باب يارهون
ڪجهه دير کان پوءِ پنج وقتي آذان ڏيندڙ مؤذن به مسجد ۾ پهچي چڪو هو ۽ هي به هاڻ نفل پڙهي فارغ ٿي چڪا هئا.
جڏهن مؤذن آذان مڪمل ڪئي، تنهن مهل وڻن تي ويٺل پکين جي آواز ۾ اوچتو ايترو ته شور مچي پيو، جو فجر واري آذان ۾، انهن پکين لاءِ ڄڻ رات واري قيد کان، آزاديءَ جو اعلان هو. بس ٿوري دير ۾ ئي، وڻن تي ويٺل پکي، جيڪي رات جي کاڌي لاءِ ڪجهه بچائي به نه رکندا آهن، اُهي وڻ خالي ڪري درياهه جي ريل تي ائين پکڙي وڃي ويٺا هئا، جو انهن جهڙو اڳ ۾ ئي پاڻ ۾ درياهه جي ڪنڌيءَ جا مهاڳا ورهائي رکيا هجن. نه ڪنهن قسم جي ويڙهه، نه حسد، نه ساڙ. سڀن جون درياهه جي ريل تي، پنهنجي پيٽ گذران لاءِ پاڻيءَ ۾ نظرون ائين متوجه هيون، جو پنهنجي خدا کي ڄڻ التجا ڪري چوندا هجن ته، ”يا خدا! تون اسان جي ضرورت واري مڇيءَ کي ڪناري تي آڻي، ان کي پاڻ مارائڻ ۾ مدد ڪر!“
اها حقيقت آهي ته، مڇيءَ سان محبت، هر ڪوئي ان کي ماري کائڻ لاءِ ڪندو آهي.
سج اُڀري چڪو هو. ڌراڙن چوپايو مال، چاري لاءِ ڳوٺ کان ٻاهر ڪڍيو هو، پر اهي چوپايا جانور اتي جي ماڻهن کان وڌيڪ ڪمزور ۽ ڏٻرا هئا.
اڇڙو تتر پنهنجون ٽوليون ٺاهي، ڪيڙو ڪڪ، ڪيڙو ڪڪ جون ٻوليون ٻولي، انهن ڌراڙن کي ڏسي، جھڙو انهن کي ئي پنهنجي ان ٻوليءَ ۾ چوندا هجن، “ڪهڙو ڪم، ڪهڙو ڪم!؟”
تترن جي اُن اهڙي ٻوليءَ مان ائين پي لڳو ته، هر پکيءَ جي ٻولي انسانن کان ڪونه ڪو سوال پڇندي هجي. پر انسان! جيڪو پنهنجي سوال کي پاڻ مڪمل سمجهي نه سگهيو هو، سو تترن جي تنوار ۽ خرگوش جي گوهي سمجهڻ وارو پنڌ تي اڃا اڳاهين هو. پر ائين ضرور ٿيو ته، قربان کي تترن جي انهن تنوارن، پنهنجي محبوبا، عدن جو اهو انجام ياد ڏياري ڇڏيو هو، جنهن کي هنن ٻنهي پنهنجي آخري ملاقات جو نالو ڏنو هو ۽ ان ملاقات ۾ هنن کي هاڻ پنهنجي محبت جي معاملي ۾ ڪو اهم فيصلو ڪرڻو هو. ان لاءِ هن صوفي صالح محمد جي اوطاق تي نيرن پاڻي ڪري، هن پنهنجي ٻيڙياتي دوست، ناکئي قاسم جي پڇا ڪئي، جيڪو کيس پنهنجي ٻيڙيءَ تي چاڙهي ان تڙ تي پهچائيندڙ هو، جتي 27 ڊسمبر، جمع جي رات، عدن کي سندس انتظار ڪرڻو هو. پر هن جڏهن ناکئي قاسم جي پڇا ڪئي، ته کيس خبر ملي ته، سندس اهو ٻيڙياتو دوست، پنهنجي گهر واريءَ جي ويم سبب سچ اڀريي ساڻ، شهر جي ڪنهن ڊاڪٽر ڏانهن وڃي چڪو هو. ۽ پوءِ هي ان ٻيڙياتي جي واپسيءَ جي آسري ۾ ئي آرام جي خيال سان سمهي پيو. پر عدن واري انجام کيس اکين تي ننڊ ڪرڻ ئي نه ڏني ۽ سڄو ڏينهن اُن ٻيڙياتي جي پڇا ڪندي اڳين لڙي چڪي هئي ته ان مهل اتي جو هڪ ٻيو سندس پراڻو دوست، ناکئو صديق هن سان ملڻ آيو، جيڪو سمنڊ جو هڪ سٺو معلم هو. کيس سمنڊ بابت سٺي ڄاڻ هئي. قربان هن سان ڪيترا ڀيرا اڳ به، عربي سمنڊ جو سير سفر ڪري چڪو هو. پر هي ناکئو سندس محبت جو حالِ محرم نه هو. درياهي ملاحن مان هي سندس اهو دوست هو، جنهن کي قربان اڪثر چوندو هو، “ناکئا صديق، تون اصل دراوڙ نسل مان آهين!”
اهو قربان کيس انهيءَ ڪري چوندو هو، جو سندس لباس ۽ منهن، مهانڊن مان ڄڻ رامائڻ ۾ شري رام ۽ راوڻ، دراوڙ تهذيب مطابق ان جي عڪاسي ڪئي هئي.
سندس قد ننڍو، مٿو وڏو، نڪ ويڪرو ۽ چپ ٿلها، چمڙي جو رنگ ذري گھٽ عربي سمنڊ جي پاڻيءَ جھڙو هئس.
۽ هن ناکئي کي پنهنجي سنڌ وطن سان جيڪا محبت هئي، سا جھڙي هن کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي بيتن مان حاصل ٿي هئي.
هڪ ڀيري هن سامونڊي سفر دؤران، قربان کان پڇيو هو، “يار اسان پاڻيءَ جا مسافر، اسان کي خبر نٿي رهي ته، هن وقت سنڌ وطن ڪهڙي حال ۾ آهي!؟”
تڏهن قربان کيس ٻڌايو هو ته، “ناکئا صديق، تاريخ ۾، تلوار سنڌ تي ايترا ته وار ڪيا ۽ ايترو ته رت وهايو آهي، جو سنڌ ۾ هاڻ سک ۽ سچ کي ڳوليندي، اڄ به تاريخ جي ورقن مان رت وهي پوي ٿو، پر تلوارن جون تجليون ۽ هاڻ بارود جون باهيون سچ کي سڃو ڪري نه سگهيون آهن ۽ اڄ به سنڌ پنهنجي حق ۽ سچ تي قائم بيٺل آهي.”
تڏهن ان ناکئي جي اکين روئڻ لاءِ ائين رنگ بدلايو هو، جو ڄڻ سمنڊ سندس اکين مان وهڻ وارو هو.
اهو ساڳيو ناکئو صديق، ان ڏينهن وري به قربان کي، سمنڊ جي سفر ۾ پاڻ سان وٺي وڃڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو، پر قربان کي پنهنجي عدن واري انجام جي اوني ائين خشڪ ڪري ڇڏيو هو، جو هن ته ڄڻ گانڌي وانگر نه ڳالهائڻ وارو برت رکيو هو.
گھڻي دير کان پوءِ، هن جڏهن ناکئي صديق کي چيو ته، “منهنجو اڄ رات جو پروگرام ناکئي قاسم سان رکيل آهي، ۽ اڄ رات ان سان پلن جي شڪار تي ويندس.”
تڏهن ناکئي صديق کيس ٻڌايو ته، “ناکئو قاسم گهر جي ناچاڪيءَ سبب، اڄ شهر جي ڪنهن اسپتال ۾ داخلا ورتي آهي. هير اڃا ٿوري اڳ ۾ خبر آئي آهي ته، سندس گهر واريءَ جي ويم لاءِ اڄ ئي آپريشن ٿيڻو آهي، سو ناکئو قاسم ته اڄ مشڪل اچي.”
انهيءَ خبر قربان کي ڪجهه دير لاءِ پريشان ڪري وڌو، توڻي جو عدن واري انجام ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن وچ ۾ هئا، پر آخري ملاقات سا به محبوبا سان، جنهن جا اڻ ڳڻيا نتيجا هوندا آهن. قربان کي ته انهن نتيجن به پريشان پي ڪيو، جيڪي کيس پنهنجي محبوبا جي حڪم موجب آّخري ملاقات ۾ ملڻا هئا، جن جي کيس پوري خبر نه هئي ته، محبت ۾ مجازي محبوبن سان آخري ملاقات ماڻهوءَ کي ڪهڙين حالتن ڏانهن وٺي ويندي آهي.
ناکئي قاسم کي پنهنجي محبت جو حال محرم رکڻ کان پوءِ، هن ڪنهن ٻئي ٻيڙياتي سان حال اوري پنهنجي محبت اگھاڙي ڪرڻ نه پي چاهي. بس ناکئو قاسم ئي سندس حال محرم هو، جنهن نه هن سان ڪڏهن واعدي خلافي ڪئي هئي، نه هن جو اهو راز ڪنهن سان کوليو هو، پر هو ان ڏينهن في الحال موجود ڪونه هو.
ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ، هن ائين ئي ڪيو، جيئن سندس قسمت چيو، “ڪاش! هڪ ٻيو ٻيڙياتو به منهنجو حال محرم هجي ها، پر خير آهي، اڄ سومر جو ڏينهن آهي ۽ مون کي خميس جي ڏينهن تياري ڪرڻي آهي. تيستائين ناکئي صديق سان گڏجي ٿو وڃان ۽ سمنڊ جي سفر ۾ دل بهلائي ٿو اچان. ۽ پوءِ تيستائين ناکئو قاسم به اچي ويندو”.
انهيءَ سوچ ۾ ئي هو ته، ناکئي صديق وري به زور ڀريندي چيس، “پوءِ ڇا ارادو آهي؟”
“اوهان جو ڪيترن ڏينهن لاءِ چڪر آهي؟” قربان پڇيو.
“هونئن ته ٽن ڏينهن جي رؤن جو ارادو آهي، پر قسمت ڪسي نڪتي ته، ستن ڏينهن جون چڪر لڳي سگهي ٿو”.
قربان جڏهن ٽن ڏينهن جو سفر ٻڌو، تڏهن سندس دل جي طبيعت اهو سامونڊي سفر ڄڻ پنهنجي لاءِ علاج گهري ورتس، ۽ هن هڪدم چيو، ”نه، ست ڏينهن نه، مون کي خميس ڏينهن سج اڀريي وقت وري هن ساڳي اوطاق تي هتي پهچائين ته پوءِ ٺيڪ آهي، هلان ٿو، نه ته…؟”
“ها ها ٺيڪ آهي… دعا ڪج… انشاءُالله خميس ڏينهن اسان وري هن اوطاق تي بس.” ناکئي چيو.
“ڪيڏي مهل ٿا نڪرو؟” قربان پڇيو.
“اڄ سانجهي نماز پڙهي، نڪرنداسون ۽ حاجي ابراهيم جي درگاهه کي ويجهو واڙي نهر (Creek) تي، يا وقت مليو ته اڳيان ٽانگر نهر (Creek) تي هلي سومهڻي نماز پڙهنداسين.”
“ٺيڪ آهي، طبيعت ڪجهه ڏينهن لاءِ ته سفر گهري پيئي، پر اُتي تنهنجو ارادو وڌيڪ ڏينهن لاءِ تبديل ٿيو ته، منهنجو رهڻ عذاب ٿي پوندو!” هن ناکئي کي مقرر ڏينهن لاءِ پابندي ڪندي چيو.
“نه، توکي خبر آهي، آئون ائين لالچي ناهيان ۽ ان کان علاوه تيل ۽ سيڌو پوري ڏينهن جي سفر لاءِ ئي هوندو ۽ الله ۾ اميد آهي روزي ملندي.” ناکئي چيو.
“بس ته پوءِ ناکئا صديق، توسان هلندس.” قربان چيو.
“هلندس نه، بس اٿو، هلو، آئون ته پنهنجن ٻچن سان ملڻ آيو هئس. تنهنجو ٻڌم ته هليو آيس. آئون هوڙو پنهنجي گهر جي ڪنڌيءَ سان بيهاري آيو آهيان. وچين نماز هلي ٿا چنگيسر تڙ تي پڙهون. آئون پنهنجا خلاصي به سڀ اُت لاهي آيو آهيان، اُهي اُتي آهن ۽ اتان ئي چڙهندا”.
ماڻهو جيئن پنهنجي موت کان اڻڄاڻ آهي، ائين قسمت به ڄڻ ڪا بي زبان هوندي آهي، جو نه انسان کي ڪڏهن ڪا اڳواٽ مبارڪ ڏيندي آهي ۽ نه ڪنهن اوجهڙ يا عذاب جو اطلاع ڪندي آهي. سڀ ڪجهه انسان ۾ هوندي به، خود انسان به ان کان اڻڄاڻ! ۽ سمنڊ جا معلم به ائين چوندا ٻڌا ويا آهن ته، ”سمنڊ جي مسافر کي گهر ۽ قبر واري يقين کي ياد رکڻ، پنهنجي اندر جي سمنڊ کان بي علمي آهي”.
۽ پوءِ قربان، صوفي صالح محمد کان به ڪونه موڪلايو ۽ ناکئي صديق سان هن جنگيسر تڙ تي اچي وچينءَ واري آذان ٻڌي.
نماز کان پوءِ ناکئي جا خلاصي، سَرنگ ۽ ڀانڊاري سميت سڄو عملو، هوڙي ۾ سنڊ، سامان چاڙهيندي، ان ڏينهن واريون باقي جيڪي گھڙيون هيون، انهن ۾ سج پنهنجو ڳاڙهسرو رنگ آڻي ڄڻ رات ۽ ڏينهن جي وچ وارو فرق پي محسوس ڪرايو.
هي سنڌ جو اهو ساحلي علائقو هو، جنهن ۾ ڪو وقت ڪراچيءَ کان ڪڇ ۽ ڪڇ کان دوارڪا بندرگاهه تائين يونانين، عربن ۽ انگريزن جا تجارتي ٻيڙا پنهنجو ڪاروبار ڪندا هئا، ۽ جتان ٻين ڌارين کان علاوه رڳو عربن جون ئي، عمر بن خطاب کان حجاج بن يوسف تائين سنڌ تي پندرهن (15) ڪاهون ٿيون هيون ۽ عالمي تجارت جو مرڪز هو. پر هاڻ ڪيٽي بندر تعلقي جي جنگيسر تڙ تي چند پراڻن هوڙن ۽ ڀڳل ٽٽل ٻيڙين ۾ بک، بدحالي ۽ بي علمي ڏسي ملڪي حاڪميت تي ڪراهت پي ٿي ۽ انتظامي لحاظ کان هر ٻيڙياتو ڄڻ سرڪاري ڦرلٽ جي باهه جو سڙيل هجي. ۽ سنڌو نديءَ تي قبضي کان پوءِ کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي تجارت بند ٿي ويئي. پر کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر کان بحرِ روم، بحر اوقيانوس، بحرِ اسود (ڪارو سمنڊ) ۽ بحرِ احمر (ڳاڙهو سمنڊ) کان هن پار سينا جبل جي آباديءَ تائين، سنڌ جا تجارتي تعلق وڌيڪ آسان ٿي سگهن ٿا، ليڪن ان تعلق کي بحال ڪرڻ ۾ سنڌ سرڪار جا اختيار به ڄڻ وڪاڻل هجن ۽ جنگيسر تڙ تي مفلس ٻيڙياتن کي ڏسي وقت ائين پي تصور ڪيو ته، ”ماڻهن جو وقتي حاڪميت تي ڪوئي حق ناهي، تنهن ڪري جديد تجارتي ٻيڙن کان هنن کي محروم رکيو ويو آهي، ان وقت دل ۽ دماغ اهوئي فيصلو ڏيئي پي سگهيا، ته اهڙن بيوفا حڪمرانن کي وڪڻي ڇڏڻ جائز آهي، جن جي اصل حالت غلام آهي!”
سنڌو نديءَ جي ان پيرانديءَ کي ڇُهندي دل ۾ دفن ٿيل تاريخ اها شاهدي پي ڏني ته سنڌو درياهه، جنگيسر تڙ کان ڪانئر نهر (Creek) ۽ ڪانئر کان ٽانگر نهر، ٽانگر کان ڪاجر نهر، ڪاجر کان سير نهر ۽ سير نهر کان حرامي نهر تائين، هي ست آريو سُتاڙو درياهه آهي، جنهن کان پوءِ بستا آهي، جيڪا ڀارت سرڪار جي سرزمين آهي. جيئن ڀارت جو دوارڪا بندرگاهه، معنيٰ گھڻن دروازن وارو. پر سنڌو نديءَ جي هن ساحلي سرزمين جا دروازا ڳڻي پورا نٿا ڪري سگهجن. پر حيرت ان ڳالهه جي پي ٿي ته، پنهنجي هن عظيم خزاني جي مالڪ، هن امير قوم ۾ غربت پنهنجا گهر ائين اڏي ڇڏيا هئا، جنهن لاءِ تاريخ کي مهڻو ڏيڻ پنهنجي منهن ۾ ٿڪ هڻڻ جي برابر پي لڳو.
ڪيٽي بندر تعلقي جي ان جنگيسر تڙ تي هاڻ سج لهي چڪو هو. سج لهڻ کان پوءِ اهڙي ته مايوس خاموشي محسوس پي ٿي، جو ائين پي لڳو ته، دنيا ۾ قيامت هن ڌرتيءَ کي ويڙهي ڇڏيو آهي ۽ باقي هي چند ٻيڙياتا آهن، جيڪي پاڻيءَ تي زندهه رهجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ تي حيران هجن.
ناکئي صديق جو اُهو سٺ (60) فوٽ ڊگهو هوڙو، هاڻ پنهنجو پڳهه کولي واڙي نهر (Creek) واري رخ تي پنهنجو سفر روانو ڪري چڪو هو. مشين جي گوڙ تي ڪنهن جو هلڪو آواز، ڪنهن کي سمجهه ۾ ڪونه پي آيو، ته ان مهل ناکئي وڏي آواز ڪجهه ڳالهايو پي، ته اُهو آواز ائين پي لڳو ته، ڄڻ ڪوئي قبر مان دنيا وارن کي وڏي آواز ڪجهه سمجهائيندو هجي!
هونئن ته تاريخ موجب جديد دؤر جو انسان Homosapien هڪ لک، پنجاهه هزار سال اڳي ڌرتيءَ تي آباد هو، پر دنيا ۾ هيءَ سنڌ اها سرزمين چئي پيئي وڃي، جتي جي آباد انسان پنج هزار سال اڳ سڙهه ايجاد ڪري، پاڻيءَ جي مٿان ٻيڙين جو سفر شروع ڪيو.
واڙي نهر (Creek) تي پهچندي، ناکئي ڊرائيور کي مشين بند ڪرڻ جو اشارو ڏنو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ خلاصين کي حڪم ڏيندي چيو، ”ناتاري وتايو؟“
تڏهن ٻه خلاصي جيڪي اڳ ۾ ئي هوڙي جي ڦني وٽ ناکئي جي اهڙي حڪم لاءِ تيار بيٺل هئا، اهي ناتاري درياهه ۾ اڇلي هڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏسي وري چوڏهين تاريخ واري چنڊ ۾ ڏسڻ لڳا، ۽ چنڊ جي اُها چانڊاڻ قرآن پاڪ جي ڄڻ اها شاهدي دوهرائي رهي هئي ته، “انسان توهان چوڏهين واري چنڊ جيان پنهنجي ڪمال تائين پهچندا”.
هوڙو هاڻ بيهي چڪو هو، پر سندس اهل، چهل مان ائين پي لڳو ڄڻ هلندل هجي، ۽ واڙي نهر (Creek) جو کارو پاڻي ائين پي کليو، ڄڻ عربي سمنڊ جا چانڊاڻا ٽهڪ اُتي اچي پي کليا.
ناکئو هوڙي جي ڦني وٽ آيو، جتي قربان ويٺو هو، ۽ هي هوڙي يا ٻيڙي جي اها مقدس جاءِ هئي، جتي ٻيڙياتا شڪراني جا نفل پڙهي پنهنجي خدا کان سفر جي سلامتي گهرندا هئا. ان کان اڳيان مورو هوندو آهي، ٽائٽانڪ فلم جو هڪ سين پڻ جهاز جي ان حصي جو ڏيکاريوويو هو، جيڪو سڄي فلم جي سڃاڻپ ٿي پيو هو. ناکئي قربان سان گڏ ويهندي چيو، ”سوچيم ته اسان اتي ئي لنگر پاڻي ڪريون. انهيءَ ڪري مشين بند ڪري، ناتاري ڪئي اٿم. پر هاڻ عقل آيو آهي ته اسان کي ڪجهه اڳتي هلي ٽانگر نهر (Creek) تي ناتاري ڪرڻ گهرجي ها، ڇا خيال آهي تنهنجو؟”
“آئون ان معاملي ۾ ڇا ٿو چئي سگهان. پنهنجن خلاصين کان پڇ، يا پنهنجي سرنگ صلاح ڪري وٺ.” قربان ڇو.
ناکئي پنهنجي سرنگ کي سڏ ڪري ان کان پڇيو: “اڃا سانجهيڪو آهي. منهنجي خيال ۾ اسان کي ٽانگر نهر (Creek) تي هلي لنگر ڪرڻ گهرجي؟”
“اصل ۾ اسان کي اتي پهچي ناتاري ڪرڻي ئي. سرنگ چوڻ لڳو، ”پر مون سمجهو اسان سان ڪو سيڻ، سنگهاڙي ڪونهي، تنهنڪري تو پڳهه پائڻ جو چيو آهي. پر اسان کي ته ٽانگر نهر (Creek) تي رڇ پوکڻو آهي. ۽ منهنجي خيال ۾ ٻيو رڇ اسان کي صبح جو فجر کان پوءِ ڪاجر نهر (Creek) تي پوکڻ گھرجي. ائين اسان ڪنهن سٺي مڇيءَ تي پئي سگهون ٿا؟“
ناکئي کي اها صلاح دل سان لڳي ۽ ناتاري کڻڻ جو چئي، ڀانڊاري کي چوڻ لڳو، ”تون لولي پاڻيءَ جي تياري ڪر. ڪاجر تي پهچون ته ننگر تيار هجي؟”
۽ پوءِ رات جو يارهن وڳي ڌاري ناکئي هڪ دفعو وري به ڊرائيور کي مشين بند ڪرڻ جو اشارو ڏنو. هاڻ هوڙو ٽانگر نهر (Creek) جي آخري ڇيڙي تي پهچي چڪو هو ۽ اُتي ئي ناتاري ڪري، ناکئي درياهه جو معائنو ڪندي چيو، ”درياهه آلڙ تي آهي. لاڙو رڇ آريا ڪريو. جلدي جلدي، درياهه تکو آلڙ تي آهي. اسان وقت وڃائي پهتا آهيون، پر اها غلطي منهنجي آهي، مون واڙي تي درياهه ۾ نظر ڪانه وڌي. درياهه ان مهل آلڙ تي وريو هو، پر هاڻ جلدي ناتاري کڻو ۽ لاڙو رڇ آريا ڪريو”.
۽ پوءِ رڇ پوکائي مڪمل ڪري، جنهن مهل ماني کائڻ ويٺا، تنهن مهل خلاصين کي هدايت ڏيندي چوڻ لڳو، “صبح جو تقريبن چار وڳي تائين درياهه وير تي اچي ويندو ۽ ان لاءِ هيلو رڇ تيار رکجو. ائين نه ٿئي، جو آئون چوان هيلو رڇ پوکيو ۽ اوهان گُجي رڇ ۾ هٿ وجهو. اهو انڪري پيو چوان جو گهڻن کي صبح وارو، سيءُ سندن عقل ۾ ويهي رهندو آهي.“ پر ڪنهن ڪو خاص جواب ڪونه ڏنو.
هاڻي رات ۽ چنڊ جي جواني هڪ ٿي ويا هئا ۽ انهيءَ اُتساهه ۾ درياهه به ڄڻ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ پي چاهيون. پاڻيءَ جي مٿاڇري تان گذرندڙ اُتر جي هوا جو آواز ائين پي لڳو، جهڙو رقص جو مها ديو ‘شو نٽراج’ پنهنجي ‘ٽانڊو’ رقص ۾ محو هجي ۽ سندس چؤڦير شرابي شيوڪ نچي رهيا هجن. رات جا ٽي ٿيا ته ناکئي نئون حڪم ڏنو، ”رڇ هوداريو، شاباس بسم الله ڪريو!”
۽ خلاصين رڇ هوداري دنگ ڪيو، جنهن ۾ هڪ مڻ کن اڇو پاپليٽ لڳو هو، باقي صرف پنج پلا هئا. پلا، ناکئي ڀانڊاري کي اڇلي ڏنا ۽ هاريل منهن سان چيائين، “اهي ٻه پهر جي مانيءَ لاءِ آهن.” ۽ سُکاڻ ڏانهن ويندي چوڻ لڳو، ”هي رڇ هڪڙي پاسي ڪريو، ان مان پوءِ مڇي ڪڍي صاف ڪجو. پهرين هيلو رڇ آريا ڪريو!”
سندس اهو حڪم سرنگ کي پسند نه آيو، پر کيس چئي نه سگهيو ته، “ناکئا، تيستائين هيءَ مڇي ڀلي پئي هتي سُڪي ۽ ڪِن ڪري؟”
هن ناکئي کي ايترو به انهيءَ ڪري ڪونه چيو، جو کيس پوري خبر هئي ته، ناکئي جو حڪم، بس پهريون ۽ آخري هوندو آهي. تنهن ڪري هن هاڻ خلاصين کي همٿايو پي ته، ”شاباس بابا هيلو رڇ آريا ڪريو. هن رڇ مان ناکئو خوش ڪونه ٿيو، شاباس وري نئين بسم الله ڪريو.”
۽ خلاصي هيلو رڇ مڪمل پوکي، اڳ ۾ هوداريل لاڙو رڇ صاف ڪرڻ لڳا. ڀانڊاري صبح واري چانهه ناشتو سڀن کي کارائي پياري، پلا ٺاهڻ ويهي رهيو، جنهن کي ٻنپهرن واري سانجاڻ جو سايو هو ۽ ناکئي سڄو ڏينهن سُکاڻ تي ويهي پنهنجون نظرون پاڻي ۽ رڇ ۾ پوريون ڪندي چار وڳي چيائين، ‘رڇ هوداريو؟’
بس، سڄي ڏينهن ۾ هن صرف ايترو ڳالهايو هو. هونئن ته سخي طبيعت وارو شخص هو، پر پهرئين رڇ ۾ مڇيءَ جو سٺو مقدار نه ملڻ سبب شايد سندس ڪيفيتون درياهه جي ڪيفيتن سان گڏجي سندس سَنڌ ڪُڙجي پيا هئا.
خلاصين رڇ درياهه مان کڻي مڪمل ڪيو، پر ان ۾ به مڇيءَ جو ڪو خاص مقدار ڪونه هو بس ڪا مڻ ڏيڍ، ٽي کان چار ڪلو واري دوٿر مڇي ۽ ويهه پنجويهه ڪلو کن ڪلي ڏيڍ جي مُسڪو هئي.
هاڻ ناکئي ڊرائيور کي مشين چالو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سرنگ کي چيائين، “ڪاجر نهر (Creek) تي هلنداسين ۽ هي ان مهل ڪاجر نهر کي ويجها ئي بيٺل هئا. ڪاجر نَر (Creek) تي اچي هن وري به هيلو رڇ پوکڻ جو حڪم ڏنو. شام جا ڇهه ٿيا هئا ۽ اُها اربع جي رات هئي. خلاصي رڇ مڪمل درياهه ۾ پوکي رات واري مانيءَ تائين پنهنجي ڏينهن واري ٿڪ لاهي ورتي هئي. ڊسمبر جو مهينو هو، اُتر واري ٿڌي واءُ ناکئي کي ڪنهن ڪنهن مهل پريشان ته ڪيو پي پر ماني مهل هن سڀن کي پاڻيءَ جي ڪيفيت ڏسندي چيو، “صبح تائين هيءُ واءُ ته بيهي ويندو، پر موسم جي مرضي ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه پيو اچي”. ۽ وري ٿڌو ساهه کڻندي چيائين، “الله سڻائي ڪندو. منهنجو استاد مون کي چوندو هو، جمع جي ڏينهن واري شڪار ۾ پهريون رڇ ڀريو نڪتو ته سارو ڏينهن سمنڊ جا ڄڻ موتي پيا توکي پاڻ ڏانهن سڏيندا، پر نه، قربان سان واعدي خلافي نٿو ڪري سگهان ۽ سڀاڻي اربع ڏينهن شام جو واپس ٿينداسين. پوءِ وقت هوندو ته ڪانئر نهر (Creek) تي واپسيءَ ۾ ڪجهه دير کڻي بيهنداسين پر ڪريم ڪندو اڄ رات ڪاجر مان ڪجهه روزي ملندي، نه ته صبح جو سير نهر (Creek) تي هلنداسين ۽ آخري رڇ ان ۾ کڻي آزمائينداسين”.
۽ پوءِ رات واري ماني کائي ڪجهه دير لاءِ هرڪو ليٽي پيو، پر قربان آڌي رات مهل پاڻيءَ جا ڪڙڪا ٻڌا ته، شاهه لطيف جي سورمي، سهڻيءَ جو داستان ياد ايندي ئي ان مهل ڄڻ عدن سندس اڳيان روبرو اچي ويٺي هئي.
ناکئي کي سجاڳي ٿي ته هن پنهنجن ماڻهن جي ڳڻپ ڪندي، قربان کي جاڳندو ويٺل ڏسي، اچي ان سان گڏ ويٺو ۽ چوڻ لڳو، ”صوفي قربان، درياهه جي ڪنارن کان وڌيڪ محبت تو ڪٿي نه ڏٺي هوندي. هي گڏ به آهن ۽ جدا به آهن پر دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ طبيعت به هن جي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته دنيا ۾ قيامت سمنڊ ئي آڻيندو”.
ايترو چئي ناکئي اڃا ماٺ ڪئي ته سرنگ کي سجاڳي ٿي، ته اُهو به اچي هنن سان گڏ ويٺو، تڏهن ناکئي سرنگ جي منهن ۾ ڏسندي وري چيو، ”منهنجو استاد مون کي چوندو هو ته، سمنڊ تي ڪنهن کي پيادو هلندي ڏسين ۽ اهو جيڪڏهن شريعت جو پابند نه هجي، ته اُن جي اُن ڪماليت ۽ ڪامليت تي اعتبار نه ڪج”.
تنهن مهل قربان، جيڪو ناکئي کي پاسيرو ويٺو هو، تنهن ناکئي ڏانهن منهن ڦيريندي چيو، “ناکئا صديق، زندگي ته ملي ڪنهن محبت جي مسافت لاءِ آهي، جيڪو زندگيءَ جي سفر جون اهم ضرورتون پوريون نٿو ڪري، سو بيڪار ئي آهي. شريعت جو پابند رهي، سمنڊ تي پيادو سفر ڪرڻ عاشقن جي اهم ضرورت ناهي، پر زندگيءَ ۾ محبت جو سفر مڪمل ڪرڻ ضروري آهي. ۽ اها هر زندگيءَ جي خدا جي مرضي آهي. امام حسين عه جو قافلو سفر نه ڪري ها، ته دشت ڪربلا وارو قضيو تاريخ ۾ نه هجي ها!”.
هاڻ چنڊ جي کُليل چانڊاڻ ۾ رات، سمنڊ ۽ آسمان جو رنگ هڪ ٿي ويو هو. ائين پي لڳو، دنيا ڄڻ دارالفنا کي رسي هجي ۽ خدا رڳو مڇين ۾ باقي موجود هو، جنهن ڪنهن ڪنهن مهل پاڻيءَ ۾ اُڇل کائي آواز پي ڪيو.
ماڻهوءَ جي اکين ۾ اونداهيءَ جي دهشت، ماڻهن جي نظرن مان ڄڻ پنهنجو خدا به گم ڪريو ڇڏي ۽ انسان پنهنجي خاموش مايوسيءَ جي لهرن ۾ لُڙهندي، پنهنجي وجود سميت دارالفنا واري خوف ۾ وٺجي وڃي ٿو، پر سمنڊ جي ويران سفر ۾، چنڊ جي کير جھڙي روشني دؤران ماڻهو جي ته منهن ۾ ڄڻ سندس خدا کلندو هجي. پر افسوس هي انسان چنڊ کان پوءِ مريخ ۽ مريخ کان پوءِ معراج کان ڌرتيءَ تي اچي. محبت کي نه سمجهندي ڪيڏو نه ننڍڙو ٿي پوي ٿو، ڄڻ ته قوت ارادي ۽ پنهنجي ڪل هستيءَ کي ان منزل تي ڦٽو ڪيو اچي.
ان هڪ رنگي رات ۾ هنن ٽن ماڻهن کان علاوه باقي ڪٿان به ڪو انساني آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه پي آيو. ڪجهه دير کان پوءِ ان سرنگ ڳالهايو، جنهن جا مهانڊا ائين پي لڳا، جھڙو دائود نبي کان لوط نبي جي سامي نسل مان هجي، تنهن چيو، ”ماڻهو قناعت ڪن ٿا، پر اسان جي ته زندگي خود قناعت آهي.“
”هر انسان چاهي ٿو ته، زمين منهنجي پيرن هيٺان پاڻ گذري.“ قربان چوڻ لڳو، ”آسمان منهنجو گهر هجي، سمنڊ منهنجي شاهي سواري هجي ۽ جبل منهنجي سيراندي هيٺ هجي، پر ڪجهه اهڙيون حدون آهن، جتي انسان اچي کُٽي ٿو پوي. ازل کان اڄ ۽ سڀاڻي تائين، انسان جو مقدر بس هڪ عجيب سوال ته آهي ۽ اهو نه سمجهي سگهيو آهي، انسان جي قسمت انسان جي خوبصورتي آهي. اسان ان لاءِ ڀلا ناکئي کان ئي ڪجهه پڇون ٿا” ۽ ناکئي کان پڇيائين، “ناکئا صديق، ڇا توکي پنهنجي سامونڊي علم موجب، اها خبر پوندي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟” ۽ ناکئو صديق ڪجهه دير پنهنجي ڪيفيت ۾ ائين گم ٿي ويو، جھڙي ڪا خود ۾ وڃايل شئي ڳوليندو هجي ۽ پوءِ هڪدم چوڻ لڳو، “سمندر پنهنجن وڻجارن سان بي حد محبت ڪندو آهي ۽ پنهنجي ڪيفيت جا سڀ آڪار ۽ ارڪان، وڻجارن جي طبيعت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح سان، چنڊ جي تاريخن موجب، ڏسو درياهه سڄو کلي پيو، ۽ آسمان ۾ ڇمر ڏسو پيا، هي ايترو واءُ انهيءَ ڪري آهي ۽ درياهه جي ڪيفيت ڪنهن ڪروڌ ۾ آهي، پر سا مايوس ڪندڙ آهي. هينئر اندر ٻار ۾ ته درياهه باقاعده ٻرندو هوندو. اسان ان کان ايترا پري به ڪونه آهيون ۽ ويجها به ڪونه آهيون. درياهه جون اهڙيون ڪيفيتون بس دعا ئي گهرنديون آهن ۽ وڻجارن ۾ دعا جي طلب وڌي ويندي آهي.”
انهيءَ دوران سندن سڀئي ستل ساٿي هاڻ جاڳي پيا هئا ۽ سڀ هاڻ گڏ ويٺل هئا. پاڻيءَ ۾ رڇ ۽ مڇيءَ جو پاڻ ۾ ڪو پراڻو جهيڙو هلندڙ هو. ناکئي جو دعا وارو لفظ ٻڌندي، سرنگ چيو، ”ته پوءِ صوفي قربان دعا لاءِ هٿ کڻي ته ڪر ڇمر هٽي وڃي، واءُ سڻاوا ٿي وڃن ۽ دل تان بار به هلڪو ٿي پوي.”
پر ڪنهن کي اها خبر ڪانه هئي ته قربان کي خود دعائن جي ضرورت آهي. پر عشق اڳيان دعائون پاڻيءَ تي ڦوٽي جي برابر به بيهي نه سگهنديون آهن ۽ عاشقن جون دعائون به ڪهڙيون، جن جا جيءُ ويڄن وٽ ويٺي جڏا ٿيندا هجن، پر پوءِ به قربان کين ماحول موجب مايوس ڪرڻ نه پي چاهيو، تنهن هٿ کڻي دعا ۾ چيو، “اي هن ست رنگي سمنڊ جا خالق، اسان دعائن جي ڏُڪار ۾ هميشه ئي رهيا آهيون، ۽ تون سڀ ڪجهه ڏيڻ وارو هميشه ئي رهيو آهين. اي الله جيئن ذڪريا نبي جي دعا قبول ڪيئي. جيئن يونس نبي جي دعا قبول ڪيئي، ائين اسان جي به دعا قبول ڪر.
تو سڀن نبين کي آخري نبي محمد مرسل جي ظهور لاءِ سختيون ۽ سزائون ڏنيون، تو آدم جي اولاد کي نوح نبي جي ٻيڙيءَ تي چاڙهي ان کي بقا ڏني ۽ وري نوح جو اولاد ڪري آباد ڪيو. آدم کان احمد مرسل تائين، تو انسان لاءِ نيڪيون موڪليون، انهن نيڪين جي صدقي ۾، اسان جي دلين جون دعائون قبول فرماءِ ۽ جيڪا اسان جي روزي آهي، سا بنا دير، برڪت سان اسان جي نصيب کي ادا ڪر! آمين”.
خبر ناهي بندو خدا جو يار يا خدا بندي جو يار، پر ڪا ياري آهي ضرور، ڪو تعلق، ڪا محبت، ڪاملن ۽ سنبندي آهي ضرور، جنهن آدم کي پنهنجي شڪل تي ٺاهڻ جو ارادو ڪيو. اهو ته ڪير نٿو ٻڌائي ته آدم جي شڪل ٺاهڻ کان اڳ ۾، هن آدم جي شڪ ڏٺي هئي ۽ پوءِ ان کي پنهنجي شڪل تي ٺاهي، ان ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڏيئي ڇڏي.
۽ اها ياري ته آدم کي شڪل ۾ اچڻ کان اڳ جي آهي ۽ هاڻ ايڪيهين صديءَ جو آدم، ڪنهن اڻ لکي صديءَ جي تاريخ واري پيدائش کان اڳ جي، اُن ياريءَ جي تلاش ۾ قربان جهڙا هزارين هئا پر سندن صوفياڻي ذهن تي رڳو صوفياڻيون صدائون ۽ قلب ڪاڙهيندڙ قول هئا بس!
هاڻ رات ڪافي گذري چڪي هئي. ناکئي پنهنجو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته، “رڇ هودارڻ جي تياري ڪريو.“ خلاصي سڀ پنهنجي ان تياريءَ کي لڳي ويا. چنڊ پنهنجي موڪلاڻيءَ وارو رنگ آهستي آهستي بدلائڻ لڳو هو. قربان کي چنڊ جي اها موڪلاڻي ۽ ان جو اهو ٿڌو روشن رنگ سندس ڪيفيتن ۾ ڄڻ سمايل ئي رهندو هو. هو عدن سان اڪثر چنڊ وهامڻ تائين ڪچهريون ڪندو هو. ان مهل به چنڊ جي ان روشني کيس عدن ياد ڏياري ڇڏي هئي، جنهن ۾ سندس اڳ ڪيل ملاقاتون ستائڻ لڳيون هيون.انهن ۾ به خاص ڪري اُهي ڳالهيون، جيڪي هنن پنهنجي هر ملاقات دؤران پي دوهرايون هيون، ۽ اهي اقرار ڀريون ڳالهيون هميشه ياد رکڻ لاءِ هڪٻئي کي تاڪيدون پي ڪيائون. قربان ان مهل اهي پنهنجي ذهن ۾ دوهرائڻ لڳو هو. هن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد آيون، پر سندس ذهن ۾ شروعات هن خيال سان ٿي، “ڇا اهو ضروري آهي عدن، جنهن سان عشق ڪجي ان کي حاصل ڪجي؟”
هن سوچيو، مون هُن کي ائين ڇو چيو هو ۽ وري هڪ ٻيو خيال ياد آيس، “تون چپ ڇو آهين عدن، ڏس تنهنجا گناهه ۽ ثواب، سڀ مون هاڻ پنهنجي نصيب جي نالي ڪري لکي ڇڏيا آهن… دوزخ جي باهه کي منهن ڏيڻ هاڻ منهنجو مقدر آهي، تون پريشان نه ٿي. هاڻ ڪجهه کِل ته منهنجي اندر ۾ پيل بهشت جي خواهش بيمار ٿي مري پوي!”.
تڏهن عدن وارو ان سوال جو جواب ياد آيس، ”مون پنهنجن دردن جي ڪتاب کي، قرآن جيان پڙ ڏيئي، ويڙهي، پنهنجي دل جي رحل ۾ رکي ڇڏيو آهي، تنهن کي تون کولڻ جي ڪوشش ڇو پيو ڪرين قربان؟
اکين مان رت جو سمنڊ وهائي، ٽٽل دل جي سلائي ڪرڻ سولو ڪم ته ناهي. پر ان کي پراڻي جتي جيان سبي پنهنجي جيءَ ۾ لڪائي رکڻ کان پوءِ، هاڻ سڀ ڪجهه وسارڻ جي ڪوشش پيئي ڪريان. تون ان کي اتان کڻي منهنجي منهن ۾ نه هڻ!”
عشق جڏهن انسان جي زباني محبت جو اظهار ڪندو آهي، ته اُها ٻولي زماني کي مڪمل سمجهه ۾ ڪڏهن آئي آهي؟ ان کي ته بس اُهي ئي سمجهندا آهن، جن جي نظرن ۾ نينهن ويٺل هوندو آهي.
هڪ ته رات جو پويون وقت، ٻيو ماڻهو سمنڊ جي سيني تي ويٺل هجي ۽ چنڊ جي مڌم روشني هجي ۽ ٽيون ماڻهو جي ماس واري دل ۾ عشق جهڙي آفت جاڳندل هجي ته پوءِ عافيت ڪهڙي ۽ پوءِ اهڙي عاجز جي ڪيفيت بيان ڪرڻ آسان ته ڪونه چئبي.
هن کي ياد آيو، جڏهن هن عدن کي چيو هو، “ڇا عدن جو باغ تو جهڙو ئي خوبصورت هوندو. جي ائين آهي، ته پوءِ جن توکي ڏٺو، سي هاڻ نمازون ڇو پڙهندا؟”
اهو عدن کي هن تڏهن چيو هو، جڏهن محبت ۾ هن کي هاڻ اِهو يقين ٿي ويو هو ته، “عدن جو باغ انسان کان وڌيڪ خوبصورت ٿي نٿو سگهي.” ان ڪري ئي هن کي پنهنجو خدا ڪنهن مذهب جي بجاءِ انسان مان چٽو نظر پي آيو. ۽ هن روا پرست ۽ خدا پرست واري جنجهٽ ۾ پوڻ ئي نه پي چاهيو.
هن هڪ حسين ۽ خوبصورت نوجوان ڇوڪري، عدن، مان پنهنجي خدا جي مڪمل خدائي شايد ڏسي ورتي هئي.
هن انساني شڪل کي، عياشيءَ واري نظر کي انڌو ڪري، الاهي واري نظر سان پي ڏٺو ۽ هن کي ان مان قدرت جي اها ڪل شاهڪار شايد نظر آئي، جيڪا زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ بس رڳو خدا جي شڪل ۾ جُڙيل هئي.
هن کي مسجد جي رنگين محرابن کان وڌيڪ انسان جو نڪ، خدا جي شڪل سان ويجهو نظر آيو.
هن کي موهن جي دڙي واري مورتي جي الماسي اکين کان انسان جي زندهه اکين ۾، پنهنجو خدا وڌيڪ چٽو نظر پي آيو.
هن ته هڪ ڀيري پنهنجي پيءُ کي به چئي ڏنو هو، “جي انسان هن ڌرتيءَ تي آباد آهي، ته اها خدا جي شڪل جي سلامتي آهي!”
هن کي اُهو بحث به ياد آيو، جيڪو هن هڪ لڱا عدن سان ڪيو هو، “عدن، جيڪڏهن آئون چوان ته، منهنجو مرشد تون آهين، ته منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم هوندو؟”
“هر محبت ڪندڙ جو احترام ڪجانءِ”. عدن چيو هئس، “جيڪڏهن پنهنجين اکين ۾ ڏسي سگهين، ته پوءِ عورت جي اکين ۾ ڪڏهن نه ڏسجانءِ!”
“ڇا، تنهنجين اکين ۾ به نه؟” قربان پڇيو هو.
“منهنجون اکيون ته توکي هر صورت ۾ نظر اينديون ۽ تنهنجي اکين ۾ مان ئي ته آهيان!” عدن چيو هو.
“ڇا آئون پاڻ کي تنهنجين اکين ۾ ڏسي سگهان ٿو؟” قربان پڇيو هو.
“گمراهيءَ جون ڳالهيون نه ڪر. اکين جي راهه ۾ رُلي ويندڙ رند پنهنجي منزل وڃائي ويهندا آهن”. عدن چيو هو.
“ڇا تنهنجيون اکيون، منهنجي راهه جي رهبري ناهن؟” قربان پڇيو هو.
“مون توکي عورت جي اکين ۾ ڏسڻ کان منع ڪئي!” عدن چيو هو.
“ته پوءِ تون ڇا آهين؟!” قربان پڇيو هو.
“مان بخشش آهيان. پنهنجي پيءُ جي بخشايل. مون کي عورت واري درجي مان خارج ڪيو ويو آهي، توسان محبت جي ڪري - تون چاهين ته منهنجي اکين ۾ ان نظر سان ڏسي، مون کي عورت بڻائي سگهين ٿو. پر اهو به هاڻ تنهنجي لاءِ شايد مشڪل آهي. مان عدن آهيان. مون کي واقعي به اهو باغ سمجهيو ويو آهي، جنهن جو ميوو، ابليس ۽ آدم جهڙي ڪيل غلطي، ڪو به انسان حاصل نٿو ڪري سگهي.” عدن چيو هو.
“منهنجي توسان محبت آهي، ان باغ سان نه، جنهن جا رستا اُلجهيل آهن، جنهن تان آدم ۽ ابليس کي پاڻ ۾ ويڙهائي بدنام ڪيو ويو.”
“پر مان ته هاڻ اُها تلوار آهيان، جيڪا آدم ۽ ابليس جي هٿن مان ڇڏائي، ڪربل جي مسافرن جي ڪنڌ تي ڪِري آهيان. ۽ مون کي فتور ۽ فتني جو نالو ڏنو ويو آهي. مون کي وري ان درجي ۾ آندو ويو آهي، جيڪو آخري نبيءَ جي زماني کان، اڳ منهنجو درجو هو. آلِ رسول جي عاشقن علي جي اولاد کي ڪربلا ۾ ڪُهڻ وقت منهنجي زوجيت کي به ڪُهي ڇڏيو.” عدن چيو هو.
“ته پوءِ ڇا دنيا ۾ محبت باقي نه رهي؟ ته پوءِ هي منهنجي ساهه، اکين ۽ اندر جي احساسن ۾ تنهنجي لاءِ ڇا آهي؟” قربان پڇيو هو.
“اهي روزِ محشر جي ڏينهن لاءِ شاهديون آهن ان عشق جون، جن ڪوفي ۽ ڪربلا وارن جي وچ ۾ قرآن کي دغا طور استعمال ٿيندي ڏٺو، جيڪي تنهنجي ساهه، اکين ۽ اندر ۾ آهي، سو هر محبت ڪندڙ ماڻهو ۾ قيامت تائين قائم رهڻو آهي. پوءِ ڪڏهن اغول ۽ حسين حلاج جي نالي سان، ڪڏهن يوسف ۽ زليخان جي نالي سان، ته ڪڏهن عدن ۽ قربان جي نالي سان قائم رهندو. ۽ ان کي قائم رکجان، پاڻ کي ڪربلا جي رڻ واري قرباني جيان. بس اهوئي حيات جو مقصد آهي.” عدن چيو هو.
“ڏس عدن، مون کي پنهنجي محبت مان ابليس وانگر ڌڪاري ڇڏيندينءَ، ته تون سمجهين ٿي ته، منهنجي سرشاري ۾ گهٽتائي ايندي، نه هرگز نه، چاهي اُها ديوانگيءَ تائين به ڇو نه وڃي.” قربان چيو هو.
۽ پوءِ قربان دل ئي دل ۾ چيو هو، ”ته پوءِ ڪهڙي غلطي اسان ڪئي، جو اسان هڪ ٻئي کي چاهيو. دنيا حالتن کي خراب ۽ غلط ڇو ٿي چوي. ان ۾ انسان جو ڪهڙو قصور آهي، جنهن کي پنهنجي مرضيءَ سان هڪ نظر به ڪيڏانهن ڏسڻ جو اختيار ناهي، نه ننڊ جو اختيار ۽ نه مرضيءَ وارو خواب ڏسڻ جي اميد. هي ڪنهن خاص شڪل ۾ جُڙيل دنيا جي آخري ۽ اڪيلي تصوير، جنهن کي ازل کان عبد جو نالو ڏيئي، آڻي عدن جي اڱڻ تي بيهاريو. پر گهر ۾ گهڙڻ جي اجازت گهرڻ لازم ڪري ڇڏي!” هن خود سان مخاطب ٿيندي، ديوانگيءَ ۾ عدن سان پي ڳالهايو. ”ڪُن“ چئي، دنيا ڇهن ڏينهن تائين به تيستائين مڪمل نه ٿي هئي، جيستائين عدن جي نالي سان عورت تخليق نه ٿي هئي!”.
پر عدن ته موجود ڪانه هئي. هو ان وقت اهي ڳالهيون ياد ڪري ان کان ڄڻ هادي واري هدايت وٺي، پنهنجن خيالن ۾ واپس موٽيو هو.
محبت ۾ ماڻهو عظيم ٿئي ٿو، ته به پنهنجي عظمت کي نٿو ڄاڻي، هن جي نظڙ ۾ بس محبت عظيم هوندي آهي.
خود ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ، هو انسان جي عظيم ۽ ان جي ماضيءَ تي گھڻو سوچيندو رهيو. کيس خبر هئي ته، جيڪو ماضي وساري ٿو، اُهو حال ۾ جھڙو مئل ئي هوندو آهي. ۽ جن جي مستقبل تي نظر هوندي آهي، اُهي ئي اصل زندهه هوندا آهن.
هي نظر باز عاشق نه هو. ڪيترا ڀيرا هن جي ذهن تي اهڙا سوال بار بار ايندا هئا ته، “مرد ۽ عورت جي عشق مان، ماڻهو ڇو خفا ٿا ٿين، جڏهن ته ٻنهي جي وچ ۾ خدا موجود آهي!”
۽ سندس ذهن ئي جواب ڏيندو هو ته، “عورت سان عشق، فتني بازي ۽ آتشي خواهش تصور ڪندڙ، نالائق آهن!”
۽ عدن کي به ڪو غم نه هو. هن کي خدا جي ڪئي ۾ پورو يقين هو، ۽ هن زندگيءَ ۾ بس قربان سان ئي محبت ڪئي هئي، جنهن لاءِ هن کي پنهنجي ماءُ هدايت ڪئي هئي ته هن پنهنجي ماءُ کي به چٽي طرح چئي ڇڏيو هو ته، “دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو مرد منهنجي نصيب ۾ آهي، ته اُهو قربان آهي، ٻي حالت ۾ منهنجو نڪاح موت سان هوندو منهنجي امان”.
۽ هن قربان سان اُها آخري ملاقات رکي انهيءَ ڪري هئي، ته معاملي کي هاڻ هميشه لاٰءِ جوڙبو يا هميشه لاءِ ٽوڙبو.
توڻي جو هنن ٻنهي کي محبت پنهنجو اُهو راز ڏيئي چڪي هئي، جنهن طُور کي سرمو ڪري ڇڏيو هو. هي محبت جي انڌير قيد مان آزاد هئا.
هاڻ ناکئي جي حڪم موجب خلاصين رڇ مڪمل هوداري ورتو هو، پر ان رڇ ۾ پندرهن کان ويهه ڪلو تائين مڇي هئي، جيڪا ٻه کان ٽي ڪلو جو ڏنديو مڇي هئي. پر ان رڇ ۾ ڪجهه داڻا سيري مڇيءَ جا آيا هئا، جنهن خبر ناهي ته الئي ڪيئن ڀانڊاري کي ڏنگي وڌو هو ۽ ڀانڊاري جي يڪي ياحسين هئي. اُها سيري نالي مڇي، ان جي ڏنگ ۾ ايترو زهر هوندو آهي، جو ماڻهو ڏهه کان پندرهن ڪلاڪن لاءِ ان درد ۾ سُن لڳو پيو هوندو آهي.
ان ڏينهن اسور جي وقت ڀانڊاري وارو اُهو درد، ان ڏينهن واري اُها شروعات ڄڻ سڀني لاءِ درد کڻي اچڻي هئي.
ناکئي جي ڪيفيت اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته، مون کي مايوسي پيئي نظر اچي! ڀانڊاري جي رڙو رڙ ٻڌي ناکئي هن کي بس هڪڙي بروفين جي گوري کارائي سمهاري، ڊرائيور کي مشين چالو ڪرڻ جو چئي هن سُکاڻ سنڀالي ۽ سج اڀريي کان اڳ ۾ سير نر (Creek) تي اچي، هن خلاصين کي هيلو رڇ پوکڻ جو حڪم ڏنو ۽ سرنگ کي چوڻ لڳو، ”ڀانڊاري پاڻ وارو پورو ٿيو پيو اٿئي، اهو هاڻ اڄ واپسي مهل مت ۾ ايندو، تيستائين کاڌي پيتي جو انتظام توکي رکڻو آهي!”
ائين چئي وري چوڻ لڳو، “مون کي ڀيڻسا اميد هئي ته، پنج ڏهه ڪلو واري ڏانٺي ملندي، نه ته سنگرو يا پنج ست ڪلو واري گولي مڇي ضرور ملندي، پر خير آهي، جيڪي ڏاتار ڏنو.“
تڏهن سرنگ چيس، “بس الله ۾ اميد آهي. پر اهڙي مڇي ته مون کي به نظر ڪانه پيئي اچي”.
سرنگ جي اهڙي جواب ناکئي کي وڌيڪ مايوس ڪري وڌو هو. پنهنجي دل بهلائڻ خاطر هاڻ هي قربان وٽ اچي ويٺو. سج اڀري سنئون ٿي چڪو هو. ناکئو قربان جي پاسي ۾ ويٺو ئي مس ته قربان سندس لٿل منهن ڏسي چوڻ لڳو، “ناکئا صديق، سج روز انسان جي عدالت لاءِ اڀرندو آهي، پر انسان سج جي روشنيءَ ۾ ئي انصاف وڃايو ويٺو آهي. ڪو وقت هو، جو بهتر انسان ان کي تصور ڪيو ويندو هو، جيڪو پنهنجي نسل جي آبادي وڌائي، زمين آباد ڪري، جانور پالي، سمنڊ جو سينو کيڙي ان مان موتي ميڙي. سندس ان عمل کي خدا جي عبادت کان وڌيڪ نيڪ عمل چيو ويندو هو. پر پوءِ هاڻ هن پنهنجو ايترو نسل وڌائي ڇڏيو آهي، جو هاڻ خدا جي عبادت کان وڌيڪ بهتر عمل، پنهنجو سر بچائڻ تي اچي بيٺو آهي!”.
ايتري ۾ هڪ هوڙو هنن کي ويجهو ئي اچي لنگهيو، جنهن ۾ ڇهه ماڻهو ويٺل هئا، جيڪي سڀ جا سڀ ناکئي صديق جا ڄاڻ سڃاڻ وارا هئا. هنن ناکئي سان سهڻي نموني عليڪ سليڪ ڪئي. اُهي پنهنجي شڪار وارو چڪر پورو ڪري هاڻ جنگيسر تڙ تي واپس پي ويا. ناکئو انهن سان دعا سلام ڪري قربان سان مخاطب ٿيو، “صوفي! تون صوفي آهين، صوفي ڀلا ڇا ڪو مذهب آهي؟!”
“دنيا ۾ هر انسان پنهنجي روحانيت ۾ صوفي آهي، پر پنهنجي اهڙي صفت کان اڻڄاڻ آهي ۽ سنڌ جو ماڻهو ته ازل کان ئي جمال پسند رهيو آهي، جنهن سبب صوفي ازم جهڙي عظيم انسان دوست خيال سنڌ ۾ ئي جنم ورتو ۽ انيڪ قربانين کان پوءِ به سنڌ جي سرزمين تي آباد آهي. مذهب ته عقلي صلاحيت ۽ علمي فائدو رکندڙ اها حد آهي، جنهن ۾ نيڪيءَ جو اُجورو ۽ بديءَ جون سزائون مقرر ڪيل آهن، پر صوفي روحانيت جي رڻ جو مسافر آهي، جتي عقلي صلاحيتون ۽ علمي اڏارون بيهي ٿيون وڃن. اتان کان صوفي جي رمز رواني ٿي ٿئي”.
قربان ۽ ناکئو صديق صوفي ازم واري موضوع ۾ محو هئا ۽ ڏينهن جو اهو هاڻ ڪو ٻارنهن وڳي جو وقت هو ته اوچتو اوڀر طرفان کان ڀارت سرڪار جا چار بوٽ (Boat) سندن طرف ايندي ناکئي کي نظر آيا، پر اُهي ايڏي تيز رفتاريءَ سان پي آيا، جو اهو صحيح معلوم نه پي ٿي سگهيو ته پاڻيءَ تي ترندڙِ آهن يا هوا ۾ اڏامندڙ. بس چند منٽن ۾ ئي اُهي چارئي بوٽ (Boat) هنن تي گهيرو ڪري، رائفلون تاڻي بيهي رهيا.
ان کان اڳ ۾ ناکئي ڪوشش ڪئي ته ريڊيو ٽرانسميٽر (Walkie Talkie) تي ڪنهن ناکئي کي اطلاع ڪريان ته اسان کي ڀارتي نيوي وارن پڪڙي ورتو آهي، پر اُهو ريڊيو ٽرانسمينٽر (واڪي ٽاڪي) هن ڪجهه دير اڳ ۾ سرنگ جي هٿ ۾ ڏنو هو ۽ سرنگ الئي ڪٿي رکي ڇڏيو هو، سو تڙ تڪڙ ۾ هٿ اچي نه سگهيو ۽ ڀارتي نيوي وارا گهيرو ڪري ويا هئا.
ناکئي صديق جي ان هوڙي تي ڪل ڏهه ماڻهو چڙهيل هئا. هڪ پاڻ ناکئو، هڪ سرنگ، هڪ ڀانڊاري، هڪ ڊرائيور، هڪ قربان ۽ پنج خلاصي هئا، پر سڀ خاموش، سڀن جي زبان ڄڻ (لانگاري) سمنڊ جي اُها گِگَ لڳي ويئي، جنهن جي لڳڻ سان ماڻهوءَ جو اُهو عضوو سُن ٿي ويندو آهي.
۽ ڀارتي نيوي وارا پاڻ ۾ اٺ جوان هئا، جن وٽ ڀارتي ساخت جون رائفلون هيون. انهن مان چار ڄڻا، هنن جي هوڙي تي چڙهي آيا ۽ سڀن کي اونڌو سمهڻ جو حڪم ڪيائون. هنن پاڻ ۾ گجراتي پي ڳالهيو ۽ صرف ٻن ڄڻن ملاحن سان هنديءَ ۾ پي ڳالهايو.
جيڪي چار ڄڻا هوڙي تي ٽپي آيا هئا، انهن مان هڪڙي رڇ جو ڇيڙو وڍي ڇڏيو ۽ جهڙپ ڏيئي سُکاڻ تي وڃي ويٺو، باقي ٽي ڄڻا رائفلون تاڻي بيٺل هئا، جن مان هڪڙي سپاهي هڪ خلاصي جي پٺن کان پوري وچ ۾ زور سان رائفيل جو ڪنداق هڻي ڪڍيو، تنهن دانهون ڪري چيو، ”گھوڙا ڙي ناکئا!”
تڏهن سپاهيءَ وري ٻيو قنداق چيلهه تي هڻندي هنديءَ ۾ چيو، ”گاريون ٿو ڏين، رنڊيءَ جا اولاد .... ڊرائيور ڪير آهي اوهان ۾؟ جلدي ۾ جلدي ٻڌايو ڪير آهي؟َ“
تڏهن قربان، جنهن ملاحن جي بچاءُ سبب ڪجهه ڳالهائڻ مناسب نه پي سمجيو، پر تنهن نيٺ اردوءَ ۾ ڳالهايو، “ڇا؟ ڳالهه ڇا آهي؟!”
“چپ… بڪواس بند ڪر”. سپاهيءَ قربان کي رائفل سامهون ڪندي داٻي سان چيو ته ان داٻي سان ڊرائيور اٿيو، جيڪو هاڻ سمجهي ويو هو ته، اسان هاڻ ڀارتي نيوي وارن جي پڪڙ ۾ آهيون، ۽ هي هاڻ ڪونه ڇڏيندا، تنهن چيو، ”آئون آهيان ڊرائيور”.
“مشين چالو ڪر، ورنه گولي هڻندس، جلدي ۾ جلدي… جلدي” سپاهيءَ چيو.
هوڙي ۾ لڳل مشين، جيڪا هينو جي انجڻ هئي، تنهن کي ته بس رڳو چالو ڪرڻ جي دير هئي، تنهن بس رڳو سنڌو درياهه کي پٺ ڏني ۽ پوءِ هنن کي سير نهر (Creek) تان کڻي، پوءِ پاڏالو نهر (Creek) جنهن کي سنيارڙو به چون، اتان کان حرامي نهر (Creek) ۽ حرامي نهر تان ڪاهيندا تقريبن ٻه سؤ ڪلو ميٽر جو مفاصلو هنن چئن ڪلاڪن ۾ طئه ڪري هنن کي ڀارت جي بستا نهر (Creek) تي اچي لاٿائون.
___________________________