مان زندگيءَ ۾ رنگ ڀريندو آهيان : عابد ڪاظمي
عابد؛ نه بھتر نه بدتر، اڄڪلھه ڪجھه وڌيڪ مصروف آهيان، گوتم ٻڌ چيو هو ته زندگي پھاڙي نديءَ وانگر آهي، جيڪا ڪٿان ويڪري ته ڪٿي سوڙهي، ڪٿي تيز ته ڪٿي سست، ڪٿي اوڀاري ته ڪٿي لھنواري، ور وڪڙ کائيندي پاڻ سان گڏ ڪک توڙي پٿر لوڙهيندي وڃي سمنڊ ۾ ملي ٿي. بس زندگي پنھنجا رستا پاڻ ٺاهيندي يا ڳوليندي اڳتي وڌندي ٿي رهي، مان هن سان هم آهنگ ٿيڻ جو ڪوشش ڪندي هن ۾ حسين رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو رهان ٿو ۽ ساڻس قدم قدم ۾ ملائي هلان ٿو ته جيئن ان جي هر لمحي کي بامقصد بڻائي سگھان ۽ سڪارتي زندگي گذاري سگھان.
تون ته ترقي پسند سوچ رکندڙ آهين پوءِ اهڙي زندگي جبري ليکجي نه؟
عابد؛ مون چيو نه ته زندگي جي هر لمحي ۾ رنگ ڀريندو آهيان هڪڙا ماڻھو صرف Turnip جي انداز ۾ ارتقائي مرحلا طئي ڪندا آهن، هڪڙا وري شعور جي معرفت انھن کي معنويت جا رنگ ڏيندا آهن، اصل ۾ اسان جي ماضي بي تغير هوندي آهي اسان چاهيون به ته انھن کي تبديل نه ٿا ڪري سگھون ۽ اسان جو مستقبل هڪ Myth آهي، اصل ۾ اسان جي هٿ ۾ جيڪي لمحا هوندا آهن جنھن کي حال چئون ٿا اسان کي اهي لمحا وڃائڻ نه گھرجن ۽ بامقصد گذارجن، انھن جي نتيجن تي صرف اسان جو حق نه پر پوري انسان ذات جو حق هوندو، هڪ مارڪسٽ هجڻ ناتي مان انسان ذات لاءِ ماڪسزم کي بھتر سمجھان ٿو ته ان لاءِ مان صرف مستقبل ۾ خواب سرجي ويھڻ درست نه ٿو سمجھان پر ان لاءِ پاڻ وٽ ”ميسر“ لمحن ۾ ڪجھه ڪندو آهيان جو هن وقت اهو منھنجو فرض آهي. حقيقت ۾ اهم ”نشئي“ اهو رستو هوندو آهي، اهو يقين هُجڻ ضروري آهي ته منھنجي Direction درست آهي لطيف سائين چيو آهي.
عمـر سڀ عـشق سين، پـنـهـون جي پـڇـن
ريس ريزاليون تن سين ڪڄاڙي لاءِ ڪن
وڏا طالع تن، مارڳ منجھه مرن جي ۽ ها درست رستي جي انتخاب ۾ اسان جو شعور رهنمائي ڪري ٿو.
شاعري سٺي لڳندي آهي؟
عابد؛ ها لفظن جو حسين استعمال شاعري ئي آهي. هڪ شاعر وٽ اچي لفظ ساهه کڻڻ لڳندا آهن ۽ لفظن ۾ ڪيفتن جو اظھار شاندار ٿئي ٿو، مون کي ڏک رهندو آهي ته مان شاعري جا لوازمات ڄاڻي نه سگھيس ۽ نثرنگاري ۾ سڃاڻپ ملي پر پوءِ به مون نظم لکيا جن مان ڪجھه سنڌي ۾ گھڻا اردو ۾ جيڪي ڇپيا به آهن، نثر ۾ هڪ ڪتاب ”وساورني“ اچڻ کان پوءِ هاڻي اردو نظمن جي ڪتاب جي تياري ۾ آهيان. ڪجھه دوست ان کي منھنجي ٻولي جي احساس ڪمتري چوندا آهن پر سچ اهو آهي ته بنا ڪنھن ڪمتري جي مون کي اردو ۾ اظھار ڪرڻ ۾ آساني محسوس ٿيندي آهي، ٻوليون سڀ پياريون آهن ۽ انھن سان پيار جي معرفت خود منھنجي مادري ٻولي سنڌي بڻي آهي، شاعري ۾ گلزار جو ڊڪشن استعمال ڪندو آهيان، پڙهڻ ۾ سمورا سٺا شاعر پسند اٿم پر ڪجھه شاعرن جي فڪري رجعت پرستيءَ ڪري ڪونه وڻن.
محبت جي باري ۾ ڇا راءِ آهي؟
عابد؛ گھڻيون اهڙيون شيون آهن جن جي مڪمل ۽ هڪ وصف طئي نه ٿي سگھي آهي، باقي مان محبت کي Satisfaction of will سمجھان، سچ اهو آهي ته انسان جا سمورا رجحان ۽ عمل ان اطمينان لاءِ ئي هوندا آهن، هر ماڻهو پنهنجي مفاد لاءِ ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي ۽ مفاد کي خبر نه آهي ڇو ناڪاري جذبو قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته انسان جي ذات اندر اهو ئي ڪارفرما هوندو آهي، مثال طور اسان دوستي ۽ محبت ڪريون ٿا ته ان ۾ به اسان جي راحت ۽ خوشي جو مفاد آهي، ها باقي ائين آهي ته اسان پنھنجي انفرادي مفادن لاءِ اجتماعي معاشرتي، سياسي ۽ سماجي مفادن کي نقصان پھچايون ته، اهو سراسر غلط ۽ ناقابل معافي گناهه آهي، محبت دراصل هڪ ڳانڍاپي جي اعليٰ ترين حالت آهي، جيئن مڇي ۽ پاڻي يا ساهه ۽ بدن جي، جنھن ۾ جيڪو Object يعني محبوب آهي ان جي مرڪزي حيثيت هوندي آهي ۽ عاشق ان جي هستيءَ ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو. Sex خود پيار جو لازمي جزو هجي ٿي، اهو تعلق جڙي ئي ان ڪشش جي بنياد تي ٿو، پر محبت جي ادائگي Performance of love ۽ performance of lust ۾ فرق آهي ۽ اڄ محبت نه سچي هوندي آهي نه وري ڪوڙي جيئن چيو ويندو آهي مان توسان سچو پيار ڪريان ٿو! حقيقت ۾ محبت يا ته هوندي آهي يا وري نه هوندي آهي، جتي دوکو ٿئي ته سمجھواتي محبت هئي ڪانه ۽ اڄ تائين ڪو اوزار ئي نه ٺھيو اهي جيڪو ان کي ماپي، پر ان جي ڪسوٽي قرباني آهي، جيتري وڏي قرباني سمجھو اوترو گھڻو پيار. جيستائين منھنجو تعلق آهي ته فيض صاحب جيئن چيو آهي ته
”يون سھل راهه زندگي کي هي
هر قدم هم ني عاشقي کي هي“
۽ هڪ ٻي ڳالھه به ٻڌايان ته جيڪي ماڻھون چوندا آهن ته انھن زندگيءَ ۾ عشق نه ڪيو آهي ته سمجھيو اهو سڀ کان وڏو ڪوڙ ٿا ڳالھائن. ڇا لاءِ ته عشق فطرت ۾ شامل آهي اهو ته ائين ٿيو جو ڪو چوي هو ننڊ نه ٿو ڪري پوءِ به صحتمند آهي، ماني نه ٿو کائي پر زنده آهي ۽ مڇي پاڻيءَ کان سواءِ جيئري رهندي ۽ کيس فصل ۾ گاهه کائيندي ڏٺو آهي.
پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ ڪهڙو موضوع وڻي ٿو؟
عابد؛ پڙهڻ ۾ فلسفو، تاريخ ۽ نفسيات وڌيڪ وڻن ٿا پر پڙهندو سڀ ڪجھه آهيان ۽ پوري دلچسپي سان جنھن ۾ Fiction کان وٺي صحافتي تجزين تائين سڀ شامل آهن.
آخر ۾ وري زندگي جي ڳالهه ته زندگي ڇا آهي؟
عابد؛ زندگي جي گھڻا ماڻھو عجيب ۽ غريب تشريح ڪندا آهن جنھن تي کل ايندي آهي، مان سمجھان ٿو ته فطرتي طرح زندگي پنھنجي نسل جي بقا ۽ ارتقا جو نالو آهي، بنيادي اهي ٻه شيون آهن باقي سڀ ڪجھه نسبتي آهي، اڄ تائين انسان پنھنجي سفر ۾ جيڪي هنر ۽ صلاحيتون اختيار ڪيون آهن جيڪي باهه ٻارڻ جي هنر کان وٺي ڦيٿي جي تخليق سموريون Invention جو وڃي ٻين سيارن تي پھتا آهن، سماج جي ترتيب، حقن جي تشريح، امن جو ڪوششون يا انساني زندگيءَ جون سموريون وارتائون انھن سڀني جو مقصد صرف ۽ صرف نسلي تحفظ ۽ نسلي ارتقا آهي توهان ڏٺو هوندو ته هر انسان سکي ۽ محفوظ زندگي چاهي ٿو ان ڪري ئي هن پاڻ کي قبيلن، شھرن، ملڪن ۽ گھرن ۾ ورهايو، پنھنجي سک ۽ سلامتي لاءِ فطرت جي ٻين مظھرن ڪيفيتن کي پنھنجي حق ۾ تبديل ڪيو آهي ۽ ٻيو ان ڳالھه تي به توهان ضرور متفق ٿيندا ته هر انسان اولاد جي خواهش رکي ٿو.