ڪيم روح رهاڻ ! خليل ڪاڪيپوٽو
پورو نالو خليل الله ڪاڪيپوٽو، اصل ڳوٺ دڙي جاکري، تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعو شڪارپور. پيدائش تاريخ 01-08-1963 پرائمري تعليم ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽو مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ ڇھين جماعت لاءِ داخلا گورنمينٽ ڪمپريھينسوِ هاءِ اسڪول سکر (جيڪو اڄ ڪلهه پبلڪ اسڪول آهي) ۾ ورتي، اتان مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) ۾ ڪئي. ان کانپوءِ گورنمينٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 1979 ۾ داخلا ٿي، ميڊيڪل گريجوئيشن کانپوءِ C.S.S ڪرڻ جو شوق ٿيو، ٻه سال کن محنت ڪري C.S.S ڏني پر اتفاق سان هڪ پرچو رهجي ويو، پوءِ هڪ ڏينھن اخبار تي نظر پئي جنھن ۾ پروڊيوسرن جون پوسٽون ڏٺم، اپلاءِ ڪيم، تحريري امتحان ٿيو ۽ وري زباني امتحان ٿيو.
زباني امتحان جي حوالي سان اوهان کي هڪ واقعو ٻڌايان ته ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تي زباني امتحان ان وقت جو D.G ريڊيو مرحوم سليم گيلاني، ڊائريڪٽر پروگرام (نھال صاحب) وٺي رهيا هئا. مرحوم گيلاني صاحب مون کان تعليمي سرٽيفڪيٽ ورتا ۽ شايد ان جي اڳيان هر اميدوار جون لکت ۾ کنيل مارڪون به هيون. گيلاني صاحب آهستي ڀرسان ويٺل ڊائريڪٽر پروگرام کي انگريزي ۾ چيو ته ”هن جون سڀ ڊگريون فرسٽ ڊويزن ۾ آهن، لکت ۾ به مارڪون سٺيون اٿس، کيس ضايع نه ڪنداسين.“ ان کان پوءِ گيلاني صاحب چيو ته ڪي به شعبا ٻڌاءِ جنھن مان توکان سوال پڇجن. مون کيس چيو ته ”تاريخ“ ۽ تعليم“ تاريخ مان تغلق دور جي باري ۾ ڪو سوال پڇيائين، چيومانس سائين! توهان ته ڪالھه جي ڳالھه ٿا پڇو مون کي ته سوين سال B.C کان تاريخ ياد آ. ڇو ته C.S.S ۾ Indo Pak History سبجيڪٽ رهيو آهي. ”تعليم“ مان پڇيائين ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي گذريل ٽن V.C جا نالا ٻڌاءِ چيومانس ٽن مان هڪ مرحوم محمد الياس منھنجو چاچو آهي، هاڻي ايتري ته مون کي خبر هوندي ته چاچي ڪھڙي وائيس چانسلر کان چارج ورتي هئي ۽ ڪنهن کي ڏني هئي، ان تي مرحوم سليم گيلانيءَ کلي ڏنو، چيائين ته ”وڃ، لڳي ٿو سڌي جواب ڏيڻ کان قسم کڻي آيو آهين“ جڏهن رزلٽ آيو ته حيرت ٿي 40 ڄڻن مان ميرٽ ۾ پنجون نمبر هو، 1987ع جي ڳالھه آهي. جون مہيني ۾.
ريڊيو ۾ اچڻ کان اڳ ريڊيو سان ڪا وابستگي هئي؟
ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو ٻڌڻ جو اتفاق ٿيندو هو.
ريڊيو ڪڏهن جوائن ڪيو ۽ ڪٿي ڪٿي رهيا آهيو؟
ريڊيو 20 جون 1987ع تي جوائن ڪيو، پروڊيوسر طور خيرپور، ڪوئٽه، ڪراچي، لاڙڪاڻو. خضدار ۽ مٺيءَ ۽ هاڻي لاڙڪاڻي ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر آهيان. پروگرام مئنيجر طور ملتان به رهيس.
انھن سڀني يونٽن ۾ ڪھڙي يونٽ تي ڪم ڪرڻ ۾ وڌيڪ مزو آيو؟
سڀني يونٽن تي ڪم ڪرڻ جو طريقه ڪار ته تقريبّا ساڳيو آ، البته وڏن شھرن ۾ قائم ريڊيو اسٽيشن جو ننڍن شھرن جي ريڊيو اسٽيشن کان ڪجھه ماحول ۽ ٻڌڻ وارن جي ريڊيو سان وابستگي جو ڪجھه فرق ضرور آهي.
هن وقت تائين ڪھڙا ڪھڙا پروگرام ڪيا اٿو؟
سروس جي ڊگھي عرصي دوران پروگرام ته شايد سڀ ڪيا هجن ۽ هر پروگرام جي پنھنجي پنھنجي اهميت آهي.
رِيڊيو ۾ سينيئرس جو اوهان سان رويو ڪيئن رهيو؟
ريڊيو ۾ جيتري قدر سينيئرس جي تعاون ۽ رهنمائيءَ جو تعلق آ، ظاهر آ، سڀ ماڻھو هڪ جهڙا ناهن، هر ڪنھن جو پنھنجو الڳ انداز آ، رويو آ، باقي سچي ڳالھه اها آهي ته جيترو تعاون ۽ رهنمائي هينئر اسان جي پنھنجي جونيئرس ۽ اسٽاف سان آهي، اهڙي موٽ اسان کي پنھنجي سينيئرس کان نه ملي.
ريڊيو کان علاوه ٻيون مصروفيتون يا مشغلا؟
ٿورو گھڻو پڙهڻ لکڻ، باقي اهڙي ڪا خاص مصروفيت ڪونھي.
ٻڌندڙن جي باري ۾ اوهان جي راءِ ڪھڙي آ؟
مان سمجھان ٿو ته ٻڌندڙن جو اسان جي پروگرام جي معيار سان سڌو ۽ گھرو تعلق آهي، اگر ٻڌندڙ ڪنهن پروگرام جي جائز شڪايت، تنقيد يا تعريف ڪن ٿا ته، پروڊيوسر به محتاط ٿو رهي.
ريڊيوجي پروگرامن کي ڪيئن بهتر بڻائي سگھجي ٿو. پنهنجي راءِ ڏيو؟
ريڊيو پاڪستان جي پاليسيءَ کي به مدِنظر رکڻو آهي ۽ ٻڌندڙن جي راءِ جو به احترام ڪرڻو آهي.
پرائيويٽ چينلن جي ڀرمار ۾ ريڊيو پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟
ريڊيو پاڪستان جي پنهنجي اهميت آهي. پرائيويٽ چينلس اچڻ سان ريڊيو جا ٻڌندڙ ورهائجي ضرور ويا آهن. اگر ڪنهن ٻڌندڙ کي ڪنهن چينل تان پسند جي ڳالهه نه ٿي ملي ته انتظار نه ٿو ڪرڻو پوي، هڪ ئي وقت ڪيترا چئنل هلن ٿا، پر ايترو ضرور آهي ته هينئر به ڪن حوالن سان ٻڌندڙ ريڊيو پاڪستان کي ترجيح ڏين ٿا. مثال طور موسيقيءَ کي ڏسون، پراڻا نالي وارا فنڪار پرائيويٽ چينلز تان ڪو نه ٿا هلن. اگر ڪو ٻڌندڙ ريڊيو پاڪستان جي ڪنهن پروگرام تي تنقيد ڪري ٿو ته ان کي باقاعدي موٽ ڏني وڃي ٿي ۽ ان جي جائز شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي ٿو. جنهن جي ڪري ٻڌندڙ ريڊيو پاڪستان جي حوالي سان مختلف تنظيمن پاران ڏنل خبرون يا تنقيد ڏني ويندي آهي پر ڪنهن پرائيويٽ چينل جي حوالي سان ڪا خبر اوهان اخبار ۾ نه پڙهي هوندي اِها ريڊيو پاڪستان جي مقبوليت آهي.
ريڊيو جو ڪو دلچسپ واقعو؟
ريڊيو خيرپور تي جڏهن نئون نئون آيس ته Live پروگرام پئي ڪيم، جلال چانڊيي جو هڪ ڊگھو ڪلام هو 10-12 منٽ گذريا اڃان هلي پيو، انجنيئر جيڪو شيشي کان هن پاسي ويٺو هو، ان سان ڳالهائڻ پئي چاهيم، هن اشاري جو مطلب نه سمجھيو ۽ مائيڪ On- Air ڪري ڇڏيائين، مون انجنيئر کي مذاق ۾ چيو ته ”ڪلام مان ته ڦاسي وياسين کٽي ئي نه ٿو.“ پوءِ خبر پئي ته اهو جملو به ريڊيو تان هلي ويو. خير، ڪافي ڳالهيون انسان تجربي ۽ وقت سان ٿو سکي.
هڪ سٺي پيشڪار جون خوبيون اوهان جي نظرن ۾؟
سٺي پيشڪار جي خوبي اها آهي ته ٻڌندڙن جي معيار کي ذهن ۾ ضرور رکي مثال طور اسين Quiz Program ريڊيو اسلام آباد تان ٿا ڪريون ته اتان جو ٻڌندڙ اگر ڪنهن لائبرري ۾ ويندو ته ان کي هر ڪتاب ملي سگھندو، پر ساڳيو پروگرام اگر اسين ريڊيو مٺيءَ مان ٿا ڪريون ته اهو ڏسڻو پوندو ته هتان جي ٻڌندڙ کي ڪيترا وسائل ميسر آهن. سو پيشڪار کي Locality ۽ ٻڌندڙن جي پسند ناپسند ۽ معيار کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گھرجي.
ڪو مڃتا ايوارڊ مليو آهي ۽ ڪهڙا فنڪار متعارف ڪرايا اٿو؟
ريڊيو پاڪستان ملتان تي جڏهن پروگرام مئنيجر هيس ته ملتان ۾ ٿيندڙ O.D.I ڪرڪيٽ مئچ جي بهتر ڪوريج جي حوالي سان هيڊ ڪوارٽر پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا هئا ان کان علاوه ان وقت جي سيڪريٽري اطلاعات انور محمود پاران PTV Lahore ۽ ريڊيو پاڪستان ملتان جي گڏيل سهڪار سان ڪجھ محفل موسيقي جا پروگرام ترتيب ڏنا ويا هئا، ان حوالي سان به اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ مونکي مڃتا سرٽيفڪيٽ مليا هئا. 26 سال سروس دوران ڪيترائي ڪمپيئر. انائونسر ۽ فنڪار متعارف ڪرايا آهن. ايترا نالا ياد نه ٿا اچن. باقي خاص طور ريڊيو مٺي تي جيڪي به ڪمپيئر ۽ انائونسر هن وقت ڪم ڪن ٿا اهي اڪثر اڪبر شاهه ۽ منهنجا متعارف ٿيل آهن. شروع ۾ پروڊيوسر اسان ٻه ئي هئاسين. اهڙيءَ طرح ملتان ريڊيو تي FM چئنل جڏهن شروع ٿيو ته شروعاتي ڏينهن ۾ ڪجھ وقت مان انچارج هوس. اتي به ڪيترائي ڪمپيئر Approve ڪيا هئا.
ادب يا شعر و شاعريءَ سان ڪو واسطو؟
پڙهڻ جي حد تائين.
اوهان کي اولاد ڪيترو آهي؟
خير سان 5 ٻار آهن. ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون.
ريڊيو ۾ نه هجو ها ته پوءِ ڪٿي هجو ها؟
ته پوءِ C.C.S ڪيان ها، ميڊيڪل شعبو جوائن ڪيان ها.
پنهنجي پسند ۽ ناپسند بابت ٻڌايو؟
جيڪا شيءِ طبيعت تي پوي اها پسند آ نه پوي ته ناپسند آ.