مختلف موضوع

سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي آهي.
فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
Title Cover of book سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

حصو پهريون

[b] سائين منہنجا!
[/b]هر روز سج اڀرڻ سان گڏ توهان جي نئين ڏينهن جو آغاز ٿي وڃي ٿو. ڪيترائي نوان ڪم ۽ ذميواريون توهان جي ڌيان جون منتظر هونديون آهن. ڏينهن جي ڪاميابي ۽ خوشگوار جو انحصار وڏي حد تائين توهان جي رويي ۽ طرز تي آهي ان ڳالہه جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. ته توهان ڏينهن جو استقبال ڪيئن ٿا ڪريو. ڏينهن جي ڪمن ڪارن ڪرڻ لاءِ توهان مسڪرائيندي اٿو ٿا يا توهان کي مجبوري ۾ اٿڻو پوي ٿو.
ماڻہو جيڪڏهن مسڪرائيندي ننڊ مان جاڳي ٿو ته ان جو سڄو ڏينہن خوشي سان گذري ٿو.

بزرگن ٺيڪ ئي چيو آهي ته سخت محنت سان ڪنهن کي به تڪليف نه پہچندي آهي اسان کي اڪثر انساني جسم جي سخت هجڻ تي تعجب ٿيندو آهي، ته بيماري ٿڪاوٽ سردي ۽ گرمي جي اثرن کي ڪہڙيءَ طرح آساني سان دور ڪري ڇڏيندو آهي. اسان جي معاشري ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون مائرون موجود آهن جيڪي وڌيڪ اولاد هجڻ باوجود بغير ڪنهن ڪم ڪندڙ ملازم رکڻ جي پوري گھر جو اڪيلي سر ڪم ڪنديون رهنديون آهن. ۽ نه ئي اسان جي معاشري ۾ اهڙين عورتن جي گھٽتائي آهي جيڪي گھر يا آفيس جو سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ کانپوءِ به هو شام جو ايترو وقت ڪڍنديون آهن، جنهن ۾ هو ٻين سرگرمين ۾ به حصو وٺنديون آهن. جھڙوڪ سلائي ڪرڻ ۽ ٻارن کي تعليم وغيره ڏيڻ، ان جي ابتڙ اهڙيون عورتون به آهن جيڪي هميشہ ٿڪاوٽ جو شڪار رهنديون آهن.
هڪ مشہور چيني مثال آهي ته سڀاڻي جي فڪر نه ڪريو. اهو پاڻ پنہنجي فڪر ڪندو توهان لاءِ اڄ جي فڪر ئي ڪافي آهي. ان مثال مان هرگز اهو مطلب ناهي ته انسان مستقبل کان بلڪل بي فڪر هجي. ماضي ۽ مستقبل بحرحال انساني زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا. حال کي ان کان الڳ ڪري پنہنجي زندگي جي ڊوڙ نٿا کٽي سگھون. اڄ جا معاملا حل ڪرڻ ۾ صرف ڪريون توهان ڏسندا ته هڪ خوشگوار ڏينهن ڪيئن پنہنجو پاڻ مستقبل جي ضمانت بڻجي وڃي ٿو.

سال 2007ع جو آخري سج هن ملڪ جي سموري قوم کي ڏکن، غمن ۽ لڙڪن ۾ ڇڏي الوداع ڪري رهيو آهي. گذري ويل سال ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ سال رهيو، ڇاڪاڻ ته جمہوريت جي علمبردار، وفاق جي علامت ۽ واديءَ مہراڻ جي راڻي بينظير ڀٽو هاڻي اسان ۾ نه رهي آهي. واقعي موت ۽ وقت ڪنہن جو انتظار ناهن ڪندا.

سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي اها چوڻي سموري دنيا جي ٻولين لاءِ صادق آهي. دنيا جي مکيو ٻولين جو جائزو وٺبو ته اهي ننڍين ٻولين جو مجموعو نظر اينديون مکيو ٻولي ننڍين ٻولين ۾ تقسيم در تقسيم ٿي وڃي ٿي. قومن جو ٺہڻ ۽ ڊهڻ ٻوليءَ جي عمل سان وابستا آهي.

[b]سامعين محترم.
[/b]پاڻ به پنہنجي علم مان فائدو پرايو حسد نه ڪيو ڇو ته مون حاسد کان ڪنهن به ظالم کي مظلوم سان مشابہه نه ڏٺو آهي. حاسد خود بخود تباهه ٿي ويندو آهي. اڌ علم هي آهي جو تقرير ڪندڙ عالم پنہنجي تقرير ۾ سلجھيل هجي. بي ادب بي عقل آهي. بي همت انسان ماڻپي کان خالي هوندو آهي. جنہن ۾ حياءَ شرم ناهي ان ۾ دين ناهي عقل مان صحيح فائدو، ان انسان ورتو جنہن ٻين انسانن ۾ رهي پنہنجي صاف ۽ سٿري زندگي گذاريندي ٻين سان سٺو ورتاءُ ڪيو.

شاهه عبدالطيف ڀٽائي هڪ اهڙي محسن هستي آهي جنہن جي ڪري سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سڃاتي وڃي ٿي. سندس ڪلام ئي آهي جيڪو سنڌ واسين کي پنہنجي وجود جو احساس ڏياري ٿو. ۽ هنن کي يقين آهي ته جيسين تائين شاهه جو ڪلام زنده آهي. ته سنڌي قوم جو ڪير وار به ونگو نٿو ڪري سگھي ڇو ته شاهه جي ڪلام ۾ سموريون اُهي خوبيون موجود آهن. جنہن سان هن معاشريءَ جي اصلاح ڪري سگھجي ٿي.
چـڱــا ڪـن چـڱائـيـون، مَــٺـــايــون مُــٺــن
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙسيئي ڪن
(شاهه سائين)


ادب زندگيءَ کان سواءِ مڪمل ئي ناهي جيڪڏهن زندگي آهي ته پوءِ ادب جو تصور ممڪن آهي. ادب جو زندگيءَ سان گھرو تعلق آهي جيئن دل جو جسم سان.
اديب هر وقت حق جي ترجماني ڪري ٿو ۽ اديب کي ڪرڻ به ائين ئي گھرجي ظالم جو مقابلو ۽ مظلوم جي مدد ڪري حق ۽ باطل جي وچ ۾ ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪري.

تاريخ جي مطالعي مان ڪافي مثال قائم ڪري سگھجن ٿا. جيڪڏهن ڳالہه ڪيون سنڌ جي ڪلچر جي ته اسان جو ڪلچر ڪن ڪن حالتن مان گذريو آهي. هن کي ڪہڙيون مشڪلاتون پئي پيش آيون آهن. جڏهن چنگيز خان ۽ هلاڪو خان وچ ايشيا، ايران ۽ عراق جي حڪومتن تي فتح حاصل ڪئي ته ايران جي زبان ۽ ڪلچر سلامت هئڻ ڪري مورڳو هو انہيءَ کي اختيار ڪري ٿا وٺن ۽ اهڙي طرح ساڳي حالت منگولن جي چين ۾ ٿي.
چين ته فتح ٿي ويو پر انہن جي ڪلچر کي هنن کي اپنائڻو پيو، سنڌ جي تاريخ تي نظر ٿا وجہون ته سنڌ، ڪافي عرصو ٻين جي هٿ هيٺ رهي آهي. جن سنڌين تي پنہنجي زبان ۽ ڪلچر کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر سنڌي زبان سنڌي ڪلچر اڄ به زنده آهن.
سکن واري سڌ، متان ڪا مونسين ڪري،
انــدر جـنـيـن اڌ، ڏونـگر سي ڏورينديون.
(شاهه سائين)

[b]سائين منہنجا!
[/b]زندگي به ڪمال جي شيءَ آهي. ۽ هن جا انيڪ پاسا ٿين ٿا. ۽ ان جي ڪوجہائين تان پردو کڻڻ لاءِ سماج کي دانائن جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اُن لاءِ بالغ ۽ بلند معيار کپن. اڳ ڪي اهڙا داناءُ هئا جن پہاڪا ٺاهيا پر سندن نالو نشان ڪونہي. اڪيلو نالي وارو مڙس جنہن اهو بار پنہنجن ڪلہن تي کنيو ۽ اڳين سڀني دانائين جي سڪ لاٿي. سوهو وتايو (وطايو) فقير وتايو اسان جو عوامي فيلسوف آهي، جنہن زندگيءَ جي ڪوجھائين کي اعليٰ سطح کان ڏٺو ۽ انہن تان پردو کنيو رُپئي کي ڏسي چيائين ته! توکي الله چوڻ واجب ناهي. پر ڪم الله کان اڳ ٿو ڪرين! ڳوٺ کي باہه لڳي ته وتايو رَلي کڻي وڃي دڙي تي ويٺو ۽ چيائين ته ڪڏهن سڃائي به ڪم ايندي آهي. ڳوٺ مان چوري ٿي ۽ ماڻهن پيرو کنيو. پر وتايو سڌو وڃي مقام ۾ پہتو ۽ چيائين ته چور ڦري گھِري آخر هت ايندو.

سنڌ جي تاريخ
اها ڊائري آهي.
جنہن ۾ بادشاهن جي حڪومت، وڏيرن جي غداري.
۽
عوام جو، عذاب جي راڪاسن کي
ڳڙڪائڻ لکيل آهي.
(ڊاڪٽر ملڪ نديم)

[b]محترم سائين!
[/b]صحتمند رهڻ به زندگيءَ جي لاءِ ضروري آهي. صحت اسان پنہنجي پاڻ صحيح ڪري سگھون ٿا. غير معياري شيون گھٽ استعمال ڪريون. وقت سر کاڌو واپرايون ڏينہن ۾ 10 کان 12 گلاس پاڻي پيئو. پاڻي جسم ۾ موجود چرٻيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ کاڌي جي خواهش کي گھٽائي ٿو. گھڻي مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان جسم ۾ موجود ذخيرو فليوڊ نيڪال ٿي وڃي ٿو. پراڻي دور جا ماڻہو تندرست رهندا هئا. ڇاڪاڻ ته اُهي هڪ شہر کان ٻئي شہر سفر پنڌ ڪندا هئا. جڏهن توهان تڪڙو پنڌ ڪريو ٿا. توهان پنہنجي پاڻ ۾ محسوس ڪندؤ ته توهان پاڻ ۾ هلڪائي ۽ تڪڙائي محسوس ڪندؤ توهان جي ساهه کڻڻ جو عمل تڪڙو ۽ گھرو ٿيندو آهي. ۽ سٺي صحت لاءِ مختلف کاڌا ضروري آهن، پر کاڌن جي چونڊ کي هڪ ئي بيٺڪ دوران محدود ڪريو.


هر گھڙي ڪنہن آس تي ڦٿڪي پئي
زنــدگـي ڄـڻ ٽـيـاس تـي ڦـٿـڪي پـئي

دوستــن ڇـڏيـو امـالـڪ هـيـڪـلـو
دوستي وشواس تي ڦٿڪي پئي

رات جو پوئين پہر جا وري جُہري
شـاعـري احـسـاس تي ڦـٿـڪي پـئـي
(اظهر ٻانڀڻ)

عزيزان مَن!
سماجي ۽ معاشي ڪوتاهين ۽ ڪن جي اخلاقي ڪُڌاين تان پردو کڻڻ لاءِ سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان ٻن قسمن جا عاقل ۽ حريف ساماڻا. هڪڙا سام وجھندڙ ۽ ٻيا مسخرا ”سانگ“ سنڌ جو قديم ڊراما آهن، ۽ سانگ سٽيندڙ هتان جا آڳاٽا اداڪار بڻجي. ڳوٺ جي نااهل پٽيل، يا ڪن ماڻہن جي اڍنگي هلت يا ڪنہن اجائي رسم ۽ ٻين سماجي ڪوتاهين کي پنہنجي سانگ يا ڊرامي ذريعي وائکو ڪندا ۽ ويٺلن کي کلائڻ سان گڏ سبق پڙهائي ڇڏيندا هئا.

ڄمڻ کان مرڻ جي وچ ۾ جيڪو سفر آهي ان کي اسين زندگي چوندا آهيون. ۽ ان ننڍڙي سفر کي هر ما‎ڻہو پنہنجي طريقي انداز فڪر ۽ فلسفي سان طئي ڪري هڪ ڏينہن اوچتو ئي اوچتو دنيا کي الوداع چئي هميشہ لاءِ هليو ٿو وڃي انهن مان ڪجھ ماڻهو گمنامي ۾ هي جھان ڇڏي ٿا وڃن ۽ ڪجھ ماڻهو هيءُ جھان ڇڏي ڪري به هر وقت زنده هئڻ جو احساس ڏياريندا آهن، جيڪڏهن انسان کي زندگي ملي ٿي ته پوءِ ڪجھ ڪري ڏيکاري. گمنامي جي موت کان ته ڪجھ ڪري وڃڻ بهتر آهي. اصل ۾ ڏسجي ته پيدائش موت جو پيغام آهي.

مائرن جي دلين ۾ پٽ ٿيڻ جي تمنا تمام گھڻي هوندي آهي. ۽ پٽ ٿيڻ کان پوءِ سنڌي مائرون ان جي گھوٽ ٿيڻ جا خواب ڏسڻ شروع ڪنديون آهن، ۽ انهن جي مَنَ ۾ تمنا اها به هوندي آهي ته منهنجو پٽ ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل يا وري بزنس مين وغيره ٿئي، مائرن جي دلين ۾ اولاد لاءِ انيڪ خواهشون پلجنديون رهنديون آهن، ڪا به ماءٌ ائين ڪو نه چاهيندي ته ان جو پٽ بااخلاق، سچو، سلڇڻو، باڪردار ۽ وفادار نه ٿئي. انسان ڪہڙي ڪردار جو آهي اهو ان جي فطرت ۾ اها شيءَ سمايل هوندي آهي.

پيءُ پٽ سان مخاطب ٿيندي چويس ٿو.
ابا! هاڻي جڏهن مون کي ڪراڙو ڏسين ٿو ته پہرين اهڙو ڪو نه هئس اهو ته مان هاڻي ٿيو آهيان. ٿورو صبر ڪر ۽ مون کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪر. جيڪڏهن ماني کائيندي مان ميرو ٿو ٿيان ۽ مان ڍنگ سان ڪپڙا نٿو پہري سگھان ته ٿورو جھل ڪر ۽ اُهي گھڙيون ياد ڪر جڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُهي عمل مان توکي سيکاريندو هئس.
نيڪي ۽ بديءَ جي وچ ۾ ايتري ننڍڙي ليڪ هوندي آهي جو اها نظر نه ايندي آهي. نيڪي ڪرڻ وقت جلدي ڪندا ڪريو نيڪي ڪرڻ وقت دوڪانداري نه ڪندا ڪريو. ڇاڪاڻ ته ان عمل سان نيڪيءَ جو عمل داغدار ٿي پوندو آهي اهو توهان کي ڏسڻ ۾ نه ايندو. رڳو انسانن جي خدمت ڪريو هيءَ نيڪي جيڪڏهن توهان پوري ڪئي ته ان جو اجر تمام گھڻو آهي.

[b]آبادگار ڀائرو!
[/b]ڪمپوسٽ (هٿرادو ڀاڻ) هڪ قسم جو زمين کي سڌارڻ وارو عمل آهي. جنهن کي اسان ڪيميائي ڀاڻ جي بدلي ۾ استعمال ڪري سگھون ٿا.
ڪمپوسٽ هر لحاظ کان سستو آهي بلڪه ان کي بنا خرچ جي به ٺاهي سگھجي ٿو.
ڪمپوسٽ جي استعمال سان زمين جي سطح بناوت ۽ افاديت ۾ سڌارو اچي ٿو.
ڪمپوسٽ زمين اندر هوا خوري ۽ زمين جي وَت واري حالت کي وڌائي ٿو.
ڪمپوسٽ وجھڻ سان زمينون زرخير ٿين ٿيون ۽ ٻوٽن جون پاڙون تڪڙ ۾ واڌ ڪن ٿيون.
نامياتي مادو ڪمپوسٽ اندر خودي فائديمند جيوڙن کي خوراڪ مہيا ڪري ٿو. جنهن سان زمين صحتمند ۽ ٻوٽن کي متوازن خوراڪ ملي ٿي.

[b]منہنجا سائين!
[/b]سماجي زندگيءَ جا طور طريقا انهيءَ ۾ سماج سان واسطو رکندڙ ڳالہيون اچي وڃن ٿيون. کاڌو، لباس، گھر کاڌي جي قسمن انهن جي تيار ڪرڻ جي طريقن مقرر وقتن بابت هر قوم وٽ سندن قبيلائي روايات ملڪي پيداوار آب هوا، زندگيءَ جي ارتقا مطابق جدا جدا رواج پڻ رهيا آهن. ڪي چانورن کي گھڻو پسند ڪن ٿا، ڪي وري ڪڻڪ، جُوئرِ ٻاجھري، کير، مکڻ ته گوشت ته وري ڪي مڇي ۽ ڀاڄين تي گذر ڪن ٿا.
اهڙي ريت کاڌن جي تياري جا مختلف طريقا آهن. مغربي ملڪن ۾ کاڌو هڪ نموني جو تيار ٿئي ٿو. مشرقي ملڪن مان چين، جپان طرف جدا قسم جا کاڌا تيار ٿين ٿا. پاڪستان ۾ ٻئي قسم جا طعام ٺهن جيڪي ٻين ملڪن کان بنہه مختلف آهن. لباس ۾ هر ملڪ جا ماڻہو موسمي حالتن کي نظر ۾ رکي لباس پہرين ٿا، گھرن جي اڏاوت به هر ملڪ ۽ شہر جي پنهنجي پنهنجي آهي.

پريم نگر جي پانڌيئڙن کان پنڌ پري ناهي!
ڳالہه اڃا ٻي آهي!
مــستن تي مـدهـــوشيءَ جو الـزام ڏنو آهي!
ڳالہه اڃا ٻي آهي!
هنج اڏاري ساري سر ۾ ڪانئر پيا ڪاهي!
ڳالہه اڃا ٻي آهي!
مــور هٺــيلامــاٺ رهيا پر ڄاڻ ڏنــي ڄاهــي!
ڳالہه اڃا ٻي آهي! (سرمد چانڊيو)

سنڌي زبان جنهن جو پتو سندن قديم موهن جي دڙي واري سڀيتا جي زماني کان پئجي سگھيو آهي. ته ان کان وٺي اها وجود ۾ آئي آهي، سنڌي زبان ٻاهرئين اثر هيٺ ٻين ڪيترين زبانن جا لفظ پاڻ ۾ سمائي ڇڏيا آهن.
جڏهن سنڌ عربن جي تسلط هيٺ آئي ته عربن سنڌ ۾ سنڌيءَ جي عيوض سرڪاري زبان عربي ڪئي. پر سنڌي زبان پنهنجي جاءِ تي اٽل رهي. مغلن پنهنجي دور حڪومت ۾ فارسيءَ کي مسلط ڪيو، انگريزن وري پنهنجي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان طور ملڪ تي مڙهيو، پر سڀني جو حشر سٺو نه ٿيو. پر سنڌي زبان پنهنجي جوهر ۾ اڃان به اڳ ڀري آهي.

پوري دنيا جي انسانن جي زنده رهڻ جو دارومدار نباتات مان حاصل ٿيندڙ شين تي آهي. اهو سڀ ڪجھ اسان کي زمين مان ملي ٿو. ۽ اڄ ڏينهن تائين اسان زمين مان پئي حاصل ڪيو آهي. پر زمين ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي پئي وڃي ۽ زمين ۾ خوراڪي جزن جو توازن گھٽجي ويو آهي جنهن سان پيداوار وڌڻ بدران گھٽجي رهي آهي، اسان پيدوار وڌائڻ لاءِ ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال ڪريون ٿا. جنهن مان وقتي فائدو ته ٿئي ٿو. پر زمين کي ان جو ڪو به فائدو نٿو پہچي ڇو ته اهو ڀاڻ ٻوٽن ۾ جذب ٿيو وڃي.

يارب!
تنهنجي ساٿ کانسواءِ
دنيا جو هر ساٿ
عارضي آهي.
مونکي ايتري سگھ ڏي
ته جڏهن مان تنهنجي
پويان اچان ته منهنجا پير
نه ٿڪجن! (شيخ اياز)
اي انسان، تون ڪير آهين، جو پنهنجي عقل ۽ دانائيءَ تي مغرور ٿو ٿين؟ ڇا تي ٿو پنهنجي قابليت ۽ لياقت جي ٻٽاڪ هڻين؟
عاقل ۽ داناءُ جو پهريون ڪم اهو آهي ته ماڻهو پاڻ ڄاڻي ته آءٌ نادان ۽ ڪمزور آهيان، جي ڀانئين ته ٻين جي نظر ۾ تنهنجو ڪو قدر ٿئي ته پاڻ کي داناءُ سمجھڻ جي ناداني ڇڏي ڏي. جھڙي طرح خوبصورت زال جو حسن، صفا ۽ سادي لباس ڪري پاڻ وڌي ٿو. تهڙيءَ طرح سادي ۽ حياءَ واري هلت عقل ۽ دانائيءَ جو تمام وڏو سينگار آهي.

جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ اچي ٿو تنهن کي ڏک ڏوجھرا، مفلسي، درد، بيماريون ۽ ٻيا ايذاءَ پيش اچن ٿا. تنهنڪري اي انسان توکي جڳائي ته شروعات ۾ ئي پنهنجي دل کي همت، صبر ۽ تحمل سان مضبوط ڪر، انهيءَ لاءِ ته جيڪو مصيبت جو حصو تنهنجي نصيب ۾ اچي سو وڏيءَ بُرد باريءَ سان سہين.
جھڙيءَ طرح اُٺ ريگستان مان لنگھندي بار جي تڪليف گرمي ۽ اُڃ بک سهي وڃي ٿو. ۽ ماندو نٿو ٿئي، تهڙي طرح همت وارا ماڻهو به ڏکن ۽ جاکوڙن ۾ پنهنجا ڳڻ سنڀاليو کنيون وڃي. با همت ماڻهو نصيب جي مخالفت جي پرواهه ڪا نه ٿو رکي. ان جي کؤنس ڪري هن جي وڏي دل سست نٿي ٿئي، هن جي خوشي ۽ آسودگي نصيب جي موافقت تي تعلق نٿي رکي.

[b]محترم سامعين!
[/b]پـوپٽـن جو خيال ڪجو! هنن کي به نظمن جيئان
ڊائريءَ ۾ بند ڪَيؤَ ته هنن وٽ ڪجھ به نه بچندو.

سنڌ تاريخ جي گھڻن دورن مان گذري آهي، ڪيترن ماڻهن جي تصادم جو ميدان رهي آهي. ڪي وقت اهڙا به آيا جو ظاهري سندن بخت جو ستارو هميشہ لاءِ لٿل ڏسڻ ۾ پئي آيو، پر تاريخ شاهد آهي. ته انهن سارين مشڪلاتن مان پار پئي سنڌ هميشہ پاڻ جھليندي اڀرندي ۽ اڳتي وڌندي رهي آهي. سنڌي پاڙيسري رهڻ جا ڪوڏيا آهن. سنڌ جا رهاڪو دنيا جي تسليم ڪيل اصول مطابق جدا گانه قوم آهن. اهي اصول جدا وطن جدا زبان مخصوص ڪلچر تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ٺهرايا ويا آهن، هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جا احساس ئي پنهنجا آهن. سنڌؤَ جي ڇولين وانگي تاروتار ته ڪڏهن وري ماٺارجو احساس به هنن جي جيءَ ۾ موجود رهي ٿو.
سنڌ منهنجي امان
(عابده پروين)

سامعين محترم!
وڻ جي واڌ ويجھ لاءِ پاڻيءَ جو هجڻ نهايت اهميت جوڳو آهي. پاڻيءَ کان سواءِ وڻ جو صحتمند رهڻ يا زنده رهڻ مشڪل عمل آهي، ۽ اهو پاڻيءَ ئي آهي جيڪو وڻ کي زنده رکڻ لاءِ پاڙن کان وٺي پنن تائين مسلسل ورڪ ڏئي ٿو ۽ وڻ لاءِ جياپو پيدا ڪري ٿو. پاڻي خارج ٿيڻ ڪري وڻن جي گرميءَ جو درجو مناسب رهي ٿو. وڻن کي پاڻي ڏئڻ وقت انهن جي عمر، وڻن جو قسم، آب هوا، ۽ زمين جي خاصيت کي نظر ۾ رکي ڪري پاڻيءَ ڏئڻ تمام اهم آهي.


سامعين محترم!
هڪڙي شخص ڪنهن بزرگ کي چيو. فلاڻو شخص منهنجي گلا ڪندو ٿو وتي. بزرگ چيس اُن سان نيڪي ڪر شرمسار ڪرينس ٻيو ته تون هر وقت چڱو ٿي رهه ۽ چڱائي ڪندو رهه. پوءِ وس ڪري ماڻهو تنهنجي شڪايت نه ڪندا. ڏس ته جڏهن يڪتاري جي تار سڌي هوندي ته ڳائڻو هروڀرو ڪليءَ کي مہٽو ڪو نه ڏيندو آهي.
هر شخص جي چهري مٿان

سامعين محترم! بي وقتي ملاقات
اميد جي ابتڙيا اوچتو اچي ويندڙ ملاقاتي توهان جو تمام گھڻو وقت زيان ڪري سگھن ٿا. توهان جي ڪمن ۾ مداخلت جو سبب بڻجن ٿا. ۽ توهان جي خيالن جي ڳانڍاپي کي ٽوڙي وجھن ٿا. جنهن سان توهان جي ڪم جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي. دير به وقت جي چور آهي. دير ڪرڻ جو لاڙو اسان جي سماج جو حصو بڻجي ويو آهي. جنهن جي ڪري ڪافي زندگيون ان دير جي ڪري متاثر ٿينديون آهن.

وڏا ڳالہه ٿا ڪن گذريل وقت واهه جو عجيب وقت ۽ برڪت ڀريو زمانو هو! افسوس اهڙو وقت اڄ اکيئن نٿو ڏسجي! اهڙي وقت لاءِ اکيون سڪن پيون، ۽ دل بيقرار آهي. اهو وقت اهو هو جنهن جي ڏسڻ پسڻ سان اکين کي اهڙي ته راحت ٿي آئي ۽ دلين کي اهڙو ته آرام پہتو ٿي، جهڙو موسم بهاريا گلابي مند ۾ انسان کي خوشي ملي.
انهيءَ وقت سڪار جي سهڻي ۽ دلپذير هير لڳندڙ هئي، ماڻهو ميامتا راءِ ڀريا ڀاڳيا هئا. ڪفايت ۽ قناعت، ٿوري گھڻي تي راِضي رهڻ، پنهنجي پالڻہار پروردگار کان ڊڄڻ ۽ کيس ياد ڪرڻ، صبر ۽ همت، محبت ۽ مروت اهي ۽ اهڙا ٻيا نيڪ اخلاق ماڻهن ۾ موجود هئا.

سائين منهنجا! اي منهنجي جگر جي ٽڪرا ! هي ٻڌ.
دل ۾ خواهشون رکڻ انساني فطرت آهي پر انهن جي ضابطي ۾ اچڻ حيوانيت آهي ۽ توهان انسان آهيو هميشہ انسان وارو ئي ڏيک ڏيو.
هڪ رات تيل ڏيئي جي وَٽِ کان پڇيو ! آئون تنهنجي پيٽ مان آهستي آهستي لنگھندو انسانن کي اَهسُ ڏيڻ واسطي آخر تائين سڙهندو رهندو آهيان، سہائي جي سعيي ۾ رهندڙ سامي اهميت ڏيئي کي ڏين ٿا جا ڳالہه مون کي بنهه نه ٿي وڻي آخر ائين ڇو؟
وَٽِ چيس!
بددل نه ٿي روشني ڏيڻ عبادت آهي، بارگاهه الاهي ۾ دعا گھرڻ واسطي هٿن جو هجڻ کان وڌيڪ پاڪ ۽ صاف دل جي هجڻ جو لازمي آهي.

سائين منهنجا!
دنيا ۾ ڪاروبار تمام گھڻا آهن، پر انهن جي پرک ڪنهن ڪنهن وٽ هوندي آهي. پرک کان سواءِ ڪاروبار هلي نٿو سگھي. تور ماپ جو اندازو شينءَ کي پرکڻ جو اندازو جنس جي ڄاڻ هر ڪنهن وٽ پنهنجا ماپا طور طريقا آهن پر سوناري وٽ ڪسوٽي تمام قيمتي شيءِ آهي. ڪسوٽي هڪڙو ننڍڙو ڪارو پٿر هوندو آهي. جو سون جي صرافن وٽ رکيل هوندو آهي.

سون کي پرکڻ لاءِ ٻي ڪا به اهڙي شيءِ ڀروسي جھڙي ناهي جھڙي ڪسوٽي، ماڻهو جنهن تنهن ڳالہه ۾ چوندا آهن ته مون فلاڻي سنگتيءَ کي ڪسوٽي تي پرکي ڏٺو آهي، ته هو سچو آهي.

سائين منهنجا!
زندگي لاگيتن پرو جيڪٽز جو نالو آهي هڪ پراجيڪٽ ۾ ڪيترائي ڪم ڪرڻا هوندا آهن. تنهن ڪري هڪئي وقت ۾ مختلف ڪم ڪرڻا پوندا آهن. ان لاءِ ڪيترن کي ماڻهن جي وچ ۾ ڳانڍاپو هم آهنگي ۽ هڪ جھڙائپ جو هجڻ ضروري آهي.
انہيءَ جو هڪ عمدو مثال چنڊ تي ماڻهو موڪلڻ وارو ڪم ان ڪم تي هزارين مرد ۽ عورتن ڪم ڪيو آهي.
جڏهن چنڊ تي پہچڻ کان پوءِ اها ڪاميابي سڀني جي ڪاميابي سڏبي. ڇا جي ڪري ان ڪوشش ۾ سڀني جو حصو آهي جيڪو به ڪم ڪريو پُر اعتماد ٿي ڪريو ۽ ڪاميابيءَ لاءِ به پُر اميد رهو.

آبادگار ڀائرو!
ڪلراٽي زمين نه صرف پاڪستان جو پر پوريءَ دنيا جو هڪ اهم مسئلو آهي. هڪ اندازي جي مطابق پوري دنيا ۾ تقريبن 955 ملين هيڪٽر زمين هن مسئلي جي ور چڙهيل آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ زرعي زمين جو تقريبن 20 سيڪڙو (.6.7 ملين هيڪٽر) هن ناسور ۾ مبتلا آهي. جنهن ۾ ماحولياتي اثرن جھڙوڪ گھٽ برسات، وڌيڪ گرمي پد، سم ۽ سمنڊ جي ويجھڙائپ ڪري تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن جا اثر ملڪي معيشت تي پئجي رهيا آهن.
هن ملڪ جي باشعور ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻ گھرجي ۽ پنهنجي ملڪ جي ادارن جي مدد سان ڪلراٺي زراعت کي متعارف ڪرائجي ڪلر واري زمين جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ڪري. انهن مان وڌ کان وڌ معاشي فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو.

ڪلچر هڪ اڻ کٽ اظهارِ خيال، جذبي ۽ عمل جو نالو آهي جهڙي طرح ساري انسان ذات بنيادي طرح هڪ جنس آهي پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورهايل آهن. اهڙي طرح آخر طور جملي انسان ذات جو ڪلچر به هڪ ٿيڻو آهي. ليڪن هر ملڪ ۽ قوم وٽ هزار ورهين جي تجربي، معلومات، ماحول، جي اثرن نسلي رجحانن ۽ باهمي ميلاپ بعد ڪلچر به سرججي پرورش پائي خاص صورت وٺي ٿو. جو سندن قومي ورثو بڻجي پوي ٿو.

سائين منهنجا!
هر شيءَ جي پنهنجي بيہڪ ٿيندي آهي، ۽ ان بيہڪ جي ڪري اها شيءَ بخوبي سڃاتي ويندي آهي جيئن اسين سامونڊي جھازن جي بيہڻ واري هنڌ کي سامونڊي بندر ڪوٺيون ٿا.
اهڙي ريت اسان وري هوائي جھاز جي بيہڻ واري هنڌ کي هوائي اڏو يا وري ايئرپورٽ سڏيون ٿا. يا وري جتي ننڍيون گاڏيون سفر ڪري اچي هڪ هنڌ بيہنديون آهن اسان ان کي بس اسٽينڊ يا وري بسن جو اڏو. جڏهن اسان درياءُ جي علائقي ۾ پہچون ٿا ته اسان کي اتي ٻيڙيون ۽ ان جي بيہڻ جي جاءِ جنهن کي پتڻ ٿو چئجي. درياءَ تي پتڻ به تمام ضروري هنڌ آهي. پتڻ ۽ ٻيڙيءَ جي مدد سان درياءَ پار ڪري وڃي سگھون ٿا، اُٺ پتڻ تي تمام مشڪل سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهندو آهي. پتڻ جي ٻيڙي جڏهن الله جي آسري نڪرندي آهي تڏهن ان جو ڏيک ڏسڻ وٽان هوندو آهي.



نوجوان شاعر، شيخ فرازي جو غزل

منهنجو چين قرار شهر ۾ گم ٿي ويو
گلڙن جهڙو پيار شهر ۾ گم ٿي ويو

اهڙي ريت ويو هُو مون کان جہٽ گذري
ڄن هو ننڍڙو ٻار شم ۾ گم ٿي ويو

رڪشن جو دونهون ۽ گوڙ هيو ڪافي
سورٺ جو سينگار شهر ۾ گم ٿي ويو

سوچيم جنهن سان روئي هلڪو بار ڪيان
سو ماڻهو هر وار شهر ۾ گم ٿي ويو

توکي ڳولي ڳولي شيخ فرازي اڄ
تنهنجو تعبيدار شهر ۾ گم ٿي ويو



[b]سائين منهنجا!
[/b]سيني ۾ دل، دل ۾ درد، درد ۾ تشنگي، تشنگي ۾ آرزو، آرزو ۾ حسرت، حسرت ۾ حجاب، حجاب ۾ اميد، اميد ۾ خيال، خيال ۾ تصور، تصور ۾ تصوير، تصوير ۾ تون، تون ۾ اداءَ، اداءَ ۾ حياءَ، حياءَ ۾ نزاڪت، نزاڪت ۾ شرارت، شرارت ۾ غصو، غصي ۾ بناوٽ، بناوٽ ۾ محبت، محبت فدا جي حسين تخليق آهي.
دلين جا مالڪ.........................

منہنجا سائين!
هر ملڪ ۾ هزار ورهن جي روايات بعد آب هوا، جدا جدا نسلن جي رواجن، ماحول، مذهبي عقيدن وغيره جي اثرن ڪري اتي جي رهاڪن جا ڪي قومي ڪردار ٺہن ٿا.
سندن طبيعت جو جزو بڻجي زندگيءَ تي اثر ڪري هنن جي ڪردار کي صورت وٺائين ٿا.
هن ۾ حب الوطنيءَ جو زياده مادو ٿئي ٿو. ته ڪي وري قوم فروشيءَ تي هريو وڃن.
هي بزدل ۽ بي همت ٿين ٿا ته ڪي سرويچ ۽ با همت آهن، ڪن خود مطلبيءَ کي پيشو ڪري ورتو آهي ته ڪي ان کي بد اخلاقي ڄاڻن ٿا.
ڪن قومن ۾ وفاداريءَ جو زياده مادو آهي، ڪن ۾ دوکو ۽ ٺڳي وڌيڪ عروج تي آهي. اهڙي طرح سان مختلف قومن ۾ ڪردار جون جدا جدا وصفون ٿين ٿيون.