پـيـر پـروڙي کـڻ : نادر حسين جوڻيجو
ڄمڻ جو هنڌ؛ لاڙڪاڻو.
ڄمڻ جي تاريخ؛ 22-08-1976
ادبي سڃاڻپ؛ شاعري
تعليم؛ M.SC/L.L.B
ادب جي شروعات 1994ع کان شاعري ڪرڻ کان ڪئي، جيڪا سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجندي رهي ٿي.
شاعري ۾ استاد؛ واجد
شاعري ۾ گهڻي قدر غزل جي صنف تي طبع آزمائي ٿيندي رهي ٿي.
قومي ۽ بين الاقوامي سماجي تنظيمن جن ۾ USAID / UNICEF PAK-CANADA/FHI ساڻ صحت ۽ تعليم جي مختلف پراجيڪٽس تي پوري پاڪستان ۾ 2003ع کان وٺي 2010ع تائين ڪم ڪندا رهيا آهيون.
2010ع کان هيل تائين ريڊيو پاڪستان ۾ گيسٽ پروڊيوسر طور ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهيان.
2014ع کان 2016ع تائين مهراڻ T.V جي بيورو چيف رپورٽر اسلام آباد تحت ڪم ڪندو رهيو آهيان.
پسنديده مشغلو؛ فارغ وقت ۾ اڪثر ناول ۽ شاعري پڙهڻ ۽ سوشل ميڊيا تي نوان نوان دوست ٺاهڻ.
پسنديده ناول؛ رهجي ويل منظر، Tell of two cities 'Brown Girl in search to God, Romio Juliet،
پسنديده ڪتاب؛ قرآن مجيد، حديث شريف، ڪيميائي سعادت مثنوي مولانا جلال الدين رومي، شاهه جو رسالو.
پسنديده صوفي شاعر؛ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، رکيل شاهه، چيزل شاهه، ولايت شاهه، تارڪ فقير، غمدل فقير.
پسنديده جديد شاعر؛ شيخ اياز، استاد بخاري، اياز گل، سعيد ميمڻ، روبينه ابڙو، زخمي چانڊيو، سرڪش سنڌي، مقصود گل، عابد ڪاظمي.
پسنديده مشروب؛ الله جو پاڻي
پسنديده گل؛ گلاب
پسنديده رنگ؛ آسماني
پسنديده موسم؛ بهار ۽ بارش جي موسم
خوشي ٿيندي آهي؛ ٻين جي مدد ڪرڻ ۾
ڪاوڙ ايندي آهي؛ ڪوڙ ڳالهائڻ تي
زندگيءَ جو مقصد؛ انسانيت جي خدمت ۽ ڌرتي سان پيار
پيغام؛ هميشه پيار جي زبان استعمال ڪريو ڇاڪاڻ ته جرمن چوڻي آهي ته
Love Wins Every Thing