل وڌيڪ طاقتور پي بڻايو.
قربان جي پيءُ، جنهن ڀٽو خاندان لاءِ سياست پي ڪئي، تنهن جا قربان کانسواءِ باقي ٽيئي پٽ ان وهابي فرقي جي تبليغي برانچ ۾ شامل ٿي، انهيءَ جي ڳجهين گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا هئا.
سنڌ ۾ پنهنجن وسيلن وارا چڱا، خاصا زميندار فرد به پيپلزپارٽي کي الوداع چئي، ڪنهن پنهنجي پارٽي پي ٺاهي، ڪنهن سياست ڇڏي ڏني، ته ڪن پيپلزپارٽي کان پنهنجون وفاداريون واپس وٺي، وقتي جنرل جا سياسي ٻولڙيا بڻجي پيا.
ڪي ناظم صلواة بڻيا، ڪي عشر، زڪوات جا چيئرمين بڻيا، ته ڪن، سنڌ جي لاڙ واري سامونڊي پٽي، شاهه بندر ۽ جاتي تعلقن مان زمينون حاصل پي ڪيون.
قربان جي محبوبا، عدن جي پيءُ رانجهن شاهه به ائين سَو کن ايڪڙ زمين هٿ ڪري چڪو هو.
اهڙي طرح، زمينو، عهدا ۽ اڳواڻيون حاصل ڪري، باقي جيڪي رهجي پيا هئا، انهن کي وقتي جنرل ڊرگ مافيا جو اڳواڻ ڪري، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو بزنس مين پي بڻايو ۽ ان ڪاروبار تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ چرس ۽ ڀنگ جي موالين ۾ واڌارو آندو هو.
سڄي سنڌ ۾، جيئن ڳڙ تي مکيون گڏ ٿين، ائين تاريخي سٻاجهڙا سنڌي، زڪوات لاءِ ريل گاڏي جيڏيون قطارون ٺاهڻ لڳا ۽ انهن کي نون آيل ڌارين اڳيان، ائين محتاج بڻايو پي ويو، جيئن آرين سنڌي دراوڙن کي محتاج ۽ مجبور ڪري، دنيا جي در، در جو فقير بڻايو هو.
گل محمد کي به پنهنجن بيوفا يارن پي سڏيو “ڇڏ پيپلزپارٽي کي- اچ عشر جي چيئرميني وٺ-ٺهيو، يونين ڪائونسل جي چيئرمني-ڀلا ضلعي ڪائونسل تي اچ- سرڪاري سياست کانسواءِ ماڻهو تنهنجون مينهون، مال به چورائي ڪاهي ويندا- تون رات جي وقت پنهنجي اوطاق تي به ويهي ڪون سگهندين- ڇارهيو آهي ، پيپلزپارٽي ۾، پيپلزپارٽي هاڻ پنهنجن ماڻهن جو به بچاءُ نٿي ڪري سگهي- ڀٽي خاندان جا پنهنجا فرد به پارٽي ڇڏي ويا.
ڀٽن کي پنهنجي غلط سياست-پئي مارائي-هنن کي شروع کان ئي رڳو پنهنجي سنڌ جي سياست ڪرڻي هئي- هاڻ ته هنن فوجي جنرلن سان دشمني ڳنڍي آهي، اهي سنڌين جون پراپرٽيون تباهه ڪري ڇڏيندا- چريو نه ٿي- پنهنجي بچاءُ واري سياست ڪر- نه ته جي. ايم. سيد وانگر سڄي عمر جيلن ۾ گذاريندين!؟”
پر گل محمد ويچارو، سنڌجي عام ماڻهو جيئان، پنهنجي سياسي مذهب ۾، نه هندو نه مسلمان واري ايمان ۾ ڦسي پيو هو، هو پنهنجن پٽن جي مذهبي ۽ خانداني ڪمزوري محسوس ڪري چڪو هو، ۽ انهيءَ ڪاوڙ ۾ هڪ رات هن پنهنجي پٽ، حافظ امين کي ان جو ذميوار سمجهي، ان کي وڏي تنبيهه ڪئي “حافظ امين، مون اوهان کي ديني تعليم ڏياري، اوهان کي ته جهڙو مون مسلماني مان به ڪڍي ڇڏيو، اوهان پنهنجي دين کي روحاني علم سمجهڻ جي بجاءِ ، مذهب کي سياست سمجهي، پنهنجي نبي صه جي ڏسيل راهه تان به رُلي ويا آهيو- اوهان کان ته قربان ڪيترا ڀيرا ڀلو آهي- هن دين ۽ دنيا جو حوس ڇڏيو، پوءِ به پنهنجي يار جي ياري سان ته سچو آهي ۽ ماڻهن جي ايمان ۾ کيس گمان ڪونهي- ۽ رڳو اوهين آهيو، جو ماڻهن کان پنهنجو اصل ايمان به پيا کسيو- جن ماڻهن کي ٻين جا ايمان نطر ٿا اچن، انهن جو پنهنجو ايمان، پنهنجي خدا جي معاملي ۾ انڌو ٿيو وڃي- مون سمجهيو هو، منهنجي گهر مان هاڻ انسانيت فيض ياب ٿيندي- ماڻهو منهنجن پٽن مان پنهنجي اولاد لاءِ ايمان ۽ نيڪيون حاصل ڪندا- پر اوهان کان ته هاڻ سمجهان ٿو، پنهنجون نيتون به ڪون لڀنديون- سڄي سنڌ، بک ۽ بارود جي باهه ۾ پئي ٻري ۽ اوهان مسلمانن کي به مسلمان ٿيڻ جي سکيا پيا ڏيو، وٺو- ماڻهو ويچارا ڪپڙو ٿا وٺن، ته اٽو ڪون اٿن- اٽو ٿا وٺن ته ٻني، ٻاري جي کيڙي جا پيسا ڪون اٿن- کيڙي ٿا ڪرائن، ته ٻج جا پيسا ڪون اٿن- ٻج ٿا وٺن ته ڀاڻ جا پيسا ڪون اٿن ۽ ڀاڻ ٿا وٺن ته پاڻي ڪونهي!
ماڻهن جي مغز ۾ موت- اکين ۾ لڙڪ ۽ پيٽ ۾ بک جهڙي عذاب اچي ورايو آهي ۽ اوهين انهن سان ڪنهن همدردي جي بجاءِ، موراڳي انهن جي ايمان ۾ به وهم وجهندا گهمو- جڏهن ماڻهن جون اکيون روئنديون هجن- پيٽ ٻرندو هجي- مغز ڪڙهندو هجي- دليون دانهينديون هجن ۽ بي وقت موت سندن اڱڻ تي ويٺل هجي- تڏهن ماڻهو، دين جون ڳالهيون دل سان نه ڌڪار سان ٻڌندا آهن- ڇاٿيو آهي اوهان کي- پنهنجي مذهب کي بدنام ڪري، مسجدون به ويران پياڪريو!؟”
۽ حافظ امين هميشه جيان، نيڪ اولاد وانگر ڪنڌ جهڪائي پنهنجي پيءُ جي ملامت پي سٺي. ڪا ڳالهه کيس ڏکي پي لڳي، ته ڪا ڳالهه وري جهڙو سندس دل جي دڙڪن سان گڏجي پي ويئي.
ڪڏهن، ڪڏهن اجائي گهڻي خاموشي، پنهنجي غلطي کي مڃتا ڏئي، مخاطب کي خفا ڪري ٿي وجهي.
حافظ امين، جي ان وقت به اجائي خاموشي، سندس پيءُ کي خفا ڪري وڌو ۽ ان ڪيفيت ۾ هن حافظ امين کي پنهنجو چيل ڪم ياد ڏياريو.
“توکي ڪيترو چيو اٿم ته، قربان کي وقت ڏي-ڀلي هُو پنهجي فڪر جي درياهه مان تري ڪنهن ڪنڌي اچي ٿيو آهي- پر سندس علم تي سندس فڪر حاوي ٿي ويو آهي- سندس عقلي صلاحيتون، عاجزي ۽ انڪساري جون حدون به ڇڏينديون وڃن- تون سندس ديني ۽ روحاني رهبري ۾ ڪا مدد ڪر؟- پر ان جي بدلي ۾ تون خود به فرقه بازي جي ڦندي ۾ ڦاسندو وڃين- هي اها تنهنجي جوان عمر، جيڪا توکان تنهنجي بهتر عملن جي گهرجائو آهي ۽ تون پنهنجي مڪمل دين کي وري نئين سري سان ٺاهڻ جي جنون ۾، ناحق پيو وقت ضايع ڪرين.
پنهنجي جان کي جهنم ۾ وجهي، دنيا کي دين ڪون سيکاربو آهي- ڪجهه هوش ڪر حافظ امين- پنهنجي عقل، ايمان ۽ عمر جو لحاظ رک!؟”
پر ملڪ ۾ ڇڏيل، وقتي جنرل واري مذهبي جنون، مذهبي ذهنن تي وڏو اثر ڇڏيو هو، فقه جي اڳواڻن کي سرڪاري سگهارين ۽ ڳجهين قوتن جو چيل هو “پيسي ۽ هٿيار جو فڪر نه ڪريو- بس تنظيمي ڪم ڪريو- پاڻکي مضبوط ڪريو- ۽ ان جا نتيجا ڏيکاريو؟”
پر حافظ امين جهڙا نوان مذهبي ننڍڙا ماڻهو، اهڙين اندروني قوتن جي نيتن کان ناواقف هئا، انهن کي ته بس رڳو جهاد جي لفاظي لٻاڙ روحاني سڪون پي ڏنو.
مذهبي اسڪالرن ۽ مفڪرن جون ڳجهون تقريرون ٻڌي، حافظ امين به خود کي ڄڻ جيئري ئي بهشت ۾ پي تصور ڪيو. پر پنهنجي پيءُ جي ان ملامت کانپوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ گهر ويهي رهيو هو- ۽ سندس اٿ، ويهه هاڻ رڳو پنهنجي ڳوٺ واري مسجد تائين هئي ۽ پنهنجي ڀاءُ قربان سان ڪچهريون ڪرڻ لڳو، جيڪو هاڻ رات، ڏينهن واري رياضت کانپوءِ پنهنجي دل جي دريءَ مان ڪنهن روشني جو نظارو ڪري ڪافي تبديل ٿي چڪو هو.
هو پنهنجي فڪري رمز ۾ جٿان ٿي موٽيو هو، ان کي واپسي چئبو ئي ناهي ۽ اتان هن هاڻ جيڪي حاصل ڪيو پي- اهو حافظ امين جهڙي مذهبي ماڻهو جي فڪر ۽ عقل کي حاصل ڪون هو.
هڪ ڏينهن شام جو سج لٿي کانپوءِ، رات پنهنجي اُماس جو پردو جهان کي پي پهرايو ۽ ان جي مقابلي ۾ تارن پنهنجي روشني آهستي، آهستي پي وڌائي. ائين پي لڳو ته، دنيا ۾ اونداهه سان روشني جو مقابلو قيامت تائين قائم رهندو- پر ڪير ٿو کٽي ۽ ڪير هارائي ٿو؟ اهو سوال اُن روشن ضمير لاءِ هو، جنهن دنيا جي انڌير ۾ به پنهنجي انسانيت روشن رکي هئي. ۽ قربان به اهڙي جستجو واروصوفي هو.
انهيءَ شام جو حافظ امين ۽ قربان، ٻئي پنهنجي پيءُ سان گهرجي اڱڻ تي ڪرسيون وجهي ڪچهري ۾ ويٺل هئا. حافظ امين پنهنجي پيءَ جي ڪنهن سوال واري جواب ۾ پي چيو “خداتعاليٰ حضرت آدم کي هن ڌرتيءَ تي پنهنجو نائب ڪري خلقيو ۽ قدرت پنهنجي حڪمت سان پنهنجي هستي کي سندس سمجهه ۾ ئي لڪائي رکي ڇڏيو ۽ سندس ڪيفيت کي اهو ٻڌائي ڇڏيائين ته، انسان منهنجو راز آهي- ليڪن ابن آدم ان معاملي ۾ جاهل ثابت ٿيو- خود کي خساري ۾ وجهي، پنهنجي لاءِ عذاب پيدا ڪري وڌا- دنيا جي حوس هن کي هاڃي ۾ وجهي ڇڏيو- هي پنهنجي حادي جون هدايتون وساري پنهنجي ضروري عقل جي پويان ڊوڙي پيو- هن کي پنهنجي نفس جي لذت ۾ پنهنجي واپسي واري ياد ته رهي ڪان!- چوري، زنا، ڪوڙ، حرام، خون خرابو - هن ظلم جا درياهه واهي ڇڏيا ۽ انتهائي ظالم ثابت ٿيو!”
حافظ امين پنهنجي مذهبي ڄاڻ موجب، دنيا جو هر برو عمل، بڇڙائين ۽ بداخلاقين جو ڪارڻ انسان کي ثابت پي ڪيو، جيڪو قربان جي ذهن تان ناگواره گذريو- هو، عبد ۽ معبود جي وچ ۾ انسان کي بدترين ڪري پيش ڪرڻ جي سخت مخالف هو.
هو حافظ امين جي زباني، انسان تي بيجا لعنت، ملامت واري هلندڙ گفتگو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ سندس ان مذهبي پرچار کي سامهون، انسان جي مان، مرتبي جو بچاءُ ڪندي چوڻ لڳو “پنهنجن اکين هوندي، پنهنجي عقل ۾ پنهنجو خدا ڏسندڙ، او... منهنجا حافظ ڀاءُ- ابن آدم جو سلسلو اڻ کٽ آهي- ڏاهپ جو درياهه به وهي سمنڊ جي صورت اختيارٿو ڪري- ضرورتون اڻ کٽ آهن، خواهش واري سمنڊ جو دنگ، توکي نظر نه ايندو- ضرورتون پُڄن ٿيون، مرن ٿيون، وري ڄمن ٿيون- پرعمرين جي حد مقرر آهي- ان حد تي پهچڻ تائين ويندي، ويندي انسانيت لاءِ، عبد ۽ معبود جي وچ ۾ صرف رڳو وصال جي جستجو آهي- عقل، علم ۽ فهم سڀ پاڻ سان کڻي ان جستجوءَ جي درياهه ۾ لهڻو پوي ٿو- مسجد ۾ گهڙڻ ۽ فڪر جي درياهه ۾ گهڙڻ جو فرق به توکي سمجهه ۾ نه ايندو-عبد ۽ معبود جي وچ ۾ اُهو سودو سودڻو پوي ٿو، جيڪا اصل حقيقت آهي-!
“بندي ۽ خدا جي وچ ۾ گناهه جي ديوار اڏيندڙ، ان هجڙي جي مثال آهي- جنهن کي عورت بڻجڻ جو جنون رهيو آهي- اهو جنون ئي اصل اڻڄاڻائي آهي- ۽ حقيقت کان اڻڄاڻائي، پنهنجي دين ۽ دانائي ٻنهي لاءِ تباهي جو ڪارڻ- قيامت انسان جي گناهن جو نه، بلڪ اڻڄاڻائي ۽ جھالت جو ڪارڻ آهي-!
الله چيو ته، ظالم کي دوست نه رکو-صوفين چيو ته، نفس ظالم آهي- دين جي چور ۽ ٻين پنهنجي نفس جي صلاح سان، انسان کي ظالم چئي، مٿس لعنت.، ملامت وارو ظلم آزاد ڇوڙي ڇڏيو- ۽ ماڻهن عذاب ۾ اچي، دين ورهائي ڇڏيو- اهل ڪتاب وارن شروع ۾ سڀ ڪجهه قبول ڪيو ۽ پوءِ بعد ۾ حضرت عثمان غني جي قتل کان ڪربلا تائين، سندن آزاد نفس خدا تعاليٰ تي ڪوڙ هڻي- پنهنجي نفس جي حڪمراني کي ظالم ثابت ڪيو!
ائين اهو ظلم آلِ نبي تان تلوار وهائيندو سنڌ تائين پهتو- جنهن کي سنڌ جي صوفين، تصوف جي مضبوط ديوار ڏئي، امن، ڀائيچارو محبت ۽ برابري جي درس ذريعي، انسان ۽ خدا جي وچ ۾ انسانيت کي سلامت رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
“پر آلِ نبي جي قاتل تلوار، سنڌ ۾ صوفين جي سرن جو لابارو ڪندي، مخدوم بلاول کان صوفي شاهه عنايت ۽ پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو تائين اڻ ڳڻيا عالم ڪٺا ۽ اڃا به نه سندس اڃ لٿي آهي ۽ نه سندس تيز ڌار ۾ ڪو ڪڪر پيو آه! ۽ اڃا پئي سنڌ ۾ سچ جا پانڌيئڙا ڳولي- جيڪي کيس پنهنجي صدين واري روايتي اڃ ڪاڻ گهربل آهن.
۽ هي سندس اها روايتي مذهبي ويڙهه آهي-جنهن صدين کان اڄ تائين سنڌ جون وسنديون ويران ڪري، انسانيت کي اگهاڙو ڪري پي نچايو آهي- جنهن جو شاهد سنڌودرياه آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڌين تي انسانيت جو بيگناهه رت وهايو ويو!
۽ دين لاءِ، تاريخ ۾ جن ڪلهه ڪا به قرباني ڪون ڏني هئي، سي اڄ سنڌ ۾ صوفين جا سر قلم ڪرڻ لاءِ، دين جا ڌڻي بڻجي- انسانيت ۾ ڪفر جا ڳولائو بڻيل آهن.”
قربان جي ان بحث جو اثر وٺندي، سندن پيءُ گل محمد ڄڻ پنهجين غلطين جو پاڻ اظهار ڪندي ڳالهايو “سچ پيو چوي قربان- هيڻو ۽ ڪمزور موچڙن جي منهن ۾ آهي- اڻ هوند وارن لاءِ انصاف وارو سج اڃا نه مذهبي اڱڻ تان اڀريو آهي ۽ نه حاڪماڻي محل مان - معاشي تنگي ۾ ماڻهو پنهنجا ٻار ٻچا ساڻ کڻي، وڏن شهرن ۾ پنن پيا- بک ۽ بدحالي ماڻهن جا منهن هيڊا ڪري ڇڏيا آهن. ماڻهن جيئي ڀٽو جي نعري ۾ مڙئي ڄڻ ساهه پي کنيو- ان نعري جي سزا ۾ ماڻهن کي اڻ ٻڌو ڪري وقتي جنرل، کين محروميت جي ڌٻڻ ڏانهن پيو ڌڪي- رشوت عام ٿيڻ سان، هر ماڻهو جي حق جي سڃاڻپ مرڻ لڳي آهي- وسيلن جي کوٽ ۾ ماڻهو پاڻ مارڻ کانسواءِ، ٻيو ڪيڏانهن ڀڄي وڃڻ واري واهه کان به محروم آهن- تاريخ ڄڻ پاڻ کي دهرائي پئي- ڪلهه جنهن سنڌ ۾، نير، شورو، مڇي، ڪپڙي ۽ چمڙي جي واپار ۾ پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو هو- اڄ اتي زنده انسان ۽ انسان جي عضون جو واپار عام آهي- علم جي بدلي، وهم ۽ وسوسن ۾ وهاٽيل، علم جي روشني ۽ عقل جي سچائي کان وانجهيل، سنڌ جو ماڻهو اڃا به اهو سمجهي نه سگهيو آهي ته، رات جي انڌاري ۾ ڇڙواڳ ڪتو، چور کي باهي، ڀاڳئي لاءِ ڀاڳ ڇو چيو ويندو آهي. عام توڙي خواص ماڻهو عذابن واري ذلت ۾ روئي، پنهنجون اکيون ته ڌوئي پيو- پر پنهنجي اکين واري ٻولي سمجهه ۾ ئي نٿو-
“چوري، ڦر، نشو، قتل ۽ عصمت دري جي بازار ۾ ته گهمي پيو – پر سندس بکايل پيٽ ۽ ڏکايل دل ۽ خالي هٿ ڪجهه وٺڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي بجاءِ، جهڙو خود کي به وڪڻڻ جي خيال ۾آ هي.
هندو ته، هونئن به امن پسند ۽ ڪفايت شعار ۽ گهٽ خرچائو - باقي ٻيا، تن مان ڪي مسجدن مان دين ۽ عملن جي بجاءِ هٿيار ۽ بارود گڏ ڪرڻ لڳا آهن- ته ڪي وري ڪرسي، عهدو، اڳواڻي، پلاٽ ۽ زمينون حاصل ڪرڻ لڳا آهن- ائين پيو لڳي ته اُهي ماڻهو ڄڻ ظلم جي احسانمندي لاءِ پاڻ آڇيندا وتن!”
گل محمد پنهنجي ٻنهي پٽن جي وچ ۾ پنهنجون سياسي غلطيون به ڄڻ ائين پي دهرايون جيئن ماڻهو پنهنجي غلطين جو درستگيون پاڻ نه ڪندو آهي ۽ پنهنجي بهتري لاءِ، زماني ۽ حالتن جي اميد ۾ پنهنجي عمر عذابن ۾ گذاري ڇڏيندو آهي.
۽ سڄي سنڌ، پنهنجي عذابن واري ڇوٽڪاري لاءِ گل محمد جيئان ڄڻ ڪنهن الهامي قيادت جي اميد ۽ آسري ۾ هئي- ۽ حالتون ائين هيون، جو سج اڀريي کان سج لٿي تائين ڪنهن به ڪنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي ڪان پئي ڪئي- ۽ سج لٿي کان سج اڀريي تائين ته وري ڪنهن، ڪنهن کي سڃاتو به ڪون پي، رات وارا اغوا ڪيل صبح تائين، ديسي دلالن ڪجهه ڀُنگ جي اگهه ۾ وڪڻي پي ڇڏيا ۽ باقي جيڪي بتا، سي سج اڀرڻ ساڻ ڪهي پي ڇڏيا.
ماڻهو جو ساهه ته، مُٺ ۾ به ڪون پي لڪو، شاعر، اديب، مفڪر، دانشور سڀ شاهه لطيف جا بيت وساري خود شاهه لطيف کي سڏڻ لڳا.
فنڪار، سگهڙ، هنر باز ۽ راڳي سچل کي ڳائيندي، وڄائيندي به ننگن تان نثار ٿيڻ واري سمجهه وڃائي رڳو پنهنجي انگ، اوگهڙ سان به نباهي ڪون پي سگهيا.
مذهبي ڌرين ته، سنڌ ۾ سنڌي قوم پرستن کي مسلمان ئي ڪون پي سمجهيو. باقي عوام کي، سياستدانن فوج هٿان ڊوڙائي، ڊوڙائي ٿڪائي وڌو هو.
اُن ٿڪ ۽ خوف ۾، روح راڳن ۾ راضي ٿيڻ بجاءِ روئڻ لڳا هئا- سنڌي شاعرن جي شاعري، شاعر جي رڳو شان تي اچي بيهه وئي هئي.
صوفين کي تصوف واري واٽ، پنهنجي من جي ڪوهيڙي مان صاف نظر ڪون پي آئي!
اديب ۽ صحافي جي ٻولي ته، سنڌ هجي ڄڻ سانڌاڻو پي ٿي!
مفڪر جي فڪر ۾ ڏڪار اچي ويو- ڪنهن کي سمجهه ۾ ڪون پي آيو، ته آزاد سنڌ تي انگريزن جي ڪٽڪ ڪيئن قابض ٿي هئي، جيڪا هاڻ به جنرلن جي حاڪميت ۾ فوجي ڇانوڻين ۾ بيٺڪ بڻيل هئي.
هوند وارا ته، وقتي حاڪم جي دعوتن ۾ ڪون پي ڍاپيا ۽ اڻ هوند وارا پنهنجي اڱڻ تي به، پنهنجو انگ ڍڪي ڪون پي سگهيا!
لعنت اصل ۾ ٻنهي سان پي وڙهي، هڪ تي بک جي لعنت هئي، ته ٻي تي سياسي منافقت جي لعنت سوار هئي، ٻنهي کي آمراڻي سياست، هڪٻئي سان گڏجڻ ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ ئي ڪون پي ڏنو!
ٻنهي ڌرين هڪٻئي کي رڳو تانن، مهڻن تي اچي بيهاريو هو!
وقتي جنرل جي ادارن، پنهنجي وفادارن کي هٿرادو آسودگين جا محل پي ڏيکاريا ۽ سندس وفادارن جا روح پنهنجي ترقيءَ جي حوس ۾ هٻڇي بڻجي پيا هئا.
اوکائي جي وقت، پنهنجي قوم کي، سورن سهڻ جي سوَلي سمجهاڻي ڏيندڙ شاعر ۽ دانشور جي حيثيت جا ڏينهن پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳا هئا.
شاعري مان ڏاهپ حاصل ڪري، ڏکن جي وقت، پنهنجي قوم کي ڏکيائي مان اڪاري پار ڪندڙ شاعر ته، پنهنجي مجازي مرض جي مرحم به ڪري ڪون پي سگهيا!
اديب پنهنجي حاضر دور جو، ادبي اظهار ڄڻ وساري ويٺو هو- ۽ دانشور جي خشڪ سوچ مان رمانوي تبديلي جي اميد به مرڻ لڳي هئي!
وقت جو شعور، مارشل لا جي داٻي ڪلچر ۾ دٻجڻ لڳو هو ۽ ڀاڙيائپ جون بازاريون کلي ويون هيون!
وقت جو استاد، علم ۽ تعليم جي بجاءِ پنهنجي پيٽ ۽ قومي تباهي کي ڊوهڻ لڳو هو!
علم اٽڪل بازي ۽ تعليم رڳو سَند جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي هئي.
اٽي ۾ مٽي، کير ۾ پاڻي، ماکي ۾ ڳڙُ، مرچن سان سرون گڏ پيس ڪري هٿرادو بيمارين جي وبا پکيڙي پي وئي!
واپار ۾ ڪوڙ، تور، ماپ ۾ بدديانتي شامل ٿي وئي هئي.
بي ايماني، بي حيائي ۽ ڀڙوت سان گڏ، هٿرادو بدمعاشيون پيدا ڪيو پي ويون!
ماڻهن کي ملڪ جي اخبارن تان اعتبار کڄي ويو ۽ صحافت جي ساک سڪرات ۾ هلي وئي هئي.
ماڻهن جو باقي جهڙو تهڙو B.B.C جهڙي غير ملڪي خبر رسان اداري تي اچي بيٺو هو.
نوي ڏينهن جو اقرار ڪندڙ جنرل، ملڪ تي يارنهن سال حڪومت ڪري چڪوهو. رات جا اٺ ٿيا هئا ته گل محمد، حافظ امين کي چيو ته “ريڊيو کول ۽ بي. بي. سي لڳائي.”
۽ بي. بي. سي تي ان رات اهم خبر هئي “پاکستان کے صدر جنرل ضیا ءَالحق آج ایک ھوائی حادثے میں فوت”.
يارنهن سالن جي حڪمراني کانپوءِ جنرل حڪمران جون هڏيون هوا ۾ اڏامي چڪيون هيون 17 آگسٽ 1988ع واري تاريخ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڄڻ وري به هڪ نئين آجپي جو سڏ هو.
سنڌو درياهه به ان تاريخ تي، پنهنجي وڏي موج مستي سان، سنڌ جي ٺٽي ضلعي واري سورجاڻي بند ٽوڙي، هُديراڻي ۽ پناهه، ٻئي ٻيلا ٻوڙي ڇڏيا هئا.
ماڻهن وڏي آواز پي چيو “سوڪ کان ٻوڏ ڀلي آهي” ٻڏي جا ٻيڻا ٿيندا- سدائين سوڪ ناهي رهڻي- سدائين اڃ ڪون هوندي- اڄ جنرل جي موت تي، مهراڻ به پنهنجي آزادي جو اظهار ڪيو آهي- هاڻ سالن جا سُڪا، ساوا ٿيندا- ويو ڏڪار ڏيهه مان- ٻجورا سڄي ٻوڙي ڇڏيائين- سجاول برانچ جا بند وڍيو پر سجاول شهر کي بچايو- جيستائين انهيءَ آمر جون رُليل هڏيون گڏ ڪري دفن نٿا ڪن- تيستائين درياهه بادشاهه جي مستي شاهه بندر ۽ جاتي تائين ڪنهن کي سمهڻ ڪون ڏيندي – پاڻي کي گس ڏيو ته حرامي ڍوري کان عربي سمنڊ ڏانهن هليو وڃي- اچو، هاڻ گهرن مان نڪرو- هاڻ لانگ بوٽن وارا ويا- پر پنهنجا وفادار وڏيرا ڇڏي ويو آهي- انهن نانگن جو خيال رکجو- اهي جنرل جي موت جا ڏکايل آهن- انهن جي ڏنگ کان پاڻ بچائجو- اهي پنهنجا ٻچا کائيندڙ بلائون آهن- انهن کان پنهنجا پلاند وٺڻا آهن- اچو، اچو جيئي ڀٽو- جيئي ڀيڻ بينظير-اچو پنهنجي ڀيڻ جا ڀرجهلا ٿيو-!”
ايترو وقت اڃا پراڻو ڪون ٿيو هو، رڳو ڪجهه سال گذريا هئا، اهڙي ساڳي رومانوي جذبات، سنڌ جي خمير مان جنم وٺندڙ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي گهاٽ تائين پهچائي ڇڏيو هو-!
پنهنجي اهڙي جذباتي ڪيفيت ۽ سياسي ڇڙواڳي سان، سنڌ جي سياست ۾ ورهايل سنڌي قوم، تاريخ ۾ اهو ثابت ڪندي آئي آهي ته، پنهنجا اڳواڻ ڪهائي، پنهنجي وجود جي بقا لاءِ ڪمزور پي رهي آهي!
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي قتل کانپوءِ به نه ڀٽو خاندان سياسي نظريو بدلايو ۽ نه سنڌي عوام ڀٽو خاندان جي سياست کان منهن موڙيو هو.
سنڌي عوام ذوالفقارعلي ڀٽو جو ڇڏيل سياسي ورثو، بينظير ڀٽو کي بڻائي، وري بينظير ڀٽو جي سر جي پويان ڪاهي پيا هئا.
وقتي جنرل جي موت کانپوءِ، مير مرتضيٰ ڀٽو به، سنڌودرياهه جهڙي مستي ساڻ کڻي، پنهنجي وطن واپس موٽي آيو هو- ۽ پنهنجي پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي، پيرانديءَ کان بيهه، پنهنجي پيءُ جي ڇڏيل سياسي فڪر ۽ فلسفي ۾ ڪا نواڻ پيدا ڪرڻ جا اقرار ڪري، پنهنجي ڀيڻ بينظير کان الڳ، پنهنجي سياسي راهه اختيار ڪئي! ائين پي لڳو ان اهڙي سياسي ورهاست ڀٽو خاندان کي سياست جي جنگي ميدان ۾، هر هڪ کي اڪيلو ڪري ڪهڻ پي چاهيو، جنهن کي نه سنڌي عوام پي سمجهيو ۽ نه وقت جي سندن رومانوي سياست - سياستدانن جي سياسي ساک ماڻهن جي دلين مان نڪري رڳو اخباري سُرخين جو سونهن بڻجي وئي. ۽ سياست، عبادت جي بدلي خيانت ۽ قومي رسوائيءَ واري حالت بڻجي پئي هئي. جنهن عوام کي اڪيلو ڪري رڳو جيئي ڀٽو جي نعري ۾ ڇڏي ڏنو هو.
_____________