باب اٺون
گل محمد به هڪ دفعو وري پنهنجا سياسي سور وساري ڄڻ پنهنجي عادتي سياست لاءِ پنهنجو ذهن ۽ پنهنجي خاندان کي پيپلزپارٽي لاءِ اُڀارڻ ۽ مطمئن ڪرڻ لڳو هو- هن ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت سان پنهنجي سچائي نڀاهڻ پي چاهي.
سڄي سنڌ جي سنڌي عوام اڪثريت سان پنهنجي ننڌڻڪي سوچ ۾ خود کي ذوالفقار علي ڀٽو جي احسانن جو قرضي سمجهڻ لڳي هئي. توڻي جو ڀٽو خاندان خود ته سنڌ جي احسانن جو قرضي هو- جنهن کيس سياسي معراج تائين پهچائي ڇڏيو هو.
جڏهن بينظير ٻن سالن جي جلاوطني کانپوءِ 1986ع ۾ لاهور هوائي اڏي تي اچي لٿي هئي، تڏهن به ماڻهن جي هڪ وڏي سمنڊ ۾ سندس روح چورائيندڙ رجعت پرست ملائڪ به ان ڏينهن کان ساڻس گڏ، گڏ رهندو پي آيو.
پنجاب واري باغن جي سرڪاري مالهين کي پنهنجي باغن جي گلن کي سنڌ جي رت سان ڌوئڻ ۾ شايد ڪو دلي سڪون پي مليو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي (پنڪي) جنهن کي پنهنجي خانداني وراثت جا اختيار مليل هئا تنهن آصف علي زرداري، جنهن پولو راند ۾ پنهنجا عضوا ڀڃائي ۽ هاڻ جيلن ۾ پنهنجا عضوا پي ڪپايا، تنهن سان شادي ڪري سا هاڻ باقائده بينظير بڻجي پئي هئي.
سنڌ جا غريب، بي حال، بکايل ۽ بيوس ۽ ملڪ جي ڊڪٽيٽر جي ڦٽڪن، ڪوڙن جا ڪٽيل گل محمد جهڙا ماڻهو، سياسي محبت ۾ کيس پنهنجي ماءُ جيتري عزت ڏيئڻ لڳا هئا.
سنڌ جو عوام سياسي رومانس ۾ سندس لاءِ به سر آڇڻ لڳو هو- پر اصل ۾ سو بس پنهنجي روايتي محبت موجب، رڳو ووٽ جي قرباني ڏيئڻ لاءِ تيار هو. باقي وڌيڪ ته رڳو اجائي سياسي لٻاڙ هئي-!
قربان واري عدن سان ۽ عوام جي بينظير سان محبت ۾ زمين، آسمان جو فرق هو.
قربان واري محبت جا سور، سنڌ جو اصل روح هو، جنهن ۾ پوري جان جيئري ئي قتل ٿيندي رهندي آهي، جيڪا وجودي بقا تي دائميت عطا ڪندي آهي.
۽ رمانوي سياسي محبت، سياسي اڳواڻن کي يتيم ڪري ڪهائي عوام لاءِ نوان عذاب پيدا ڪري، قومي وجود کي فنا جي مڪان تي آڻي بيهاريندي آهي.
ذوالفقار علي ڀٽي کي ماڻهن ووٽ ڏيندي، سنڌ جا صدين وارا سور ته وساري ڇڏيا هئا پر هاڻ ته خود ذوالفقارعلي ڀٽو به سندن سياسي ڪم لاءِ ڪون رهيو هو. ۽ هاڻ سنڌ جي حالت، بينظير ڀٽو لاءِ به ساڳي هئي.
ڪلهه جيڪو ظلم ٿيو سو ڇٽو - اڄ وارو ظلم سهو - ۽ سڀاڻي واري ظلم جوانتظار ڪريو! – ايئن ماڻهو، ڪلهه، اڄ ۽ سڀاڻي واري سوچ ۾ ورهايل هئا، تنهن هوندي به ڪالهوڪي ذوالفقار علي ڀٽي جيئان، سنڌي عوام بينظير ڀٽو کي پاڻ ڏانهن سڏي 1988ع ۾ کيس اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊرائي ڇڏيو هو- پر رجعت پرست ملڪ جي تنگ نظري کيس ٻن سالن جي اندر، پنهنجي جمهوري ڪابينا سميت گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. ۽ سنڌين جو ذوالفقار علي ڀٽو وارو ڦاهي جي بدلي ۾ ڏنل صدق وارو ووٽ سنڌين بي مانو ۽ بي عزتو سمجهيو، جنهن ڪري سنڌين وري به وڌيڪ وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏيئڻ وارو جذبو پاڻ ۾ پيدا ڪيو ۽ 1993ع ۾ هڪ دفعو وري به تمام وڏي اڪثريت سان سنڌ مان ووٽ حاصل ڪري بينظير ڀٽو وزير اعظم چونڊجي وئي- ۽ سندس اقتدار دوران سنڌ جي صوفي عالم ۽ قوم پرست اڳواڻ، جي. ايم. سيد ڄڻ عمر ڀر جي نظربندي دؤران هڪ سرڪاري اسپتال ۾، سندس سرڪاري نظرن جي پهري ۾ 1995ع ۾ هن فاني دنيا کان موڪلايو ۽ ان جي ٻي سال سندس اقتدار دوران ئي 1996ع ۾ سندس جگري ڀاءُ، مرتضيٰ ڀٽو کي ڪراچي ۾ سرعام قتل ڪيو ويو. ۽ اهو ڀٽو خاندان جو قتل ٿي ويل ٽيون سياسي فرد هو، جنهن کان پوءِ هاڻ ڀٽو خاندان جي سياسي مسند تي آخري فرد خود بينظير ڀٽو پاڻ هئي. جيڪا ملڪ جي ان وقت چونڊيل وزيراعظم هئي، سندس ڀاءُ مرتضيٰ جي قتل کانپوءِ، انهيءَ سال 1996ع ۾ سندس حڪومت کي برطرف ڪيو ويو. پر سنڌ جي عوام ڪنهن انقلابي تبديلي جي بجاءِ، بينظير ڀٽو کي هاڻ سنڌ جي راڻي جو لقب ڏئي، وري ٽيون ڀيرو وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهارڻ لاءِ پنهنجو جنون وڌائي ڇڏيو هو ۽ اهو ساڳي سياسي رومان گل محمد جي ذهن ۾ به هو- تنهن پنهنجن پٽن سميت سڄي گهر کي هڪ ڪمري ۾ ويهاري سندن مٿي تي قرآن رکي ساک وٺي ڇڏي ته “ووٽ محترمه بينظير ڀٽو کي ڏيندا ۽ جنهن کي ان ۾ ڪو اعتراض آهي ته ڀلي هي گهر ڇڏي هليووڃي؟”
ان مهل قربان کي ائين لڳو ته “بابا بينظير جو سر جهڙوڪر ملڪ جي رجعت پرست ڪاسائين جي حوالي پيو ڪري” پر ڪڇيو ڪون ۽ پنهنجي پيءَ جي محبت کي سنڌ جي تاريخي ستم ظريفي سان ڀيٽيندي، ماٺ ڪري ويو.
۽ حافظ امين، کي پنهنجي فقه جي مذهبي اڳواڻن، پنهنجي جماعت لاءِ اهڙو قرآني قسم اڳ ۾ به کڻائي ڇڏيو هو.
ملڪ جي رجعت پرست اسٽيبلشمينٽ ۽ اسلامي مذهبي جنون کي ملڪ تي عورت جي حڪمراني شروع کان ئي قبول ڪان هئي.
جيئن قربان جي محبت، اهلبيت خاندان لاءِ، سنڌي سماج کي قبول نه هئي ۽ حافظ امين جي مسلماني به هاڻ ٻن قرآني قسمن جي وچ ۾ ٽنگيل هئي. جنهن سندس ايمان کي مذهبي جنون جي قيد ۾ قابو ڪري رکيو هو- جٿي اهڙن ڪيترن ئي نون ملن جا ايمان باخوشي قتل ڪيا پي ويا.
اهڙو ساڳي جهڳڙو ملڪ جي رجعت پرست اسٽيبلشمينٽ ۽ بينظير جي وچ ۾ هلندڙ هو. انهن سڀني جهڳڙن جي وچ ۾ سنڌ وڏي آواز چئي رهي هئي “ڀٽن کي هاڻ سنڌ جي سلامتي لاءِ سياست ڪرڻ گهرجي- نه ته هاڻ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪون بچندو، نه ڀٽو خاندان نه ملڪ ۽ نه ملڪ جي قومي وحدت- بلوچستان اڳ ۾ آزاد ٿيندو- سنڌ جا وڏيرا جاهل آهن، انهن کي تاريخ جي سمجهه ئي ناهي- سنڌ غلاميءَ جي طوفان ۾ اُجڙي ويندي- جي.ايم.سيد کي حاڪمن جي قيد قتل ڪري ڇڏيو آهي- قوم پرست پاڻ ۾ ورهائجي ويندا- سنڌ جو ڪو ڌڻي سائين نه رهندو.”
پر وقت جي انهيءَ سچي آواز کي- بينظير جي گونجندڙ، بي مقصد جيئي ڀٽو جي نعرن ڳڙڪائي ڇڏيو.
جن سياستدانن اهو آواز ٻڌو ۽ سمجهيو پي، تن ڄڻ ڀنگ جي نشي ۾ محسوس ڪيو ته، بينظير ڀٽو کي، سندس سر جي قربانيءَ لاءِ سڏيو پيو وڃي. پر ماڻهن جي جذباتي نعرن وارين صدائن جي وچ ۾ ازل اڃا بينظير جي قرباني جو انتظار ائين پي ڪيو، جيئن قربان ۽ عدن پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جا وجهه پي ڳوليا.
انهيءَ مرڻ، مارڻ جي وچ مان جڏهن بينظير ڀٽو 1996ع ۾ پاڻ کي وزيراعظم چونڊرائي وئي هئي ته سنڌ هاڻ ڄڻ پنهنجن غلطين کي هڪ جاءِ سانتيڪوپي ڪيو ۽ سنڌي قوم پنهنجي ڪيل غلطي جي انتها تي وڃڻ لاءِ، هاڻ ڪجهه سالن لاءِ ساهي پي کنئين.
پر قربان ۽ عدن، اهلبيت ۽ اُمتي واري تضاد جي ور چڙهيل هئا- هنن غلطي بس اها ڪئي هئي، جو هنن سچي محبت ڪئي هئي- ۽ هنن ذات، پات کي اهميت ئي ڪون ڏني.
۽ پنهنجي پيءَ ۽ ڀاءُ حافظ امين سان، گهر ۾ ايڏا بحث مباحثا ڪندي، قربان پنهنجي محبت کي بحثن ۾ آڻي، پنهنجي گهر کي به عدن لاءِ راضي ڪري نه سگهيو هو ۽ ايتري عرصي ۾ عدن لاءِ به ڪيئي رشتا آيا ويا پر عدن لاءِ دنيا ۾ ڪو مڪمل آدم هو ته، اهو قربان ئي هو، جيڪو گهر جي سياسي ۽ مذهبي تڪرارن مان به اڃا پاڻ ڇڏائي نه سگهيو هو.
بينظير کي وزيراعظم چونڊرائڻ لاءِ سياسي ماحول جا تڪراري بحث ائين هلندڙ هئا، جيئن قربان هڪ سياسي بحث دؤران سنڌ جي سياسي حالتن تي ماضي دُهرائيندي، حافظ امين کي چوڻ لڳو، ”الئي ڪيتريون جنگيون حضرت علي وڙهيو، تنهن کان پوءِ چيائين ته، حق وڙهي وٺبو آهي، پر سنڌ جي مٽيءَ ۾ صوفي ازم پوکيل آهي. سڪندر اعظم کان اڄ تائين جيڪا تاريخ ملي ٿي، ان ۾ اڄ تائين هن رڳو ڪُسڻ سکيو آهي. امن هن جي وجود جو حصو ٿي ويو آهي. هن پنهنجا عالم گهاڻن ۾ به پيڙهايا ته ٻه اڌ به ڪرايا. هن ذوالفقار علي ڀٽو کي دار تي چاڙهائي ڇڏيو ۽ هن جي.ايم. سيدي کي جيئري مارائي ڇڏيو ۽ مڪليءَ تي الئي ڪيترن عالمن جون ڪپيل زبانون دفن ٿيل آهن. هن قوم پنهنجا اڻ ڳڻيا ڪونڌر ڪُهايا ۽ هي مرتضيٰ ڀٽو کان پوءِ بينظير ڀٽو کي به ڪُهائي ڇڏيندي. ڀُٽي خاندان مان ڪجهه باقي ڪونه بچندو. جي.ايم. سيد کان پوءِ هاڻ قوم کي پنهنجو وجود ئي وسري ويندو. قومي ليڊر مفادن واري ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي ويندا.
“هي اڄ به پنهنجي قاتل کي مهمان سمجهي، پنهنجي وات جو گرهه ان کي پئي کارائي. پنهنجي اهڙي سچائيءَ کان پوءِ به کيس وير، ڪينو، حسد ۽ ساڙ جي باهه ۾ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي. هن کي شاهه عنايت، شاهه لطيف، سورهيه بادشاهه چيو، هن کي سچل به چيو ۽ آلِ نبي جي قاتل تلوار، بن قاسم جي هٿ ۾ للڪاري چيو ”وڙهه، نه ته وڍجي ويندين، فنا ٿي ويندي“ پر هن پنهنجي صوفياڻي صبر ۽ پنهنجي خمير ۾ پوکيل پيار ۽ امن کي پنهنجو هٿيار سمجهي ان ۾ پنهنجي بقا پي ڏٺي آهي ۽ ڪڏهن به پنهنجي ويري تي، اڳرائي ڪري وار نه ڪيو آهي.
او… منهنجا بابا! اسان ۽ توهان سڀ غلطي پيا ڪريون…! او… منهنجا بابل! سنڌ جي پارت اٿوَ، هن رڳو مرڻ، ٻرڻ ۽ ڪُسڻ سکيو آهي.
هن جيڪڏهن ماريو آهي، ته رڳو پنهنجو من ماريو، پنهنجو هوڏ هٺ ماريو آهي!
هن پنهنجي فاتح حڪمرانيءَ جي بدلي، تاريخ ۾ رڳو صوفي عالم ۽ نفس جا فاتح پيدا پي ڪيا آهن ۽ بدلي ۾ هميشه سندس قدر ماريا ويا آهن.
هن کي ڪمزور، بزدل ۽ ڀاڙي سمجهي هيسيو ويو آهي. هن کي سادو ۽ بي سمجهه سمجهي، مذهبي فتوائن سان ڪُهي خاموش رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
ڇا ڇا نه هن سان ٿيو آهي ۽ ڇا ڇا نه هن سَٺو آهي!؟
“او منهنجا بابا سائين، آئون ته چوان ٿو هاڻ هن کي وڌيڪ پنهنجي سهپ کان ٻاهر نه وٺي وڃو، ڪٿي ائين نه ٿئي، جو جهڙي تهڙي بقا مان باقي ڪجهه نه بچي، ڏسو شاهه لطيف ڪيڏو سچ چيو آهي.
“سو آئون، سو تون، سو خدا، سو خلق” (شاهه)
“او… بابا منهنجا، آهي سنڌ، ته آهي الله، نه ته دين، ڌرم سڀ ڌوڙ ڄڻ.”
گل محمد ته، پنهنجي صوفي پٽ جي ڳالهه سمجي پي، پر حافظ امين کي سندس صوفيائي ڪيفيت سمجهه ۾ نه آئي ۽ خدا کان وڌ سنڌ جي واکاڻ ٻڌي، سندس مذهبي روح ڄڻ الٽيون ڪرڻ لڳو هو. پنهنجي پيءُ جي موجودگيءَ ۾ هو قربان کي ان معاملي تي ماٺ ڪرائي ڪونه پي سگهيو ۽ ان جي بدلي ۾ هن پنهنجي جواب جو شدت سان انتظار پي ڪيو. قربان جي خاموش ٿيڻ کان پوءِ آخر هي وڌيڪ ماٺ ڪري نه سگهيو.
“هن ملڪ جا ماڻهو دين کي پٺيرا ٿي، خدا جا به منڪر ٿيندا وڃن. ماڻهو هاڻ جنازي نماز به پڙهڻ ڇڏيندا وڃن. نشو، عياشي، گلا، بدنيتي ۽ اوگهڙ ماڻهن پنهنجو شوق بڻائي ڇڏيو آهي. نيڪين کي ايترو پٺيرا ٿي ويا آهن، جو پيءُ کي پاڻيءَ جو گلاس به ڪروڌ سان ٿا پيارين”- ۽ پنهنجي پيءُ کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو، “بابا سائين، قربان پيو چوي ته، سنڌ جي مٽيءَ ۾ صوفي ازم پوکيل آهي، پر کيس اها خبر ڪانهي ته، ماڻهن کي وضو ڪرڻ به وسري ويو آهي. هي صوفين جا پيو بيت ٻڌائي، پر ماڻهو ته هاڻ آذان به ڪونه ٿا ٻڌن، سمجهن. پنهنجي خدا سان ڪوڙو ماڻهو، پنهنجي ملڪ جا ماڻهو نه ڪُهائيندو ته ڇا امن جا گهر اڏيندو- هندو حقيقت کان هٽندو وڃي- مسلمان منافق ٿيندو وڃي- ۽ قربان ڀاءُ قوم جي ڳالهه ٿو ڪري- جتي انسان کي پنهنجي آدم هجڻ جو احساس ئي نه رهيو هجي، اتي قومي جذبي جي ڳالهه ڪرڻ ته، کدڙي مان پٽ پيدا ڪرڻ واري سوچ آهي. آئون ته چوان ٿو هاڻ سڀ رکايو ڏاڙهيون ۽ ملڪ ڏيو اسان مُلن کي- نه ڀُٽا سنڌ سنڀاليندا ۽ نه قوم پرست قربانيون ڏيندا ۽ نه ڪاروباري سياست مان ڪا چڱائي ملندي. جن پيپلز پارٽيءَ کي ڇڏي، پنهنجون پارٽيون ٺاهيون، سي پنهنجي مايا ملڪيت جي بچاءَ ۾ سرڪاري خوف ڌاري خدا جو خوف به وساري ويٺا آهن. اهو ته ڪنهن اڌوري دين وانگر، رس حلال ۽ ٻوٽي حرام- سندن سياسي ايمان ۾ ووٽ حلال ۽ آزادي حرام واري بنياد تي پارٽيون ٺهيون - ۽ قربان ويٺو چوي ته، بابا سائين سنڌ جي اوهان کي پارت آهي. اها اهڙي پارت، مون کي ته پٽ جي سڳي ڀيڻ ٿي لڳي!”
“مڃان ٿو… تون حافظ آهين. تنهنجي دل، دماغ ۾ قرآن آهي، پر منهنجا ڀاءُ اهو ساڳيو قرآن ڪربلا ۾ به هو. قربان چوڻ لڳو- ۽ اُهي نيتون وضوءَ سان هيون، پر يزيد بن معاويه جي نيراني شراب لاءِ پاڻي موجود هو، ليڪن حسين ابن علي جي نماز لاءِ به پاڻي ڪونه هو. رڳو نراڙ گسائي ۽ آذان ٻڌائڻ سان، سنڌ اوهان به ته سنڀالي ڪونه سگهندا. ائين ته من ۾ نيڪين واري حڪومت به نٿي جوڙي سگهجي. رڳو منهن ۽ مسجد ڌوئڻ سان من جي ميراڻ نٿي ڌوپجي. مندر ۾ گھنڊ وڄائي، گناهن کي ڀڄائي نٿو سگهجي. سنڌ جي مٽيءَ ۾ صوفي ازم پوکيل آهي، ته ان کي رت جو ريج ڏيئي پوکيو ويو آهي. تنهنجي ملن کي ملڪ ملي نه ملي، پر اهي ته اڄ به قرآن پٺن تي رکي ماڻهو منجهائيندا گهمن. ڪالهه به انهن صوفين کي رت جو وضو ڪرايو ۽ سڀاڻي به ملڪ ماتم هاڻو ڪندا. سج لهندو آهي ته حديثون هٿ ڪندا آهن ۽ سج اُڀرندو آهي، ته سنڌي سياستدانن تي فتوائون ڪڍندا آهن. باقي اها ڳالهه تنهنجي آئون مڃان نه مڃان، پر تاريخ سڀاڻي شايد اهو چوندي ته، سنڌ جي قوم پرست سياست ۾، ووٽ حلال ۽ آزادي حرام واري نيت جنم ورتو. ۽ اها ڳالهه توکي به تسليم ڪرڻي پوندي، ته مذهب ۾ افغان، طالبان، آفيمي سياست کي اڳواڻي ڏيئي، ان جي وهابيت کي سنڌ ۾ صرف رڳو سنڌي بهادر ليڊرن کي ڪُهڻ لاءِ مقرر ڪيو، جنهن جي شروعات جي. ايم. سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کان ٿي ۽ هاڻ بينظير ڀٽو کان به اڃا اڳتي پاڪستان کي پرزا ڪرڻ تائين پهچي ٿي. پر اها صورتحال نه تنهنجي سنڌي ملن جي مت ۾ ٿي اچي ۽ نه سنڌ جي ڀٽو خاندان کي ۽ نه قوم پرست سياست کي سمجهه ۾ آئي آهي. باقي سنڌ ۾ نوان آيل مسلمان، جيڪي الله جي ٻولي پڙهي به، آرين واري نيت ڌاريو ويٺا آهن، انهن کي سنڌي ٻولي سيکاري سندن نيتن کي نٿو بدلائي سگهجي. اهي به ته سنڌي بهادر سياستدانن جي موت جا، آڱرين تي ڏينهن ڳڻيندڙ ۽ انهن جي موت جا اميدوار ٿي ويٺل آهن”.
گل محمد ٻنهي پٽن جي وچ ۾ سندن بحث ٻڌندي، پنهنجي خاندان کي سياسي، سماجي ۽ مذهبي سوچن ۾ ورهايل محسوس ڪندي، پنهنجي گهر مان بس هاڻ رڳو خود کي پيپلز پارٽيءَ جي سياست ۾ شمار ڪرڻ لڳو هو. هاڻ هن جهڙو خود کي ان سياست لاءِ اڪيلو تصور پي ڪيو ۽ هو هاڻ پنهنجن پٽن جي سوچن تي پابندي مڙهي ڪونه پئي سگهيو. هونئن به هڪ ته ڀُٽي سان سندس عشق پوڙهو ٿي چڪو هو ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽي جي وڃڻ کان پوءِ، بينظير جي سياست ۾ نوان نوان ليڊر جاڳي پيا هئا، جنهن ڪري اها سياست کيس پوري طرح سمجهه ۾ ڪونه پئي آيس، تنهن ڪري هاڻ پنهنجن پٽن کان زوريءَ فيصلا مڃائڻ واري سگهه سندس پوڙهي ٿي چڪي هئي، ۽ پنهنجن پٽن کان فيصلا مڃائڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪرڻ لڳو. هاڻ هن پنهنجي نوجوان اولاد جي معاملي ۾ وچٿري واٽ پي اختيار ڪئي.
ائين پئي لڳو ته ڀُٽي خاندان جي خانداني سياست به، ملڪي سطح تي ڪوئي چورائڻ لڳو هو، جنهن ڪري پارٽيءَ ۾ اعتماد جو فقدان به جنم وٺي چڪو هو، ۽ سنڌ ۾ اهو عام پهاڪو دهرايو پي ويو، ”مُئي جي ملڪيت مُئي جي پويان”.
گل محمد پنهنجي پٽن واري بحث دوران به پنهنجي سوچ جو ائين اظهار ڪيو، ‘آخر هي ڪيترا ۽ ڪيستائين ڪُهندا’.
“جيستائين سنڌي سياستدان ملڪ تي حڪمرانيءَ وارو، پنهنجو خيال قائم پيا رکندا.” قربان چيو.
“ٿي سگهي ٿو، ائين هجي به کڻي.“ گل محمد چيو. ”پر آئون چوان ٿو، ڇا اها اهڙي حقيقت سنڌ ۾ آيل موجوده ڌارين کي وسري ٿي وڃي ته، صدين کان سنڌ کي رت سان وهنجارڻ وارا تجربا ٿيندا آيا آهن، پر سنڌ ۾ سنڌين جي ڏاهپ جو سلسلو کُٽي نٿو. ڪهڙي صدي آهي، جنهن ۾ سنڌ پنهنجن بهادر ڏاهن جون قربانيون نه ڏنيون آهن؟ ۽ هاڻ به جنهن وقت ملڪ جي بقا لاءِ سڏ ٿيو آهي، ته سنڌ پنهنجا سورهيه ڪهايا آهن.”
“۽ اسان اهي سرن جون قربانيون، موت ۾ قبول ڪرڻ جي هاڻ عادت ڪري ويا آهيون.” قربان چيو.
“نه، ائين هرگز ناهي.“ پيءُ چيو. ”اسان جون اهي قربانيون ملڪ جي باقي ٽن قومن جي بقا جو ضامن بڻجي چڪيون آهن. ماڻهو کي ٻين لاءِ جيئڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪوئي پنهنجي عقلي صلاحيت موجب ائين نٿو ڪري، تڏهن به اهو فطري عمل آهي، ته هو وڻ ٻين لاءِ ٿو پوکي.”
“واهه بابا سائين واهه. توهان جي ان جواب جو شايد ڪو ڪنهن ٻئي وٽ جواب هجي!“ قربان چوڻ لڳو. “پر آئون ايترو ضرور چوندس، ته توهان جن لاءِ وڻ پوکڻ جي ڳالهه پيا ڪريو، اهي ته اهڙي وڻ پوکيندڙ جي سر جا هميشه کان واڍارا رهيا آهن. ڪنهن جي لاءِ ٿا وڻ پوکيو؟ مڃجي کڻي اهو پراڻو پهاڪو غلط نه هجي، پر تبديلي به فطرت جو عمل آهي. پنهنجي گهر ۾ وڻي پوکي، انهيءَ جي ڇانوَ ۾ ويري نه ويهاربا آهن. سر شاهنواز ڀٽو جيڪو وڻ پوکيو، سو ويرين وڍي ڇڏيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جيڪي وڻ پوکيا، اهي ڪجهه وڍجي ويا ۽ باقي کي ويري وڍڻ لاءِ روز پنهنجا اوزار نوان پيا ڪن، تيئن انهن وڻن جي به وڍ چالو آهي.”
“۽ جي.ايم. سيد جيڪي وڻ پوکيا، سي!؟” حافظ امين وچ ۾ قربان کي چيڙائيندي چيو.
“ها منهنجا ڀاءُ، جي.ايم. سيد به وڻ پوکيا.“ قربان جواب ڏنو. ”پر سي وڻ سڀ ته کدڙا ڪونه نڪتا! جو تون ائين حسد وچان پيو پڇين. ها! باقي ائين آهي جو انهن مان ڪجهه ماديون وڻ ۽ ڪجهه نر نڪتا، پر سي اڃا ٻُور ۾ آهن، ميوو ڪونه پچايو اٿن. ميو پچائين ته ڏسون ڪير ٿو کائي!؟”
“ڪهڙو يقين آهي انهن جو، ته اهي پنهنجو ميوو پچائيندا.” پيءُ چيو. “صحيح پيا چئو توهان.“ قربان چيو. ”شايد اهو توهان انهيءَ ڪري پيا چئو، جو انهن کي ڌوڻا ۽ ڌڪ هڻڻ وارا اسين پاڻ آهيون، جيئن بينظير ڀٽو جي پوکيءَ لاءِ پيا نانگن جي ٻُرن مان رستا ٺاهيون، ۽ اها حقيقت اسان کي وسارڻ به نه گهرجي، ته انهن نانگن جي آکيرن ۾ ڪا اسان جي سلامتي آهي. ان کان علاوه وهابيت جا پاليل جنوني طالبان ۽ سنڌ ۾ اچي رهندڙ نوان مسلمان جن کي فوجي آمرن پنهنجي سر جي پناهه لاءِ، سڄي سنڌ جي باغباني ڀيلڻ لاءِ ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آهي، تن جانورن جيئان سنڌ جي زرخيز آباديءَ جي لتاڙ پي ڪئي آهي، سو ان مان يقين اهو پيو جاڳي ته هڪ دفعو وري به، ڪو شاهه عنايت ٻه اڌ ٿيڻو آهي، ۽ وري به ڪنهن بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙهه اچڻي آهي. وري به صوفي عالمن جون زبانون عام قتل ٿيڻيون آهن. ان لاءِ اهڙي ڪنهن ابڙي جي ضرورت آهي، جيڪو سنڌ کي سام ڏيئي، موهن جي دڙي جي تهذيب سنڀالي. ڀٽائيءَ جي وائيءَ جي وارثي ڪري، مڪليءَ جي مالڪي ڪري! بس اهو ئي هڪڙو تاريخ جو سڏ آهي، ته سنڌ پنهنجو ڪو ڌُر ڌڻي پيدا ڪري”.
۽ پوءِ ان ڏينهن اهڙي بحث دؤران، قربان ۽ حافظ امين، ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ هڪ اهڙو جذباتي اختلاف ٿي پيو، جو پنهنجي پيءُ جي موجودگيءَ ۾ ان جو احترام نه ڪندي، ٻئي ڄڻا گهر ڇڏي وڃڻ تان هڪ ٻئي تي اُڀا ٿي ويا.
ائين پي لڳو، سندن اهو اختلاف، سندن شروعاتي بحثن ۾ ئي ڪٿي ڪا جُوهه وجهي لڪل هو، جيڪو هاڻ پنهنجي سخت فيصلي جو نتيجو ڏيکاريندي نروار ٿيو هو.
محبت انسان ۾ آسمان جيتري گنجائش رکندي آهي، پر عشق گنجائش جھڙي ضرورت لاءِ، بزدليءَ کان سواءِ ٻيو ڪو درجو نه ڏنو آهي.
ان ڏينهن بحث بحث ۾ حافظ امين قربان کي چيو، ”تنهنجو عمل ته اڄ به اهل بيتن جي اوگهڙ لاءِ اُتاولو آهي ۽ تقريرون وري صوفين جي طريقت واريون پيو ڪندو آهي.“
۽ قربان جواب ۾ چيو هو، ”اچي وئين نه پنهنجي غيبت واري اصليت تي ۽ ٿي پئين آخر ماڪوڙي جيترو من رکندڙ ملو!“
بس اهي سندن هڪ ٻئي لاءِ آخري جملا هئا ۽ ٻئي ڏينهن ٻيئي ڀائر پنهنجي گهر کان غائب هئا.
سياست، مذهب ۽ عشق جي عجيب ٽڪراءُ، هڪ آباد گهر کي ائين اُجاڙيو، جيئن ڪو سامونڊي طوفان ڪنهن ٻيڙياتي کي پاڻ سان کڻندو آهي، ته سندس واپسيءَ جو ٻڌائيندو ناهي.
حافظ امين پٺاڻن سان اسلامي جهاد ڪندي پي ڏساڻو، ۽ قربان پنهنجي محبوبا، عدن سان ڪو پروگرام طئه ڪري، پنهنجي پراڻي رفيق، صوفي صالح محمد جي ڳوٺ هليو ويو. جتي رهي، صوفي صالح محمد سان صوفياڻي رنگ جون رهاڻيون ڪري، ان کان فيض پيو حاصل ڪندو هو ۽ پنهنجي ٻيڙياتي حال محرم دوست، ناکئي قاسم جي هوڙي تي چڙهي، درياهه جي رستي، عدن سان ملاقاتون به پيو ڪندو هو.
______________________________