مختلف موضوع

سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي آهي.
فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
Title Cover of book سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

حصو چوٿون

جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين،
خانوند خاصُ خلقي، محمد مُڪائين،
ڪَلموُ تنهين ڪريم تي، چٽو چَيائين،
اَنا مولاڪ وَاَنُتَ محبوبي ائين اُتا ئِين،
ڏِکي ڏِنائِين ٻئي سرائون سيّد چئي.

(شاه لطيف)

[b]سامعين محترم!
[/b]پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جي اخلاق جي تعريف ڪندي الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمايو.
بيشڪ تون اخلاق جي بلند مرتبي تي پهتل آهين، پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم پنھنجي عادتن ۽ وهنوار ۾ ايتري ته سهڻي هلت سکندڙ هئا جو خدا پاڪ به کين قرآن پاڪ ۾ ساراهيو آهي. پاڻ ڪريمن جو آخري نبيءَ طور اچڻ جو مقصد اهو ظاهر ڪري ٿو ته قيامت تائين سندن شخصيت سج جيان چمڪندڙ رهندي.
حقيقت ۾ اها خدا تعاليٰ جي وڏي مہرباني ۽ انسانيت مٿان هڪ وڏو احسان آهي. خوشنصيب آهن اُهي انسان جيڪي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي طريقي تي عمل ڪرڻ جو ڏانوءَ سکن ٿا.


[b]سامعين محترم!
[/b]ماڻهن کي چڱي ڳالہه چئو!

گفتگوءَ جي آداب منجھان آهي ته جڏهن پاڻ ۾ ڪچہري ڪجي ته سٺو انداز اختيار ڪجي، لہجو نرم هجي، ڳالہائڻ ۾ سختي نه هجي، جنهن سان ڳالہائجي تنهن جي مقام ۽ مرتبي جو خيال رکجي وڏن ساڻ ادب ۽ ننڍن سان محبت، شفقت ساڻ ڳالہائڻ کپي.
پاڻ ڪريمن ﷺ جن فرمايو ته مسلمان نه طعنو ڏيندو آهي ۽ نه بدزباني ڪندو آهي.

[b]سائين منهنجا!
[/b]هيءَ دنيا جيڪا رنگين ٿي نظر اچي اهو انسان جي محنت جو ڦل آهي، جھڙي طرح هر کاڌي جو مزو جدا جدا هوندو آهي اهڙي طرح هر نيڪ عمل جي لذت به الڳ الڳ هوندي آهي.
روز مره جا ننڍڙا ننڍڙا ڪم ڪائنات جي هم آهنگيءَ جا حصا آهن. هر انهيءَ ڪم ڪرڻ کان پرهيز ڪريو جو ڳجھو ڪيو وڃي، ۽ جنهن جي ظاهر ظہور ڪرڻ سان شرم اچي.
بہترين ڪم ڪرڻ سان انسان ٽن براين کان بچي وڃي ٿو. بوريت، گناهه ۽ ضرورت.


حسن درس جو نظم ٿو ياد اچي ته

تنهنجي ڳلي!
هي ڳلي.
ڪنهن پيرسن جي عمر جيڏي ڊگھي،
ڪنهن سنياسيءَ جي يوگ جيڏي،
زندگيءَ ۾ عاشقي جيڏي وڏي
هيءَ ڳلي!
هي ڳلي،
منهنجي من ۾ سدائين،
ڪنهن سنہي تار جيئن،
وڄندي رهي آهي،
ڪنهن نظم جي سٽ وانگي.
ڪنهن چتر ڪنهن چٽ وانگي.
مون کي سدائين ٿي لڳي
هي ڳليءَ!
۽ ڪنهن ستاري جي
پري کان ڏيک وانگي
منهنجي اک ۾ پوري لہي ٿي.
هي ڳلي!
تنهنجي ڳلي!

[b]سامعين!
[/b]پاڻ ڪريمن صه تي غار حرا ۾ پہريون لفظ جو نازل ٿيو، سو هو ”اقرا“ يعني پڙهه، تنهنڪري پڙهڻ، مطالعو ڪرڻ ۽ ڪائنات تي غور فڪر ڪرڻ هر هڪ انسان لاءِ ضروري آهي.
پاڻ ڪريمن صه جن ساري عمر پنهنجي امت ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ تعليم کي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهيا،
۽ فرمايائون ته، هر هڪ انسان توڙي عورت کي علم جي طلب ڪرڻ فرض آهي.
جيڪو ماڻهو علم جي تلاش ۾ نڪري ٿو، اهو واپس اچڻ تائين الله پاڪ جي راهه ۾ آهي.

[b]سامعين!
[/b]تاريخ ۾ اڄ جو ڏينهن؛
17 جولاءِ 1993ع تي ڀلوڙ انسان سچو صحافي فقير محمد لاشاري پنجاب صوبي جي شہر گوجر خان وٽ روڊ حادثي ۾ شہيد ٿيو، آخري آرام گاهه گاجي کهاوڙ ۾ اٿس.
17 جولاءِ 1942ع تي ديوان گو شاعر لعل چند مجروح اصل نالو شيخ لعل چند عرف لعل محمد مجروح وفات ڪئي.
17 جولاءِ 1933ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر استاد پيرل قنبر ولد امام بخش ”عاصي“ سومرو ڳوٺ بُٺي لڳ مبارڪ ڪلهوڙو تعلقي ميروخان ۾ جنم ورتو استاد پيرل قنبر جو اصل نالو پير محمد هو.
17 جولاءِ 1953ع تي ناليوارو شاعر آتش سنڌي اصل نالو معشوق علي ولد ولي محمد شيخ قنبر علي خان ۾ جنم ورتو.

سڀئي ڳالہيون ٻڌائيندس جڏهن تون روبرو ٿيندين،
سرار سچ سڻائيندس، جڏهن تون روربرو ٿيندين.
وساري دؤر ماضي کي، ملي هڪ جسم جان ٿيبو،
خوشيءَ جا گيت ڳائيندس، جڏهن تون روبرو ٿيندين.

(انور هالائي)

[b]سائين منهنجا!
[/b]هيءَ دنيا به خدا پاڪ ڪہڙي نه عجيب خلقي آهي، ڇو جو هن دنيا جا رنگ طرح طرح نرالا آهن،
انسان جي دل ۾ ڇا هوندو آهي، خدا جي درٻار ۾ وري ٻيو ڪجھ لکيل هوندو آهي، ڏکن پويان سک ڏينهن پويان رات ڪڪر پويان برسات، اهو سڀ ڪجھ اختيار مالڪ سائين جي هٿ ۾ آهي، چوندا آهن ته جڏهن وقت هٿن مان نڪري ويندو آهي، انہي مہل انسان جو دماغ ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي.
جڏهن ڪنهن ڪمڪار سانگي پنهنجو پيارو وطن ڇڏي اسان جي دلين کان ڌار ٿيندا آهن ته پرين محسوس ائين ٿيندو آهي ته ڪنهن ڪونج وانگر ولر کان وڇڙي زمين آسمان سان پيا ڳالہيون ڪندا آهيون، ها پر! پرديس لفظ ٻڌڻ سان دل مان تکا تير نڪري ويندا آهن،
ديس جي مٽيءَ ۾ خوشبوءَ پنهنجي آهي جيڪا پرديس ۾ ڪٿي آهي. پرديس ۾ اسان کي جڏهن وطن وارا دل وارا دوست، مٽ مائٽ ياد ايندا آهن، ان مہل اسان جي دل تمام گھڻو مايوس ٿي ويندي آهي، ۽ سوچ اها هوندي آهي ته پنهنجي آزاد وطن ۾ پنهنجن پرين پيارن سان گڏ آزاديءَ جو جشن ملہائڻ گھرجي.

[b]سائين منهنجا!
[/b]زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي طور تي عزت حاصل ڪرڻ ضروري آهي، ٻين کان عزت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳ ۾ اوهان سوچيو ته ڇا اوهان عزت ڪرائڻ جو حق رکو ٿا؟
جيڪڏهن اوهان پنهنجي وڌيڪ عزت ڪرائڻ جا حقدار آهيو. ته ماڻهو به اوهان جي وڌيڪ عزت ڪندا. انہيءَ اصول کي اختيار ڪري ڏسو.
ياد رکو! اوهان جي ظاهري شخصيت پاڻ ڳالہائيندي ته اوهان جيڪو ڪجھ ڪريو ٿا. صحيح ڪريو ٿا، گھر کان ٻاهر ويندي يقين رکو ته اوهان ائين ئي نظر اچو ٿا. جيئن اوهان چاهيو ٿا، توهان ٻارن کي اسڪول ويندي ڏٺو هوندو، جن جي ڪپڙن تي داغ هوندا آهن، اها ڳالہه سٺي نه ٿي لڳي، ماڻهو ننڍڙن ٻارن کي خاص ڪري غور سان ڏسندا آهن، جيڪڏهن اوهان جي ٻارن جا ڪپڙا ٺيڪ نه آهن ته انهن جو رويو به ٺيڪ ناهي، اهو ان ڪري ته ٻار ۾ نفسياتي عمل ٿو جنم وٺي ته مان ٻين کان گھٽ آهيان. ان لاءِ پنهنجي ٻارن کي سندس استاد جي نظر سان ڏسو ۽ پنهنجي پاڙيسرين جي نظرن سان ڏسو ته اهو ڪيئن ٿو نظر اچي ٻار؟
ڇا اوهان کي اهو بلڪل ٺيڪ نظر پيو اچي؟
جيڪڏهن ائين ناهي ته ان ۾ تبديلي آڻيو ۽ ان کي صاف سٿرا ڪپڙا پہرايو ته سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي پوندو.


جي درد دل اُماس ڪري، روشني ڪجي،
سِڪ، سونهن لاءِ لاٽ سچي، زندگي ڪجي.
ٿو دوستيءَ جو دنگ وڏو دائرو رکي،
هر درد مند سان وڌي دوستي ڪجي.

(استاد بخاري)

[b]يا رب!
[/b]ڇا هي نادان دناءَ ڄاڻن ٿا ته ستارن کي روشني ۽ ڪئليءَ کي ڪڻ ڪنهن رسائي آهي؟ ڇا هو گلاب جو گل ٺاهي سگھن ٿا، جنهن تي ماکيءَ جي مک اڏامي اچي ۽ ان مان پنهنجو رزق حاصل ڪري. ڇا هو ڪُوڻيءَ تي ڀنؤَر جي اڏار ۽ ڄاهيءَ جو چانڊوڪيءَ ۾ ناچ سمجھائي سگھن ٿا!
هن ڪائنات ۾ اهڙيون ڪروڙين ڳالہيون آهن، جي هنن جي عقل کان بعيد آهن.

يارب!
منهنجي زبان ته عاجز آهي، منهنجي دل کي پاڻ تائين رسائي ڏي!.



[b]سائين منهنجا!
[/b]آگسٽ عيسوي سال جو اٺون مہينو آهي. هن مہينيءَ تي اهو نالو مشہور رومي حڪمران آگسٽس (Augustus ) جي نالي تي پيو آگسٽس جي لفظي معنيٰ آهي دانا هن مہيني دوران اتر اڌ گول ۾ ڏينهن ننڍا ٿيندا آهن، ان جي برعڪس ڏکڻ اڌگول ۾ ڏينهن وڏا ٿي ويندا آهن هن مہيني ۾ مينہن وسن ٿا. هن مہيني ۾ 31 ڏينهن ٿين ٿا.
اڄ چار آگسٽ آهي، چار آگسٽ جي حوالي سان ڪجھ ڄاڻ.
4 آگسٽ 2000ع تي ڪچہريءَ جو مور فنڪار محمود صديقيءَ جو وڇوڙو ٿيو.
4 آگسٽ 1967ع تي نوجوان شاعر زاهد دارا ابڙو جنم ورتو.
4 آگسٽ 1991ع تي نوجوان شاعر عرفان مہديءَ لاڏاڻو ڪيو.


[b]سامعين محترم!
[/b]وطن نعمت آهي،
وطن به انسان ذات لاءِ ڪنهن نعمت کان گھٽ ڪونهي جنهن قوم کي پنهنجي ڌرتي آهي، اها قوم هميشہ لاءِ روشن مستقبل جي طرف گامزن رهندي آهي ۽ شعور ان قوم وٽ هميشہ لاءِ ٿڪ ڀڃي ٽڪي پوندو آهي.
جيئن اسان جي زمين هزار ميل في ڪلاڪ رفتار سان نه رڳو پنهنجي پر سج جي چوڌاريءَ گھمي ٿي. ليڪن توازن جو عالم اهو آهي ته مٿس رهندڙ کي هن جو هلڻ محسوس نه ٿو ٿئي ۽ انسان وري ان سر زمين کي پاڻيءَ ڏئي سرسبز ڪن ٿا.
اهڙي طرح سڄي قوم جي سوچ جيڪڏهن مثبت هوندي ته اها قوم سرسبز ۽ شاد آباد رهندي.

[b]سامعين محترم!
[/b]پنهنجو پاڻ سان گذارڻ به هڪ فن آهي.
اسين جڏهن ٻار هوندا آهيون ته گھڻو ڪري اهو خواب ڏسندا آهيون ته ڪڏهن ٿا وڏا ٿيون ۽ خودمختيار بڻجون وڏو ٿي احساس ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي وچ ۾ رهڻ گذارڻ ڪيڏو نه ڏکيو بڻجي ٿو وڃي خاص طور ان مہل جڏهن هو توهان کي بلڪل به سمجھي نه سگھن يا ماڳہين غلط سمجھن اڪيلو رهڻ سان تضاد کان بچي سگھجي ٿو پنهنجو پاڻ ۾ هجڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي ان جو مطلب هر گز اهو ناهي ته ڪنهن توهان کي پابند ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن اوهان پنهنجو پاڻ کي آزاد ڇڏي ڏيو ۽ ٻين جي اجازت يا صلاح کان سواءِ ئي اهو ڪري سگھو جيڪو اوهان ڪرڻ ٿا گھرو.


نوجوان شاعر، پنهل جي غزل جا ڪجهه بيت آهن

کنياسين نئين نسل خاطر هي پيرا روشني بڻبا،
اسان جي سگهه، سهپ ڏسجو، انڌيرا روشني بڻبا!

اچو اُڀ تان هٽايون پيڙ جا پاڇا نجا ڪارا،
اسان جي جستجو سان دل جا ديرا روشني بڻبا.

مگر تعصب ڀلي ڏسجو مگر سو ڏينهن ڀي ايندو،
سڀئي مظلوم ڌرتيءَ جا، مٿيرا روشني بڻبا.


[b]سامعين محترم! آداب
[/b]آداب عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، فضيلت، اخلاق، سليقو، شائستگي يا تعظيم، اصطلاحي زبان ۾ چڱيون عادتون بجاءِ آڻڻ کي آداب چئبو آهي، ٻين سان خوشي مزاجيءَ سان ملڻ ۽ بهترين گفتگو ڪرڻ کي آدابي زبان ۾ بلند اخلاقي ۽ سهڻي سيرت چئي سگهجي ٿو. ايتري قدر جو کائڻ، پيئڻ، لباس پہرڻ، اٿڻ ويہڻ، ڦرڻ پاڻ کان وڏي يا ننڍي سان موزون گفتگو ڪرڻ وغيره.
کي آداب يا ادب سان پيش اچڻ چئي سگھجي ٿو. پنهنجي وطن جي لاءِ هر وقت دُعا گھرڻ، پيءُ، ماءُ جو چيو مڃڻ، استاد جو ادب ڪرڻ، احسان ڪرڻ واري سان عاجزي سان پيش اچڻ کي اخلاقيات ۾ شمار ڪيو ويو آهي.


[b]سامعين! ٽپال جو عالمي ڏينهن
[/b]هر سال 9 آڪٽوبر تي عالمي ٽپال جو ڏينهن ملہايو ويندو آهي، جيڪو سوئزرلينڊ ۾ سال 1874ع ۾ يونيورسل پوسٽل يونين جي قائم ٿيڻ جي ياد آهي. ان اداري جي قائم ٿيڻ سان سڄي دنيا جي انسانن جو هڪ ٻئي سان رابطو قائم ٿيو هو. هن ڏينهن جي ملہائڻ جو اعلان 1969ع کان ڪيو ويو جڏهن ته ٽپال کاتي جي خدمتن ۽ ان جي عملي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هن ڏينهن کي ملہائڻ جي خاص اهميت آهي، هن سال 2015ع ان ڏينهن جو موضوع ”اسان کي ٻڌايو ته اوهان ڪہڙي قسم جي دنيا ۾ وڌڻ گھروٿا“ آهي.


علامه اقبال کي ڀيٽا طور، مہان ڪوي شيخ اياز جي هن دُعائيا شاعريءَ سان ته.
يارب!
مون کي پوپٽ جا پر ڏي ته ٻار جي ننڊ ۾ تري وڃان!
ٻار جي ننڊ جا ڪؤثر ۽ تسنيم جي نہر وانگر هوندي آهي.
يارب!
مون کي ڀئَور جي گنجار ڏي،
جا خوشبوءَ جي پينگھ ۾ لڏي.
۽ ڪيئي گل ان کي جھوٽا ڏين.
يارب!
مان تنهنجو!
پنهنجيءَ چانئٽ کان مون کي پري نه ڪر.
جنهن کان منهنجا چپ هٽي نه ٿا هٽن.

سائين محترم. پاڻي فطرت جي نظام ۾ پاڻيءَ کي ئي زندگي جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي آڳاٽي وقت کان ڪائنات جي جوڙ جڪ ۾ ڪجھ عنصرن ۾ مٽي، هوا ۽ پاڻي کي مکيه عنصر مڃيو ويو آهي. سڀني الہامي ڪتابن ۾ زمين سميت سڄي ڪائنات پاڻيءَ جي حوالي سان بيان ڪئي وئي آهي. انہيءَ حقيقت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڌرتيءَ جي گولي جو منو حصو پاڻي آهي. ۽ فقط چوٿون حصو خشڪي آهي. جمادات، نباتات، ۽ حيوانيات جي ترقيءَ جو مدار به پاڻيءَ تي آهي پاڻي آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو مرڪب آهي پاڻي هر جاندار جي ترڪيبي جزن ۾ ضرور شامل هوندو آهي.


[b]سامعين محترم! ٻوڏ!
[/b]جڏهن پہاڙن تان برف پگھرندي آهي ته سمورو پاڻي درياهن ۾ اچي پوندو آهي ۽ جڏهن درياهه ۾ وڌيڪ پاڻي اچي ويندو آهي ته پوءِ پاڻي وهڪري کان ٻاهر نڪري ايندو آهي ۽ ڀرپاسي جي سموري ڌرتي، فصل ۽ آباديءَ کي ٻوڙي ڇڏيندو آهي ڪڏهن ڪڏهن پاڻي بچاءُ بند به ٽوڙي وجھندو آهي. دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ٻوڏ بنگلاديش ۾ ايندي آهي. ٻوڏ کي اٿل، ليٽ ۽ سيلاب جي نالن سان به سڏيو ويندو آهي.
ٻوڏون دنيا ۾ تباهيءَ ۽ برباديءَ جو سبب بڻجنديون آهن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ٻوڏ جو سبب قدرتي طور تيز برساتن جي ڪري وجود ۾ اچي ٿو.
جاگرافيائي لحاظ کان لاڙڪاڻي ضلعي جي اتر اولہه ۽ اولہه ڏکڻ ۾ بلوچستان صوبو آهي، بلوچستان جي جبلن ۽ نين جو لاهه سنڌ واري علائقي ڏانهن آهي.
جڏهن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تمام گھڻي برسات پوي ٿي. تڏهن ان برسات جو پاڻي جبلن تان هيٺ لہي کيرٿر ۽ ڪاري جبل جي ڀَر وٺي سنڌ جي ميداني علائقن ڏانهن رخ رکي ٿو.
سنڌ جيئن ته سنڌو دياءَ جي پڇڙيءَ ۾ آهي انهيءَ ڪري. ڪشمير، سرحد، ۽ پنجاب ۾ جڏهن آگسٽ، سيپٽمبر ۾ برساتون پون ٿيون ته انهن علائقن جي اُٿل جو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ اچي ٿو.

سڀئي وطن جون بهارون وڻن ٿيون،
پکين جون پياريون قطارون وڻن ٿيون.
اچين ياد مونکي ٿو ڏاڍو ستائين،
صنم تنھنجون مونکي ته سارون وڻن ٿيون.

(فقير محمد سنڌي)

[b]جوهري توانائي؛-
[/b]جوهري توانائيءَ جي دريافت انساني تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي. پاڪستان انرجي ڪائونسل جي نالي سان هڪ اِدارو جوهري توانائي جي پُر اَمنُ استعمال جي انهي مقصد سان قائم ٿيو هو. ٻئي سال هن اِداري جو نالو ائٽامڪ انرجي ڪميشن ۾ بدلايو ويو. هيءٌ ادارو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي پهريون تحقيقاتي ۽ ترقياتي مرڪز آهي. ٻيو جوهري توانائي حاصل ڪرڻ جو عملي مرڪز پهريون مرڪز جو ذيلي ادارو جوهري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اسلام آباد جتي ڊسمبر 1965ع ۾ پنج ميگاواٽ جو هڪ جوهري، ڪيميائي، طبي، طبيعات ۽ برقيات تي ڪم ٿي رهيو آهي.
ٻيو جوهري توانائيءَ جو مرڪز لاهور ۾ آهي جيڪو 1961ع ۾ قائم ٿيو ٽيون جوهري توانائي جو زرعي تحقيقائي مرڪز ٽنڊو ڄام ۾ 1965ع ۾ قائم ٿيو.
چوٿون مرڪز ميڊيڪل ريڊيو آئسوٽوپ ٽنڊو ڄام آهي، هن وقت پاڪستاني سائنسدانن جي ڪامياب تجربن جي بدولت پاڪستان هن وقت دنيا جي ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ۽ ڪوبه دشمن اسان جي ملڪ پاڪستان کي ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت به ڪونه ٿو ڪري سگھي.
ڪلام اي وطن پيارا وطن.

[b]سامعين محترم!
[/b]سنڌ جي مشهور ليکڪ حليم بروهيءَ جو مزاج هڪ الڳ ڪلاس درجو رکندڙ هو، پنھنجي تحريرون جي زماني ۾ هوُ هڪ ڊائجسٽ ۾ پڙهندڙن جي سوالن جا جواب به ڏيندو هو، هڪ ڀيري هڪ ماڻھوءَ کائنس سوال پڇيو، منھنجو دوست ڪاوڙجي ويو آهي. ڏاڍو پرچايو ٿمانس پر پرچي نٿو. ان مسئلي جو ڪو حل؟
صحيح جواب لکيس، ”هل ڙي هل“

سامعين محترم- سيپٽمبر مهينو.
عيسوي سال جو نائون مهينو سيپٽمبر آهي. سيپٽمبر لاطيني زبان جي لفظ سيپٽم Sept.Tem مان ورتل آهي جنھنجي معنيٰ آهي ستون پراڻي رومن ڪيلنڊر ۾ هي مهينو ستون هو، پر يورپي ڪيلنڊر ۾ هن جو نمبر نائون آهي هن ئي مهيني دوران 21 سيپٽمبر تي سج بلڪل خط الستوا تي چمڪڻ لڳندو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ڏينهن رات برابر ٿين ٿا. اتر اڌ گول ۾ خزان جي موسم ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ بهار جي موسم ٿئي ٿي هن مهيني ۾ 30 ڏينهن ٿين ٿا.

اڄ پهريون سيپٽمبر آهي.

پهرين سيپٽمبر 1858ع تي سنڌ جي درسگاهه سنڌ مدرسة السلام جو افتتاح ٿيو.
پهرين سيپٽمبر 1939ع تي اديب پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ولد حاجي رحيم بخش ميمڻ لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.
پهرين سيپٽمبر 1958ع تي شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو ڳوٺ جاني ٻرڙي تعلقي ڪوٽ ڏيجي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. پهرين سيپٽمبر 1957ع تي شاعر ۽ ليکڪ ڪامريڊ ڪريم بلوچ اصل نالو عبدالڪريم ولد شاهه محمد مغيري جي گھر ڳوٺ باراني مغيري لڳ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پهرين سيپٽمبر 1961ع ٿي سنڌ جو علم دوست شخص خادم حسين چانڊيو نوابشاهه ۾ اميد علي چانڊيي جي گھر جنم ورتو.
تون منهنجو صنم آهين؛ (برڪت علي)

ادل سولنگي جو گيت

سرنهن ڦلاري، ڪڻڪون نسريون
انبن جھليو ٻور، او ساجن
تون ڇو مون کان ڏور
سَاڳ چڻن مٽرن، ڄانڀن جو،
مون نه چکيو آمور، او ساجن
تون ڇو مون کان ڏور
زور نهاريان نڪري تولئه،
پتڻ پھريون پور، او ساجن
تون ڇو مون کان ڏور
تنھنجي او سيئڙي ۾ لڇندي،
جوڀن ٿيو آ جھور، او ساجن،
تون ڇو مون کان ڏور
تون ڇو مون کان ڏور.

[b]سامعين محترم
[/b]اڄ پهرين سيپٽمبر آهي! سنڌ جي اڻ وسرندڙ ڪردار.
سيد صالح محمد شاهه، عرف ڏاڏو فتح خان جي اٺين ورسي آهي. گھڻو ڪري انسان جي ڪردار جو تعين ان جي جھان ڇڏڻ کان پوءِ ايندڙ وقت ڪندو آهي پرڪي تاريخ ساز ماڻھو اهڙا به هوندا آهن جن جي ڪردار جو تعين سندن جيئري وقت ئي ٿي ويندو آهي. وڇوڙي بعد ته تاريخ مٿن وڌيڪ ناز ڪندي آهي.
پهرين سيپٽمبر ثقافت جي هڪ مڪمل ڪردار سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏي فتح خان جي وصال جو ڏينهن آهي جنهن جي سموري حياتي سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، لطيفيات ۽ گائڪي جي تشريح ڪندي گذاري. سيد صالح محمد شاهه 4 اپريل 1938ع تي حيدرآباد لڳ ڳوٺ درياهه بيگ مغل ۾ سيد دادن شاهه جي گہر ۾ جنم ورتو پرائمري تعليم کانپوءِ اديب عالم جو امتحان پاس ڪيائين، شاهه صاحب جي خاندان ۾ وڏا شاعر اديب ۽ عالم ٿي گذريا هئا. جنھنجي شفقت کيس ٻولي ادب ۽ ثقافت جو شعور بخشيو.
سيد صالح محمد شاهه 4 اپريل 1958ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي جي انائوسر عبدالطيف عباسيءَ جي مشوري تي ريڊيو حيدرآباد سان ڳنڊجي ويو، ريڊيو حيدرآباد تي 40 سالن تائين فتح خان جي ڪردار سان ڪامياب رهيو.
سيد صالح محمد شاهه عام ماڻھوءَ کي لطيف جو فڪر سمجھائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي، سندس هڪ وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته هن ڀٽائي سائين جو سمورو ڪلام پنھنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو هو هيءُ سنڌ جو امر آواز ۽ ڪردار پهرين سيپٽمبر يعني اڄوڪي ڏينهن تي 2007ع ۾ 70 سالن جي عمر م لاڏاڻو ڪيو.
سامعين محترم! ننڍپڻ جون يادون جڏهن ذهن تي تريءَ اينديون آهن، ته ذهن ٿوري وقت لاءِ ماضيءَ جو حصو بڻجي وري ٿڌو ساهه کڻي حال ۾ پيو آڪسيجن وٺندو آهي اهي يادگير اکر ۽ ڀتيون جيڪي اسان جي ننڍپڻ ۾ اسان لاءِ سائن بورڊ طور موجود هيو. سڙيل ڪاٺيءَ مان جيڪو ڪوئلو نڪرندو هو، اهو ته اسان کي ننڍپڻ ۾ قلم طور ڪم ڏيندو هو، ڄڻ ته پاڙي جي هر ڀت اسان لاءِ سائن بورڊ هجي، هاڻي ته دنيا ترقي ڪئي آهي ننڍڙن ڳالھين کي ڪاروباري ماڻھو وڏي اهميت ڏيندا آهن ۽ اُهي ڪاروباري ماڻھو انهن ننڍن ذهنن کان ڪجھ سکي ڪري پنھنجي ڪاروبار لاءِ ڪجھ اسم لکي ڪري انهن به هاڻي ڀتين چؤڪن ۽ عوامي مرڪز وارن هنڌن کي پنھنجي لاءِ موضوع بڻائي ڇڏيو آهي نه ننڊ سوچ ۽ وڏي ڳالھ.

سامعين- زندگي دنيا ۾ پنھنجي حصي جي ڪم ڪرڻ جو نالو آهي ۽ اسان کي معلوم هجڻ گھرجي ته زندگي نفرتن کي دوا ڏيڻ جو نالو نه آهي پر زندگي ڌڪار جي موٽ ۾ به الفت آڇڻ جو نالو آهي.
اسان کي اها ڳالھ ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته زندگي انڪار نه اقرار جو نالو آهي، زندگي شڪايت نه عنايت جو نالو آهي زندگي جفانه وفا جو نالو آهي.
اهڙي طرح اسان کي زندگيءَ مان باخبر ٿي پنھنجي زندگيءَ کي مايوسي مان ڪڍي مقصدي انسانيت جو نالو ڏيون.


[b]سامعين!
[/b]جڏهن اڃا هيءُ سنسار آدميت ۽ انسانيت جي تصور کان خالي هو، تڏهن به منجھن گفتن ۽ گفتار جا اهڃاڻ ۽ آثار نمايان ۽ نروار هئا، ملائڪن جي زبان مالڪ مهربان جي صفت ۽ ثنا ۾ هر گھڙي پرت جي پرچار سان سرشار هوندي هئي، ان لحاظ کان گفتا ۽ گفتار جي تاريخي حيثيت ۽ قدامت هن ڪائنات ۾ انتهائي اهم ۽ واضع آهي. اڳتي هلي جڏهن قدرت پنھنجي ڪمال سان آدم جو خاڪي پتلو پيدا ڪري منجھس روح ڦوڪيو ۽ کيس گويائيءَ جي قوت ۽ ڳالھائڻ جي سگھ عطا فرمائي تڏهن مٿس علم جي بي پناهه پالوٽ ڪري ڇڏيائين ڏاتر جي ان ڏات هن مٽيءَ جي مُٽ کي اشرف المخلوقات جي عظمت ۽ شان سان نوازيو آهي.

تڏهن ته جھر جھنگ اها لولي پئي لڳي.
آهي هر چمن الله هو الله هو................ عابده پروين

[b]سامعين!
[/b]زماني ۾ درد هزارين آهن پر مک تي مرڪ سجائي رکڻ گھرجي، رابيل جي سهڻي گل وانگر نهايت حقيقت پسند سچ ٻڌندڙ ۽ سچ چوندڙ انسان ٿي زندگي گذارجي خوشامند ۽ چاپلوسي بنهه نه ڪرڻ گھرجي.


سنڌو سنبت، ٻين سنبستن جي مقابلي ۾ ٻڙي سال سان شروع ٿئي ٿو. ليڪن ٻين ٻن سنبستن جا سال بجاءِ ٻڙي سال جي هڪ سال سان شروع ٿين ٿا. سنڌو سنبت جي جنتريءَ ۾ هڪ سال اندر ٻارهن مهينا ٿين ٿا.
پهريون مهينو عام سال ۾ 30 تِٿن تاريخن/ ڏينهن جو ۽ واڌو سال ۾ 31 ڏينهن جو ٿيندو آهي ۽ ان کان پوءِ جا پنج لاڳيتا مهينا في مهينو 31 ڏينهن جو ٿيندو آهي ۽ بقايا ڇهن مهينن مان في مهينو 30 ڏينهن جو ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح هر دستوري عام سال ۾ 365 ڏينهن ٿيندا ۽ واڌو سال ۾ 366 ڏينهن ٿيندا آهن، هن سنبت جو ابتدائي مهينو چيٽ هوندو آهي ۽ آخري مهينو ڦڳڻ هوندو آهي. گريگوري ڪئلنڊر مطابق سنڌو سنبت جي مهينن جا نالا مقرر ٿيل مهينن جي انداز سميت سنڌو سنبت جا مهينا عيسوي سن جا مهينا.

1. چيٽ اپريل، جون
2. ويساک مئي، جون
3. ڄيٺ جون، جولاءِ
4. آکاڙ جولاءِ، آگسٽ
5. سانوڻ آگسٽ، سيپٽمبر
6. بڊو سيپٽمبر، آڪٽوبر
7. اَسُو آڪٽوبر، نومبر
8. ڪتي نومبر، ڊسمبر
9. ناهري ڊسمبر، جنوري
10. پوهه جنوري، فيبروري
11. مانگہه فيبروري، مارچ
12. ڦڳڻ مارچ، اپريل

سنڌو سنبت/ ڪئلينڊر سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۽ ٻهراڙين کانسواءِ آسام، بنگال، مهاراشٽر، برما، ڪيرالا، مانيپور، اڙيسا، پنجاب، سريلنڪا، تامل ناڊو ۽ ٿائلينڊ ۾ به مروج آهن.
سنڌو سنبت واحد سن آهي، جيڪو سنڌ (پاڪستان) ۽ هند جو ورثو آهي.*