مختلف موضوع

سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي آهي.
فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
Title Cover of book سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

زندگيءَ جو سرسبتو احوال؟ مشتاق تونيو

 زندگيءَ جو سرسبتو احوال؟
منهنجو جنم 22 آڪٽوبر 1977ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ٿرڙي هاشم (موجوده ضلعو قمبر شہدادڪوٽ) ۾ ٿيو. پرائمري تعليم وڳڻ ۽ ڳوٺ جي پرائمري اسڪولن ۾، ميٽرڪ وڳڻ هاءِ اسڪول، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو گريجوئيشنM.A/ گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو (شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور) ۽ LLB شهيد محترمه بينظير ڀٽو لا ڪاليج لاڙڪاڻو (شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ) مان ڪئي.
گھراڻو پڙهيل لکيل هئڻ سبب گھر ۾ پڙهائي وارو ماحول مليو ننڍپڻ ٻاراڻي ادب جو مقبول رسالو ”گل ڦل“ ٻيا ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ جو ڪافي موقعو ملندو رهيو. جنهن سبب قلمي دوستي ذريعي لکڻ جو موقعو ملندو رهيو.
ڳوٺ ۾ بجلي ڪو نه هوندي هئي ان دؤر ۾ گھر ۾ بليڪ اينڊوائيٽ TV بيٽري ذريعي هلائيندا هئاسين. جنهن سبب اداڪاريءَ جو شوق به ٿيو، ڪاليج جي دؤر ۾ مختلف پروگرامن ۾ ڪمپئرنگ ڪرڻ، پريس رليز ٺاهڻ جو موقعو ملندو رهيو، ان ڪري صحافت سان به دلچسپي وڌي، اهڙيءَ طرح 2002ع کان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ اتي سينئر صحافي دوست زرار پيرزادي جي مدد سان 2003ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي شروعات ڪئي، انهيء سال سنڌ TV کلڻ جي تياري لاءِ ڊراما پراڊڪشن جي شروعات ٿي چڪي هئي، بلوچ پل شاهراه فيصل تي واقع سنڌ TV آفيس ۾ سينئر اداڪار ۽ ڊائريڪٽر عاشق عارباڻيء سان ملاقات ٿي، جنهن پنهنجي مزاحيه خاڪن واري سريز ۾ ايڪٽنگ لاءِ موقعوڏنو.
بعد ۾ سنڌ TV تي سولوپلي اميرزادي، آخري شو، ٽيلي فلم پاڙيوارو، (هيور) پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، (صحافي)، شمن ميرالي (انسپيڪٽر) مشهور گاني جي ماڊلنگ ڪئي. عيد شو ڪمپئرنگ خاص ڳالهه ته سنڌ TV جي اوپننگ سَرمني (OPENING CEREMONY (شو) ۾ سينئر ڪمپيئرز سان گڏ ما ن به ڪمپيئرنگ ڪئي، ان شو جي ڊائريڪشن لالا رئوف ڪنڌر ڏني بعد ۾KTN تي منهنجو پهريون ڊرامو تبسم هيو جنهن ۾ ڊاڪٽر ٻئي سيريل ڏهاڳڻ، ورهاست، ريشمي ڏور ۽ ڀٽائي منهنجو گهر ڀاتيء ۾ به مرڪزي رول ادا ڪيا، جڏهن ته PTV تي شمشير حيدريءَ جي لکيل ڊائريڪشن نعيم بلوچ جي ناٽڪ رنگ سيريل ”دوست پيهي در آيو“ ليکڪ حيات شاهه جي سيريل ” خواب ۽ خواهشون “سيريز” دادلو“، سولو پلي ۾ پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪيا. جيو جي هڪ ڊرامي ”تنها هي تو هي“۾ سپورٽنگ ۽ مهراڻ TV جي هارم پلي “خالي فريم“ ۾ پڻ اهم رول ادا ڪيو .لاڙڪاڻي آرٽس ڪائونسل ۾ ايوب گاد جي اسٽيج ڊارمي ”مورتيءَ“ ۾ پڻ شاعر جو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ ريڊيو جي پڻ ڪيترن ئي اردو توڙي سنڌي ڊرامن ۾ صداڪاري ڪئي. 2005ع کان 2007ع تائين KTN ڪراچيءَ ۾ نيوز رپورٽر طور صحافت ڪئي. جڏهن ته 2008ع ۾ ڌرتي TV جي اوپنگ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي جنهن ۾ مون سان گڏ حنا ڪيريو ڪو ڪمپيئر هئي.
انهيءَ سال ڌرتي TV تي رپورٽر، نيوز ڪاسٽر ۽ ڪرنٽ افيئرز پروگرامن جي ميزباني به ڪئي، بعد ۾ 2009ع کان 2011ع تائين آواز TV ڪراچي ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف طور ڪم ڪيو. جنوري 2011ع کان نومبر 2011 تائين اسلام آباد جي نجي اداري CRSS ۽ US AID جي هڪ ريڊيو ۾ 2010ع جي ٻوڏ واري تباهيءَ تي سنڌ جي لاڙڪاڻي، قمبر شہدادڪوٽ، دادو، نوابشاهه، مٽياري، خيرپور ۽ ٻين ضلعن ۾ رپورٽنگ ۽ ڪميونٽي پروگرام پروڊيوس ڪيا. جنوري 2012ع کان ڪراچي ريڊيو پاڪستان ۾ ڪانٽريڪٽ پروڊيوسر جي نوڪري ملي، ۽ هاڻ 2013ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ پروڊيوسر طور ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهيان.
ملڪ جي تقريبا سڀ سياستدانن، اداڪارن، رانديگرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون، انهن جا انٽرو به ڪيا، جڏهن ته 2006ع ۾ KTN واري صحافتي دؤر ۾ ڀارتي اداڪار ڪبير، فيروز خان، فردين خان، منيشا ڪوئرالا، سنگيتا بجلاڻي سان ڪراچيءَ گورنر هائوس ڪئپري سينما ۽ نيشنل اسٽيڊيم ۾ يادگار ملاقاتون به ٿيون.
صحافتي ۽ شوبز ۾ ڪم ڪرڻ تي ” ڌرتي T.V ايوارڊ“ FHM ايوارڊ ۽ سوشل ويلفيئر سوسائٽي سنڌيا ران سٿهراءِ جرئت ايوارڊ ملي چڪا آهن.
ان صحافتي ۽ شوبز واري عرصي دوران سڄي سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن شهرن گھمڻ جا ڪيترائي موقعا مليا.

 سنڌي صحافت توهان جي نظر ۾؟
سنڌي صحافت ۾ هن وقت اڳ جي ڀيٽ ۾ ٿورائي انسان دوست ۽ سنجيده صحافي آهن. صحافين جي اڪثريت پنهنجي پروٽيڪشن ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آهي، ان ۾ سنڌي ميڊيا جا مالڪ به گھڻي قدر ملوث آهن، ڇو ته سنڌي ميڊيا TV چينلز اخبارون“ رسالا۽ FM RADIO ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر صحافين ۽ ورڪرز کي وڏن شهرن ۾ نالي ماتر جڏهن ته ننڍن شهرن ۾ پگهارون مِلن ئي ڪونه ٿيون،ان ڪري اڪثر صحافي پيٽ گذرلاءِ ڪرپشن جو رستو اختيار ڪن ٿا، ۽ ڪرپٽ ڪامورن جون ڪرپشن واريون خبرون ٿورن پئسن عيوض لڪائي انهن کي پروٽيڪٽ ڪن ٿا، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جا حق لٽجندا رهن ٿا. ڪرپشن ۾ سنڌي صحافين سان گڏ ميڊيا جا مالڪ به اوترائي ذميوار آهن. جيڪي سنڌ جي عوام جا برابر جا ڏوهاري آهن. پر ان هوندي به سنڌ جي صحافت ۾ ڪيترائي با ضمير، انسان دوست ۽ غريب عوام جا همدرد صحافي موجود آهن، جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان صحافت کي عبادت سمجھي پنھنجو فرض ادا ڪري سنڌ جو قرض لاهڻ ۾ مصروف آهن. اهي صحافي ڪيترين ئي لالچن کي ٺڪرائي چڪا آهن ۽ اڄ به پيرين پنڌ هلندي صحافت جو فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪندا پيا اچن.

سنڌي ادب توهان جي نظر ۾؟
سنڌي ادب مون گهٽ پڙهيو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته سنڌي ادب ماضيءَ ۾ تمام سگهارو هيو. جنهن سنڌ ڌرتيءَ جي عوام کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪافي شعور ڏئي اڳتي آندو.
هن وقت به سنڌي ادب ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي. پر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ معياري آهي.
مان صحافي ۽ ريڊيو پاڪستان تي نه هجو ها ته؟
جيڪڏهن مان صحافي ۽ ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر نه هجان ها ته اداڪار، وڪيل ۽ سياستدان ٿيان ها. ڇو ته ڪافي ڊراما ڪيا، پر انهن کي گهڻو ٽائيم نه ٿو ڏئي سگهان. ۽ ماضيءَ ۾ سياست سان به گهڻي دلچسپي رهي آهي. گڏوگڏ وڪالت جي شعبي ۾ شوق رهيو آهي.
آخر ۾ پيغام آ؟.
پيغام اهو آهي، سنڌي قوم وڌ کان وڌ تعليم تي ڌيان ڏئي، پاڻ ۾ ننڍا وڏا اختلاف ختم ڪري کنڊ کير ٿي رهون. ڇو ته سنڌ جي ترقي بهتر تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ پيار محبت ۽ ٻڌي سان ئي سلهاڙيل آهي.