مختلف موضوع

سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي آهي.
فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
Title Cover of book سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

منھنجو نڀاءٌُ مارُن سان! خاور قبولائي

منھنجو جنم 1971ع ڌاري سِول اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. بابا ۽ امڙ منھنجو ڇٺي جو نالو محمد موسيٰ سرگاڻي رکيو. منھنجي بابا جو نالو استاد سڄڻ علي سرگاڻي المعروف استاد سڄڻ قبولائي آهي. منھنجي ڳوٺ جو نالو سائين ڏنو جوڻيجو (قبولو) جيڪو قديم تهذيب موهن جي دڙي جي ڏکڻ طرف دادو ڪئنال جي ڪپر تي اٽڪل ٽيهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
منھنجو تعليمي سفر پنھنجي ڳوٺ قبولو کان ٿيو، ابتدائي تعليم اُتي ئي پِرائي پوءِ گورنمينٽ مڊل اسڪول عثمان ڪلھوڙو ۾ اَٺَ درجا پاس ڪيم، مئٽرڪ جو امتحان وري گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڌڻ ضلع دادو مان پاس ڪري پوءِ انٽر جو امتحان گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان پاس ڪيم.
بي اي ۽ ايم اي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيم بي ايڊ جو امتحان وري علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان پاس ڪيم ۽ 1990ع کان پرائمري استاد طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهيان.
هن وقت لاڙڪاڻي جي هڪ بهترين اسڪول گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ڪري رهيو آهيان منھنجو ريڊيائي سفر 1997ع کان شروع ٿيو ۽ اهو هڪ اتفاق هيو، آغا محمد علي مرحوم انهن ڏينهن ۾ ادبي پروگرام رسالو ڪندو هو. ان پروگرام ۾ مون جڏهن هڪ شاعر جي حيثيت سان انٽرويو ڏنو تڏهن موصوف کي منھنجي گفتگو جو انداز ۽ آواز بيحد وڻيو، ۽ مونکي چيائين خاور تون ادبي پروگرام لاءِ ادبي خبرون سهيڙي ايندو ڪر ۽ هر هفتي هن پروگرام ۾ شريڪ ٿي، پروگرام جو ڪمپئير سائين هدايت منگي هو ان سان لائيو پروگرام ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو ۽ مسلسل ٻه سال مون ان پروگرام ۾ نڀايو پوءِ ڪن مجبورين سبب ريڊيو لاڙڪاڻي کي خير ياد چئي هليو ويس. ريڊيو تي ٻيهر منھنجو اچڻ ٿيو 2007ع ۾ ڇو ته مان ڳوٺان 2004ع ۾ لاڙڪاڻي هجرت ڪري پهچي چڪو هيس انهن ڏينهن ۾ ريڊيو لاڙڪاڻو ميڊيم ويوز 1305 ڪلو هرٽز ۽ ايف ايم پنھنجي گڏيل نشريات هلائيندو هو.
فيبروري 2007ع کان وري ٻيهر باقاعدي سان هڪ انائوسر طور پنھنجو ريڊيائي سفر شروع ڪيو. ۽ هڪ وضاحت ضرور ڪندس ته ان وقت جي پروڊيوسر سيد عابد عباس ڪاظمي ۽ علي مراد ٽانوري جي مهربانين سان اهو سفر ٻيهر شروع ڪيم ۽ مونکي باقاعده انائوسر طور ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محترم محمد علي ٻانڀڻ صاحب ايپروو ڪيو مذڪوره عرصي کان وٺي اڄ تائين ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي انائوسر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهيان. وسند علي مهر جي پيشڪش ۾ نشر ٿيندڙ ذهني آزمائش جو هفتيوار پروگرام لوچيندڙ لهن پڻ هر اڱاري تي ڪري رهيو آهيان.