مختلف موضوع

سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي آهي.
فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
Title Cover of book سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

محنت زندگي جو حسن آهي

منهنجي پياري دوست فقير محمد سنڌيءَ جو بچپن ڏاڍي سخت حالتن ۾ گذريو ۽ هن وقت تائين اهي ڳالهيون هي وساري نه سگھيو آهي.
تمام ڀروسي وارو دوست، محبتي جفا ڪش، محنت کان منهن موڙڻ هن کي سخت نفرت آهي ۽ جيڪي ماڻهو محنت کان منهن موڙن ٿا سي ان کي پسند ڪونهن هن جي طبيعت ۾ سخت مزاجي آهي پر دل جو تمام نرم، ناريل وانگر ٻاهران سخت پر اندران نرم آهي هي ظاهري نمائش کان نفرت ڪرڻ وارو پوري محنت ۽ لگن سان نيهن جو ڪم پورو ڪرڻ وارو دوست آهي جڏهن هن کي ٿوري واندڪائي ملي ٿي ته دوستن جي محبتن ۾ وقت گذاري ٿو اهو سمورو وقت هي فل انجواءِ ڪري ٿو ۽ ان کي ڄڻ ٽانڪ ملي وڃي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ ۾ توانائي محسوس ڪري ٿو.
سندس جنم 07.01.1983 عيسوي سن 22 ربيع الاول 1403 هجري، 24 پوهه 2039 بڪرمي سنبت جمعي جو ڏينهن پنهنجي ناني محمد بچل شيخ جي گھر نانو پڌر لاڙڪاڻي ۾ ٿيو پرائمري تعليم شاهه محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان ورتائين، ان بعد ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين، مولوي عالم فاضل جو امتحان ۽ درس نطامي جو ڪورس پاس ڪيائين. هن ادبي دنيا ۾ 1995ع ۾ پير پاتو ۽ هن جي پهرين شاعري 1997ع ۾ ميرپور بٺوري جي هڪ رسالي ۾ ڇپي.
فقير محمد سنڌي جو ادبي کيتر ۾ تمام اوچو مقام آهي سندس شايع ٿيل ڪتاب شاعري ۾ وچن وفا جا 2004، جاني جيون جوڙ 2008، قلم ڪار قوي 2009ع، عظيم هستين جا عظيم قول، سنڌ جي تاريخ (سهڙيل تاريخ وار) گڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو (فن ۽ شخصيت)، سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق ۽ هي ڪتاب سونهن سمبارا جيڪو سنڌي ادب جو سرمايو آهن ان کان علاوه هن جا پنج يا ڇهه اڻ ڇپيل ڪتاب موجود آهن جيڪي آهسته آهسته ڇپائي هيٺ ايندا.
فقير محمد سنڌي 2005 کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪري رهيو آهي هن ريڊيو تي اچڻ جي لاءِ ڪافي دفعا آڊيشن ڏنا پر ڪامياب ڪو نه ٿيو ۽ هن همت ڪانه هاري نيٺ آڊيشن ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جا اسٽيشن ڊائريڪٽر جناب محمد علي ڀانڀڻ جن هئا.
پروگرامن جو وچور جيڪي فقير محمد سنڌي F.M چئنل تي ڪيا ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول آهن منهنجي پياري دوست انهن مٿين پروگرامن ۾ جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي، اوهان جڏهن ان کي پڙهندا پوءِ خبر پوندي ته ڪتاب ڪيترو لاڀائيتو آهي اسڪرپٽس کان علاوه ڪتاب ۾ سندس ساٿي براڊ ڪاسٽرن جا سيلف انٽرويوز به شامل آهن جھڙوڪ خليل احمد ڪاڪيپوٽو، علي مراد ٽانوري، سيد عابد عباس ڪاظمي، وسند علي مهر، مير بهادر علي مهر، مشهد علي اوٺي، خالد حسين چانڊيو، سيد شبير شاهه، ارباب علي ميمڻ، سرفراز علي جتوئي، نعمت الله جوڻيجو، ڪامل امداد جتوئي، در محمد ڪٽپر عرف شاهين سنڌي، سهراب گوپانگ، خاور قبولائي، شرف الدين مغيري، صدرالدين ڪلهوڙو، مشتاق تونيو، حاجي حسين جلباڻي، ايوب شيخ انهن ۾ ڪيترائي صاحبِ ڪتاب شاعر ۽ اديب آهن جيڪي منهنجا به قابلِ احترام دوست آهن.
ان سيلف انٽرويوز جي ڪري ڪتاب ۾ اڃان وڌيڪ نواڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي اسڪرپٽس ۾ نصيحت جوڳيون ڳالهيون پيش ڪيون ويون آهن انسانيت جو درس ڏنل آهي بزرگن جي سٺن سٺن قولن سان گڏ تمام سٺي شاعري به پيش ڪيل آهي. تاريخي واقعا، صحت مند رهڻ جا گر، آبادگار ڀائرن لاءِ مفيد ۽ ڪارآمد صلاحون، زمين مان گند گاهه صاف ڪرڻ، وقت سان فصل کي ڀاڻ ڏيڻ، ڪلراٺي زمين ۾ ڪهڙي پوک ڪرڻ گھرجي، ڏاهي هاري وارا گُر بيان ٿيل آهن. نوجوانن کي الڳ هدايتون ڪيون اٿائين ته الله جي رحمت مان نااميد نه ٿيو، خودڪشيون معني نااميديون يا زندگي مان بيزار نه ٿيو اڪثر مرد ۽ عورتون پيار ۾ ناڪامي بيروزگاري يا ڪنهن موذي بيماريءَ جي ڪري زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏن ٿا انهن کي پيغام پهچائڻ سان گڏ التجا ڪري ٿو ته خدارا پنهنجي سوچ کي ٿورو تبديل ڪريو، بلند حوصلو پيدا ڪريو، مشڪل گھڙي جو مقابلو ڪرڻ سکو، خودڪشي ڪرڻ بزدلي آهي، ٻئي هنڌ لکيو اٿس ته جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ اچي ٿو تنهن کي ڏک، ڏوجرا، مفلسي، درد، بيماريون پيش اچن ٿيون ان ڪري ان کي جڳائي ته شروعات ۾ ئي پنهنجي دل کي همت، صبر ۽ تحمل سان مضبوط ڪرڻ گھرجي ۽ مصيبت جو برد باري ۽ همت سان مقابلو ڪرڻ گھرجي نوڙت ۽ خوش اخلاقي بابت چون ٿا ته نوڙت نهٺائپ يا عاجزي الله تعاليٰ جي آڏو ڪرڻي آهي ۽ ٻين انسانن سان خوش اخلاقي سان پيش اچڻو آهي يعني انهن سان سهڻي حلت رکڻي آهي.
پر ائين ڪو نه پيو ٿئي اهڙي اولاد کي اهو سِٽاءُ ڏنو ٿو وڃي ته هن وقت اوهان پنهنجي ماءُ پيءُ سان پيار ڪو نه ٿا ڪيو ۽ غلط سلوڪ ڪري انهن کي گھرن مان ڪڍي ٿا ڇڏيو ياد رکو اوهان جي اولاد به اوهان سان اهڙو سلوڪ روا رکندي.
توهان جَوَ پوکي ڪڻڪ ڪو نه لڻندا ٻئي هنڌ تمام سٺو انسانيت جو درس ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته ڏينهن جي ڪمن ڪارن ڪرڻ لاءِ توهان مسڪرائيندي اٿو جيڪو ماڻهو ننڊ مان مسڪرائي جاڳي ٿو ان جو سڄو ڏينهن خوشي سان گذري ٿو. بي ادب بي عقل آهي، بي همت انسان ماڻپي کان خالي هوندو آهي، ڀلو انسان اهو آهي جيڪو پنهنجي زندگي صاف ۽ سٿري حقيقت ۾ اهڙو الله لوڪ انسان وڏي عهدي دولت ۽ طاقت رکندي به پنهنجي رب جي آڏو عاجزي ڪندو رهي ٿو ۽ ٻين انسانن سان ان جو ورتاءُ تمام سٺو هوندو آهي ۽ سڀني کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو آهي. اولاد به يا نصيب، جن ڪاڻ جياس سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا. اڄ ڪلهه عام ٿي پيو آهي ته اڄ جو اولاد پنهنجي پوڙهي والدين کي گھر مان لوڌي ڪڍن ٿا جيڪي پوڙهائپ ۾ لاوارث بڻجي پيرن فقيرن جي درگاهن تي وڃي ڌڪا ٿاٻا کائي پنهنجي زندگي گذارن ٿا پوڙهن والدين لاءِ کليل وڏن اڱڻن وارا گھر به سوڙها ٿي ويا آهن هن عمر ۾ ته هنن پوڙهن کي پيار ۽ محبت جي ضرورت آهي.
سمورا اسڪرپٽ منهنجي نظر مان گذريا ۽ مون ائين محسوس ڪيو ته مان مخزن اخلاص پڙهي رهيو آهيان.


[b]جيئل اوڏ
[/b]لاڙڪاڻو
03337570210