مختلف موضوع

سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي آهي.
فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
Title Cover of book سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

پنهنجي پاران : ڪائنات جون ڳجهارتون!

علم جا هاڻي ته تمام شعبا منظر عام تي آهن. جيڪڏهن اڄ جو انسان ڪتاب کي چڱي ريت پڙهي ته ان جو هر لفظ ڪارآمد آهي. ڪائنات ۾ هزارين ڳجہارتون لڪل آهن، جن کي انسان جي عقل ۽ علم ظاهر ڪيو آهي. جنهن ۾ سماجي بيهڪ، ادب، فلاسافي، سياست جا گُـرَ، جاگرافيائي حالتون، تاريخي اهڃاڻ، ٽيڪنالوجي جي ڀرمار، ثقافت جو نماءُ ۽ مذهب کي هر شيءِ ۾ ڳولڻ. اهي سڀ جو سڀ پهلو ڪتابن جي وسيلي انسان ذات تائين پهتا آهن. جيڪڏهن ڌيان سان ڏسجي ته سائنس جي جدت ۾ اچڻ سان انسان ذات جي زندگيءَ ۾ ڪيتريون آسانيون پهتيون آهن اهڙي طرح توهان ريڊيو کي ڏسو، ريڊيو جي به هڪ پنهنجي ڪهاڻي آهي. برِصغير جو اڃا ورهاڱو ڪونه ٿيو هو، انگريز حڪومت جو راڄ هو. مارڪوني ڪمپني کي ريڊيو سيٽ کپائڻا هئا، جنهن جي ڪري هنن هندستان ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرڻ پئي گهري. اهڙي طرح سرمائيدار انگريزن ڪوشش وٺي ننڍا ننڍا ٽرانسميٽر لڳايا. هوڏانهن وري بي بي سي وارن هنن کي هٿي ڏئي پنهنجي نشريات جي دائري کي وڌايو ته مارڪوني ڪمپنيءَ کي ويتر ٽيڪ ملي ۽ برِصغير ۾ ريڊيو جا سيٽ کپڻ شروع ٿيا. حالت وڃي اتي پهتي جو سرمائيدار ۽ واپاريءَ ريڊيو کي پنهنجي ذاتي عياشي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هُنن جي محبوبائن جي پسند جا ڪلام نشر ٿيندا هئا. اها هڪ وڏي ڪهاڻي آهي، جنهن تي هن وقت بحث نه ٿو ڪري سگهجي. پر 1935ع کان پوءِ ريڊيو کي سرڪاري دائري ۾ آندو ويو.
مارڪوني 1896ع ۾ عظيم سمنڊ، بحر او قياس جي ٻئي سري تائين ريڊيو سگنل پهچائڻ ۾ ڪامياب ويو، پر اڄ تائين ان جي فن مان دنيا لاڀ حاصل ڪري ٿي.
وري ٻئي پاسي نظر ڪجي ٿي ته وقت، خلا ۽ روشنيءَ جي رفتار کي به انسان فتح ڪري چڪو آهي. فڪري انداز سان اڄ جو شعور پنهنجون صفون درست ڪرڻ ۾ مشغول آهي. ائين ئي ضرورت آهر ريڊيو پاڪستان وقت به وقت ترقيءَ جي منزل طرف روان رهندو پيو اچي. ضرورت مطابق ريڊيو اسٽيشن لاءِ پروڊيوسر، انجنيئر ۽ نيوز ڪاسٽر کي تربيت ڏيڻ لاءِ هڪ اڪيڊميءَ 1971ع ۾ قيام رکيو ويو، جنهن جو اڳتي هلي ٽريننگ جو اسڪول بجاءِ هاڻي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن آهي.
انسان طبعي لحاظ کان حيوان به آهي، پر روحانيت کيس حيوانن کان ممتاز بڻائي ٿي.
دنيا ۾ ڪافي شيون آهن، جن جي ايجاد جي ڪري انهن جي نالن کي دنيا ياد پئي ڪندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ريڊيو پاڪستان جو شعار، قُولُوا للناسِ حُسنا، جنهن جو ترجمو آهي ”ماڻهن کي سٺي ڳالهه چئو.“
1947ع بعد ريڊيو پاڪستان جو وجود پيو، جنهن ۾ پشاور، ڍاڪا ۽ لاهور تان براڊ ڪاسٽنگ سروس جو آغاز ٿيو. ان وقت ريڊيو پاڪستان جي سربراهه طور ذوالفقار علي بخاري آيو، جنهن کي باباءِ ريڊيو چيو وڃي ٿو.
مشهور براڊڪاسٽر قاضي احمد سعيد جيڪو شروعات يعني آل انڊيا ريڊيو کان وٺي (1943ع کان 1984ع) تائين ريڊيو پاڪستان سان واڳيل رهيو.
قاضي احمد سعيد کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ريڊيو پاڪستان لاءِ بهترين (Matto) ”قُولُوا للناس حُسنا“، جيڪا سورة البقره جي 83 آيت ڪريما آهي. تنهن کي هن منتخب ڪيو.
ايف ايم ريڊيو کي فري فارم ريڊيو Free From Radio به چيو ويندو آهي. اهڙي طرح آهستي آهستي ترقي يافته ملڪن کان پوءِ ريڊيو پاڪستان 1993ع ۾ ميڊيم ۽ شارٽ ويوز نشريات سان گڏ ايف ايم چينل به متعارف ڪرايا ۽ ائين ئي لاڙڪاڻي شهر کي به ايف ايم چينل 101، 24 سيپٽمبر 1995ع تي مليو ساڳي ئي شهر جي مايه ناز شخصيت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ان جو افتتاح ڪيو جيڪا ان وقت ملڪ جي وزير اعظم هئي.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو قائم ٿيڻ کان پوءِ علائقي جي تمام ماڻهن کي ان جي نشريات مان لاڀ حاصل ٿئي ٿو، جنهن ۾ واپاري، سرمائيدار، ادب دوست، زراعت جو شعبو، فنڪار ۽ سگہڙ شامل آهن. صحت، تعليم ۽ امن امان جا مسئلا براهِه راست ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو نشر ڪندو رهيو آهي ۽ هر وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڪوشش اها ئي رهي آهي ته، سٺو ٻول اهڙو نشر ڪجي جنهن مان سڀ انسان متاثر ٿي پنهنجو مستقبل سمجهي اڳتي قدم وڌائين. ڪنهن داناءَ جو قول آهي ته؛
”جنهن ڏينهن آدم آزاديءَ جي اميد پَلي ڇڏي. ان ڏينهن کان قيامت شروع آهي. ڇو ته زندگي جي وجود لاءِ ڪوبه ڪارڻ باقي نه رهندو“. ان ئي سفر ۾ مون به مسلسل ڪوشش ڪري اوهان سڀني دوستن لاءِ هي ڪتاب سونهن سمبارا ترتيب ڏنو آهي. جنهن ۾ ريڊيو اسڪرپٽ، براڊ ڪاسٽرن جا سيلف انٽرويوز ۽ ادب دوستن جا تصويري البم شامل آهن.
جن دوستن ڪتاب بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو انهن ۾ محترم جيئل اوڏ، محترم جهانگير عباسي ۽ محترم عيسيٰ ميمڻ شامل آهن. انهن سڄڻن جا لک ٿورا. سنڌ جي نامياري شاعر ۽ محقق محترم سرمد چانڊيي جا وڏا وڙ، جنهن وقت تي بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. سونهن سمبارا جي سفر ۾ جن دوستن، پروف ريڊنگ، مواد جي چونڊ ۽ تصويرن جي مدد ڪئي، انهن ۾ سرمد چانڊيو، جيئل اوڏ، جهانگير عباسي، عيسيٰ ميمڻ، عزيز منگي، مرتضيٰ مير، رفيق آزاد شيخ، عزيز قاسماڻي، آزاد مجتبيٰ گهانگهرو، حاجي حسين جلباڻي، جي ايم رئيساڻي، ڪامريڊ ڪريم بلوچ، ۽ پنهل شامل آهن، جن دوستن جا نالا ۽ تصويرون وسري ويا آهن، انهن دوستن کان معذرت ٿو گهران.
آخر ۾ اها ئي ڳالهه ته؛
تجربو اهڙو دوست آ، جيڪو تڏهن ملندو آ، جڏهن اسان سڀ ڪجھه وڃائي ويهندا آهيون.

[b]فقير محمد سنڌي
[/b]لاڙڪاڻو - سنڌ