ناول

يار

ناول يار اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ناول جو ليکڪ محترم حيدر دريا زئور آهي. ملاحن انهن جي زندگي، عشق، مذهب، سياست ۽ ٻين گهڻ رخي موضوعن تي مشتمل هن ناول ۾ ڪمال جا مڪالما آهن.

ڪتاب مان ورتل ٽڪرو

“۽ اها حقيقت به تون چڱي طرح ڄاڻندو هوندي ته، حضرت آدم جو گناهه، حضرت آدم جي پيدائش کان چاليهه سال اڳي، اهو توريت ۾ لکجي چڪو هو ۽ حضرت آدم کي ان جو علم نه هو.
عشق ته ابليس به ڪيو، ته آدم به ڪيو ۽ غلطي به ابليس ۽ آدم ٻنهي ڄڻ ساڳي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي بڻيو ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر”
Title Cover of book يار

باب ٻارهون

هنن کي بستا (Creek) جي ڪنڌيءَ تي جنهن هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ اڇلي ڇڏيو هئائون، اُها اتي ڪا ڀارت جي معمولي پوليس پوسٽ هئي. ڪمرو تمام بدبودار ۽ ايترو ننڍڙو هو، جو هي هڪ ٻئي تي ڄڻ چڙهيا ويٺا هئا ۽ ٽنگيون ڊگهيون به ڪري ڪونه پي سگهيا.
اهو اربع جي شام چار وڳي جو وقت. هاڻي خميس جي رات هئي. هنن کان انهيءَ رات نه ڪجهه پڇيو ويو ۽ نه ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ ڏنو ويو.
ناکئو صديق جيڪو هڪ وڻجاري جي حيثيت سان دلير ته هو، سندس دليريءَ تي درياهه ۾ سندس خلاصي فخر ڪندا هئا، پر خطرن جي آمد کان ڪجهه گهٻرائيندڙ هو ۽ سخت بچڙيوال هئڻ ڪري سندس حوصلو ڪجهه ڪمزور هو. سمنڊ جون سختيون ۽ ان جي وير ۽ ورم جون سڀئي ڪيفيتون هن بچپن کان پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪيترن ئي معلم ناکئن سان اندر ٻار ۾ توڙي سمنڊ جا ڪنڌي ڪنارا ڏسندو، سکندو ۽ سهندو آيو هو، پر هاڻ هڪ ناکئي جي حيثيت ۽ سرپرست هئڻ جي ناتي سان، غير ملڪي آفيسرن اڳيان پنهنجي ذهني صلاحيت الئي ڇو ساري نه پي سگهيو.
انهيءَ ننڍڙي ڪمري جي قيد ۾ جنهن ۾ مڇر ڄڻ هنن لاءِ هٿ سان ويهاريا ويا هئا، تنهن ۾ آڌي رات کان پوءِ هڪ خلاقي چيو، “هن کان سٺو هو ته، اسان پنهنجو پاڻ کي درياهه ۾ اڇلي ڇڏيون ها، ته گھٽ ۾ گهٽ هنن ڪمينن جي هن قيد ۾ ڪنا ٿي نه مرون ها”.
پر ناکئي کيس هدايت ڪندي چيو، ”همٿ کان ڪم وٺو يار، نه ته اوهان کي ته خبر آهي، اسان ان مهل سير نهر (Creek) تي انهيءَ هنڌ بيٺل هئاسين، جتان کان ٿوري ئي فاصلي تي پاڪستاني فوجي ڇانوڻي آهي، پر بدنصيب ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهو نصيب وارا ڪونه سڏبا آهن، تنهن ڪري مڙس ماڻهو ٿيو ۽ ڪجهه پنهنجي مڙسي رکو!”
هنن جو اربع ڏينهن چار وڳي کان خميس جي ڏينهن ٽين وڳي تائين پيشاب، پاڻي سڀ بند هو. خميس ڏينهن ٽين وڳي هنن کي ڪجهه کاڌي لاءِ ڏنو ويو، پر سا مانيءَ جي بدلي ڄڻ بک هئي، جنهن کي روح رڙيون ڪري کائيندو هجي، سو ڪنهن کاڌي ڪنهن ڪانه کاڌي. پر ويچارو ڀانڊاري عرس، جيڪو هوڙ تي کاڌي جو رڌ پچاءُ ڪندو هو، جنهن کي سيري مڇيءَ جي ڏنگ ڏينهن جا تارا ڏيکاريا هئا، سو بک جو به ڪانهلو هو، ته کائيندو به ٻين کان گهڻو هو، تنهن اکيون پوري ڍؤ خاطر جڏهن اُها ماني به ڳڙڪائي ڇڏي، ته کيس ڪاڪوس هيڪاندو تنگ ڪرڻ لڳو. ان مجبوريءَ کان هن قربان کي چيو، “يار مون کي هاڻ ڪاڪوس ڏاڍو تنگ پيو ڪري. ڀلا رات کان پيشاب ته همراهن هن ڪوٺڙيءَ ۾ ئي ڪري ڇڏيو آهي، ته پوءِ ڪاڪوس ڇو نه؟!”
سندس انهيءَ خيال تي ناکئي کي ڪاوڙ لڳي ۽ کيس بلائتي ڇڙٻ ڏنائين ته قربان چيو، “ڇو ٿو وڙهين ويچاري سان، آئون ڳالهايان ٿو هنن سان”.
قربان اٿي دروازي مان نظر ٻاهر وڌي، ته ٻاهران سامهون پوسٽ انچارج نظر آيس، جنهن جي شڪل اهڙي هئي، جو ان جو منهن ڏسڻ به هڪ سزا هئي. سندس قد ڊگهو، مٿو به ڊگهو پر ڪياڙيءَ کان ويٺل، ڪن وڏا ۽ پوئتي وريل، منهن ڪارو ۽ اکيون ڳاڙهيون، سندس نسل سمجهڻ ۾ ئي ڪونه پي آيو. عمر لڳ ڀڳ سٺ سالن جي اندر پي لڳي ۽ بدن ۾ گوشت گهڻو هئس. قربان کيس اردوءَ ۾ قيديءَ واري لهجي ۾ چيس، ”سائين اسان رات کان پيشاب ته هن ڪمري ۾ ئي ڪندا اچون، ۽ اسان کان ڪير ڪجهه پڇڻ وارو ئي ڪونهي. اسان ته هن ڪمري جي غلاظت ۾ بيمار ٿي پيا آهيون ۽ اڄ اسان کي ڪاڪوس تنگ ڪيو آهي. اسان انسان آهيون ۽ بيگناهه آهيون. ڪجهه اسان تي رحم ڪريو”.
پوسٽ انچارج ڪرسيءَ تان اتي هنن وٽ دروازي تي آيو ۽ پنهنجي آڪڙيل منهن کي ڦٽائيندي هنديءَ ۾ چوڻ لڳو، “ڪاڪوس اوهان کي تنگ ڪيو آهي…هان؟!”
ايترو چئي وڏي آواز هڪ سپاهيءَ کي سڏ ڪيائين، جيڪو تڪڙو ئي اچي وٽس حاضر ٿيو، جنهن جي هٿ ۾ هڪ ٿلهي بانس جي لٺ هئي، تنهن کي به هنديءَ ۾ چيائين، “هن شهزادي کي ڪاڪوس تنگ ڪيو آهي، هن کي ليٽرين ڏانهن وٺي وڃ، پر ياد رک، هي ليٽرين سان گڏ پيشاب ڪري، ته هن کي اُتي ئي ختم ڪري ڇڏجان!”
سندس اهو حڪم ڀانڊاري عرس ٻڌو ته ويچاري کي اندر ان ڪمري ۾ به موت ۽ ٻاهر به موت نظر اچڻ لڳو، پر قربان سندس همٿ وڌائڻ خاطر چيس، “اٿي وڃ قيدي آهيون، مهمان ڪونه آهيون جو پاڻ سان کلي ڳالهائيندا”.
ڀانڊاري اٿيو ۽ دروازي کان ٻاهر نڪتو، ته سپاهي پويان ڪالر ۾ هٿ وجهي اڳيان ڪيائينس ۽ جنهن ليٽرين ۾ هن کي روانو ڪيائين، ان جي نه ڇت نه دروازو، جڏهن ڀانڊاري اندر داخل ٿيو، تڏهن سپاهي ان کُليل دروازي تي بيهي کيس لٺ ڏيکاريندي چيو، “ڪاڪوس ڀلي ڪر، پر صاحب جو حڪم آهي، پيشاب ڪندي ته هيءَ لٺ ڏسي ڇڏ، پنهنجي گونهه سان گڏ پيو هوندين!”
ليٽرين واري ڪوٺڙيءَ جو فرش سڌو هو، ڪموڊ وغيره ڪجهه نه هو، پائخاني جي نيڪال جي لاءِ بس رڳو سلوپ تي ديوار جي دنگ سان هيٺان هڪ ڳڙکو ٺهيل هو.
هاڻي ڪاڪوس سان گڏ پيشاب نه اچي، اها اهڙي ڪرامت ويچار ڀانڊاري ۾ ته هُئي ڪانه، سو هن جڏهن ڪاڪوس سان گڏ پيشاب ڪيو ته سڌي فرش هئڻ سبب اهو دروازي تائين به اچي نڪتو، ته ٻاهران بيٺل سپاهيءَ جي ان تي نظر پئجي ويئي، تنهن گار ڏيندي چيو، “نيٺ پنهنجي موت کي دعوت ڏنئي، هاڻ ٻاهر اچ… جلدي اچ!”
ڀانڊاري عرس واندو ٿي، ٻاهر اچي بس اڃا سپاهيءَ کي سامهون ئي مس بيٺو، ته سپاهي جيئن هن جي مٿي تي لٺ ورائي، ته هن دل واري پاسي جو بچاءُ ڪندي، کاٻي پاسي ڏانهن ڪنڌ ڪڍائي، ساڄو پاسو ڏنو ته اها لٺ سندس ڪلهي کان هيٺ ٻانهن تي لڳي ۽ ٻانهن جو ٺونٺ کان مٿي ۽ ڪلهي کان هيٺ وارو حصو ڀڄي پيو ۽ پوءِ سپاهي ان ڀڳل ٻانهن کان پڪڙي کيس ڪمري ۾ اچي ڇڏيائين ۽ ويچارو ڀانڊاري جنهن سيري مڇيءَ واري زهر مان مس جان ڇڏائي هئي، ته وري ڀڳل ٻانهن واري عذاب آزار ۾ وجهي ڇڏيس. نه دوا، نه دارون، سچ لهي چڪو هو. رات پئجي ويئي هئي ۽ اها 27 ڊسمبر جمع جي رات هئي. ڀانڊاري ويچاري پنهنجي ڀڳل هڏ واري عذاب کان پي سُسڙاٽ ڪيا ۽ قربان جي دل پنهنجي محبوبا عدن واري انجام کي ساري پي دانهون ڪيون. ان ننڍڙي ڪوٺڙيءَ ۾ ڀڳل هڏ واري عذاب جي دانمهن ۽ پنهنجي دل جي درد کي گڏائي قربان چوڻ لڳو، “خدا سان محبت انسان جي مجبوري آهي، ڇو ته خدا جهڙي خوبصورتي ماڻهوءَ کان نٿي جُڙي ۽ انسان جي صورت جيڪا خدا جي صورت آهي، سا نه ٺاهي سگهيو ۽ خدا، جنهن جي انسان مڪمل سڃاڻپ آهي، سا بس انسان جي صورت ۽ ان جي آباديءَ جيتري آهي”.
۽ وري ناکئي کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو، “ناکئا صديق، هر موسم، هر ماڻهوءَ جي هڪ عمر آهي. گرميءَ واري ڪيفيت، ماڻهوءَ جي خيالن جو ميوو پچائي دنيا کي مفت فراهم ڪندي آهي. بهار جي ڪيفيت خوشبودار خيالن جا گل جهلي، رنگين سوچن کي ڄڻيندي آهي. سرد ڪيفيت ۾ محبت جا گيت، نظم ۽ وايون تخليق ڪندي آهي. ۽ سرءُ جي ڪيفيت، بس رڳو روئڻ ۽ پاڻ پرچائڻ، ريجهائڻ وارو ڦل ڏيندي آهي، جيڪي ماڻهو منهن ويڙهي، پنهنجي جيءَ جي جنازي تي روئندا آهن، اُهي پنهنجي ڄڻ آدميت وڃائيندا آهن. ۽ پر جيڪي ماڻهو لُڙڪن سان منهن ڌوئي ٻين سان کلندا آهن، اُها انسانيت آهي”.
جنهن وقت قربان اهڙي انسانيت تي ويٺي ڳالهايو، ان وقت تائين، بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ واري باغ جي عام شاهراهه تي قتل ٿي چڪي هئي ۽ سڄي سنڌ ماتم ۾ بدلجي ويئي هئي، ۽ ماڻهو ائين رڙيون ڪري پي رُنا، جو ڪجهه وقت ائين پي لڳو ته ماڻهن جي اکين مان وهندڙ پاڻي سنڌ کي به ٻوڙي ڇڏيندو.
آڌي رات ٿي چڪي هئي. جيئن سڄي سنڌ بينظير جي وڇوڙي ۾ سڏڪا ڀري جاڳي رهي هئي، ائين قربان ۽ عدن به هڪ ٻئي لاءِ جاڳي رهيا هئا.
27 ڊسمبر جي ان سرد رات، عدن پنهنجي واعدي مطابق قربان سان ملڻ لاءِ، سنڌو نديءَ جي ڪنڌيءَ سان اُن تڙ تي اچي، قربان جي انتظار ۾ ويٺي هئي. سڄي سنڌ بينظير جي شهادت جو ماتم پي ڪيو، سنڌ جو هر ماڻهو ۽ هر خاندان ان اوچتي حادثي ۾ وائڙو هو. ڪنهن کي به ڪنهن جي ڪا سار ڪانه هئي ۽ پوءِ به عدن پنهنجي محبت کي اهميت ڏيئي پنهنجو گهر ڇڏي پنهنجي قربان جو انتظار ويٺي ڪيو.
سج هميشه وانگر اوڀر کان ئي اڀريو، پر ان ڏينهن وارو سج، پاڻ سان گڏ اهڙو عذاب کڻي آيو هو، جنهن جي ڇوٽڪاري جون اميدون وقت پنهنجي بغل ۾ هڻي ائين گم ڪيون هيون، جو لڳو پي ته هاڻ گل محمد سميت سنڌ جو ماڻهو ملڪي سياست ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندو.
سج اُڀري مٿي اچي سنڌ جي هر خاندان کي جاڳايو هو پر عدن گهر نه موٽي هئي. سندس بسترو خالي ڏسي سڄو گهر پريشان هو. گهر جي نوجوان، ڪنواري ۽ لائق نياڻي گهر مان گم هجي ته آخر اهو راز گهر ۾ ڪيترو رهندو، جنهن مهل سندس پيءُ رانجهي شاهه کي سندس زوجه ٻڌايو، “اڄ پنهنجي عدن نيٺ ڪو پنهنجو فيصلو ڪري ڇڏيو، خبر ناهي ته ڪيڏي مهل گهر مان نڪري ويئي!“
تڏهن رانجهي شاهه جي انڌي يقين ڳالهايو، “هوءَ قربان مهاڻي کان علاوه ڪنهن سان به نٿي وڃي سگهي، پر افسوس ٻنهي کي پنهنجو موت ياد ڇو نه رهيو”.
“موت جي ڳالهه ٿو ڪرين.” زال چيس، “مون توکي ٻڌايو هو ته، هوءَ قربان سان محبت ٿي ڪري، تڏهن توکي سوچي ڪو فيصلو ڪرڻ کپندو هو. هاڻ انهن جو نصيب، ڪو غلط قدم نه کڻجانءِ، نه ته اجايا ماڻهو کلائينداسين”.
پر رانجهي شاهه جو اندر ٻڙڪي پيو هو ۽ پنهنجي ذات جي اوچائي سندس اندر ۾ وڍ وجهي رهي هئي ۽ هن پنهنجا پڪا ماڻهو قربان جي پويان لڳايا ته، “اڄ جو اڄ پڪي خبر کپي ته، هي ڪميڻو قربان ڪهڙن ماڻهن جي معرفت آهي ۽ ڪهڙي پاسي ويل آهي. پر ياد رکجو عام کي اها خبر نه پوي، ته رانجهي شاهه جي غيرت هڪ ڍيڍ مهاڻي جي هٿان پليد ٿي آهي”.
رانجهو شاهه انهيءَ ئي ساڳئي سنڌونديءَ جي ساحلي علائقي ۾ پنهنجي ڪراچيءَ واري سيٺ، عمر ڦلياڻي جي اسمگلنگ واري ڌنڌي جي اڳواڻي ڪندو هو، جتان کان قربان کي ڀارتي نيوي وارا ناکئي صديق جي هوڙي سميت ڏهه ماڻهو پڪڙي کڻي ويئي هئي، جيڪي هاڻ ڀارتي رياست جا قيدي هئا ۽ بستا (Creek) جي ڪنڌيءَ تي هڪ ننڍڙي ڪوٺڙيءَ ۾ پي سڙيا، جتي هنن کي هاڻ ٽيون ڏينهن هو. ان ڏينهن ٽين وڳي ڏهن سپاهين جي نفري سان هڪ آفيسر آيو، جنهن کي ٻه ڦول لڳل هئا. ان آفيسر پنهنجي گاڏيءَ مان لهندي پڇيو، “مڇي مار ملاح ڪٿي آهن؟”
پوسٽ انچارج کيس نمستي ڪندي اشاري سان گڏ گجراتي ۾ چيائين، “سر هي … سامهون!”
اهو آفيسر ان ڪوٺڙيءَ جي دروازي تي اچي بيٺو، ته چار جوان جديد هٿيارن سان ليس ان سان گڏ بيٺل هئا. انهن کي حڪم ڏيندي چيائين، ”هنن کي هينئر ئي هتان کڻو ۽ جام نگر جيل تي پهچايو. پر خيال سان، مون کي ڪا شڪايت نه ملي!“ آفيسر جي گفتگو دؤران هنن رڳو ڄام نگر جيل وارا لفظ سمجهيا، باقي هنن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. آفيسر ائين چئي ڪا ضروري لکپڙهه ڪري واپس هليو ويو ۽ اُهي چار نوجوان سپاهي، پوسٽ انچارج سان لکپڙهه ڪري، انهن ڏهن ئي همراهن کان صحيحون وٺي، ۽ پوءِ سندن اکيون ٻڌي سڀن کي گڏيل هٿڪڙي سان بڪتر بند گاڏيءَ ۾ چاڙهي ڄام نگر جيل ڏانهن روانا ٿيا. تقريبن ٽن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ هنن هڪ شهر جي وڏي هوٽل اڳيان گاڏي بيهاري. هنن کي گاڏيءَ مان لاٿائون، پر هاڻ هنن جون اکيون کولي ڇڏيائون ۽ جوڙي جوڙي سان هٿڪڙي هنئي. سج لهي چڪو هو. شهر ۾ رنگين رونق ۽ ماڻهن جي چڱي چهل پهل هئي. پوليس جو هنن سان رويو بهتر ۽ سٺي سليقي وارو هو. جنهن مهل هنن کي هوٽل جي طرف وٺي پي ويا، ته ان مهل ان هوٽل اڳيان هڪ شهريءَ هنن کان پڇيو، ”اوهان سنڌي آهيو؟“ هنن جڏهن ڪنهن کي سنڌي ڳالهائيندي ٻڌو ته سندن مرده روح ۾ ساهه پئجي ويو.
هي گجرات شهر هو، جنهن ۾ سنڌين جي آبادي وڏي تعداد ۾ هئي. ان سنڌي ڳالهائيندڙ شهريءَ کي ناکئي چيو، ”ها! اسان سنڌي آهيون ۽ اسان کي عربي سمنڊ جي سنڌ واري علائقي مان پڪڙي کڻي آيا آهن.“ تڏهن هن سپاهين کي چيو، “هي ته تمام بکايل پيا لڳن. هنن کي کارايو پياريو ۽ ان جو بل مان ادا ڪندس”.
ان مهل سپاهي، ائين هائوڪار ڪئي، جو ائين لڳو ته، ڀارت ۽ سنڌ جي پوليس ۾ بس رڳو اهو فرق هو، ته ڀارت جي پوليس جو رويو ان مهل بهتر هو، باقي رشوت جي بازار هڪ جهڙي پي لڳي. جڏهن اهو سنڌي، انهن سان گڏ هوٽل تي چڙهيو، ته ٻه سنڌي نوجوان ٻيا به هنن سان اچي مليا، ۽ پوءِ ٽنهي گڏجي، هنن جي ضرورت مطابق، هنن جي خدمت چاڪري ڪرڻ شروع ڪري ڏني، سواءِ نوان ڪپڙا وٺي ڏيڻ جي. باقي ماني، چانهه ۽ سگريٽ ٻيڙي کان روڪڙ تائين سندن مدد ڪيائون. ويچارو ڀانڊاري جنهن پنهنجي ڀڳل ٻانهن سان عذاب پي کاڌا، جيڪا هاڻ ڪڙهي، ڪِني ٿي خراب ٿيڻ واري هئي، ان جي به هنن ملم پٽي ڪرائي کيس دوا دارون وٺي ڏني هئائون.
جنهن وقت هنن هوٽل تي ماني ويٺي کاڌي، ان مهل تائين اڃا سنڌ ۾ بينظير جي شهادت جو تڏو وڇايل هو. ۽ جيئن ڏهه ڄڻا هڪ ننڍڙي بدبودار ڪمري ۾ ٽي ڏينهن سڙيا هئا، ائين سڄي سنڌ رڳو باهيون هئي، آفيسون، بئنڪون، ٿاڻا ۽ سرڪاري بلڊنگون وغيره سڀ دونهين ۾ ويڙهيل هئا، ۽ شهرن ۾ عام ڦرلٽ ائين هئي، جيئن تاريخ ۾ ٺٽي شهر کي ڦري لُٽي سڄو جلايو ويو هو. گل محمد به بينظير جي شهادت سان گڏ جهڙو پنهنجي پٽن جو تڏو وڇايو ويٺو هو. عام طور تي ڏٺو پي ويو ته، سنڌي ماڻهن جو روئڻ پٽڻ ٽن ڏينهن تائين، يا وڌ ۾ وڌ ڏهه ڏينهن. ڪربلا جي قضيي جا چاليهه ڏينهن به بس عقيدي جي ڪري کيس ياد رهن ٿا. اهڙي طرح بينظير جي شهادت واري ڏک ۾ سڄي سنڌ ۾ جيڪو تڏو وڇايل هو، تنهن جو هاڻ ٽيجهو مڪمل ٿي چڪو هو ۽ دعائون پڙهي ڀٽو خاندان جي ان آخري ڏک وارو تڏو هاڻ هميشه لاءِ ويڙهيو پي ويو. ائين پي لڳو ته، هاڻ سنڌ ۾ نه ڪنهن ڀٽو خاندان جي فرد لاءِ ڏک ۾ تڌو وڇائبو ۽ نه ڀٽو خاندان جي سياست ۾ شهيد ٿيندڙ لاءِ ڪو سڄي سنڌ ۾ تڏو وڇايو ويندو.
ائين ٽن ڏينهن کان پوءِ سنڌ ۾ ٻرندڙ باهه به ٺرڻ شروع ٿي ويئي ته بينظير جو ارمان به ڳڙهي خدا بخش تائين اچي، هاڻ ڀٽو خاندان جي سياست جو آخري باب ڄڻ بند ٿيڻ وارو هو. پر رانجهن شاهه، جنهن کي پنهنجي نوجوان نياڻي عدن جو اڃا لاش به ڪونه مليو هو، ۽ قربان جو به ڪو ڏس پتو هٿ ڪونه آيو هئس، سو تنهن جي اندر واري باهه گهٽجڻ جي بجاءِ، کوريءَ جيان بند ٻاڦ ۾ ٻري رهي هئي. گهڻي هڻ مار ۽ وٺ وٺان کان پوءِ کيس رڳو اها خبر ملي ته، ”بينظير ڀٽو جي شهادت واري رات کان ٽي ڏينهن اڳ ۾، قربان صوفي صالح محمد جي اوطاق تي ترسيل هو ۽ اتان کان پوءِ هو ڪنهن هوڙي تي چڙهي، عربي سمنڊ ۾ ويل آهي”.
جڏهن کيس خبر پيئي ته، قربان عربي سمنڊ جي طرف ويل آهي، ته اُتي قربان کي هٿ ڪرڻ هن لاءِ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه هو، پر هن کي شڪ هو ته، هُو ضرور ڪنهن ناکئي جي معرفت ڪراچيءَ ۾ ئي ڪٿي رهيل آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ ابراهيم حيدري يا فشري يا منهوڙو کان ٻاهر نه هوندو. تنهن ڪري هن ڪراچيءَ کان شاهبندر تائين پنهنجا سڀ واسطا استعمال ڪيا ۽ ڪراچيءَ کان شاهبندر تائين هر ناکئو قربان جو پڇائو هو. آخر انهن کي اُهو ناکئو مليو، جيڪو درياهه ۾ پنهنجو رؤن پورو ڪري اربع جي ڏينهن واپس جنگيسر تڙ تي پي آيو، جنهن ناکئي صديق سان عليڪ سليڪ ڪئي هئي. تنهن به کين رڳو ايترو ٻڌايو ته، “مون ناکئي صديق کي ڪاجر نر (Creek) تي بيٺل ڏٺو هو. مون کي شڪ ٿو پوي ته هو اندر ٻار ۾ چڪر تي ويو هوندو. پر ان کي اڄ ڏهون ڏينهن ۽ واپس نه آيو آهي ته پوءِ پڪ سان هو ڪٿي خراب ٿي بيٺل آهي، يا ڪو ٻيو مسئلو آهي، ڇو ته ناکئي صديق وٽ اڄڪلهه پنهنجي واڻ ۾ رڇ کُٽل آهن ۽ ٻيو ته هو هاڻ هفتي کان وڌيڪ ڏينهن جو رؤن هڻندو ئي ناهي. ضرور ڪو معاملو آهي”.
رانجهي شاهه کي جڏهن اها خبر ملي، تڏهن قربان جي وڌيڪ تصديق لاءِ، ناکئي صديق جي گهر تائين پڇا ڪرائي، جتان کيس اهو پڪو احوال مليو ته، ”ناکئي صديق جي سڄي برادري خود ناکئي لاءِ پريشان آهي ۽ نه رڳو ناکئي صديق لاءِ پر ان سان گڏ صوفي صالح محمد جو مهمان، قربان ملاح جي نالي سان نوجوان عمر وارو ماڻهو به سندس هوڙي تي چڙهيل هو، پر انهن جي هاڻ ڪا قال نڪو قيل. خبر نٿي پوي ته هو ڪڄاڙي لاءِ ۽ ڪٿي رنڊيا آهن!”
انهيءَ خبر رانجهي شاهه کي ٻن ذهنن ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪڙو ته هن کي ڪراچيءَ جو شڪ اڳ ۾ هو ۽ ٻيو هن جڏهٿن ڪاجر نهر (Creek) جي معاملي تي سوچيو، تڏهن هن کي اهو به وهم ٿيڻ لڳو ته، “ٿي سگهي ٿو، هو ناکئي صديق جي معرفت سرحد پار ڪري انڊيا هليو ويو هجي!” تنهن ڪري هن کي سرحد جي معاملي ۾ به پنهنجي اسمگلنگ واري ڪاروباري لائين کي به استعمال ڪرڻو پئجي ويو. ان لاءِ هن پاڻ ڪراچي وڃي پنهنجي اسمگلر سيٺ عمر ڦلياڻيءَ کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي ۽ اداڪاري ڪندي پنهنجي نوجوان نياڻي عدن جي معاملي ۾ واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙي، روئي به ڏنائين. سندس اهڙي دکدائڪ معاملي تي، سندس اسمگلر سيٺ يقين ڏياريو ته، “اهو ماڻهو رڳو انڊيا نه پر، ايران، افغانستان، ملائيشيا يا ڀلي دبئي ڇو نه وڃي لڪي. اُهو پاڻ کي ڪٿي به لڪائي نه سگهندو.” سندس ان اسمگلر سيٺ اهڙو يقين کيس اهڙي انداز ۾ پي ڪرايو، جو ڄڻ ته هُو پنهنجن ستن پيڙهين کان اهڙي غير ملڪي ڪاروبار سان لاڳاپيل هو.
اهڙو غير ملڪي ۽ غير قانوني ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو، پنهنجي ان ڪاروبار سان لاڳاپيل ملازم توڙي پنهنجي تعلق وارن ماڻهن کي پنهنجي بس ذاتي مقصد تائين رکندا آهن. ان کان وڌيڪ، انهن لاءِ کين ڪو ٻيو لاچار نه هوندو آهي، نه انسان دوستي، نه سماجي تعلق ۽ نه رشتيداري جي اهميت ۽ ان حقيقت کان رانجهو شاهه چڱي طرح واقف هو ۽ خود پاڻ به اهڙي خود غرض ذهن وارو ماڻهو هو. تڏهن ته اداڪاري ڪري، پنهنجي سيٺ اڳيان روئي ڏنائين، جو کيس خبر هئي ته چوراڻي زندگيءَ جي مالڪي ڪندڙ بس شيطان جي مائٽيءَ ۾ رهي ٿو.
شايد اهڙا ماڻهو شيطان اڳيان ئي روئڻ سکيا آهن، جن لاءِ پيار، محبت، عشق ۽ انسانيت بس رؤنشو ئي رهيا آهن. توڻي جو انسان جو اول ۽ آخري وارث خدا آهي، پر اول ۽ آّخر جي وچ ۾ عظيم انسان پنهنجي عمر جو رشتو محبت سان جوڙي رکندا آهن ۽ موت تائين سندن مالڪي عشق ڪندو آهي.
۽ اهڙي رشتي کان محروم ماڻهن جي مالڪي، ذلت ڪندي آهي، جن پنهنجي عمر ۾ هميشه محبتون شهيد ڪيون آهن!
رانجهي شاهه به هاڻي قربان ۽ عدن جي اهڙي شهادت لاءِ تياري پي ڪئي. هن کي هاڻ پنهنجي ڌيءَ به زندهه ڏسڻ جي نيت ئي ڪانه هئي ۽ نه قربان جو جياپو هن کي پسند هو. هن هاڻ قربان جي پيءُ گل محمد کي قربان جي زندگيءَ کان لاتعلق ٿي وڃڻ وارا دٻاءُ پي استعمال ڪيا، جيڪو هاڻ ويچارو خود به پنهنجي نوجوان پٽ ڪنهن تڪرار جي ضد ۾ وڃايو ويٺو هو ۽ ٻيو سياسي حوالي کان به، بينظير جي شهادت کان پوءِ، پنهنجي سياسي اعتماد کي پنهنجن ئي هٿن سان ڄڻ پاڻ گھُٽا ڏيئي قتل ڪري، سياست تان هٿ کڻي، پنهنجي مڪمل زندگي هارائي ويٺو هو، جنهن ۾ سندس سياست سان گڏ گهر به اجڙي چڪو هو. ائين به ڪونه هو ته ڪو هن سان پنهنجي قسمت وفا نه ڪئي، نه ائين نه هو. هن سڄي عمر سياسي مفادن کان هٽي پري ڀٽي خاندان جي عشق ۾ سياست ڪئي هئي، جنهن جي فلسفي جي آخري باب، بينظير جي شهادت تي اچي پنهنجو سياسي معراج ماڻي، اهو واضح ڪري چڪي هئي ته، سنڌ جي غلام قوم پنهنجا عظيم اڳواڻ ڪُهائي، رڳو پنهنجو سر بچائڻ سکي آهي.
جيئن اڪثر دانشور چوندا آهن ته، سياست جو ڪو نتيجو ئي ناهي هوندو!
ائين سنڌ جي سياست جو ڪو ڪتاب ته ڇا پر ڄڻ ڪو مڪمل باب ئي نه هو. بس رڳو چورن، لوفرن، قاتلن ۽ اسمگلرن لُٽيرن جو راڄ، جنهن جي لاءِ ايڪو اتحاد ۽ پيار محبت وغيره سڀ ڄڻ پئسن سان خريد ڪرڻ واري ڪا بازاري جنس هئي، جنهن کي ضرورت جي وقت خريد ڪريو، پنهنجو مطلب ڪڍو، پنهنجو ذهني سڪون ۽ پنهنجو شخصي وقار قائم رکو. ان کان وڌيڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته ان کي فنا ڪريو. جيئن عدن ۽ قربان جي محبت مان رانجهي شاهه کي پنهنجي غيرت فنا ٿيندي محسوس ٿي ته هن هڪ ڏينهن گل محمد جي اوطاق تي اچي پنهنجي نيت جو مقصد پڌرو ڪندي چيو، “گل محمد، مون کي هاڻ پنهنجي نوجوان ڌيءَ جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي پنهنجي اهڙي نالائق ڌيءَ جي بڇڙائيءَ کي گهر ۾ رکي پنهنجو سڄو گهر بڇڙو ڪندس، پر ان جو اهو مقصد ناهي ته مان تنهنجي قربان بابت به ائين پيو سوچيان. ان لاءِ توکي بس ڪا پاڙي جي غيرت آهي، ته تون باغيرت پيءُ جي حيثيت سان پنهنجي بي غيرت پٽ کان لاتعلق ٿي وڃ. مون توکي اڳ ۾ چيو هو ته، پنهنجي پٽ کي سمجهاءِ، اسان اهل بيتن ۾ اکيون نه وجهي، پر توکان پنهنجو نالائق پٽ سنڀاليو نه ٿيو ۽ هن آخر اسان اهل بيتن جو زنانو جنازو اگھاڙو ڪري ڇڏيو”.
رانجهي شاهه ان وقت پنهنجي اهڙي شيطاني ڪيفيت ۾ پي ڳالهايو، جو گل محمد کي بار بار اهو خيال پي آيو ته، سندس زبان ۾ هٿ وجهي پٽي وٺان، پر هن کيس سيد سمجهي احترام پي ڪيو ۽ ٻيو ته پنهنجي تڏي جي عزت رکڻ سنڌي سماج جي هڪ عظيم روايت رهي آهي.
بنا ڪنهن ثابتي ثبوت جي رانجهي شاهه اهڙو اڍنگو ويٺي ڳالهايو، جو هن پنهنجي عدن جي ٻانهن، قربان جي هٿ ۾ ڄڻ اکين سان ڏٺي هئي.
هن گل محمد جي صبر ۽ سهپ کي لئدي، وري به پنهنجي بداخلاق لهجي ۾ چيو، “گل محمد! تون هڪ سياسي ماڻهو رهيو آهيان، پوءِ به جيڪڏهن ماڻهو تنهنجي اوطاق تي ويهي، توکي چون ته، رانجهي شاهه جو فلاڻو مريد، روز تنهنجي لائق نياڻيءَ کي چميون ڏيئي، ان جي ڇاتي مهٽيندو آهي ۽ رات جو روز گڏ سمهندو اٿس، ته اوهان مهاڻن لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، پر منهنجي خيال ۾ تنهنجي مهاڻڪي غيرت ائين ضرور سوچيندي، جيئن اڄڪلهه منهنجي سوچ تنهنجي قربان بابت آهي!”
“سائين رانجهن شاهه!” گل محمد پنهنجون اکيون پوري چوڻ لڳو، “بنا ڪنهن ثابتي ثبوت جي، جيڪي تو ڳالهايو آهي، ان حساب سان جيڪڏهن مون وٽ، منهنجي غيرت لاءِ، اوهان سيدن جي گناهه جو ڪو ثبوت هجي، تڏهن به آئون اوهان جي پاڪن بابت ائين نه ڳالهائيندس. برابر آئون مهاڻو آهيان، پر ماڻهو آهيان ۽ اهل بيتن لاءِ مون کي احترام اهي. خبر ناهي ڪهڙي بنياد تي اسان کي ڪمينو سمجهي اها دعويٰ پيا ڪريو ته، اهو گناهه قربان ئي ڪيو آهي. جڏهن ته قربان ۽ حافظ امين منهنجا بااخلاق پٽ اهن، ۽ رات ڏينهن انهن جي ڳولا ۽ پريشانيءَ ۾ سڄي گهر جو کائڻ پيئڻ وَههُ ٿي ويو آهي. اڄ ٻارهون پندرهون ڏينهن آهي ۽ هيستائين مون کي قربان بابت جيڪا معلومات آهي، ته ان مطابق هو تنهنجو گناهگار ناهي، پر جيڪڏهن تو وٽ سندس اهڙي گناهه جي ثابتي آهي، ته توکي سندس قتل جائز آهي، پر .... سندس فوتي جسم جو وارث آئون ئي آهيان”.
“تنهن جي معنيٰ ته منهنجي دعويٰ ڪوڙي آهي، ۽ تون هن مان لادعويٰ نه ٿيندين!؟” رانجهي شاهه چيو.
“ڪهڙي بنياد تي پنهنجي پٽ کي حرامي چئي، هن مان هٿ ڪڍان رانجهن شاهه! اسان يورپي ناهيون، جو عياشي ڪري اولاد ڄڻيون ۽ پوءِ انهن کي حرامي چئي هٿ ڪڍي ڇڏيون. اسان سنڌي آهيون، ننگ تان نثار ٿيڻ اسان جي تاريخ آهي!”
“ها! هرڪو پنهنجي ننگ لاءِ پيو سر سانڍي، ۽ پاڙي ۾ ڪنهن جو ننگ اگهاڙو ڪري، ان جي غيرت کي راڄن ۾ رُلائڻ، اها الئي ڪنهن جي تاريخ آهي… ڏس گل محمد! منهنجي ننگ جي معاملي کي سياست جو رنگ نه ڏي. منهنجي غيرت کي سياست جو شهر نه گهماءِ، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو، ته ان جا نتيجا توکي سمجهه ۾ به ڪونه ايندا”.
“جيڪا تنهنجي گفتگو آهي، ان حساب سان مون کي ائين پيو لڳي ته، توهان ان سڄي معاملي جا نتيجا، بس رڳو پنهنجي ئي ارادي مطابق ڏسڻ پيا چاهيو، انهيءَ ڪري جو، توهان جي نظر ۾ اسان مهاڻا آهيون ۽ دنيا جا سڀ گناهه اسان جي نصيب ۾ لکي ڇڏڻ آسان آهن. منهنجو ته اهو خيال هو ته، هاڻ اسان گڏيل طور ان معاملي جي ڪوشش وٺون، پر توهان جو ارادو، پنهنجي مرضيءَ مطابق نتيجا وٺڻ آهن ته ٺيڪ آهي.” گل محمد چيو.
“اڇا، تنهنجي مرضي آهي ته مان پنهنجي غيرت جي يار جو خاندان اڳواڻ ڪري ۽ پوءِ راڄن ۾ رُلي، پنهنجي عزت فقيرن وانگر، راڄن کان پني وٺان. تون ڇا ٿو سمجهين، آئون ايترو ڪمزور آهيان ۽ قربان کي سڀ ڪجهه ڦٻي ويندو. آئون تو وٽ تنهنجي اوطاق تي هلي آيو آهيان، ته ان جو اهو مقصد نه سمجهه، ته اوهين منهنجي لڄ جا وارث ٿي ويا ۽ اهل بيتن سان اوهان جي عزازت ٿي ويئي. توکي مون پهريان به ٻڌايو ته، مون کي هاڻ پنهنجي ان نالائق ڌيءَ جي رشتي جو ڪو به لاچار ناهي، پر مون پنهنجي غيرت کان رشتو ڪونه ٽوڙيو آهي. منهنجي نالي، ناموس جو جيڪو جنازو تنهنجي قربان ڪڍيو آهي، اُهو ان کي مان آسانيءَ سان دفن ڪرڻ نه ڏيندس، ۽ مون چاهيو پي ته ان جي بدلي ۾ کيس دفن ڪندس. پر هاڻي لڳي پيو، سندس پورو خاندان دفن ڪرڻو پوندو!”
“سائين رانجهن شاهه…!” گل محمد چيو.
“ڪجهه نه ٻڌندس هاڻي، سڀ ٻڌم ۽ سڀ ڪجهه سمجهيم. تنهنجي نيت ۾ ته، رانجهن شاهه ايف.آءِ.آر ڪٽائيندو ۽ پوءِ مان سياسي راند ڪري، وڏي صفائيءَ سان پاڻ کي آجو ڪري ويندس. پر اها توکي ڀُل آهي گل محمد. ننگن تان نثار ٿيڻ اسان جي تاريخ آهي، ته پلاند پراڻا ناهن ٿيندا، اها به اسان جي تاريخ آهي. مان ڪيس ڪري، هن ملڪ جي رشوت خور قانون کي، پنهنجي غيرت جهڙو ننگ ڪونه وڪڻندس. مان ته مُئي سمجهي ساسائي ڇڏي آهي، پر هاڻ ڏسان ته تون پنهنجي بااخلاق اولاد لاءِ ڪهڙيون قربانيون ٿو ڏين؟!”
“سائين رانجهن شاهه…!” گل محمد چيو.
“رانجهو شاهه چئو مونکي. تنهنجي قربت جي هاڻ ڪابه ضرورت ناهي. مان وڃان ٿو، پر انتظار ڪجانءِ منهنجو، ڇو ته تون پنهنجي فوتي پٽ جي جسم جو وارث آهين ۽ مان سندس سر جو گهورو آهيان”.
هڪ لائق نياڻيءَ واري اهڙي معاملي ۾، پيءُ جي حيثيت سان هر ماڻهوءَ جو اندر ائين ئي ڪڙهندو، جيئن رانجهن شاهه جو دماغ قربان جي ساهه جي نس ڪپڻ لاءِ ڪڙهي پيو هو، جنهن قربان سان گڏ نوڄڻا ٻيا به ڀارت جي ڪنهن جيل ۾ بيگناهه پي سڙيا. هاڻ ان معاملي کي سترهون ڏينهن ٿيو هو ته، رانجهو شاهه ڪراچيءَ جي ابراهيم حيدري ڳوٺ ۾ ڪنهن ناکئي سان، ان معاملي تي ويٺي ڳالهايو ته سندس موبائيل فون تي رِنگ وڳي. هن نمبر چيڪ ڪيو ته اهو سندس اسمگلر سيٺ عمر ڦلياڻيءَ جو هو. هن هڪدم ان سان ڳالهايو ته هن کيس ٻڌايو، ”توهان واري معاملي جو ڪجهه پتو پئجي ويو آهي، اچو ته اوهان کي روبرو ٻڌايان”.
ان خبر ٻڌڻ ساڻ، رانجهي شاهه کي ڄڻ، درياهه ۾ ٻڏل پنهنجي غيرت جو جنازو لڀي پيو هو ۽ هاڻ رڳو بس ان جي ڪفن دفن جو انتظام ڪرڻو هئس، سو پنهنجي ان ڪاميابيءَ جي مرده حسرت کڻي پنهنجي سيٺ ڏانهن روانو ٿيو. سندس ان سيٺ جي بنگلي تائين ٽئڪسي ڪار کي مُني ڪلاڪ جو فاصلو هو. هي اوڏانهن ويندي رستي ۾ سوچيندو ويو، ”هوندا ته هاڻ ٻئي هٿيڪا”. پنهنجي ڌيءَ عدن لاءِ هن سوچيو، “هڪ اولاد جي حيثيت ۾ هُن کي مان ڪٿي ۽ ڪيترو وقت به رهائي لڪائي سگهان ٿو”.
۽ قربان جي باري ۾ هن سوچيو، “باقي مُهاڻي کي ته مان ڪراچيءَ جي ڪنهن جيل ۾ به مارائي سگهان ٿو ۽ پوءِ سندس جنازو ڪنو ڪري ڪنهن طرح سان، پڻس ڏانهن روانو ڪري ڇڏيندس”.
پر وري سوچڻ لڳو، “پوليس کان ڇو مارايان ۽ لاش واپس ڇو ڪريان. هي ايڏو عربي سمنڊ پيو آهي. هن ۾ سڄي دنيا اڇلي ڇڏجي، تڏهن به ڪر ماڻهوءَ جي هڏي به هٿ نه اچي ۽ نه وري اهڙي قتل جي ڪائي پڇا ۽ نه پريشاني!”
دنيا ۾ اهڙا ڳڻڻ کان ماڻهو گهڻا آهن، جيڪي پنهنجي ڏوهاري خيالن سان، پنهنجي مخالف ماڻهن کي روز قتل ڪري پنهنجي گنهگار نيت ۾ لڪائي روز اهڙو خيالي گناهه ڪندا آهن.
هي ڪيڏو نه عجيب انسان آهي، جتي سندس وس ۽ وسيلا کُٽي ٿا پون ته اتي پنهنجي خيالن جي بندوق سان، مخالفن جا سينا پروڻ ڪري، پنهنجي انا کي انساني رت جو آسرو ڏيئي، دنيا ۾ پنهنجي گنهگار ڏاڍ مڙسي کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪيڏا نه خلقڻهار جا هن خلق تي احسان آهن، جنهن انسان کي خيالن جي خوني راند ۾ به پاڻ جيئڻ جا جتن سيکاري ڇڏيا.
دنيا ۾ انسان پنهنجن خيالن ذريعي حسرتون حاصل ڪندو آهي، پر خيال ۽ عمل جيڪڏهن الڳ نه هجن ها، ته ڌرتيءَ تي اڄ انسان جو نالو به باقي نه هجي ها! پر انسان جي سلامتيءَ لاءِ، قدرت جي اها ساراهه عظيم آهي ته، دنيا ۾ هر ماڻهوءَ جي صورت الڳ آهي ۽ جيتريون دنيا ۾ انسان جون صورتون آهن، اوترا خيال هڪڙي انسان جي دماغ ۾ رکي ڇڏيا اٿس، جيڪي انسان جي جيءَ سان روز وڙهن به ٿا، روئاڙين به ٿا، خوب کلائين به ٿا ۽ سوچن ذريعي خيالي خون ڪري پنهنجي عمر جي دشمن تي فتح حاصل ڪري، ڏکيا ڏنگا رستا سڀ ان منزل تائين پهچائين ٿا، جتي سندس آخري خيال، موت، جنهن سان وڙهندي سڄي عمر جي جيت هارائي ويهندو آهي، پر پوءِ به خالق انهيءَ انساني خيال کي اهڙو ته مضبوط ڪري خلقيو آهي، جو هزارن جي موت کي ڏسي، هن انسان پنهنجي هار قبول ناهي ڪئي، ۽ اِهو پاڻ جيئڻ ۽ جيئارڻ وارو صحتمند خيال آهي، جنهن دنيا کي اڄ تائين زندهه رکيو آهي.
اهڙي طرح رانجهو شاهه به پنهنجي وقار جي بقا لاءِ قربان جو خيالن، خيالن ۾ قتل ڪندي، سندس هڏ عربي سمنڊ ۾ ڳاريندي جڏهن پنهنجي اسمگلر سيٺ جون ڳالهيون ٻڏائين، تڏهن وري به سندس هڏ ڳرڻ لڳا.
هن کي پنهنجي سيٺ ٻڌايو، ”شاهه صاحب، تو جيڪو نالو ٻڌايو هو، قربان ولد گل محمد ملاح، اِهو ماڻهو ته هن وقت ڀارت جي ڄام نگر جيل جو قيدي آهي!”
تڏهن رانجهي شاهه حيران ٿيندي پڇيو، “ڄام نگر جيل ۾؟”. “ها! ۽ اها غلط خبر ناهي، پر ان سان گڏ ته نو ڄڻا ٻيا به آهن”.
رانجهي شاهه جي خيال ۾ ته، عدن به ته اوستائين ويئي هوندي. هن گهر ڇڏڻ کان پوءِ قربان سان هٿ ڪونه ڪڍيو هوندو. اهو سوچيندي، هن پنهنجي ملازم واري حيثيت وساريندي پڇيو، ”پر اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟!”
“اهو هيئن آهي ته، جنهن رات محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي، ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، ڀارتي نيوي وارن هڪ هوڙو پڪڙيو هو، جيڪو ناکئي صديق جو چيو پيو وڃي. ان هوڙي ۾ ٽوٽل ڏهه ماڻهو چڙهيل هئا، جن ۾ هڪ اهو قربان ملاح نالي نوجوان به آهي، پر ان هوڙي تي عورت ڪابه نه هئي. توهان جي ڇوڪري به ان هوڙي تي نه هئي!”
“ته پوءِ اُها…؟” رانجهي شاهه پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ روڪي ڇڏي ۽ سندس سيٺ چيو، “شاهه ساب ان جي ته ڪا خبر ئي ڪانه پئي پوي، ڪو پتو ڪونه پيو ملي!”
هاڻ رانجهي شاهه جي اندر واري ڪيفيت، سيخن ۾ پچندڙ ڪوابن جهڙي ٿي پيئي. سخت سرد موسم ۾ به نراڙ تي پگهر تري آيس. ڪجهه دير خاموشيءَ کان پوءِ، سندس سيٺ ٽيبل تان تشو پيپر کڻي کيس ڏانهن وڌائيندي چيو، “شاهه صاب، نياڻيءَ جو لائق اولاد گهر ۾ گهڻو وقت ويهارڻ ۽ هي غير قانوني ڪاروبار وارو خطرو ٻنهي جو خوف هڪڙو ئي آهي. فرق بس اهو آهي، ته غير قانوني ڪاروبار جو ڪارو ناڻو گهر جون خوشيون سڀ کسي وٺندو آهي ۽ قانون جي نظر ۾ چور. ۽ گهر ۾ لائق نياڻيءَ جو اولاد ويٺل آهي، ته گهر جون خوشيون به ارمان ۽ ماڻهو خدا جي قانون جو چور!”
رانجهو شاهه ٽشو پيپر سان نراڙ جو پگهر اگهندي، ڪنهن لاچار ۽ بيوس ماڻهوءَ واري حالت ۾ سندس منهن ۾ ڏسندو رهيو. ٿوري دير اڳ ۾ سندس جن خيالن قربان کي قتل ڪري سندس هڏ پي ڳاريا، انهن ساڳين خيالن هاڻ سندس هينئون پي ٻوڙيو. ڪجهه چوڻ پڇڻ واري سندس سگهه به ڄڻ سندس جان مان نڪري سندس سيٺ جي اڳيان ان ٽيبل تي اچي ويٺي هئي، جنهن ٽيبل تي لانچن جا خوبصورت ماڊل رکيا هئا.
سندس اهڙي ڪمزور حالت محسوس ڪندي، سندس سيٺ چيو، “شاهه صاب، ڇا توهان کي يقين آهي، ته ان قربان نالي نوجوان ئي اهو ڪم ڪيو آهي. ڇا ان جي توهان پوري خاطري ڪئي آهي؟“ هن سوچيو، قربان منهنجو چور آهي يا ناهي پر هاڻ ان تان هٿ کڻي پنهنجي ڌيءَ کي وري ڪنهن ٻئي يار جو نالو ڏيڻ پنهنجي اجائي خواري ۽ ڪمزوريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه حاصل ڪونه ٿيندو. ان کان علاوه، هن کي قربان کان سواءِ پنهنجي علائقي جو ٻيو ڪو به اهڙو نوجوان ماڻهو سندس نظر ۽ وهم گمان جي حالت ۾ به نه هو ۽ اهو هن درست پي سوچيو. ائين بلڪل هو، ته قربان کان سواءِ ٻيو اهڙو ڪو به ماڻهو ڪونه هو، جنهن پنهنجي هڪ اک سان به عدن جي اکين ۾ ڪو ڏٺو هو ۽ نه ئي ڪڏهن عدن جون اکيون قربان کي وساري، ڪنهن ٻئي ڏانهن محبت واريون نظرون کنيون هيون، تنهن ڪري قربان کي پنهنجو ڏوهاري سمجهڻ، سندس اڻڄاڻائي به هئي ته پنهنجي غيرت جي پاڻيءَ ۾ به ٻڏل هو يا ائين به هو ته، قربان جي قسمت کي حضرت عشق پي اڃا ڪجهه پڙهايو، ڪڙهايو، جو قربان به منصور حلاج جيئان، خود کي خدا کان الڳ تصور نه پي ڪيو ۽ سندس نعرو شمس تبريز وارو هو، تنهن ڪري چئي سگهجي پيو ته، پنهنجي رمز ۾ الاهي اسرار واري راز کي راز سمجهي، دل ۾ لڪائي نه رکڻ ۽ ان کي عام ۾ فاش ڪرڻ سان، خدا سندس اهڙي خدائيءَ لاءِ ڪا سزا تجويز ڪئي هئي، جو هن حضرت يوسف جيان ظاهري طور تي، بيگناهيءَ جون سزائون پي ڪاٽيون، جنهن جو فريادي رانجهي شاهه کي مقرر ڪري، سندس نالو رانجهي شاهه جي زبان سان ائين سبي ڇڏيائين، جو رانجهي شاهه جي زبان تي ٻيو ڪو نالو ئي ڪونه پي آيو.
عشق عام لاءِ عظيم ڏوهه رهيو آهي، پر خدا جي هن خدائيءَ ۾ عشق بنا آدم، آدم جو مڪمل اولاد بڻجي، پنهنجي انسان هجڻ واري خاص حيثيت حاصل نٿو ڪري ۽ ان کان محروم رهي ٿو.
رانجهو شاهه خود اهڙي خاصيت کان محروم هو ۽ پنهنجي عقل جي ڪوڙڪين ۾ قابو جڪڙيل هو.
هن پنهنجي ذلت ۽ بدناميءَ جو ذميوار قربان کي ئي قرار ڏيندي، ۽ کيس جاني دشمن تصور ڪندي، ان سوچ سان ئي هن پنهنجي سيٺ کي چيو، ”شايد مون کان ئي غلطيون ٿيون آهن. ڪجهه وقت اڳ ۾، مون کي ان معاملي جا پسڻ پيا هئا، پر مون انهن کي هڪ دشمن واري حيثيت سان نه ورتو، ۽ اڄ سوچيان پيو، ان قربان کي انهن ڏينهن ئي ٽرڪائڻ کپندو هو، پر هاڻ ان مُهاڻي مون اهلبيت جي حويليءَ ۾ پنهنجي رت جو ٻچ پوکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن منهنجي عزت وارو جياپو ڄڻ ختم ڪري ڇڏيو آهي. سندس اهڙي عمل جي مون کي خاطري مليل نه هجي ها، ته منهنجو روح سندس رت جو پياسو نه هجي ها!”
“ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ائين آهي، ته تون دلجاءِ ٿي.” سيٺ چوڻ لڳو، “ڄام نگر جيل ڪو ايڏو پري ناهي، جتي اهو نوجوان ڪنهن اهلبيت جي نياڻي ڦٻائي سگهي. خبر پئجي ويندي شاهه صاب”. ائين چئي ڪجهه دير، ٽيبل تي شيشي هيٺان رکيل عالمي نقشي ۾ ڏسندي هن وري چيو، “شاهه صاب، منهنجي ذاتي رڪارڊ موجب، هن وقت ڪل ٻيانوي پاڪستاني ملاح ڀارت وٽ قيد آهن ۽ انهن مان هڪڙو سيد آهي، جنهن جو نالو آهي ڪامل شاهه، جيڪو پڻ هن وقت ان ساڳئي جيل جو قيدي آهي. اهو ڪامل شاهه توهان سڃاڻو ٿا؟”
رانجهي شاهه ڪافي پنهنجو ذهن ڊوڙايو، پر سندس ذهن ۾ ان ڪامل شاهه جي سڃاڻپ ڪٿان به کيس ڪانه ڏني ۽ پوءِ به هن پنهنجي سيٺ کي آسرو ڏيندي چيو، “نه اهو ماڻهو منهنجي ڪنهن ويجهي عزازت مان ڪونه پيو لڳي، پر ان ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ملي ويندي.”
“نه، ان جي سڃاڻپ جي ايتري ضرورت ڪانه پوندي. پر جيڪڏهن توهان جي پنهنجي سڃاڻپ يا لاڳاپي ۾ هو، ته اهو ڪم وڌيڪ آسان ٿي پوي ها. ڪنهن آفيسر کي هڪڙي قيدي کان ٻئي قيديءَ جو ڪم وٺڻ آسان هوندو آهي. اهو ڪم سمجهه ته منهنجو آهي. اميد ته معاملو چٽو ٿي ويندو!”
سنڌ جي تاريخ پڙهڻ سان اها حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي ته، واقعي مايا ميڙڻ جي مفاد ۾، سنڌ جي انسانيت، پنهنجن ئي مڇيءَ جي اگهه ۾ پي وڪي آهي ۽ سنڌ جو عام ماڻهو مفت ۾ ڪُهايو آهي.
سڪندر اعظم کان عربن تائين ۽ عربن کان انگريزن تائين ۽ انگريزن کان اڄ پنهنجن تائين، تاريخ جو پيٽ بيگناهه ماڻهن جي رت سان پي ڀريو آهي، ۽ ائين به نه رهيو آهي، ته سنڌ ۾ ڏاهپ جو ڏڪار ۽ ڏهيسر مائرن ڄڻيا ئي ڪونه. سنڌ ۾ ماڻهپو ۽ ڏاهپ اڄ به ان بلنديءَ تي آهي. جنهن ڪالهه ڦيٿو ايجاد ڪيو، ٻُڙي تخليق ڪئي، علم رياضي ۽ علم فلڪيات جا ماهر، عالم ۽ وطن جي حب ۾ جاني قرباني جي صدقي وارو درجو ٿو ڏسجي ته دنيا ۾ ايتريون قربانيون انگريزن ۽ عربن به ڪونه ڏنيون، جيتريون سنڌ ملڪ جي رڳو عام ماڻهوءَ ڏنيون. جيئن ٺٽي شهر کي جلائي عالمن جي اولاد کان وٺي هر عام ماڻهوءَ جي جسم کي به ڪوئلو ڪيو ويو. ماڻهن کي مظلوم بڻائي ظالم کي فاتح سڏيندڙ، ديس جي اهڙن جاهل ماڻهن ئي ائين پي ڪيو. جهڙي طرح سان قربان جو سر کپائڻ لاءِ رانجهن شاهه ۽ سيٺ عمر ڦلياڻي اسمگلر، انڊيا جي جيلن تائين پنهنجو اثر استعمال پي ڪيو.
قربان ۽ ناکئو صديق پنهنجن ساٿين سميت ڄام نگر جي جنهن جيل ۾ قيد هئا. ان جيل جي جيل سپرنٽينڊنٽ تائين سيٺ عمر ڦلياڻيءَ جا ناجائز ڪاروباري تعلقات پهچي چڪا هئا. هنن کي هاڻ ان جيل ۾ ٽي مهينا ٿي چڪا هئا، پر هنن کان اڃا ڪا به پڇا ڳاڇا ڪانه ٿي هئي.


___________________________