سنڌي ادب ۾ تنقيد جي آجيان ڪرڻ گھرجي! شاهين سنڌي
پنھنجي ننڍپڻ ۽ تعليمي سفر بابت ٻڌايو؟
شاهين! مان تعليم جي حوالي سان ته ايڏو هوشيار ڪونه هوس اوترو وري تقريري ۽ ڪوئيز پروگرامن ۾ حصو وٺندو هيس يا ڊرامن جو مون آغاز مڊل اسڪول کان ڪيو، ان وقت وارو ادا ڪيل ڪردار ڏاڍو پاپولر ٿيو ۽ تقرير ڪرڻ وارو شوق مون کي ڪمپئرنگ ڏانهن وٺي ويو ۽ ڪمپئرنگ وري مون کان ڪتاب کولرايا ۽ پڙهايا. ڇو جو ڳالھائڻ لاءِ لفظن جو ۽ شاعريءَ جو سٺو ذخيرو هجڻ گھرجي جيڪو مطالعي سان گڏ ٿئي ٿو. جيستائين ننڍپڻ جو تعلق آهي هي دور ته ڪنهن کان وسرندو ڇا، ڇو جو اهو ئي اهڙو وقت هوندو آهي جڏهن اسان پنھنجي والدين سان گڏ هوندا آهيون ۽ ان مان گھڻو ڪجھ سکيا آهيون. ۽ بيچيني ۾ ڪجھ دوستن کي ياد رکي سگھجي ٿو پر هو وسارڻ جھڙا هوندائي ناهن.
لکڻ پڙهڻ ۽ مطالعي جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟
انسان ڪڏهن ڪڏهن دوستن جي صحبت قبول ڪندو آهي منھنجي اڪثر دوستن جو تعلق ادب سان هو پوءِ انھن جو اثر قبوليو ۽ مطالعي جو شوق ٿيو، ۽ اهو شوق اڳتي هلي لکڻ جو سبب ٿيو اڄ مان، ڪالم، ڪھاڻي، ڊرامو ۽ شاعري جي ڪجھ صفن تي لکيو آهي.
توهان جا ڪي يادگار ناٽڪ، ڊرامه ۽ ريڊيو بابت ڪجھ؟
شاهين- ريڊيو تي اچڻ کان اڳ ۾ مان اسٽيج تي ڪمپيئرنگ جو آغاز ڪري چڪو هوس ۽ ڪمپيئرنگ کان پوءِ پنھنجي شهر ڳڙهي ياسين ۾ دوستن سان گڏجي ڊرامن جو بنياد رکيو ۽ 1996ع هو شايد ۽ تنهن کان پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊرامه ڪيا ڊرامن جي ڊائريڪشن پڻ ڪئي. 1996ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي انائونسر جو آڊيشن پاس ڪيو، ڪجھ عرصي کان پوءِ هن وقت تائين ڪافي سنڌي، اردو ريڊيو ڊرامه ڪيا آهن، پر عمر مارئي ريڊيو ڊرامي عمر جو ڪردار ڏاڍو ڏکيوهو، ۽ ٻيو بادشاهه جو ڪردار اهي سڀ ڊرامه سيد عابد عباس جي ڊائريڪشن ۾ ٿيا هئا، ڏاڍو پسند ڪيا ويا. ٽي وي تي مون کي ايوب گاد ڊرامي انتظار گاهه جي ذريعي متعارف ڪرايو ۽ استاد ممتاز ابڙي جا به ڪيترائي ٽي وي ڊرامه ڪيا جيڪي ڌرتي ٽي وي ۽ سنڌ ٽي وي تان نشر ٿيا ۽ پوءِ مون ٽيلي فلم ۾ ڪم ڪيو جنھن ۾ مون هڪ سٺي زميندار جو ڪردار ادا ڪيو، ”غيرت جو آواز“.
سنڌي ادب بابت اوهان جو رايو؟
شاهين- سنڌي ادب اسان جو ڏاڍو شاندار رهيو آهي ۽ رهندو پيو اچي سنڌي ادب ۾ اسان کي کوڙ سارا ليکڪ، شاعر، ناول نگار، ڊرامه نويس ڏنا آهن.
جيڪي اسان جي ادب جي سونھن آهن جن جي لکڻين ۾ زندگيءَ جو هر موڙ نمايا نظر اچي ٿو. پر اسان کي تنقيد جي به آجيان ڪرڻ گھرجي ڇو جو جيڪو تنقيد جي آجيان نٿو ڪري، تنھنجي ڪوبه آجيان نٿو ڪري.
توهان کي ڪھڙي ڳالھ تي ڏک ٿيندو آهي؟
شاهين؛- هر ان ڳالھ تي ڏک ٿيندو آهي جنهن جو بنياد ڪوڙ يا منافقي تي ٻڌل هجي، ۽ پنھنجي دوستن جا رويا به ڏکارو ڪري ڇڏيندا آهن.
نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟
شاهين؛- اهو ڪم ڪريو جنهن سان اوهان جي ۽ اوهان جي والدين ۽ ملڪ جو نالو روشن ٿي ۽ اوهان جو نالو هر دل سانڍڻ لاءِ بي چين هجي، سڀ کان پهريون تعليم جي اهميت کي سمجھڻ گھرجي ڇو جو تعليم ئي دل ۽ دماغ تي سٺو سنيهو ملي ٿو.