ريڊيو پاڪستان ۽ آءٌ : سيد شبير شاهه
جواب؛ منهنجو نالو غلام شبير شاهه آهي 1996ع ۾ ريڊيو تي اچڻ تائين غلام شبير شاهه ئي سڏائيندو هيس، جڏهن ته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ وقت بابا سيد محمد شاهه منهنجو نالو شبير شاهه لکرايو ۽ مان به 1996ع کان وٺي شبير شاهه ئي سڏائيندو آهيان.
جنم لاڙڪاڻي جي ڀرسان نئون ديرو روڊ تي موجود ڳوٺ دودائي ۾ 10 مئي 1971ع تي رات جو تقريبن 12:30 تي ٿيو. پر اسڪول مطابق تاريخ پيدائش پهرين جنوري 1973 لکرائي وئي جيڪا اندازي سان لکرايل آهي ۽ منهنجي تحقيق مطابق 10 مئي واري تاريخ ۽ وقت صحيح آهي.
پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ دودائي مان حاصل ڪئي پهرين کان پنجين درجي تائين پهرين پوزيشن حاصل ڪندو رهيس (06) ڇہون ڪلاس گورنمينٽ پائليٽ هائر سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪري ستين ڪلاس ۾ داخل ٿيس ته بابا سونارن جي خوشحاليءَ کان متاثر ٿي مونکي سونارڪي ڪم سکڻ لاءِ هڪ سوناري جي دوڪان تي بيہاريو. منهنجي لاءِ اسڪول کي ڇڏڻ هڪ صدمو ثابت ٿيو ۽ مان وڌيڪ پڙهڻ چاهيان پيو ۽ مان ان سونارڪي ڪم ۾ بلڪل فٽ ٿي نه سگھيس.
جنهن ڪري بيمار، مايوس ۽ مجبور رهڻ لڳس ۽ بلا آخر بابا جي ڪاوڙ باوجود ان ڪم کي ڇڏي هڪ فوٽو اسٽوڊيو تي ڪم ڪرڻ لڳس. ڪيترائي سال ويڳاڻپ ۽ اداسيءَ ۾ بصر ٿيا.
ننڍپڻ ۾ گھروارن طرفان محبت جي کوٽ کي تمام گھرائيءَ سان محسوس ڪيو. ٽئي ڀائر جيڪي مونکا وڏا هئا اهي پاڻ سان گڏ نه کيڏائيندا هئا ۽ بابا به ڏاڍو سخت هوندو هو ۽ ٻارن سان راند کيڏڻ ڳوٺ ۾ وڃي TV ڏسڻ تي سخت ڪاوڙ ڪندو هو اسان جي گھر ۾ TV نه هوندي هئي ننڍپڻ ۾ بابا ۽ پنهنجي استادن کان ڏاڍو ڊڄندو هيس.
پهرين ڪلاس ۾ هڪ دوست جي سبب مذاق مذاق ۾ ڪٽي ڪٽي ۽ ستين ڪلاس تائين نه ڳالہايو جنهن سبب به ڏاڍو ڏک ٿيندو هو (هاڻي هو جڏهن ڏسندو آهي ته بيهي ملندو آهي الله کيس خوش رکي آمين.
بابا ڏاڍو محنتي ماڻهو هو ۽ اسان جي لاءِ هر قسم جي محنت ڪندو هو ۽ پوءِ هر ڪنهن سان کل مذاق به ڪندو هو. مون ان کي ٻني ٻارو ڪندي ڏاندن سان هر ڪاهيندي، کاٽيون کڻندي ڳاهه ڳاهيندي به ڏٺو هو. هن چير جي مشين تي ڪم ڪيو ٽانگو وهايو ۽ زندگيءَ جو گھڻو وقت کير جو ڪاروبار ڪيو هو ڳوٺ مان سائيڪل تي کير کڻي شهر وڪڻندو هو. کيڏڻ جي زماني ۾ مان سائيڪل هٿ ۾ ڪاهي يا ڪئينچيءَ نموني کير وٺي ايندو هيس ۽ ڪجھ وقت وڏي ٿيڻ کان پوءِ به سائيڪل تي کير کڻڻ جو ڪم ڪيوگھڻن سالن کان پوءِ بابا موٽر سائيڪل ورتي هئي ۽ پوءِ ان تي کير کڻندو هيو.
چئن پنجن سالن کان پوءِ بابا محسوس ڪيو ته هن مونکي اسڪول مان ڪڍي غلطي ڪئي آهي ۽ پوءِ هن مونکي ٻيهر اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ چاهيو پر هڪ اسڪول استاد منهنجي عمر وڌي وڃڻ ڪري ڏاڍا خراب تاثرات ڏنا بعد ۾ فوٽو اسٽوڊيو تي ڪم ڪندي وقفن سان انٽر پاس ڪئي (وقفن جو سبب فيس جو نه هجڻ هو) ان دوران 1984ع ۾ اسان لاڙڪاڻي لڏي آيا هئاسين.
س؛ ريڊيو پاڪستان تي ڪيئن آيا؟
جواب؛ 1996ع جو سال منهنجي لاءِ سٺو ثابت ٿيو ان سال منهنجي پهرين شادي ٿي ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ريڊيو تي ڪم ڪرڻ جو سلسلو 1995ع ۾ شروع ٿي چڪو هو ان کان اڳ ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري هدايت ڪار جي طور ڪجهه ڪم ڪيو هو ۽ اردو ڊائجسٽ تمام گھڻا پڙهيا هيا.
1996ع کان منهنجي زندگيءَ ۾ خوشگوار تبديلي آئي مون کي هڪ سڃاڻپ ملي ۽ پنهنجي گھٽيل جذبن ۽ صلاحيتن جي اظهار جو ذريعو مليو ريڊيو ائين لڳو ڄڻ مونکي ان جي ئي ضرورت ۽ ڳولا هئي ريڊيو ۾ اچڻ جو جيترو شوق هيو اوتروئي ريڊيو ۾ داخل ٿيڻ ڏکيو هيو.
اڪثر سڄو ڏينهن پروڊيوسر جو گيٽ تي انتظار ڪندو هيس ۽ پروڊيوسر صبح جو چوندو هو ويهه مان گھرايان ٿو پوءِ وري واپس وڃڻ وقت چوندو هو ته سڀاڻي اچجائين اهو سلسلو ڪجھ ڏينهن هليو ٻن آڊيئنز ۾ فيل ٿيس ۽ ٽئين ۾ پاس ٿيس پاس ٿيڻ کان اڳ ۾ نوجوانن جي پروگرام ۾ سلسلو ڪندو هيس ريڊيو ۾ متعارف ڪرائيندڙ پروڊيوسر مرحوم آغا محمد علي صاحب هيو الله کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي جنهن کان پوءِ نور محمد خاصخيلي صاحب کان تلفظ سکيم ۽ انهن شروعاتي پروگرامن موقعو ڏنو. پاس ٿيڻ کان پوءِ آئڊيو مٽيريل اسسٽنٽ کي ريڊيو تي ڏسي دل ۾ خواهش پيدا ٿي ته ما به اتي ئي ڪم ڪريان. حقيقت جو مون ڪنهن سان به تذڪرو نه ڪيو تقريبن هفتي اندر آغا محمد علي صاحب نياپو ڪيو ۽ مونکي آئڊيو مٽيريل اسسٽنٽ ڪيو. جنهن جي اجازت ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ضمير بديواني صاحب ڏني.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪندي B.A M.A ۽ DIT جا امتحان پاس ڪيا جنهن بعد ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا سان به زندگيءَ ۽ ڪم ۾ وڏي تبديلي آئي. 2005ع ۾ ايف ايم G2 نوري آباد ۾ پهريون ڪمپيئر طور ويس ڪجھ ئي عرصي ۾ پروگرام مئنيجر ٿي ويس 26 مارچ 2006ع ۾ ٻي شادي ٿي 12 فيبروري 2007ع ۾ ايف ايم G-1 ٽنڊو آدم جو اسٽيشن مئنيجر ٿيس 2010ع ۾ بابا سائين وفات ڪئي ۽ ساڳي سال ريڊيو جي نوڪري وئي جنهن سبب 2015ع تائين حالات خراب رهيا ان دوران NGO ۾ ڪجھ مهينا ڪم ڪيواسپتال ۽ ٽيڪسٽائل ملزجي ليبارٽري ۽ ايڊمن سيڪشنز ۾ به ڪم ڪيو وچ ۾ تقريبن هڪ سال هڪ ڀيرو ٻيهر ايف ايم 92 نوري آباد تي ڪم ڪيو ۽ تمام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو.
جون 2015ع تي لاڙڪاڻي ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تقريبن 10 سالن بعد باقاعدي واپسي ٿي. هن ڀيري ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي رسيورس پرسن جو ڪانٽريڪٽ آهي ۽ الحمد الله وقت سٺو پيو گذري ٻي گھرواري مان 8 سالن جي نياڻي هسبه ۽ 6 سالن جو پٽ اياز شاهه آهي الله کين حياتي ۽ دنيا آخرت جي ڪامياي عطا ڪري آمين.
س؛ اوهان کي شاعريءَ جون ڪهڙيون صنفون پسند آهن.
جواب؛ گيت نظم آزاد نظم پسنديده آهن. البته غزل ان ڪري گھٽ پسند آهي ڇو ته لفظن جي ڪاريگريءَ ۾ خيال جي اصل شڪل وڃائڻ جو خدشو هوندو آهي.
س؛ اوهانجي زندگيءَ تي ڪنهن جو اثر آهي؟
جواب؛ اهو سوال ٿورو ڏکيو آهي ڇو ته حضورﷺ پنهنجي بابي، ڏاڏي ماءُ جي سر کان علاوه هيءَ سڄي ڪائنات آهي جيڪا پنهنجي اهميت محسوس ڪرائيندي آهي ڪتاب ڪمپيوٽر علم شخصيتون حالات مسئلا اهي سڀ ئي ته اثر انداز ٿين ٿا پوءِ ڪو هڪڙو نالو کڻڻ ڏکيو آهي چڱي ڳالهه جتان به ملي ان کي قبول ڪجي.
س؛ اوهان جو پيغام؟
جواب؛ هر انسان جي زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن نه بدحالي هميشہ رهڻي آهي نه خوشحالي صبر شڪر ۽ اميد جو دامن هرگز نه ڇڏڻ ٻين جي عزت دولت، عمر جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ ان تي بري نظر نه وجھجي، ماڻهن جي ڌمڪين کان بچڻ گھرجي ۽ پاڻ به ڪنهن سان زيادتي ۽ ڌوڪو نه ڪرڻ گھرجي پاڪيزه زندگيءَ ۾ سڪون ۽ خوشي آهي.