حصو ٻيو
محبـت به نقصـان واري نه رک،
خزاني سندو خرچ ڀاري نه رک،
اگر ڪار ڌارين ته لاري نه رک.
(دادن فقير)
عام چوڻي آهي ته پرهيز علاج کان بہتر آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ به ناهي، اسان پنهنجي ماحول ڏي نظر ڪري ڏسنداسين ته اسان ڪيترا بيوس آهيون يا وري بي سمجھ!
ڪنهن کي رڳو ڪا تڪليف ٿئي ته اسان رڳو ڊاڪٽرن جا ڏنل نسخا واپرائڻ ۾ پورا هوندا آهيون فلاڻي دوا اِها نه ته هيءَ دوا تيستائين ماڻهوءَ ئي پورو.
اهڙي طرح وري اسان سان زراعت ۾ به ساڳيو مسئلو شل نه ڪو جيت زمين ۾ ڏسون سڌو ڊيلر وٽ ادا وارو ڪر ڪا سٺي جيت مار دوا ڏي پوءِ هجي ڪڻڪ جو فصل سارينءَ جو فصل بس اسان کي ڪيستائين جيت مارڻا آهن!
ٻيلي ڏاها ٿيو ائين نه ڪريو علاج کان پہريائين مرض جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري آهي. سجاڳي ضروري آهي پر تڪڙ نه ڪرڻي آهي نه ته پوءِ نقصان جو انديشو ڪر کنيو بيٺو آهي.
رقص وجد جي حالت آهي جنهن ۾ جانور پکي ماڻہو موج ۾ اچي خوشيءَ جي انتہائي درجي کي پہچن ٿا. اهل دل انسانن ان کي آرٽ ۾ وڏو درجو ڏنو آهي.
هنن جو چوڻ آهي ته زندگي خود هڪ وڏو رقص آهي، جنہن کي جيترو خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيو اوترو سجائي ٿيندي.
سائين منہنجا!
کاڻين مان اسان کي ڪافي ڌاتو ملندا آهن، جيڪي اسين پنہنجي زندگيءَ جي ڪنہن نه ڪنہن موڙ تي ڪم آڻيندا آهيون، اهڙي طرح کاڻين مان ٻين ڌاتن وانگر ميٽ به کوٽي ڪڍندا آهيون.
ميٽ تمام سٺي شيءَ آهي، شيخ سعدي فارسيءَ جو تمام وڏو شاعر آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ”گُلستان سعدي“ شروعات ان بيت سان ڪئي آهي ته هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي پرينءَ جي هٿن مان سُرهو ميٽ تڙ تي مليو.
سعديءَ ٿو چوي. مون ميٽ کان پڇيو ته تون ميٽ آهين يا ڪو عنبر يا مشڪ آهين جو تنهنجي سرهاڻ ڪري آءُ مگن ٿي ويو آهيان؟
ميٽ وراڻي ڏني ته آءُ آهيان ته اها ئي ساڳي سستي مٽي، پر ڪجھ وقت گل جھڙي پرينءَ سان گڏ گذاريو اٿم.
انہيءَ سٺڙي سان گڏ ويہڻ ڪري مون ۾ اهو گڻ ٿيو آهي، نه ته آهيان ته اها ئي ساڳي ميٽ جي مٽي ميٽ جو رنگ هلڪو پيلو هوندو آهي. پر ان تان پاڻ هڪ رنگ کي وڌيڪ نالو ملي ويو آهي.
اسين ميٽ جھڙي رنگ کي ميٽائون رنگ چئون ميٽ تان رنگ کي نالو مليو آهي نه رنگ تان ميٽ کي.
[b]سائين منهنجا!
[/b]اسان جي سرزمين قديم دور کان تصوف، سلوڪ ۽ معرفتن جو اهم مرڪز رهي آهي. هن ملڪ جي سڀني صوبن ايتري قدر جو وفاقي دارالحڪومت ۾ به صوفين جا عاليشان مقبره ان ڳالہه جي گواهي ڏئي رهيا آهن ته مقبرن ۾ آرام ڪرڻ وارا وڏا بزرگ هن خطي کي پنهنجي روحاني فيض سان فائدو پہچائي رهيا آهن، ۽ اسان جي دلين ۾ سلوڪ ۽ معرفتن جا ڏيئا روشن ڪيا ۽ هن نفسا نفسيءَ جي دور ۾ جلوهه افروز آهن. جنهن ۾ صوفين جي دنيا ۾ حضرت شاهه لطيف رح، حضرت لعل شہباز رح، سچل سرمست رح ۽ ڪافي ٻيا بزرگ آهن جن هن نفسا نفسيءَ جي دور ۾ دلين تي نفرتن ۽ عدواتن جون مُہرون لڳل آهن تن کي پنهنجي سلوڪن وسيلي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اڄ جو انسان هڪ ٻئي جي رت جو اُڃارو ٿو لڳي. ضرورت ان ڳالہه جي آهي ته اسان پنهنجي صوفي بزرگن جي ڪلام کي ٻڌي پڙهي انہيءَ تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ اهو پيغام ٻين تائين به رسايون جيئن انہن سبقن مان فائدو حاصل ٿي سگھي. ۽ پاڻ ۾ امن ۽ ڀائيچاري سان رهون، جيڪا هن وقت جي اهم ضرورت آهي.
[b]سائين منهنجا!
[/b]قلم تو ڪيس ڪيا جيڪي، تـنـهـنـجا گھـاوءَ جي ڏسـنـديـن.
هينئي تاريخ کي چہبڪ، سي ميساري ڪيئن سگھندين
رنجايـئـي روح کـي منهـنجي، ۽ نه ڪيـہـڪاءُ آيـئـي ڪـو.
تــــکــــا تــــلــــوار کـان هـاسـي، پـنـهنـجـا وَار جـي ڏسـنـديـن.
(اصغر باغي)
صحت ۽ خوبصورتي لاءِ ڀرپور ننڊ تمام ضروري هوندي آهي. ننڊ جو خوبصورتيءَ سان گھرو تعلق آهي، ننڊ کان سواءِ توهان خوبصورتيءَ جي اميد نٿا ڪري سگھو. عام طور هر ماڻہو روزانو رات جو ست کان اَٺ ڪلاڪ آرام ڪري ٿو. اڪثر ڪيترا ماڻہو گھٽ آرام ڪندا آهن. آرام ڪرڻ دوران ماڻہو جو جسم هارمونز پيدا ڪندو آهي، جنهن سان انسان کي توانائي حاصل ٿيندي آهي. جنهن ڪري ماڻہو ٽي کان چار ڪلاڪ وڌيڪ ڪم ڪري سگھندو آهي. ننڊ دوران فطري عمل ذريعي انساني جسم جا سيل تازا ٿي ويندا آهن. ننڊ سان دماغ کي سڪون ملندو آهي. جيڪو جسم جي مختلف مطالبن کي پوري ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ سوچ ويچار ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي توهان جي، چمڙيءَ کي جن شين جي ضرورت هوندي سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ سان توهان جي چمڙيءَ جا ٽشوز سڪڻ لڳندا آهن ۽ اوهان جون اکيون ڪجھ نه ڪجھ ڏسنديون رهنديون آهن. مسڪرائڻ يا ڳالہائڻ ۾ به حرڪت هوندي آهي. سمہڻ دوران جسم جون سڀ حرڪتون رڪجي وينديون آهن، ۽ اهڙي طرح ماڻہو کي آرام ملندو آهي.
شاعريءَ جي مالها ۾ غزل جون ڪجھ سٽون
کيـت کـورا ٿـيـا، ڏيـنـهـن ڏاڍا تتـا،
آءٌ ڪاري گھٽا، اڄ ته ڇوڙي ڇتا!
واءُ سان ونجھ ڪيـڏو وڙهــن ٿـا پيا!
جـئـن اَڻائو لـڳو، مُڙس مـانجھي متا!
روز جھلڪا لڳا، روز خوشبو پڳي،
واءُ کان مـون وتـا، پـار تنهنـجا پـتـا!
(شيخ اياز)
[b]سائين منهنجا!
[/b]اها حقيقت آهي ته اسان جي زندگيءَ ۾ ڏکن جو تعداد گھڻو ۽ خوشين جو تعداد تمام گھٽ آهي.
ڪنهن کي ايترو نه ستائجي جو هو جيڏي محبت ٿو ڪري اوتري نفرت ڪري وجھي.
اسان اُن ٿوهر مثل آهيون جيڪو ٻين کي ته ڇا، پر پنهنجو پاڻ کي به ڪنڊن کان سواءِ ڪجھ نه ٿو ڏئي سگھي.
مان ڪنهن جي دل نه ڏکائي آهي. ڇو جو مون وٽ به ته دل آهي نه هروڀرو ڪنهن جي جذبن سان کيڏڻ به ته پاپ جو ڪم آهي. منهنجي آس پاس اهڙا ماڻهو ڇا لئه ٿا رهن جن جي چهري جي مٿان چهرو چڙهيل آهي.
آواز رحمان مغل
هر شخص جي چهري جي مٿان.........
[b]سائين منهنجا!
[/b]پہرين ڳالهه ته مَرد يا عورتون خودڪشي ڇو ٿا ڪن؟ انهيءَ جا ڪيترا سبب آهن. الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو آهي، جنهن جو ترجمو آهي ته! ”الله جي رحمت مان نا اميد نه ٿيو“ خودڪشي معنيٰ نا اميدي يا زندگي مان بيزار ٿيڻ. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اهي ڪهڙيون ڳالهيون ۽ مجبوريون آهن جيڪي انسان کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون ڪجھ ماڻهو حالات کان تنگ هئڻ جي ڪري خودڪشي ڪندا آهن. اڪثر مرد ۽ عورتون پيار ۾ ناڪام ٿيڻ تي خودڪشي ڪندا آهن. حقيقت ۾ ٿيڻ ائين کپي ته مالي حالات پيار ۾ ناڪام ٿيڻ يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري خودڪشي ڪرڻ بجاءِ انهن جو همت ۽ مردانگيءَ سان مقابلو ڪجي. زندگي رنگين آهي انهيءَ کي خودڪشيءَ جي موضي مرض جي ور چاڙهڻ نه گھرجي خودڪشي اڄڪلہه عام ٿي رهي آهي. گذارش آهي ته خدارا پنهنجي سوچ کي ٿورو تبديل ڪريو ۽ بلند حوصلو پيدا ڪريو، هر مشڪل گھڙي جو مقابلو ڪرڻ سکو، خودڪشي ڪرڻ بزدلي آهي. زندگيءَ کان فرار جو رستو بزدلي آهي. پاڻ ۾ جيئڻ جو حوصلو پيدا ڪريو ۽ محنت جدوجھد جي عمل کي تيز ڪيو. انشاءَ الله ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي.
سائين منهنجا!
دنيا ۾ ماڻهن کي جيڪي نفسياتي معاملا ۽ مسئلا ٿين ٿا. انهن کي عام طور تي ڊپريشن ڪوٺيو وڃي ٿو. ڊپريشن جا مختلف سبب هجن ٿا. جن ۾ ڪو گھرو صدمو ڏک معاشي مسئلا يا بيروزگاري اهي چند سبب آهن جن جي ڪري اها صورتحال پيدا ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن ڪو ڊپريشن جو شڪار ۽ انهن منجھان ڪو به سبب ان تي لاڳو نٿو ٿئي ته پوءِ ان جو اصل سبب ڳولڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. حقيقت اها آهي ته ڊپريشن جو هڪڙو واضح سبب هيءَ به ٿي سگھي ٿو ۽ ڪافي اسان جي زندگيءَ ۾ جيڪي شيون لاڳو آهن انهن مان اِن مرض کي ڳولہي سگھجي ٿو مثلن گھٽ ننڊ ڪرڻ واري عادت، گھٽ ننڊ ڪرڻ سان ڊپريشن ۾ واڌ جو خطرو رهي ٿو.
سگريٽ ڇڪڻ! گھڻي عرصي کان اها ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته سگريٽ ڇڪڻ جي ڪري به ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿئي ٿو. انٽرنيٽ تي گھڻو ويہڻ جديد دؤر ۾ نوجوان انٽرنيٽ تي ڪيترائي ڪلاڪ چيٽنگ ڪندا رهن ٿا.
نوجوان پنهنجي ڏينهن جو گھڻو وقت وڃائين ٿا. اهڙي قسم جا نوجوان توڙي ٻار ڊپريشن جو شڪار ٿي سگھن ٿا. ٻارن سان گھٽ ويجھڙائپ وارو واسطو جيتوڻيڪ ڪنهن سان به سٺا لاڳاپا نه هجڻ جي نتيجي ۾ ڊپريشن پيدا ٿئي ٿو.
سخت گرميءَ واري موسم! جي ڪري ماڻهو ڊپريشن ۾ وٺجي وڃي ٿو. اهو شايد ان ڪري به آهي جو انساني جسم تي به گرم موسم جا اثر پوندا آهن.
سائين منهنجا!
اسڪول اهو آسماني ڪڪر آهي جيڪو انساني غيرآباد زمين کي علم جي ڦڙن سان سيراب و شاداب ڪري ٿو.
اسڪول اهو ڪارخانو آهي جتي انساني مشينن جا پرزا تيار ڪيا وڃن ٿا. اسڪول انهيءَ اسٽيشن جو نالو آهي جتي انساني زندگي جي نالي هر قسم جي مال جا گودام موجود آهن. اسڪول اهو پارس پٿر آهي جنهن کي لڳڻ سان انسان جي دل سچ ٿيو پوي.
اسڪول دنيا جي ڪُلف جي ڪنجي آهي. توهان ڏٺو هوندو ته وڪيل، وزير، حاڪم، سپاهي، جج، هنر مند، سياستدان، سائنسدان، ڊاڪٽر، انجنيئر وغيره سڀ اسڪول جا پيدا ڪيل تيار ڪيل آهن. اسڪول قوم جي فيصلا ڪُن ڪورٽ آهي ۽ اتي ئي قوم جي آئيندي جو خيال ڪريو. پنهنجي ٻارن کي اسڪول جي خوبصورت زيور کان محروم نه ڪيو. مطلب ته اسڪول ئي دنيا ۾ انسان ذات جي هر سڌاري جو واحد وسيلو آهي.
فصلن، ڀاڄين، باغن ۽ گلن ٻوٽن تي حملو ڪندڙ تقصان ڪار جيتن ۽ بيمارين جي ڪري نه رڳو آبادگارن جو اندازي کان وڌيڪ پيداواري نقصان ٿي رهيو آهي ۽ کين ڏينهون ڏينهن فصلن تي ٿيندڙ پيداواري خرچ ۾ ايندڙ واڌ جي ڀيٽ ۾ نفعو گھٽ ٿي رهيو آهي پر ساڳئي وقت سندن پيداوار جي ڪرندڙ معيار جي نتيجي ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ اُن جي گھرج يا کپت گھٽجي رهي آهي نه صرف اهو پر هاڻ ته مقامي مارڪيٽ ۾ به ٻاهرين ملڪن جون عام واهپي واريون شيون جھڙوڪ، ٿوم، ناسپاتيون، چڻا وغيره عام جام وڪرو ٿي رهيا آهن.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي پيداوار وڌائڻ سان گڏ اُن جي معيار کي بہتر بڻايو وڃي ان سلسلي ۾ نقصان ڪار جيتن ۽ بيمارين کي ضابطي ۾ آڻن طرف خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي!
خدا حسين آهي هو حسن کي پسند ڪري ٿو. جانور ۽ ماڻهو ۾ اهو تفاوت آهي ته جانور بي لباس آهي پر ان جي جڳہه تي انسان لباس پائي ٿو، ۽ معاشرو جيئن جيئن ترقي جا قدم اڳتي وڌائي رهيو آهي ته لباس ۾ به ڏينهون ڏينهن تبديلي ۽ ترقي اچي ٿي. سنڌي لباس ۾ جيڪي به نمونا آهن اُهي ثقافت جو شہڪار مثال آهن.
يارب!
ڪاش!
تنهنجو ساٿ ابدي رهي،
مون کي هٿ کان ائين وٺ،
جيئن ٻار کي هٿ کان وٺبو آهي. (شيخ اياز)
تون جڏهن جوڳين جئين رولاڪ هئين، ڪيترو وشال ۽ حسناڪ هئين پر هاڻ پيار جون مڙيئي مندون، تون ويب سائيٽ تي وڃائي ڇڏيون پنهنجي عشق جون شرميليون ڌنون، جيڪي توکي سرندي کي ٻڌائيڻون هيون، سي تو انٽرنيٽ جي بي حساب ۽ بي حجاب پيانو تي ڳائي ڇڏيون ٻڌائي ڇڏيون ڪمپيوٽر جي بي انت ساگر جي پاتال ۾ لہندي لہندي توکي چانڊوڪين جي درياءَ ۾ ترڻ مُکڙي جي مہڪ کي ماڻن پوپٽن کي پاٻوهه مان ڏسڻ ۽ کُلي هوا ۾ ساهه کڻڻ وسري ويو آ. چيٽنگ تو مان چور جي چنچلتا چوسي ورتي آهي، بحرحال چوڻ جو مطلب اهو ته دور سان گڏ سڀ ڪجھ آهستي آهستي بدلجي ويو آهي. زماني سان گڏ زماني جا طور طريقا، گھرجون تقاضائون ۽ معيار جا ماپا به ساڳيا ناهن رهيا. زمانو الائي ڇو شارٽ ڪٽ ۽ ري مڪس جي رنگن جو ديوانو بڻجي ويو آهي.
احساسن جي اکين آڏو اها هڪ اهڙي المناڪ ۽ ڀيانڪ حقيقت آهي. جنهن کي اسان جھڙا ڪنهن نه ڪم جا چريا ماڻهو عظيم الميو چون ٿا. هاڻي انتظاري ۽ بيقراري کي ڪير ڄاڻي به نه ٿو.
[b]سائين منهنجا!
[/b]ڌڻيءَ سڳوري سچ ۽ حق جي ڳولا ڦولا ڪرڻ لاءِ اسان کي نه رڳو قومي روايتون ورثي ۾ ڏنيون آهن پر اسان جي ضمير جو آواز به اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ڏنو اٿس. ۽ جتي به اهي ٻئي اسم هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ سَندرو سَاهي بيهن ته سمجھڻ گھرجي ته ڪاٿي نه ڪاٿي ڀُل ٿي آهي. ڪنهن به فرد يا سڄي انسان ذات جي ضمير کي جاڳائڻ ۽ دائمي ڳانڍاپي قائم ڪرڻ لاءِ ڪا به مہان قرباني ڏيڻ، ايڏي وڏي ڪارج آڏو تڇ آهي. توڙي جو ڪُڙم، قبيلو، ڪٽنب، شہر، جنم ڀومي، ۽ ماڻہپو، اُهي سڀ ڌار ڌار کيتر آهن، پر انهن سڀني اسمن ۾ پنهنجي سگھ ۽ سچائي کي هڪ وڏي مراد حاصل آهي. ڌڻي سڳورو انسان ذات جي اڻٽر خوشحاليءَ کي خبرداري سان ڏسي پسي رهيو آهي ۽ پنهنجن پوئلڳن جي اندر ۾ ذهانت، ويچار ۽ پريم جي مبارڪ خواهش ۽ جذبن کي جاڳائي رهيو آهي ۽ هڪ سرواڻ جيان سرواڻي ڪري رهيو آهي. ته جيئن آدم ذات اجاين ٻين ڪمن ۾ ڦاسي نه پئي ۽ سنئون سڌو دڳ وٺي هلي.
پُور بـيـا پُوري ويا، آسَڻ اَڄُ صُبُـوح،
خستوريءَ خوشبوءِ، آهي آديسين ۾.
(سرپورب)
الله تعاليٰ جي ذات خود محبت آهي، ۽ محبت جي ڪري ئي هن ڪائنات جا جزا ڪل سان ڳنڊيا پيا آهن، سندن مقصد آهي ته اِلاهي محبت جي درياهه ۾ سمائجي وڃون، الله تعاليٰ جي ذات، محبت، نيڪي ۽ جمال آهي، غير مڪمل سالڪ کي عاشق سڏبو آهي، جيڪو ڪنهن مڪمل انسان جي محبت جو محتاج هوندو آهي، جنهن کي معشوق سڏيو ويو آهي. ادنيٰ درجي وارا اعليٰ درجي وارن کي کنيون مٿي وڃي رهيا آهن ۽ آخرڪار چوٽيءَ تي پہچي ويندا، حواس پنهنجن حواسن جي دنيا جي چند شين کي ظاهر ڪري سگھن ٿا. ذهن ۽ عقل وسيلي قدرت جا ڪي ٿورا راز پروڙي سگھجن ٿا. پر محبت انسان کي سندس منزل مقصود يعنيٰ اصل مبدا تي پہچائي سگھي ٿي.
محبت انسان جي ذهني اک کولي ٿي ۽ کيس الله تعاليٰ جو مشاهدو ڪرائي ٿي. مادي شين سان محبت ڪرڻ ۽ خواهشن جو غلام ٿي پوڻ روح لاءِ ڌاريون شيون آهن. اُهي شيون گڏجي سندس پرواز کي روڪين ٿيون.
سائين منهنجا!
خوبصورت ڪہاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر
”ڪيہر شوڪت“
خوبصورت سوچن ۽ حسين منظر نگاري کي لفظن جي مالا ۾ پوئي سموئي دلڪش جملا ترتيب ڏئي سنڌي سماج جي عڪاسي کي دلفريب ڪہاڻين جو روپ ڏئي امر ادب تخليق ڪندڙ پيارو ماڻهو ڪيہر شوڪت 2 فيبروري 1952ع تي دادو شہر ۾ جنم ورتو، ڪيہر شوڪت جو اباڻو ڳوٺ آگاڻي تعلقو لاڙڪاڻو آهي.
آگاڻي ڳوٺ سنڌ ڌرتي جو هڪ دلڪش حصو آهي. هي ڳوٺ زيتونن جي واپار ڪري ڏيہان ڏيہه مشہور آهي اهڙي شاهوڪار ڳوٺ ۾ نه صرف ڪيہر شوڪت رهيو پر هي ڳوٺ سنڌ جي هڪ ٻئي نامياري اديب ملڪ آگاڻي جي به جنم ڀومي آهي.
ڪيہر شوڪت ننڍپڻ کان ڪہاڻيون پڙهڻ ۽ لکڻ شروع ڪيون. ڪجھ ذهني پختگي بعد کيس ادب سان لڳاءُ ٿيس، اهڙي طرح سندس ڪہاڻيون به جديد سنڌي معاشري جي اڏاوت لاءِ حقيقي عڪس پيش ڪري ٿي.
پاڪستان ٽيليويزن تي سندس پہريون سنڌي ڊرامو. گھُٽ سال 1978ع ۾ سينيئر پروڊيوسر مسٽر محمد بخش سميجي پيش ڪيو. اردو ڊرامي سج گرهڻ ڪيہر شوڪت کي بلندين تائين پہچايو. ڪيہر شوڪت شاعري ۾ به پاڻ ملہايو ۽ شاعري کي به گھڻو وقت ڏنائين، آخر ۾ هن کي ڳلي جي بيماري سان مقابلو ڪرڻو پيو. پر هن مفاد تي ڪاميابي ماڻي نه سگھيو خاموشي سان سول اسپتال ڪراچي ۾ ڳلي جي آپريشن ۽ پنهنجي گرجُدار آواز کي واپس موٽائڻ خاطر تاريخ 21 اپريل تي بستري داخل ٿيو، ۽ 22 اپريل تي سندس آپريشن ٿيو پر 23 اپريل 1999ع تي اسپتال ۾ انجيڪشن غلط لڳڻ ڪري منجھند جو دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.
ڪيہر شوڪت کي ڀيٽا طور هيءُ موسيقي جو اسم
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا. آواز- رحمان مغل
اکڙين وهايا تولئه، بي اخيار ڳوڙها!
جيئڻ جي حوصلي لئه ڇڏيا ٻه چار ڳوڙها!ٰ
ڌرتي سونهن جو تون مرڪز بلال آهين،
گلڙن جي ماڪ وانگر بوندون بهار ڳوڙها!
عزيز بلال بروهي
شاعريءَ به دل کي سڪون بخشيندي آهي
غزل
صبوح شام هي هن بيقرار هوندو آ،
اوهان اچو نه، اچو انتظار هوندو آ.
اسان ته وقت ملاقات جو به طئه نه ڪيو،
اهو اسان کي ڪٿي اختيار هوندو آ.
جڏهن ته باک ڦٽڻ تي گمان ناهي ڪبو،
تڏهن به رات کٽڻ جو ته بار هوندو آ.
اهو اوهان جي نظر جو ڪمال آهي پرين!
جگر ۾ جوش اکين ۾ خمار هوندو آ.
خدا گواهه ته گل مون حجاب کان نه ڇٽيا،
اوهان اڳيان ته سلامي بہار هوندو آ.
اوهان مڃو نه مڃو عشق هر عتاب سٺو
مگر هي حسن سدا بي ميار هوندو آ.
(سرمد چانڊيو)
سائين منهنجا!
انسان جي مَنَ ۾ روشني آهي. مطلب ته اها خارجي روشني هجي يا داخلي. جن مان پہرين جيڪڏهن هن ڌرتيءَ کي روشن ڪري ٿي ته ٻي وري انسان جي مَنَ کي منور ڪري ٿي. پر اهي سڀ آهن، خدا جي خدائيءَ جا مظہر باقي ان جو نالو کڻي توهان ڪہڙو به رکو....... ۽ نيڪي جيڪا زرتشت جي نظر ۾ هر فہميدي ماڻہوءَ جي سوچ ۽ ان جي ذات جي علم کي ڄاڻڻ ۽ ان جي پابند ڪرڻ ۾ سمايل آهي.
اهائي اسان کي روشني يا نور تائين رسائي سگھي ٿي.
جيڪو سونہن ۽ سندر تا جو احساس ڏياري ٿي وري زندگي کان الڳ ٿي ڪري فڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿي سگھي ٿي عقليت ۽ نظرين جي افاديت هڪ عہد کان ٻي عہد تائين بدلبي رهي ٿي. پر حقيقت جو وجود سدائين قائم رهي ٿو. جيڪو حقَ جو مظہر آهي مذهب ان جو داعي ۽ درس ڏيندڙ آهي. هو سڀني سچاين کي پاڻ ۾ سمائيندڙ ۽ انساني ارتقا جو ساٿ ڏيندڙ آهي.
پيار جو، پريت جو هڪ ترانو کپي،
تنهنجي يادن جو مون کي خزانو کپي.
هڪڙي پل ۾ نڀائي نه سگھبو پرين،
پاڻ کي پيار لاءِ هڪ زمانو کپي.
(عزيز منگي)
[b]سائين منهنجا!
[/b]انسان جي دل پنهنجي خالق جي محبت سان ٽمٽار رهي ٿي. ۽ هُو سدائين اڻ ڄاتل ۽ اڻ سڃاتل قوّت جي راز کي ڳولي لہڻ ۾ اهڙيءَ ريت سرگردان رهي ٿو. جھڙي ريت هڪ عاشق پنهنجي دنياوي معشوق جي ديدار ڪرڻ لاءِ سرگردان رهي ٿو. هي اهڙو ته مشترڪ جذبو آهي. جو نسل رنگ ۽ ملڪي درجي جا سمورا فرق ميٽجيو وڃن.
ان ڪري معشوق لاءِ سڪ، آلاپ ۽ تڙپ ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي. سندس ٻوليون ۽ محاورا ڀلي جدا جدا هجن پر سندن مول مطلب ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي.
سندن تفصيل ۾ فرق ٿي سگھي ٿو. پر اصول ۽ بنيادي جذبي ۾ ڪو به فرق ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، سمورن جو مقصد الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ هوندو آهي. ان ڪري مولانا رومي چوي ٿو ته؛ جيڪڏهن مالڪ جي سڪ سچي آهي ته کيس ضرور ڳولي لہڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.
تنهنجي!
هٿن ۾،
ايڏي شفا آهي،
جو ڇہڻ سان ئي،
مان!
وري جِي پيو آهيان.
ايندو سڄڻ سائين. عابده پروين
[b]سائين منهنجا!
[/b]ڪجھ انسان پنهنجي سوچ ۽ فڪر کي رنگين گلن وانگر ايترو ته خوبصورت بنائي ڇڏيندا آهن. جو ناخوش رهندي به خوش رهندا آهن، زندگيءَ مان ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون چونڊي ڪڍڻ سندن ڪمال هوندو آهي ۽ خوشين مان فائدو وٺڻ ڪجھ مخصوص فرد جي ذهني قوتن جي پيدا وار هوندي آهي. مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ جو ماحول پاڙ کان پَٽي ڦٽي ڪرڻ به سندن فن هوندو آهي پر سائين اهڙي ٿڌي دل ۽ دماغ جا ماڻهو اسان جي معاشري ۾ موجود آهن، پر اسان جي آس پاس جو ماحول حالات، واقعات، ذهن ۽ ڪردار تي اثر ضرور ڇڏين ٿا. نامناسب رويو حساس ماڻهن کي ٿورو مونجھاري ۾ ضرور آڻي ڇڏي ٿو.
ٺيڪ آ اسان ڪنهن جي سوچ تي اعتراض نه ٿا ڪري سگھون پر ان جو اهو مطلب به هرگز نه هجڻ گھرجي ته جنهن جو ڪو بنياد ئي نه هجي اهڙي سوچ پالجي.
دنيا اندر پاڻي جون ضرورتون ڏينهون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن. ڇاڪاڻ ته پاڻي انساني آبادي سان گڏ فصلن ۽ جانورن لاءِ پڻ ضروري آهي. جڏهن ته انساني کاڌ خوراڪ جي خود ڪفالت لاءِ زراعت ۽ ٻين مقصدن خاطر پاڻي جي استعمال ۾ اڃا به اضافو ايندو ۽ پاڻيءَ جي وڌيڪ کوٽ پيدا ٿيندي ان لاءِ پاڻي جي مخلتف وسيلن کي صحيح استعمال ۾ آڻڻ ضروري ٿي پيو آهي. اسان جو آبادگار به پاڻيءَ جي مسئلي کي منهن پيو ڏئي زراعت لاءِ زمين جو سڌارو پاڻيءَ جو بندوبست ٻج جو بندوبست ان کان پوءِ ڀاڻ جو اُلڪو ان کي مارڪيٽ تائين پہچائڻو سڀ مسئلا هاريءَ جي ذهن ۾ گردش ڪندا آهن. جي فصل کي لڳي جيت ۽ بيماري ته هاريءَ جي ننڊ ئي حرام محنت ئي ڪلر جي پاڻيءَ ۾ نه پيئڻ جو آسرو ۽ نه ئي وري تلاءَ ٺاهڻ جي اميد ان لاءِ هاريءَ کي سجاڳ ۽ ملڪي ادارن کي اڳتي اچڻو پوندو!
سائين منهنجا!
نَارُ
نار جي لوٽين مان ڪرندڙ
پاڻي کي
سج جي ڪرڻن چيو
اسان ٻئي ملي
جگمڳائي
رهيا آهيون.
ڇا ته جادو آ
اُٿي اور الله سان سورج مُکيءَ سنگ
جنهن جي پيلي رنگ، اُوريو سج اُڀار سان
اُٿي اور الله سان، نڪتي آهي باک
اکيون ڳاڙهي ڊاک، جاڳي جنهن لئه تو ڪيون
(شيخ اياز)
سائين منهنجا!
هن وقت دنيا جا سڀ سائنسدان خاص طور تي ڌرتيءَ جا ماهر ڄاڻو ۽ تارا ڄاڻڪ اِهو مڃين ٿا ته، زمين تي حياتي صرف سج ۽ انهيءَ جي روشني جي ڪري برقرار آهي، سج جي تباهيءَ سان شمسي نظام به تباهه ٿيندو، جيڪو سڄي ڪائنات جي تباهيءَ جو سبب بڻبو. سج توانائي جو آخري مستقل سرچشمو آهي. ايٽمي توانائي جيڪا هينئر يا کڻي ائين چئجي ته هاڻوڪي صديءَ ۾ ڳولي وئي آهي. ان کان سواءِ انسان جي جياپي کي برقرار رکڻ لاءِ قدرت سج جي توانائي عطا ڪئي آهي. سج جي گرمي ۽ روشنيءَ سان زمين تي عضوي حياتي برقرار رهي ٿي انهيءَ وسيلي بارش ٿئي ٿي. جنهن سان اسان جا ٻني ٻارا ساوا ستابا رهن ٿا. سج جي ڪري ئي هوائون گھلنديون رهن ٿيون. ۽ ان سج ذريعي ئي اسان لاءِ ڪوئلي ۽ تيل جا ذخيرا مہيا ٿيا آهن. مقصد ته انسان جي زندگي سج جي گرمي ۽ روشيءَ سان برقرار آهي.
عمر ته گذري وِيئي باهُو باقي چار ڏهاڙا هُو،
ڏس، ڪيڏا گجگاٽ ڪيائين نيٺ ٿڪو آ دريا هُو،
سامہون سمنڊ شفق جي، هيٺيان پوياڙيءَ جا پاڇا هُو،
سوچيو آهه ڪڏهن تو اِن تي لوڙهي ويندو ڇا ڇا هُو.
(شيخ اياز)
سائين منهنجا!
جتي پَد مَڻيون پيار جي پٽن تي پريت سان ٻيلهڙا کڻي ڪُونجن جي قطارن جيان گھور موٽن ٿيون جتي معصوم ٻارڙا ماءُ کان لڪي وسڪاري جي ٿڌين هوائن ۾ ٽوڀن ۽ تراين ۾ وهنجڻ لاءِ ڀڄي نڪرن جتي ڪرڙ، ڪانڊيرا ۽ روهيڙا وسڪاري جو سائو لباس پہرڻ کان پوءِ فردوس جو ڏيک ٿا ڏين جتي هڪ پاسي همرچي جا مَڌُر سنگيت سرن سان ڀٽون به پڙاڏو ٿيون ڏين ۽ اُتي پکين جون مٺيون لاتيون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن. جتي دُلاورن ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ زندگي جي راهن تي درد ۽ پيڙائن جا پوکيل ٿوهر، پاڙ، پہاڙ کان پٽي ڪنهن اڇلائي ڇڏيا آهن.
جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مہراڻ جو
آواز الله ڏنو جوڻيجو
سرڪش سنڌي. سنڌي قومي شاعريءَ جو غنائتو آواز جنهن ۾ هُن جي مزاحمتي موج رکندڙ ”ڪوتا“ هجي يا ٻہَگڻي نارجي ٻٽيءَ مرڪ جھڙي وڻندڙ عشقيه شاعري هجي هو ٻنهي هندورن ۾ هيج سمان آ.
لطيفي فلسفي سڄڻ ۽ ساڻيہه استاد بخاريءَ جي ڌرتيءَ سرتي کان شيخ اياز جي مٽيءَ جي رنگ جو حسين تسلسل پيار ۽ آزادي آڇيندڙ سرڪش اڄ اسان جي ميڙ جو ساٿي نه رهيو آهي. اڄ هن جي ڏات اداس آهي ۽ ڏات ڌڻي ڏک جي عالم ۾ آهن.
سرڪش جي غزل جون ڪجھ سٽون ٿيون ياد اچن.
دل ڪڍي تنهنجي پيرن ۾ رکبي
سونہن ساري سويرن ۾ رکبي
هر تمنا، محبت وفا ۾
ڪڻڪ جي وَل آ، ديرن ۾ رکبي
ماڪ سان آهه ڌوتل جواني
کاءُ تونِ تنهنجي نيرن ۾ رکبي.
قدر ۽ ڪاٿي کان پرڀرا ٿي بيٺل اسين پراڻ پِڻي کان جند نه ڇڏائي سگھيا آهيون. اها ڳالهه جتي نظر ايندي ته اسان جي مادي ۽ معاشي گھرجون ايترو ته وڌي ويون آهن جيڪي اسان جي وجود جو پورائو نه ٿيون ڪري سگھن نتيجي ۾ اسين اعليٰ ۽ ساراهڻ جُوڳي مقام کان ڪريل دنيا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون.
دنيا اهڙي ماڳ تي اچي پہتي آهي جتي قدرن جي ڀڃ ڊاهه جي ڪري زندگي بي ترتيب انتشار خوف ۽ هراس جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي صحيح ڏِس ۾ وکون کڻڻ لاءِ تڪليف ضرور آهي. پر مايوسي ناهي ڪجھ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي شاباس ۽ صلي کان بي پرواهه ڏينهن رات اونداهين کي تڙڻ لاءِ روشني جي ڳولا ۾ آهن.
ويہه وڃي وٽ تن قلم جنين جي هٿ ۾،
ميٽئي اَنگ اگيون، واري ٻيو لکن.
پنوسو پاڙهن جنهن سان پسين پرينءَ کي.
(شاهه سائين)
[b]سائين منهنجا!
[/b]جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ بہتريءَ جا خواهش مند آهيون ته پنهنجي روين کي درست ڪرڻو پوندو. پوءِ ئي سمجھو اسان جي زندگيءَ ۾ بہتري ممڪن آهي.
جيڪڏهن اسان کي آفيس وڃڻو آهي ته وقت تي پنهنجي آفيس پہچي وڃون.
جيڪڏهن اسان کي مزدوري تي وڃڻو آهي ته ان جو به وقت مقرر ٿيل آهي. جيڪڏهن اسان هاري آهيون ته ان جو به وقت مقرر ٿيل آهي.
جيڪڏهن مقرر وقت تي پنهنجي ڪم کي سرانجام نه ڏنوسين ته پوءِ شرمندو ٿيڻو پوندو، افسوس ڪرڻو پوندو افسوس جا هٿ هر وقت خالي هوندا آهن.
دير وارو ڪو به ڪم اسان جي عادت ۾ شامل نه هجي ڇاڪاڻ! ته مقابلي جي دور ۾ اسان جو هڪ هڪ لمحو قيمتي آهي. ضرورت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ، اهو بہتر انداز ۾ ڪرڻ، ان کي مثبت طرز عمل سان ڪرڻ ۽ فوري طور تي ان جو صِلو نه چاهڻ ڪاميابي جي نشاني آهي.
سائين منهنجا!
حياتي هزار سال هجي يا سٺ ورهيه پر حقيقت اها آهي ته اُها ننڍڙي هجي ٿي جنهن جو دليل اِهو آهي ته سڀ سڄاڻ ماڻهو ائين چوندا ويا ۽ چوندا رهندا ته عمر ننڍڙي آهي. سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاريءَ جون سٽون ٿيون ياد اچن.
مُرڪي خدا خضر جي مونکي ڏئي حياتي،
ڪُرڪي چوانس ڪاٿي ٿوري نه ٿي پوي.
عزيزانِ من.
عورت وڏي کان وڏو موضوع آهي. دنيا جو ادب، سائنس ۽ مذهب تي به حاوي رهي آهي.
عورت ايجادن جي ماءُ آهي.
نظم ۽ ڪہاڻيءَ جو وجود وجھندڙ به عورت آهي.
عورت گھر آهي
ٿانءُ آهي ٿانُ آهي
ٿاڪُ آهي ڍڪَ آهي
ڍُڪ آهي رَت آهي
ست آهي ساهه آهي
ويساهه آهي ماءُ آهي
ڇاڇا آهي ڇاڇا ناهي.
پيار جذبن جو سمنڊ آهي، فرانس ۾ پيار مذاق آهي، انگلينڊ ۾ ڏک، اَٽليءَ ۾ ناچ، جرمني ۾ ڏک ڀريو ناٽڪ آهي دنيا ۾ جن به ماڻهن پيار ڪيو آهي. چاهي شاعر هجن يا فيلسوف تن سڀني جا جيڪڏهن شروعاتي پريم ڪٺا ڪري پڙهيا وڃن. ته انهن مان هڪ ئي حقيقت چمڪندي نظر ايندي. پريمين جي شروعات پيار جي جذبن ۽ خيالن جي هڪ جھڙائي هر ڪنهن جي بياني طرز پنهنجي هوندي هر ڪنهن جي ٻوليءَ جو سينگار ۽ ڦہلاءُ به نرالو هوندو پر رِٽ سڀني جي ساڳي هوندي تون نه آئين ته ننڊ ڪانہي. تو بنا مان ائين آهيان جيئن چنڊ بنا رات، مان توکان سواءِ جيئي نه ٿو سگھان، پيار جو جذبو ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ساڳيو آهي.
جنهن خوابن جي راڻيءَ کي جاڳ ۾ ڏسي ورتو ۽ پيار جي سمنڊ ۾ اکيون ٻوٽي لہي ويو. تن کي پنهنجي منزل جو رستو آسانيءَ سان مَلي ويو، زندگي ته درياههَ جي وهڪري وانگر آهي، ٽہڪ هجن يا سڏڪا ان کي ته اڳتي وڌڻو ئي آهي.
سانوڻ جھڙا سيڻ نديءَ جا،
ڀرجي آيا نيڻ نديءَ جا.
رُڃ به، اُڃ به، سُڃ به ساڳي،
وَاريءَ تي ڪُن ويڻ نديءَ جا.
(اسحاق سميجو)
محترم سامعين.
خواب جيسين تعبيرن جي پوپٽن کي پڪڙين تيسين ڪنهن آرام بابت سوچڻ جدوجھد ڪندڙ لاءِ مايوسي ڦہلائي ٿي. اڻٿڪ ۽ بنا ڪنهن وقفي واري جدوجھد ئي منزلن جو منهن ڏيکاري ٿي. وقت جون ويرون ڪٿي به آڻي بيہاري سگھن ٿيون. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ! ننڍا ماڻهو ماڻهن تي ڳالہائيندا آهن، وڏا ماڻهو ڳالہين تي ڳالہائيندا آهن ۽ عظيم ماڻهو نَون نَون خيالن سوچن تي ڳالہائيندا آهن.
ائين ئي ننڍا ماڻهو وقت کان ٿورو پوئتي ۽ وڏا ماڻهو وقت سان گڏوگڏ هلندا آهن. جيڪڏهن وقت جون واڳون اوڏانهن انهن جو واڳون پر عظيم ماڻهو پاڻ کي ڪڏهن به وقت جي واڳن حوالي ناهِنِ ڪندا هو وقت جون واڳون موڙڻ بابت سوچيندا آهن، وقت کي هڪ نئون روپ ۽ هڪ نئون دڳ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
هو وقت جي واڳن کي مضبوطي سان جھلي مستقبل ڏانهن سفر شروع ڪندا آهن.
توکان سواءِ سهڻا، جيون سڄو صنم،
دردن ۾ آهي منهنجو، تنهنجو اٿم قسم.
جي ايم رئيساڻي
يارب!
مونکي انهيءَ خواب مان جاڳاءِ جيئن مان سمنڊ جي حقيقت سمجھي سگھان، ۽ پکي وانگر ساري وقت کي رزق لاءِ وقف نه ڪيان ! مون کي انهيءَ خواب مان جاڳاءِ.
(شيخ اياز)
سائين منهنجا!
بارش ها ڇو نٿي پوي هن ماڳ تي بارش؟
جتي اڳي قرب جا ڪڪر اچي ٽٽندا هئا ۽ محبت جا مينهن وسائي، هر سَلو کي سائو ڪري ويندا هئا، ۽ هر ڏکويل من جي مندر ۾ بہارن، جا گيت گونجندا هئا، ۽ ماروئڙن جا ويران اڱڻ خوشين وچان جھومندا هئا.
هر ڪڙمي جي مُک تي مُرڪ سجايل هوندي آهي پر اڄ خبر نه آهي ته ڇو؟ اهي ئي قربائتا ڪڪر اجنبي بڻجي بيٺا آهن، جي وسن ٿا ته اکڙين جا ڪڪر جيڪي هر مند ۾ ساٿ نڀائين ٿا ۽ نيڻن جي ڌرتي ڀڄائين ٿا، اڄ به اداس اکڙيون ڪنهن ٻار کان ڪڪرن جون قطارون پسن ٿيون، کنوڻِن جون کنڀڙاٽيون کڄن ٿيون.
کوڙن جا گجگوڙ اٿن ٿا، پر بارش نيڻن ۾ آهي.
سُتي ڪجهه به حاصل ڪڏهن ڪين ٿيندو،
”خدا ڀي ملي ٿو ته ڪوشش ڪرڻ سان“.
جي ايم رئيساڻي
مان جتي به ويس جنهن به محفل ۾ ڪنهن ويراني ۾ مونسان ساهه جيان گڏ آهي گلشن ۾ ويس ته گلن ۾ به توکي ئي پايو ڪوئل جي ڪوڪ ۾ توکي پايو، چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ به تون آهين، ستارن جي جھرمٽ ۾ توکي پايو ڪاري رات ۾ به توکي ڏٺو دل جي ڌڙڪن ۾ توکي پايو، ساهن جي خوشبوءِ ۾ توکي پاتم، پنهنجي زندگي تي اڄ ويچار ڪيم ته توکي پاتم، زندگيءَ جي هر پل ۾ ساهه وانگر توکي سمايل ڏٺو پکيئڙين جي لات ۾ به تون آهين گل جي خوشبوءِ ۾ پنهنجي ساهن جي خوشبوءِ کي محسوس ڪيم، مہراڻ جي موجن ۽ وڻندڙ نظارن ۾ توکي ئي پايو چڪور ۽ ويراني جي چاهه ۾ توکي پاتم، مان پنهنجي اکڙين ۾ هر پل توکي ڏٺو مان پنهنجي دل ۾ توکي ويہاري توکي پوڄيو.
اي منهنجا رب، اي منهنجا پالڻہار!
سامعين پنهنجو خيال رکو.
جيڪڏهن توهان جسماني طور تي صحتمند نه هوندا ته توهان جي زندگي متوازن نه هوندي. توهان جو فطرت سان گڏ هلڻ ضروري آهي. پنهنجي صحت جو خيال رکو ۽ خوشگوار زندگي گذاريو، جسماني ورزش سان پنهنجي صحت کي برقرار رکو توهان جيڪڏهن ذهني ۽ جسماني طور تي ڦڙت ۽ چست هوندا ته توهان فيصلا سٺا ڪري سگھندا.
بي چيني ۽ غير متوازن زندگي ۾ غلط فيصلا ٿيندا آهن، تنهنڪري ضرورت ان ڳالہه جي آهي ته توهان ورزش ڪريو جلدي سمهو ۽ جلدي اُٿو ته جيئن ذهني ۽ جسماني طور تي تندرست رهي بہترين ڪم ڪري سگھو.
نوجوان ٽهيءَ جو شاعر علي زاهد جو نظم.
ڪَجي ته آخر ڪجي به ڇا ڇا؟
ڪروڙين تارا،
ڪروڙين چارا،
قطب اسان جي نظر کان اُوجھَل
طرف آ ڪہڙو،؟
ڪٿي آ منزل ؟
پتو نه آ ڪو!
اجاڙ واديون، اُجاڙ وستيون.
مقدرن ۾!
نقاب پہريل سمورا چہرا،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ هزار پہرا،
مِلون ته آخر مِلون به ڪنهن سان
کِلون ته آخر کِلون به ڪنهن سان
وڃون ته آخر وڃون به ڪاڏي!
سڄي حياتي
سفر اڻانگو
[b]سائين منهنجا!
[/b]
تارن جي ماهرن سج جي اندرئين مادي جي جيڪا ڇندڇاڻ ڪئي آهي، تنهن موجب سج جي ڪيميائي ترڪيب ۾ نائٽروجن، آڪسيجن، ڪاربن ۽ ڳورا ڌاتو مثلن، لوهه 2 سيڪڙو هيليئم گيس 25 سيڪڙو ۽ باقي 75 سيڪڙو هائڊروجن گيس موجود آهي، ڌيان ۾ رهي ته اُهي سڀ جا سڀ مادا گيس جي شڪل آهن، ايتري قدر لوهه به گيس جي شڪل ۾ آهي، تارن جي ماهرن اهو به ڳولي ورتو آهي ته سج جي پيدائش جو بنيادي جزو هائڊروجن گيس آهي. جيڪا سج اندر گرمي پد لاڳيتو هيليئيم گيس ۾ تبديل ٿي رهي آهي، هائڊروجن سڄي ڪائنات جي تخليق جو هڪ اهم عنصر ئي نه، پر لازمي جزو آهي.
پاڻيءَ ۾ هڪ حصو آڪسيجن ۽ ٻه حصا هائڊروجن موجود آهي هليئيم جو لفظ يوناني لفظ هيلياس مان ورتو ويو آهي جنهن جو مطلب سج آهي يعني سڀ کان پہريائين ان کي سج اندر ڳوليو ويو اها گيس هوا ۾ به انتہائي گھٽ مقدار ۾ موجود آهي. مثال طور هوا جي هڪ لک پنجاسي هزار حصن ۾ هڪ حصو هيليئيم گيس آهي، هوا ۾ هن گيس جي ڳولا جو اعزاز هڪ انگريز ڪيميادان سر وليم ريمزي کي حاصل آهي. جنهن کي 1904ع ۾ نوبل انعام مليو هو.
هن ڪائنات ۽ انسان کي پيدا ڪندڙ ۽ وجود بخشيندڙ هڪ خالق آهي، جيڪو سمورن مثبت قدرن جو سرچشمو آهي. هيءَ تخليق مادي ۽ ان جي حرڪي قانونن جو نتيجو ناهي ان جي حقيقي خالق ۾ حياتي، شعور، ارادو ۽ منزل مقصود موجود آهي. جنهن جو ثبوت ڪائنات ۽ خود انسان جو وجود آهي ڇاڪاڻ ته انهن قدرن ۽ صفتن کان بنا تخليق نا ممڪن آهي. هيءُ خالق زندهه آهي. حَيُ ۽ قيوم آهي سميع ۽ بصير آهي، وجود جوهر مظہر ان مان آهي. ان جو مطلب آهي ته خالق جي ذات واحد آهي. ان کان سواءِ ڪو به ٻيو خالق ناهي. ان جي تخليق ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪا به ٻي هستي شريڪ ناهي ان ڪري هو سڀني قومن جو آقا ۽ پروردگار آهي ان ئي سان پاڻ رب العالمين آهي ۽ ان حقيقت جي سامہون آڻڻ ڪري اهو هر قسم جي عاجزي ۽ شڪر جي سمورن لفظن ۽ جذبن جو محور ۽ مرڪز ان جي ذات کانسواءِ ڪو به نه ٿو ٿي سگھي ڪائنات جي هر شيءَ الله پاڪ جي تسبيح ڪري ٿي.
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
سورج شاخون جھڪيون، ڪوماڻو قمر.
تارا ڪتيون تائب ٿئا، ديکيندي دلبر،
جھڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
(شاهه سائين)
[b]سائين منهنجا!
[/b]جڏهن اکين ۾ ڪنهن جي سندرتا اٽڪي پوندي آهي. جڏهن هردي ۾ ڪو ڀوت وانگر واسو ڪري ويہندو آهي ۽ هر ساهه ۾ ڪنهن جي تن جي سڳنڌ ملندي آهي ته اکين مان ننڊ پَرَ ڪري اڏامي ويندي آهي ۽ دل جو آرام، ساهه جي تانگهه ڪنهن جي نانءُ ۾ اٽڪيل هوندي آهي سي جيو وري سپنا ڏسي ڪو نه سگھندا آهن. سي دليون وري ڪو ارمان ڪري ڪو نه سگھنديون آهن، جڏهن اها ڪيفيت اسان جي مَنَ ۾ اچي ويہندي آهي ته دل مان صرف پرين جا ارمان هوندا آهن، ۽ يادگيريون مَنَ ۾ گھر ڪري ويہنديون آهن، پوءِ صرف سارئي رهندي آهي، اها سار هن ريت لبن تي ايندي آهي ته،
تون منهنجو صنم آهين! مان تنهنجو صنم آهيان.
آواز برڪت علي
[b]سائين منهنجا!
[/b]
فرق
ڏک دنيا ۾ ننڍو يا وڏو ڪو نه ٿيندو آهي.
ننڍو يا وڏو صرف ڏيکاءُ هوندو آهي.
ڏور ڪچي هجي يا پڪي
ٽٽڻ وقت
فرق ان جي درد ۾ نه، پردانہن ۾ ٿيندو آهي.
[b]سائين منھنجا
[/b]ڌَن دولت جو پنهنجو هلڻ چلڻ ٿيندو آهي ته ريتون رواج به پنھنجا!
نه هوندو آهي ته ماڻھو پنهنجو پاڻ کي ڪونه وڻندو آهي. ۽ جيڪڏهن هوندو آهي ته پنهنجو پاڻ کانسوءِ ٻيو ڪير به ڪونه وڻندو آهي. نه هجڻ جا سُک جدا ۽ هجڻ جا ڏک الڳ، جيڪڏهن اَڻ هوند هوندي آهي ته ماڻھو پاڻ جي نه سگھندو آهي. ۽ جي گھڻو هوندو آهي ته ٻين کي جيئڻ ڪونه ڏيندو آهي. دولت ۾ ڪشش پر، جتي دولت درجي ٻانهي هجي، اُتي پاڻ ۾ ڪشش ختم ٿي وڃي ٿي. غربت ۾ هڪ ئي جڏي منڊي کٽ تي گذر ٿي سگھي ٿو. ان ۾ مزو به آهي. سو جدا جدا ڪمرن ۾ وڏن پلنگن تي سمهڻ ۾ مزو ڪٿي آهي. ڪير ٻيو هجي ته گھر کان ٻاهر پيا ڪيترائي گھر آباد ڪري ڇڏي ها، ڇو ته گھر اوطاق قائم ته محفلون آباد، هونئين به چڙهئي جو سڀڪو ڪريئي جو ڪير به نه.
[b]سامعين محترم
[/b]
ايندي آ صورت جانان ڪڏهن ڪڏهن،
ٿيندي آ منھنجي دل به گلستان ڪڏهن ڪڏهن.
هُن ڪشتيءَ شڪسته کي ارمان سان ڏسي،
ايندو آ ياد منِظر طوفان ڪڏهن ڪڏهن.
(شيخ اياز)
[b]سائين منھنجا!
[/b]
جڏهن تنهنجو راز تنهنجيءَ دل ۾ لڪل رهندو، تڏهن سمجھ ته اها مراد توکي تمام جلد حاصل ٿيندي، جنهن جي حاصل ڪرڻ جي توکي طلب هوندي آهي.
۽ جيڪو شخص پنهنجو راز سنڀالي ٿو. سو جلد ئي پنھنجي مراد ماڻي ٿو. داڻو جڏهن زمين ۾ پوريل رهي ٿو تڏهن ئي ٻوٽي جي صورت ۾ نڪري نروار ٿئي ٿو ۽ باغ جي سرسبزي ۽ رونق وڌائي ٿو، سون، چاندي به جيڪڏهن لڪل نه رهن ها، ته کاڻ جي جھوليءَ۾ ڪيئن پرورش پائي سگھن ها. جيڪي ڪنھن به ڪتاب پڙهڻ ۽ هنر سکڻ جا محتاج نه آهن. مگر انساني دلين کي سڌ، لوڀ، ڪنجو سائي ۽ کوٽائين کان پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن، جنھن سدوريءَ دل جو آئينو اهڙن روحاني نقاشَن صاف ڪيو آهي. تنھنجي دل ۾ اها پاڪ صورت نظر اچي ٿي، جا ٻئي صورت آهي جيئن سڀ پنھنجي اندر ۾ سچا موتي سمائي چپ چاپ آرام ۾ رهي ٿي تئين اهڙي ڀرپور دل به راحت جي سمنڊ ۾ بي فڪري سان رهي ٿي.
سپ کي ٽوٻن جي دست درازيءَ جو کٽڪو رهي ٿو، پر ان ڀرپور دل تي موت به غالب پئجي نٿو سگھي.