باب چوٿون
ڪنهن عورت کي ٽن ٻارن جو اولاد، ڪو ٿورو ڪون هوندو آهي. ٻن ٻارن جي اولاد ڄمڻ کانپوءِ عورت ويچاري پنهنجي اصل سونهن کان به محروم ٿي ويندي آهي ته محبتون به ورهائجي ٻه مان چار ٿي وينديون آهن. پر جيئن پنهنجي هر نئين ڄاول ٻار جي نئين معصوميت لاءِ ماءُ جو روه به معصوم بڻجي، سندس نفيس ۽ نازڪ اکڙين، ڪنن، چپن، نڪ ۽ هٿن پيرن جهڙن عضون تي ماءُ جي مامتا به سرگوشيون ڪندي آهي. ساڳي طرح سندس زال پنهنجو جيءُ جيئارڻ ۽ دل کي خوش رکڻ لاءِ پنهنجي ان نئين ڄاول ٻار جي روح سان پئي رهاڻيون ڪندي هئي.
قربان کي هاڻ پنهنجي ٽن ٻارن واري پيءَ واري حيثيت حاصل هئي، پر سا ذاتي حيثيت هن لاءِ هاڻ ڪا اهميت ڪان رکندي هئي. سندس سوچن سان تڪرار رکندڙ، سندس ڀاءُ حافظ امين جي به شادي ٿيل هئي، پر ان کي اڃا ڪو اولاد ڪون هو، باقي ٻه ٻيا ڀائر سندس، سي قرآن مڪمل حفظ ڪري چڪا هئا ۽ وڌيڪ ديني تعليم لاءِ ڪراچيءَ جي ڪنهن مدرسي ۾ زير تعليم هئا. ۽ هڪ سندس ڀيڻ هئي جيڪا سندس پيءَ جي شايد آخري اولاد هو، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ سورنهن سال هئي.
قربان پنهنجي پيءَ هجڻ واري حيثيت به هاڻ ڄڻ مڪمل نظرانداز پي ڪئي، هن کان ان رشتي واريون سوچون، ڪنهن بي لغام گهوڙي وانگر ڇڙواڳ ٿي ڇڏائي ويون هيون، جيڪي سندس پڪڙ کان ايترو پري شايد وڃي نڪتيون هيون، جيترو سسئي کان پنهون پري وڃي نڪتو هو.
ماڻهو کي پنهنجي زندگيءَ لاءِ، جيڪي اميدون، آسون ۽ تمنائون هونديون آهن، سي زندگيءَ جي تبديليءَ واري ڪنهن موڙ تي، ڪڏهن، ڪڏهن پنهنجو منهن ڏيکارينديون آهن ۽ وري من ۾ لڪي پنهنجي ساڀيان واري وقت جو انتظار ڪنديون آهن ۽ اهڙو وقت هر ماڻهو کي پنهجي سمجهه مطابق مليل آهي، وقت جي ورڇ ۾، وقت جي خالق، ڪنهن کي به سندس حصي واري وقت کان محروم نه ڪيو آهي.
قربان تي به پنهنجي خدا جو اهڙو احسان هو ۽ هن ان وقت جي احسان واري وفا ۾ پنهنجي خدا کي ويجهو ٿي ان سان پنهنجي دوستي لائڻ، نڀاهڻ واري فڪر ۾ ئي، هن کان پنهنجي ان سچي دوست جو اُهو ياري وارو تصور به ائين ڌنڌلو ٿي ويو هو، جيئن پنهنجي مجازي محبوبا کي دل تان وسارڻ جي ڪوشش ڪندي، ڪندي اها ڪوشش به ان جي ياد ۾ وساري ويهندو هو!
هي پنهنجن سوچن ۾ ايترو وٺجي ويو هو، جو هن کي ڪنهن مهل لائوڊ اسپيڪر تي آذان جو ڪو آواز ڪن تي پوندو هو، ته سندس دل کي ائين لڳندو هو، ڄڻ سندس روح ۾روحاني دوست، کيس پنهنجن چڱاين گڏ ڪرڻ لاءِ صلاحيندو هجي، پر پاڻ نشي گاڏڙ نينهن وارن خيالن کي ڄڻ صفا ڪندي چوندو هو “ان مُلي کي آذان جي اصل مطلب جي ته سمجهه ئي ناهي، نه ته ڪر الله اڪبر چوندي ئي سندس ساهه نڪري وڃي!”
پر اُها ته عشق واري آذان، جنهن جي خبر کيس به اڃا مڪمل ڪان هئي، اهي ته سندس موالي خيال هئا جن جي ڪا به شروعات ۽ پڇاڙي نظر ڪان ايندي هئي.
اهو ته سطحي سوچ سان لاڳاپيل، مُلي ۽ موالي جي وچ ۾ خدا ڪارڻ وارو حسد هو.
ائين اهڙن حاسد ۽ بي مقصد خيالن سان کيڏندي سندس اصل سوچ کانئس ڇڏايو پي وئي. ۽ پوءِ سندس اندر اُجهامي ويندو هو ۽ پنهنجو من کُٽل، کٽل پيو محسوس ڪندو هو ۽ وري به کيس بهتر استاد ۽ ڪامل رهبر جي کوٽ معلوم ٿيڻ لڳي. کيس اهڙي استاد جي ضرورت هئي، جيڪو سندس من جي اکين مان اونداهو ڪڍي، سندس دل جي ارادن جي سڃاڻپ ڪري، سندس دل جا بند پيل دروازا کولي، اندر جي اکين کي اُجالو پسائي سگهي. هي هاڻ پنهنجي چونڊيل رهبر مان به ٿڪڻ لڳو ۽ پنهنجي من ۾ جهاتي پائڻ ۽ دل جو ڪتاب پاڻ پڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر پنهنجي اندر جي عبارت مان جيڪي ٻه، چار اکر سندس من اُچاريا پي، انهن جي هجي، روان ۽ آفاقي علامتون سندس عقلي صلاحيتن کان اونهيون هيون.
سندس من ۾ عشق جي عنايت سان علم جو درياهه ته وهي پيو هو، پر هي ان درياهه مان، ڪائي ساڃاهه ڀري سُرڪ ڀري پنهجون اڃايل ڪيفيتون ۽ جلندڙ جيءَ کي مڪمل ٺاري ڪون پي سگهيو .
چون ٿا، هڪ دفعو جيڪر، دل کي عشق جي اڃ لڳي پوي ته، ان جي لاءِ سڄو سمنڊ ته ڇا، پر سڄو آسمان پوءِ سڄي عمر پيو وسي، ته به اُها اڃ لهڻ جي نه هوندي آهي!
ماڻهو جي من ۾ اڏيل علم جو جبل، اُهو جبل هوندو آهي، جيڪو ماڻهو جي پنهنجي من ۾ هوندي به، هر ڪو ماڻهو، اُن جي جهرڻن مان پنهنجو من وهنجاري، پنهنجو جيءَ مڪمل نٿو ٺاري! ۽ اُن علمي جبل جي چوٽي سَر نٿو ڪري سگهي!
اوستائين ته صرف ڏات جا ڏنگيل ۽ پنهنجي رت جو زهر پيئندڙ عشاق ئي رَسن ٿا ۽ هجر کي پنهنجا هڏڙا کارائي، پنهنجي حبيب سان هڪ ٿين ٿا!
قربان به ڪافي وقت پنهنجي ورهه مان خيالن جو ونڊ وٺندي، جڏهن وقت سندس ويري نفس سان ويڙهه واري حالت تائين پهچائي ڇڏيو، تڏهن سندس پيءُ محسوس ڪيو ته، “شايد قربان جون سوچون بي ترتيب ۽ سمجهه واري سگهه ڪمزور ٿي وئي آهي؟”
پر سندس پيءُ واري اها اهڙي سوچ، صرف رشتي جي احساس تائين محدود هئي ۽ اصل ۾ قربان اُن رشتي جي تلاش ۾ هو جنهن جي مڪمل جُڙي وڃڻ کانپوءِ. ماڻهو پنهنجو رهبر پاڻ بڻجي پوي ٿو!
اهڙي رشتي جي تلاش ۾، پنهنجي ورهه جي وِهائي ڪندي قربان کان پنهنجون مرداڻيون موجون به، سنڌودرياهه جيئان سڀ سُڪي ويون هيون.
بدن جي سڄي بناوٽ ٻيلن جي سُڪل وڻن جيئان، ڪو عضوو اهلي پيو هو، ته ڪو ڍرڪي ڍرو ٿي ويو هو.
ڇاتيءَ جي سڪل ڍڍر ۾ خيالن جا ڌڻ، ڄڻ پنهنجو وٿاڻ اڏيو ويٺا هئس، جنهن مان اونداهين ۾ ڪو خيال جهل ڏيندو هئس، نه ته باقي سندس من جي اڱڻ تي روشني ته ڄڻ روساما ڪري رُسڻ لڳي هئي.
سندس پوين ٽن ڀائرن مان وڏو ڀاءُ، حافظ امين پنهنجو مذهبي فرض ادا ڪندي پنهنجي سمجهه موجب کيس چوندو رهيو “او، منهنجا محترم ڀاءُ، خدا جو قسم، توکي ڪجهه چوندي مونکي شرم ٿو ٿئي. تون پنهنجي زال ۽ ٻارڙن جي رشتن کان لاتعلق ٿي، ڪنهن ٻيءَ حاصلات جي پويان نااميد ٿيندو وڃين. توکان پنهنجي گهر جو سک ۽ سلامتي جو اونو ڇڏائيندو وڃي. توکان ته مسجد به وئي ته مندر به ويو. مون ٻڌو آهي ته، تنهنجي ذهن ۾، حضرت آدم جي اولاد جيترا مذهب ڄمي پيا آهن، ۽ تون پنهنجي اندر ۾، پنهنجي لاءِ هابيل ۽ قابيل واري ويڙهه پيدا ڪري وڌي آهي. تون جنهن ارادي سان پنهنجو نفس قتل ڪرڻ ٿو چاهين، تنهن ۾ ته شيطان تنهنجا انساني رشتا قتل ڪرڻ لڳو آهي. خبر نٿي پوي، ته تون باقي پنهنجي ڪهڙي حال کي جيئارڻ ٿو چاهين؟”
پر هن سندس ڪائي پرواهه نه ڪڍي، انهيءَ بيپرواهي ۾، ڪجهه وقت بعد، جڏهن سندس ٻار، سندس سڃاڻپ لاءِ بابا، بابا چوڻ لڳا ته هن کي پيءُ هجڻ وارو به پڇتاءُ ٿيڻ لڳو ۽ پنهنجي شادي واري عمل تي اجايو سجايو سوچڻ لڳو.
افسوس! ايترو پري وڃڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ پر هاءِ ڙي، بيوسي، نااميدي ۽ نااهل استاد جي رهبري.
۽ پنهنجي فڪر جي گهرائي ۾ گهمي، ڦري نااميد ٿي، پنهنجي من جي مسافري ۾ منزل تان کوٽ کائي، پنهنجي گهر جي ڪنڊ ۾ مراقبو ڪري ويهڻ!
نا اهل مرشد هٿان، ولايت، ماڻڻ جو شوق، هاڻ جٿي ان ڇڏيو هئس، اتي به خدا ته هن سان گڏ هو پر هن خود کي اڪيلو پي ڏٺو ۽ ان اڪيلائي کيس اها صلاح پي ڏنيس ته، الوداع اي دنيا پنهنجي الوداع!
سنڌ ۾ جڏهن کان روحاني علم جون درس گاهون ۽ صوفين وارا من اُجاريندڙ مئخانا ۽ تصوف جو تار درياهه وهائيندڙ طريقت جا عالم اڻ لڀ ٿي ويا، ته مايا ميڙيندڙ، روحاني پيشوائن جي ٻيگهي مچي وئي هئي. جن کي بس رڳو سُر سارنگ سمجهه ۾ آيو پي، تنهن ۾ به سندن نيڻن جي جهڙ رڳو هوائي خيالن جي روڳ جا مينهن پي وسايا، باقي سڄڻ جا سينگار؟ ۽ يار جي وسڻ جا ويس؟
ان جو ته آگم ئي سندن اکين ۾ نه هو. انهن ته رڳو مُلن ۽ موالين جي وچ ۾ جهيڙا پي وسايا! جن، ملن ۽ موالين جي من ۾ نفرت جهڙي مصيبت پي ٻاري ۽ نوجوانن جا محبتي ذهن، نشي واري سُرور سان صحبت ۽ محبت جوڙڻ لڳا ۽ رهيو، کيو باقي جو ڪجهه هو، سو سياست ۽ شخصي عقيدي ۾ خوشامد اچي پورو پي ڪيو.
47ع جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ۾ اچي آباد ٿيندڙ، سنڌ جا حاڪم ٿيڻ لڳا ۽ جن کي ازل کان ئي سنڌ جي مالڪي جو حق حاصل هو، سي ته رڳو وتايو فقير ۽ علڻ فقير جي رتبي تائين پهتا هئا ۽ پنهنجن عظيم شاعرن جي حيثيت عالمي سطح تائين مڃائي نه پي سگهيا. ان کان اڳ ۾ شاهه لطيف جر جهنگ جهاڳي، ڌرارن، سنگهارن، جتن، جاڙيجن، سمن ۽ سامين کي به چيو!؟
هُن، پڙ ۾ پرزا ٿيندڙ کي به للڪاريو!؟
ته، سامهون ڌڪڙا سيڪڻ وارن کي به چيو!؟
پر سڀني سندس سڏ وساري ، پنهنجي پٺ ائين ورائي ڇڏي، جو آخر سندن پٺا، ڍورن جيئان ڪٽجڻ لڳا ۽ منهن سيڪڻ وارا به پنهنجا پٺا سيڪڻ لڳا!
انهيءَ مارڪٽ حالتن کي تبديليءَ ڏانهن موڙي ڇڏيو-پر هر ڪوئي ان تبديلي جو رڳو، سکڻو انتظار ڪرڻ لڳو!
ائين پي لڳو ته، جيڪو حالتن تي فاتح ٿيندو، اهو ئي سنڌ جو مالڪ هوندو!
۽ پوءِ اهي ئي ولايت جا ڌڻي، ۽ اهي والي وارث رهندا جن جا هٿ ڇُوٽ هوندا ۽ جن پٺا گهڻا ڪٽيا هوندا!
حالتن ٻڌايو پي ته، وقت ديس جي اصل وارثن جا پٺا ڪُٽي، ڪُٽي سندن ذهنن مان لطيف جون وايون به وسارائي ڇڏيون، نه سچل جون ڪافيون ياد رهيون، نه مڪليءَ جي شهيدن جا مقبرا!
ديس جو مزدور مري پي پيو، ته سندس گهر مان ڪفن جو خرچ به ڪون پي مليو!
ديس جو اديب، شاعر، مفڪر، فلسفي، فنڪار ۽ عالم جيڪي پنهجي سماج جا سونهان ۽ معاشرتي معاملن جا معلم هئا، سي ته سرڪاري اسپتالن ۾ جيئاپي جو آسرو ڪندي، ڪندي، سندن ساهه اسپتالن جي عزرائيلن به قبض ڪيو!
جڏهن قومي حالتون، ان رخ تي اچي بيٺيون، ته مار يا مرڻ سک، تڏهن قربان کي قومي سياست جي ليڊرشپ ۾ قرباني وارو جذبو نظر نه آيو ۽ قومي سياست جي پاليسي کي ذاتي مفاد جو برقعو سمجهي سياست مان ٿڪي پيو ۽ سياست کان ڪناراڪشي ڪرڻ لڳو. پر پوءِ سندس ذهني صلاحيت، جنهن ۾ محبت جو به واڌارو ٿي چڪو هو، تنهن هن کي ماٺ ڪري ويهڻ ڪون پي ڏنو. جنهن کان پوءِ هن محبت ۽ سياست کي گڏائي انسانيت کي اجارڻ پي چاهيو، هن کي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بهتر ۽ آزاد وسيلو. صوفي ازم ۾ نظر آيو، سندس خيالن صلاحيئس پي ته “اهو ئي هڪ بهتر ذريعو آهي، جنهن جي وسيلي پنهنجي اندر جو سچ صفائي سان اوري سگهجي ٿو. انسانيت کي عظمت ادا ٿي سگهي ٿي. خدا ۽ بندي جي محبت کي ملائي هڪ ڪري، خفا ڪندڙ خسارن مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي- امن ۽ شانتي وارو مقام حاصل ٿيندو. ڪوڙ، گناهه ۽ غيبت جهڙين براين کان بچڻ جو بهانو ملندو. ۽ پنهنجو اندر اوري، رب ريجهائڻ واري رمز ۾، مجازي مرض جي عذاب مان به آجو ٿي سگهجي ٿو...!”
پر انهيءَ نئين خيال کيس جذباتي ڪيفيت تي اچي بيهاريو، فيصلو ته سندس بهتر هو، پر ان تي عمل جي اڳڀرائي جا اهڃاڻ به اڃا نظر ڪون پي آيس ۽ ان جي صلاح، صحبت جي لاءِ به رڳو اهڙا عقابر پي کيس مليا، جن کي صوفين جون رڳو صلاحون ۽ انهن جا داستان ياد هئا!
انهن ته، نه ڪڏهن فقيرن جي گودڙين جا اڻڀا کاڌا، کاڌا هئا، نه سُڃ ۾ روزا رکيا هئا.
نه فاقا ڪڍيا هئا، نه ننڊون ماريون هيون، اهي ته طريقت جي تار درياهه جا تارو ڪون هئا، نه ئي محبت جي مهراڻ وارين موجن جا معلم هئا.
انهن وٽ رڳو ڪتابي ڳالهيون، صوفي شاعرن جو حفظ ٿيل چونڊ ڪلام جيڪو سنڌ ۾ نسل در نسل، سنڌ جي لوڪ ادب داستانن سان گڏائي عام محفلن ۾ ڳايو وڄايو پي ويو.
ان کان علاوه سندس نصيب، اڃا اتي بيٺو هو، جٿي سندس موالي مرشد پنهنجن عقيدن جا آڪيڙا چاڙهي جهليو هو.
سندس ان رهبر کي ته ڀنگ جي رنگ ۾ خدا نظر آيو هو ۽ قربان کي به اهڙو ئي درس پي ڏنائين - “من ۾ يار جي تار وڄائڻ لاءِ، نفس نڀاڳي کي، نشي جو نينهن ڏيئڻو پوي ٿو - ۽ ان ۾ ايترو نشو اوتجي، جو ماڻهو کي پنهنجي عقل جو اختيار ته ڇا، پر جسم جا ڪپڙا، بدن جا عضوا، زيان جو ذائقو ۽ اکين جي نظر تي به اختيار نه رهي - خيالن جي خفگيءَ کان آجو ٿي، ماڻهو خود کي وساري حقيقت سان هڪ ٿي وڃي - خلق ماڻهو کي خدا کان خفا ٿي ڪري- اونداهين جي اڪيلائيءَ ۾ فقير پاڻ کي اڻلڀ ڪري ڇڏيندا آهن. کاڌي جو ڍؤ، اندر ۾ خودي جون صلاحون ۽ ظاهر ۾ براين ڏانهن سڏيندو آهي - ننڊ ندامت ۽ پڇتاءَ پيدا ڪندڙ آهي. ٻيائي، خود نمائي، وهم ۽ خواب خيالي، يار جي يادن جي ويري ۽، اندر جي اکين کي انڌو ڪندڙ آهي – هي دنيا اڻ ڳڻيل رنگن جي مصوري آهي - جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ خالق جي خوبصورت مصوري انسان آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گهڻا رنگ، خالق پنهنجي انهيءَ مصوري ۾ ڀريا آهن. ۽ اها تصوير دنيا جي پهرين ۽ آخري تصوير آهي - هن تصوير جي وڏي خوبصورتي اها آهي ته، هي خود ڳالهائيندڙ تصوير آهي - هي تصوير به شاهڪار ته هن جو مصور به شاهڪار- هي اها تصوير آهي، جنهن جي خاصيت ۽ خوبي جو بيان مڪمل نٿو ٿي سگهي- هن ۾ سڀ کان وڌيڪ گهاٽو ۽ گهرو نگ، عشق جو ڀريل آهي- مٽيءَ کي پاڻي نرم ڪندو آهي ۽ لوهه کي باهه نرم ڪندي آهي- پر انسان کي عشق نرم ڪندو آهي- ۽ نفرت کيس، خشڪ ۽ سخت ڪري ڇڏيندي آهي. حق تي صرف اُهو ئي هوندو آهي، جنهن ۾ قرباني جو جذبو زندهه هجي- دنيا ۾ مڪمل حق جي ڳلهه رڳو هڪ حضرت حسين عه ڪئي، جيڪا قيامت تائين قائم رهندي ۽ انهيءَ خاندان جي در تان، فقير پنهنجي فيض جي خيرات پنندا آهن ۽ ولايت ماڻيندا آهن.”
انهن اهڙن انيڪ اڻپورن احوالن ۽ ٽٽل، ڇنل خيالن ئي قربان کي سندس شخصيت جو مطيع بڻايو هو.
هو، صوفي شاعرن جا چيل قرآني حوالا ۽ ڪجهه حفظ ڪيل آيتون ٻڌائي قربان کي پنهنجي ذات جي ٻانهپ جو هاڪاري بنائڻ لڳو، پر اصل ۾ سندس عقل جي وڏي غلطي اها هئي، ته هن صاحبِ ڪتاب کي چڱي طرح چاهه سان نه پڙهيو هو، نه سمجهيو هو، نه ته ڪر پنجاهه سؤ حديثون حفظ ڪري، مُلن کي به پنهنجو مُريد بڻائي، انهن جي هٿان به چرس جو واپار وڌائي پي سگهيو. ليڪن پوءِ به ايترا مريد، خادم سندس هئا، جن جي ڪمائي مان، هڪ ئي وقت تي پنجاهه، سٺ موالين کي، سندن ضرورت مطابق، چرس يا ٺرو وغيره پياري پي سگهيو.
سنڌ ۾ صوفي ازم جي پرچار ۽ ان جي ذريعي مذهبي انتها پسندي، خام خيالي ۽ دقيانوسي کي ڊوڙائي پنهنجي گهر ويهاري، ان جڳهه تي پيار محبت، امن اتحاد، سماجي برابري ۽ انسانيت جي سربلنديءَ لاءِ، ان جي نيڪ نيتي سان آبياري ڪئي ۽ ان جي دائميت جي لاءِ قربانيون ڏنيون، انهن قربانين جي ڪمائي وارو فيض، سنڌ ۾ هاڻ نئين نسل جي نصيب کي حاصل ڪون پي ٿيو.
اُهو هاڻ رڳو موالي مرشدن جي ناماچاري هو، ايستائين جو سنڌ اسيمبلي تائين، چرس، ڀنگ ۽ ٺري جا موالي هئا.
قربان جو رهبر سائين به، اوستائين جي اثر رسوخ وارو شخص هو، جيڪو شاهه لطيف جا بيت ٻڌائيندي، جهڙو پاڻ خود شاهه لطيف بڻجي چوندو هو “يار جي سار هميشه پنهنجي ساهه سان سلهاڙيل هجي، جن يار وساريو سي پاڻ وسري ويا- هڪ گهڙيءَ جي ويسر به سالن جا وڇوڙا وجهيو ڇڏي. يار جي ياري سندس ياد کانسواءِ ، سهڻي جي گهڙي جيان پنهنجو پاڻ سان دوکو آهي- يار سان وصل حياتي ۾ نٿو ٿئي، ته ان جي اميد قيامت تائين رکڻي پوي ٿي!؟”
ان معاملي قربان کي ڪنهن، ڪنهن مهل حيرت ۾ وجهي پي ڇڏيو ته، ايڪيهين صدي جي ماڻهو کي به حقيقت ۽ حق جي رسائي لاءِ قيامت تائين جو انتطار ڏنو پيو وڃي!؟”
ان سوال، سندس ذهن ۾ پنهنجي ڪامل رهبر جون ڪمزوريون پي اگهاڙيون ڪيون ۽ هن سوچيو “يار سان ياري ڪنهن جي ڪونهي؟ هر ڪو پنهنجي حال سارو، پنهنجي يارسان ياري پيو نباهي، پورهيت سندس دوستي جي دم سان پيو دل وندرائي - ملو، تسبيحون پڙهي، سندس تسلي تي پيو تڳي - هندو، سندس هيڪڙائي واري حيراني تي عقل آرا آهي - حاڪم، سندس حڪمت جا شڪرانا پيو ادا ڪري - هر ڪوئي پنهنجي حال مطابق سندس حقيقت جو هاڪاري آهي - ۽ هُو، حال تي هلڻ وارويار آهي.”
اها حقيقت هن ڄڻ پنهنجي هينئن مان هٿ ڪئي هئي، بس رڳو اُتي ڪون پي پهتو ته “يار، ڪڏهن به، ڪنهن کي به ڪون چيو ته، منهنجي ياري ۾ گهر به ڇڏ - ٻار ٻچا به ڇڏ - ماءُ، پيءُ به ڇڏ - جُوءَ، جوءِ ۽ جواني به ڇڏ - پنهنجا باقي سڀ تعلق، وسيلا ۽ وطن به ڇڏ، جنهن جي محبت ۾ صوفي عالمن رت سان وضو ڪيا هئا!”
قربان پنهنجي انهي ٽه رنگي محبت! پنهنجي سنڌ وطن سان محبت، عشق الاهي واري محبت، ۽ پنهنجي مجازي محبوبا، عدن سان محبت، انهيءَ ٽه رنگي محبت جي ٽياڪڙ کي هڪڙي ئي رنگ ۾ نه پي رنگي سگهيو ۽ ان ۾ پاڻ کان ايڏو پري هليو ويو، جو هن هاڻ اناج کائڻ به ڇڏي ڏنو- اهو هن خود تي ڄڻ ظلم پي ڪيو، هن جي فڪر جي ڦرهي اهي اکر ورجايا ته “ان جو نشو، ننڊ ۾ نهوڙي غفلت جو باعث ٿو بڻائي - ۽ غفلت منهنجي ايمان کي بيمار بڻايو ڇڏي - آئون سوچن ۾ ورهائجو وڃان، جنهن ۾ خيالن جا ڌڻ، مونکي وهمن جي وٿاڻ ۾ ٻڌيو ڇڏن ۽ آئون بيوس حالت ۾، پنهنجي جوان عمر جو وقت وسوسن ۾ پيو وڃايان، وهمن جي ان بند وٿاڻ ۾، منهنجي من تي گمان غالب ٿيو وڃي- ۽ دل ڪنهن ديوانگي لاءِ سڏيندي آهي!”
اهو رمضان شريف جو مهينو هو، قدر جي رات وارو تصور، هر بي قدري ماڻهو جي ذهن تي، قدر جو احساس، پنهنجي اهميت ۽ ضرورت وارا خيال ڊوڙائي رهيو هو، قربان به محبت ۾ بي قدري واري درد سبب، هڪ رات، سڄي رات نفل پڙهي، فجر مهل دعا گهري “آئون تنهنجي هن دنيا ۾ خود کان وساريل، اڻڄاڻ آهيان پروردگار- دنيا ۾ تو سان گڏ رهڻ وارو علم مونکي ناهي- آئون تنهنجي هوندي به اڪيلو آهيان- مونکي اها ساڃاهه ڏي جنهن ۾ دنيا جو سمورو هُل، تنهنجي هيڪڙائي ۾ هڪ ٿي وڃي ٿو- ۽ دلي جي هر ڌڙڪن، دوئي کان دور ٿي، وحدت، ڪثرت ڪُل بڻجي پوي ٿي- آئون پاڻي هوندي اڃيو آهيان- مونکي پريت جو اُهوپيالو پيار پروردگار- جنهن جي پيئڻ سان، انساني عمر، وري اڃ نه ساريندي آهي- انسان، اعظم ثاني، باقي ڇا بقا ڇا فاني- انهيءَ سوال مونکي ڪڏهن پنهنجو پاڻ سان ويجهو ڪيو آهي، ته ڪڏهن ايڏو ڏور ڪيوآهي، جو آئون انسانيت جو ڄڻ ٻانهو ٿيندو وڃان- ۽ عبد ۽ معبود واري تعلق جي سوچ، مونکي پنهنجي لاءِ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي - ۽ اڪيلائي، منهنجو وجود مونکان کسي ورتو آهي- آئون ته خبر ناهي ڪيئن ڦرجي فقيرٿيو آهيان- اي الله، مونکي انهيءَ بهر جو ڪو انت ادا ڪر!؟”
جنهن در جي، دنيا سڄي مشتاق هجي، ۽ ان جو سلامي هرڪوئي پنهنجي اڪيلي دل سان هجي!؟ ته من ايترو تڪڙو مطمئن ڪيئن ٿيندو، جو چئجي ته، سڀ ڪنهن جي غلامي قبول وڃي ٿي!؟
اهائي اندر جي هورا، کورا ۽ اهائي اُڻ، تڻ مشتاقن کي ماٺ ڪري ويهڻ نٿي ڏي. ڪنهن کي واٽون ويهه نظر آيون، ڪنهن کان سج اڀريي کان زندگي جي سج لٿي تائين پنڌ نه کٽو!
ڪنهن پنهنجو پاڻ سان وڙهندي، جُهرندي، زندگي جو سج لاهي ڇڏيو، ڪن جي لاءِ ته عشق جو سج جهڙو اڀريو ئي نه هو. پر ويجها سي ئي وڃي ٿيا، جن جيءَ ۾ جهاتي پائي، پنهنجي نيت سَولي جاڳائي، انهيءَ جاڳ جي ڀاڳ جو ونڊ وٺي، پراهون پنڌ لهي، واٽون کٽائي ڇڏيون، نه جدائي رهي نه جيءُ ۾ جهيڙو رهيو.
عشق، عجيب ۽ انسانيت - ٽيئي گڏيا پاڻ ۾، آدميت جي عمر بقا ماڻي ۽ موت وري به فنا جي فڪر ۾ ڊوڙندو رهيو.
محبت، هر جاندار جو حق آهي ۽ عشق آدم لاءِ انعام ٿي آيو.
هر ماڻهو جو اندر ڳالهائيندو آهي، هن کي به پنهنجي اندر جو آواز ته ٻڌڻ ۾ ايندو هو، پر ان رمز ۾، پنهنجي مقصد جي لاءِ بهتر فيصلي جي چونڊ نه پي ڪري سگهيو.
سرديءَ ۾ ڏڪندڙ، سندس ٻارڙا، سندس ڌيان جا آرزومند هئا، پر هن کان رشتن جو احساس ۽ حالتن تي رحم وارو جذبو، سندس دل جي ان گونگي رهبر کسي ورتو هو.
فجر واري ان دعا کانپوءِ، صبح جي وقت، حافظ امين کيس پنهنجن رشتن جو ڄڻ احساس ڏياريندي چيو “تون پنهنجي زال هوندي به، گهرجي دنيا ۾ جهڙو اڪيلو آهي- ۽ پنهنجن ٽن ٻارڙن جو پيءُ هوندي به تنها!- تو پنهنجو عقل وساري پنهنجي سمجهه کُٽائي ڇڏي آهي الئي ڇو؟- تنهنجا ٻارڙا ته، تنهنجي قد، بت ۾ حيران آهن- تنهنجي زال، تنهنجي اکين کان سواءِ، تنهنجي باقي بدن ڏانهن نظر ئي نه کڻندي آهي - ۽ تون آهين، سو ڪنهن صحرا جي پياسي وڻ وانگر ڪنهن رحمت جي آسري، سو به ان ڌرار جيئان جنهن جي جانورن جو ڌڻ سڄو، درياهه جي اُڀ ڪپري تان پاڻي پي ٿو وٺي، پر پاڻ خود اُن اُڀ ڪپري تان، درياهه ۾ ڪرڻ جي ڊپ کان پاڻي نٿو پيئي ۽ روز سو، درياهه جي ڪنڌيءَ تي سڄو سج اڃيو رهي ٿو!”
پر هن جي دل هاڻ، مذهب پرست ماڻهو کي اهميت ڏيئڻ ڇڏي ڏني هئي- سڄي رات واري اوجاڳي سبب، صبح واري سج جي نئين روشني، هن کي جهڙو پنهنجي جان جو قضيو پي محسوس ڪرايو.
هن کي چانهه جي وڏي طلب هئي، پر گهر ۾ به ڪنهن کان ڪجهه گهرڻ هن ڇڏي ڏنو هو!
پاڻهي ته دنيا به ڪنهن کي ڪجهه ڌيئڻ لاءِ راضي نه رهي آهي، پوءِ ڪوئي ڪجهه گهرڻ ڇڏي ڏي، ته دنيا سان گڏ خدا به کيس ڪجهه نٿو ڏي.
گهر ۾ صبح واري چانهه ٺهي هئي، چانهه سان گڏ جڏهن هن کي سگريٽ جي ٻاڙ لڳي، تڏهن کيس پنهنجي نوڪري وارا اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳا، جن ڏينهن ۾ هن گولڊ ليف جا پاڪيٽ کٽائي پي ڇڏيا ۽ ڪيترن دوستن احبابن کي به پيئاريندو هو، پر هاڻ اهي دوست، سندس ذهن تي حيرانگي وچان سوچي، سندس حالتن تي رحم کائڻ لڳا هئا.
ڪنهن کي ڪو وڌيڪ رحم پئجي ويندو هو، ته سگريٽن جو پاڪيٽ به وٺي ڏيندو هئس. پر هي ان کي به هاڻ پنهنجي فقيري موجب داتا جو دان سمجهڻ لڳو!
اها ايتري ساري خام خيالي ۽ رحم جوڳي حالت، هن پنهنجي تڏهن بڻائي وڌي، جڏهن هن کي پنهنجي حادي جي مفاد پرست هدايت موجب پنهنجي يار جي وصل واري خواهش ۾ شدت سان واڌارو آيو ۽ هن نوڪري ڇڏي ڏني هئي- هي ٻيلي کاتي ۾ (رينجر) رينج فاريسٽ آفيسر هو. نوڪري دوران ته سندس هلا ڀلا لڳي پئي هئي، پر پوءِ موالي خيالن کيس تنهائي ڏانهن ڌڪيو ۽ پنهنجن سوچن ۾ نشي جي سرور ۽ سوز کي ئي پنهنجي جستجو بڻائي، خيالن، خيالن ۾ هن لاهوت ۽ ملڪوت جا مزا پي ماڻيا ۽ نشو لهي ويندو هئس، ته پنهنجي اُن جهالت ۾ پنهنجو پاڻ کان نفرت کائڻ لڳندو هو. ۽ وري به ساقي جون صلاحون پيون ساريندو هو.
پر نوڪري وئي، ته ملطبي مرشد جو رويو به بدليو، سڏي گڏ ويهارڻ وارو هيج ويو، هاڻ جٿي موالي جوتيون لاهن اتي ويهڻ لڳو، شيرين گفتار ۽ قربتي لهجي وارو سلوڪ ويو، يار سان ياري وارا الهامي احوال ويا، ۽ طريقت وارو وهڪرو به ويو، روحاني رمزن ۽ ونحن عقرب واريون ويجهڙايون، سڀ مرشد جي وات مان موڪلائي ويون!
هاڻ هن کي رڳو سُلفيون صاف ڪرائڻ ۽ چرس جا مهانگا اگهه پي ٻڌايا ويا ۽ پوءِ آخر ڌڪار وچان، ڪچو چرس پياري، سندن دماغ خشڪ ۽ ڪمزور ڪري، کيس ڪنهن نه ڪم جو چئي “هل ڙي سڄڻ، هاڻ وڃي پنهنجو وٺي پي ۽ پنهنجو عشق ۽ عقل به پاڻ سنڀال- وري نه اچجان اسان جي اوتاري تي.”
هاڻ ان مڪان کي، مئخاني جي بدلي، هن کي اوتارو ٻڌايو پي ويو ۽ پوءِ ان کان وڌيڪ جيڪو هن اتي ٻڌو ۽ ڏٺو هو، سو شهرن، بازارين ۽ گلين اوطاقن ۽ موالين جي اوتارن تي ٻڌائيندي پنهنجو منهن ڳاڙهو ڪري پي ڇڏيائين.
ان ڇت پڻ ۾ هي هاڻ قومي، يا انساني قدر ڪرڻ ته ڇا پر خود پنهنجي سنڀال ۽ خيال، خدمت ڪرڻ به وسارڻ لڳو.
هاڻي هي اڪثر شام جي وقت پنهنجي ناول نگار دوست، جمال ذاڪر وٽ وڃڻ لڳو، ان سان خودي ۽ خدا بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪري پنهنجي محبوبا جي محبت وچ ۾ آڻي، پنهنجي روح کي تسلي ڏيندو رهيو.
هڪ ڀيري سانوڻي رُت جي شام واري نيرڻي وچين جي وقت سندس دوست جمال ذاڪر ڳالهين، ڳالهين ۾، سنڌ جي صوفياڻي رنگ تي پي ڳالهايو، ته هن مٿي آسمان تي نظر وڌي، ته هن کي بادلن مان ڄڻ ڪا چڻنگ ٻرندي نظر آئي- اهو سندس خشڪ ٿي ويل دماغ جي سبب سندس نظرن جو دوکو هو- هن جمال ذاڪر کي چيو “مٿي ڏس، ڪڪرن ۾ توکي ڪجهه نظر اچي ٿو!؟”
“ها!” جمال ذاڪر سندس ان عجيب ڪيفيت تي نظر وجهندي، بس سندس دل رکڻ خاطر، ڪنهن مذهبي فرقي جو عقيدو دهرايو. “ڪجهه عقيدتمند ماڻهن جو خيال آهي، ته انهن ڪڪرن ۾ حضرت علي رضه جو روح رهي ٿو!”
هن سڪون جو ساهه کنيو، سندس عقيدي کي آٿت ملي، هن کي لڳو ته، اهو شايد حضرت علي موليٰ جي نور جو ديدار هو، ولايت موليٰ علي جي هٿان ملندي، هو ولايت جو وارث آهي- حوضِ ڪوثر جو ساقي- حسينن جو ابو - ملائڪن جو مرشد- اسان فقيرن جو وارث- مشڪل ڪشا- يار جو ديدار ته موليٰ علي جي عنايت سان ٿيندو - رڳو بادلن ۾ ڇو؟- هو ته فقيرن کي فيض جو ونڊ ڏيندڙ- هر فقير جي فڪر ۾ موجود ويٺل آهي- علم جو دروازو - اسان سچن جو سائين- حضرت محمد ڪريم پاڻ چيو هو- جنهن جو آئون موليٰ آهيان، ان جو علي موليٰ آهي!”
انهيءَ خيال،سندس روح کي ته وسعت عطا ڪئي ۽ من کي مسرت ميسر ٿيس، پر سا، گهڙي کن لاءِ، بعد ۾ سندس ذهني ڪيفيت وري به خشڪ ٿي وئي.
_____________________