مختلف موضوع

سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي آهي.
فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
Title Cover of book سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

حصو ٽيون

پيِهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
نَڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سورهئا.

(شاهه سائين)

[b]سائين منھنجا!
[/b]هلندڙ صديءَ جي مشيني ۽ سائنسي ايجادن جو سڌو سنؤن انساني زندگيءَ تي اثر پيو آهي ۽ تمام گھرو اثر پيو آهي. تنهن ڪري سائنسي ۽ مشيني ايجادن جو اڻ سڌيءَ طرح ادب تي به اثر پيو آهي. سائنس جتي انسانن لاءِ آسائشون پيدا ڪيون آهن، اُتي انسان کي اُڻ تڻ ۽ بي چيني به بخشي ڇڏي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب انسان جو رفتار تي حيرت انگيز قبضو آهي، اڄ جو ليکڪ انهن ٻنهي حقيقتن کان واقف آهي، پراڻا قصا ۽ مثنويون غير ضرور پَٽَاڙ سبب، اڄوڪي زماني لاءِ غير موزون آهن هي دور هڪ ڪم ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو دور آهي. ان لاءِ اڄ جدا سرجن آهن، ته دل لاءِ جدا، اهڙا انجنيئر به آهن، جيڪي فقط بنياد وجھڻ، يا لوهه جي پڃرن ٺاهڻ ۾ ماهر هوندا آهن، هڪ ڪم ۾ مهارت جو قدر ايتري قدرته وڌي ويو آهي جو چيني کاڌي لاءِ خاص بورچي آهن ته پاڪستاني کاڌي لاءِ جدا ۽ انڊونيشي کاڌي لاءِ الڳ، جڏهن زندگيءَ جو هڪ هڪ حصو ڪنهن نه ڪنهن مهارت گيريءَ جي اثر هيٺ اچي ويو آهي.


[b]سائين منھنجا!
[/b]هونئين به مرڪ ڏاهپ ۽ ڏات جي علامت آهي. ان ڪري مان وري به ورجايان ٿو ته اها مرڪ انسانن جي مُک تي سدائين حيات رهي. اها مرڪ؛ ڪڏهن ڪڏهن ٽهڪن جي روپ سُروپ به وٺندي آهي پر ان ۾ ڏاهي جو ڏک ۽ پٿرا به پئي ملندي آهي. اِها مُرڪ هڪ زور آور ۽ جابر کي پاڻ تي ٺٺولي لڳندي آهي ۽ هيڻي لاءِ هينئن جو ڏُڍ هوندي آهي. اها مرڪ ظالم جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪندي آهي ۽ مظلوم کي اتساهه بخشيندي آهي اهڙي طرح اها مرڪ اڳرائي ڪندڙ لاءِ ڏوراپو هوندي آهي ته وري نَٻل لاءِ ديا جو سينهو بڻبي آهي. اچو ته سڀئي گڏجي اڳتي وڌون ۽ ان مرڪ کي ماڻيون جنھن جي باک ڪڏهن کان ڦٽي چڪي آهي ۽ اها باک سچائيءَ جو سنيهو ڀلائيءَ جو ڀڻڪو ۽ حق جي علامت آهي. ڇو ته هن پرهه ڦٽڻ جي ڪري وهمن جي محلات ۾ ڀڄ ڊاهه شروع ٿي وئي آهي. اسين انھن اُڀرندڙ ڪرڻن جي روشنيءَ ۾ نيڪي ۽ بدي جي سولائي سان پرک ڪري سگھون ٿا. بلاشڪ اهو ڏينهن تمام ويجھو آهي.

جڏهن ڏاهپ جو راڄ قائم ٿيندو ۽ مون کي پڪو پختو ويساهه آهي ته ان ڏينهن تي اسان جي وچ ۾ انسان مرڪندو نظر ايندو.

نوجوان شاعر غلام مرتضيٰ ”مير“ جو غزل ذهن تي تري آيو آهي، اوهان سڄڻن سان ونڊڻ ٿو چاهيان؛

داستان مان بيان، ڪيان ڪهڙو.
رازُ دِل جو عَيان، ڪيان ڪهڙو.

ٿا نوان اِنڪشاف روز ٿِيَن،
سو نئون رازادان، ڪيان ڪهڙو.

ساڻُ سُورن جو قافلو آهي،
هاڻِ مان ڪارِوان، ڪيان ڪهڙو.

منهنجو هڪڙو جو تون صنم آهين،
ٻئٖي کي روحِ روان، ڪيان ڪهڙو.

پِرِيتِ ۽ پيار کي ناهي بقا،
جِيءَ کي جاوِدان، ڪيان ڪهڙو.

ريءَ اُلفت، نه ڪائي لَوڙَ اٿم،
مِير! ڪمُ جي ڪيان، ڪيان ڪهڙو.


[b]سائين منھنجا!
[/b]افسوس اٿم پنھنجيءَ سنڌ ۾ به ساڳيا رواج شروع ٿي ويا آهن، هتي به ڪُراڙا ماڻھو محفوظ ۽ خوش نه آهن، ڏک جھڙي ڳالھ آهي. هنئين ٻڌندا هئاسين ته ٻاهرين ملڪن ۾ پوڙهن ماڻھن لاء رهڻ لاءِ قائم ڪيا الڳِ الڳ قيدخانه الڳ گھر آهن.

جتي پوڙها ماڻھو پنھنجن ٻچن سان پُوٽن، پُوٽين، ڏوهٽن، ڏوهٽين، ننهن، ڌئين ۽ پٽن جن هنن کي لوڌي ڪڍيو.

جن جو سارسنڀال لاءِ ميل فيميل نرسون حڪومت طرفان مقرر ٿيل آهن. هن عمر ۾ ته هنن کي ننڍڙي ٻار وانگر پيار محبت ۽ توجھ جي ضرورت آهي. اهڙن سينٽرن کي ٻاهرين ملڪن ۾ اولڊمين هائوسز سڏيو وڃي، پرهاڻي اهو سڀ ڪجھ آئون پنھنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان. ته اسان جي سنڌ جي ٻهراڙي ۾ به پوڙهن والدين لاءِ گھر سوڙها ٿي ويا آهن، اهي کليل اڳڻ وارا وڏا گھر به سوڙها آهن جڳھ نه آهي. انھن والدين لاءِ ان امڙ لاءِ جنھن اولاد کي تاتي پالي وڏو ڪيو. اڄ اها ئي اولاد پنھنجي پوڙهن والدين کي پيرن (درگائن) تي ڇڏي هليا ٿا اچن. ڇا ٿي ويو آهي اسان جي معاشري کي پٽن جون مائريون لاوارث هجن پير ۽ درگاهون اسان جا اولڊمين هائوسز جي برابر ئي ٿي ويا آهن. جتي هنن کي سڪون ملي ٿو. اولاد به يا نصيب، جنين ڪاڻ جياس سي ڪلھي ڪانڌي نه ٿيا.

اسان روئي روئي: (رحمٰن مغل)


پُڪاري ننڍ مان ٿي هوءَ،
اُٿاري ننڍ مان ٿي هوءَ.
کليل آخواب جي ڳڙ کي،
نھاري ننڍ مان ٿي هوءَ،
پکين وانگي اکين مان ڪيئن،
اڏاري ننڍ مان ٿي هوءَ.
(حسن درس)


جتي خوشيون ۽ اعتبار هجي
جتي محبت جي ڇانيل ملھار هجي
جتي سک جا سنگ ڦٽندا هجن
جتي قرب جا وهندڙ آبشار هجن
جتي فرق وجھندڙ نه سوچون هجن
جتي نفرت ڀريون اکيون نه هجن
جتي لوڀ لالچ جون نه لوچون هجن
جتي خوشبو جا پوپٽ اڏندارهن
جتي پيار جي پوک پچندي هجي
جتي هر صبح ڏيندي سعيد هجي.
جتي ڪنهن کان به نه دلبر دور هجي
جتي هميشه سچ جو پکڙيل نور هجي.


[b]سائين منھنجا!
[/b]اچو! پيار جو انمول تحفو کڻي هلندڙ صديءَ جي آجيان ڪريون ۽ نفرتن جو ٻج ختم ڪري ڇڏيون چؤ طرف پيار جا ٻوٽا پوکيون، اهي سڀ جا هل رسمون ريتون جيڪي ڪنھن کان جيئڻ جو حق کسن، جنھن سان ڪنھن جي دل آزاري ٿئي. ڪنھن جي اک ۾ لڙڪ اچن، اُهي سڀ مدي خارج رسمون ٽوڙي انھن کي ماضي ڪري ڇڏيون جن سان پيار پنڌ ۾ ڪنڊا اچن ۽ ڪومل جذبا لتاڙيا وڃن، جن سان دليون ٽٽي پون تن جون پاڙون پٽڻ ئي بھتر آهي، پوءِ ڇو نه سڀ گڏ ٿي انھن ظالم رسمن کان نجات وٺون. نئين صديءَ ۾ باوقار طريقي سان داخل ٿيون، جتي ڪنھن سان ڏاڍ نه ٿئي جتي رات جي اوندهه ۾ راتا ها نه ٿين، جتي ڪنھن ماءٌ جي گود خالي ڪرڻ وارو نه هجي جتي ڪنھن ڀيڻ کان سهارو نه کسي، جتي ڪنھن ونيءَ جي سِر جو سائين راهه ۾ رهزنن هٿان نه ڪٺو وڃي، جتي ڪنھن جي ارمانن جو خون نه ٿئي. جتي پيار کي پاپ نه، پر عبادت سمجھيو وڃي.

ها! ائين ٿي سگھي ٿو جڏهن اسان سچائي ڪيون پنھنجي قول ۽ فعل ۾ تضادنه رکون، پوءِ سڀ برايون پنھنجي موت پاڻ مري وينديون ۽ سڀ گڏجي وچن ڪريون ته هلندڙ صدي امن جي صدي هوندي.


”وينتي“

هيءَ جنگ آهي.
ڌرتيءَ کان اُڀ تائين،
مون کي ساڙ تون،
ها، تون مون کي ساڙي ڇڏ.
پر جنھن آ ڏني مون کي پناهه
ان کي نه ساڙ تون
هيءَ جنگ آهي،
تنھنجيءَ دل ۾ جيڪي اچي سوڪر ڀلي.
منھنجي هن آسمان کي ساڙ تون.
هي منھنجيون راتيون آهن،
جي چاهين ته انھن کي به باهه ڏي
مگر هي منھنجا ڍُور ڍڳا نه ساڙ تون.
آءٌ ڄاڻان ٿو ته هيءَ جنگ آهي.
ساڙ، منھنجيءَ دل کي به ساڙ تون
جي چاهين ته منھنجي محبتن کي به باهه ڏي،
پرهِي جي هوا ۾ جھولن ٿا،
ڪڻڪن جا سڀ سنگ سنھڙا
انھن کي نه ساڙ تون
انھن کي نه ساڙ تون.

پنھنجو ڪم پاڻ ڪرڻ بھتر آهي.
جڏهن تون پنھنجو ڪو هڏ ڏوکي نه ڏسين، تڏهن توکي پنهنجي ڪم پاڻ ڪرڻ گھرجي. گھڻا ماڻھو رڳو وات جا مٺا ۽ اندر جا رَڌل ٿيندا آهن، اهڙن ماڻھن جي ڏٽن تي ڀروسو متان ڪريو، اهڙن ماڻھن جون دليون مؤثر نه آهن. انھن جي فريب ۾ متان اچو منافق دوست کان هميشه خبردار رهو. هن جي هيٺين ڳالھين تي متان لڳو. زمين تي منافق ڄار پکيڙي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي آهي.
هوشياريءَ سان هلو. پنھنجن توڙي پراون جي مڪر آميز ڳالھين تي متان ٺڳجي وڃو.


[b]پرورش ۽ آرائش.
[/b]اي انسان تنھنجو بدن خاڪي آهي جنهنجي پرورش ۽ آرائش جي توکي جھوري لڳي پيئي آهي. انھيءَ بدن کي جيتري قدر تون کارائي پياري سَڀرو ڪندين اُوتري قدر پنھنجي روح کي اَڀرو ڪندين. تون ڪاملن جي صحبت ۾ پنھنجو پاڻ سڃاڻ ۽ حقيقي محبوب سان سچو نيهن رک.
اندر ڪيني کان صاف هوندو، ته خدا تعاليٰ جي طرفان جيڪو معرفت جو علم توکي عطا ٿيندو، سو تو سان ائين رلي ملي ويندو، جيئن هٿ جو ڌاريل پکي جنھن ۾ منافق جي دل نه هوندي، سو سَئو ڪوششون کڻي ڪندو ۽ سَئو ڪتاب کڻي پڙهندو، ته به ان جي اندر معرفت جو علم اهڙو رهندو جھڙو بادشاهه جو باز ڪنھن ڳوٺاڻي جي گھر ۾ رهي سگھي.


[b]يادون
[/b]يادون زندگيءَ جو خوبصورت ۽ عظيم سرمايو آهن. يادون جڏهن تنهائي جي موسم ۾ اينديون آهن ته گذريل ڳالهين کي سوچي ڪري چپن تي مرڪ پکڙجي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته گذريل ڏينهن جو پل پل سوچي ڪري دل روئي پوندي آهي. يادون مايوسيءَ ۾ اميد جو ٻرندڙ ڏيئو آهن. يادون تازن گلن جي مثال آهن، ياد جو ڏيئو جڏهن ڪنھن جي ياد ۾ ٻرندو آهي ته دل جو ٻوجھ اکين جي ذريعي نڪري ايندو آهي.


[b]حقيقت بڻجڻ
[/b]آءٌ جيڪو به سوچيان ٿو منھنجا هي خيال خواب حقيقت بڻجن، منھنجي دل چوندي آهي مان ٻين ڪاڻ جيئان منھنجي زندگي ٻين لاءِ وقف ٿي وڃي منھنجو ظرف اعليٰ ٿي وڃي مان ٻين جون خطائون برايون نه ڏسان.
سڀني جون سٺايون ڏسان ٻين جي ڏکن کي پنھنجو سمجھان، هر ماڻھو جي منھن تي مرڪن جا گلڙا ٽڙندا رهن ڪنھن ٻه غريب جي اکين ۾ لڙڪ نه هجن هر ماڻھو خوش نظر اچي ۽ مون، مان منهنجي ”مان“ نڪري وڃي خواهشون ختم ٿي وڃن من مان مونجھ ختم ٿي وڃي ۽ ٻين جي خوشين جو خيال ڪريان.


[b]سامعين درست سوچ.
[/b]هڪ درست، هڪ مثبت سوچ رکڻ وارو زندگي جي تمام حقيقتن کي سڃاڻڻ وارو شخص سٺا ۽ خراب حقائق اهو انھن ٻنهي کي الڳ الڳ ڪرڻ ۽ انهن کي مرتب ۽ منظم ڪرڻ جي ذميواري کڻندو آهي. ۽ انهن کي منظم ڪرڻ وقت انهن کي الڳ ڪري رکندو آهي.
جيڪي هن لاءِ ضروري هونديون آهن باقي تمام حقيقتن کي وڃائي ڇڏيندو آهي. هو ٻُڌل ۽ ٻڌايل ڳالھين تي يقين نه ڪندو آهي.
اهو شخص جذبات جو غلام نه پر آقا هوندو آهي.
۽ پنھنجي پاڻ سان گڏ رهندڙ ڪاروبار ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن جي سوچ کي پنھنجي سوچن جي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏيندو آهي.
۽ نه وري انھن کي پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏيندو آهي.
سائين منھنجا!
همدردي اها ٻولي آهي، جيڪا ٻوڙا ٻڌي سگھن ٿا،
۽ نابين به پڙهي سگھندا آهن. ان لاءِ اسان کي گھرجي هر ساهه واري سان همدردي ڪجي همدردي ماڻھوءَ ۾ ماڻہپو آڻي ٿي.

تو سہاري يار، جيئان ٿو پيو،
دلربا سنسار آ تنہنجي ڪري.
تنہنجي نالي سان پيو سڏجان هتي،
زندگيءَ سان پيار آ تنہنجي ڪري.

(فقير محمد سنڌي)


اسحاق سميجيءَ جو غزل
دل جي آڳر تي تري آيو آهي.


اڌ اگھاڙا انگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي،
باقي هاريل رنگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي.

گونگا گونگا منظر ها ڪجھ راتين جا،
آوازن جا جھُنگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي.

هڪڙي پاسي بُک ڏٺو پئي وحشت کي،
هڪڙي پاسي سنگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي.

آيو پئي آواز انوکو ٽپ ٽپ جو،
برسي پيا سارنگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي.

ڇلندو ڇلندو سمنڊ لہي ويو نيڻن ۾،
ٻاهر خالي ڪَنگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي.



[b] سامعين. عبادت، ذڪر ۽ فڪر
[/b]
عبادت انسان مٿان الله تعاليٰ جو حق آهي. ماڻہو جو ڇوٽڪارو ان ۾ آهي ته هو خدا پاڪ کي سڃاڻي ۽ سندس عبادت ۾ لڳي وڃي. هتي ڄاڻڻ کپي ته عبادت جو مطلب نہايت وسيع آهي ۽ ان ۾ نماز، روزي، زڪوات ۽ حج شامل هجڻ سان گڏو گڏ انسان جو هر عمل پڻ اچي وڃي ٿو. هر ڪم ڪرڻ وقت الله تعاليٰ جي مرضيءَ کي نظر ۾ رکڻو آهي ۽ اهائي سچي عبادت آهي.

سامعين محترم. نوڙت ۽ خوش اخلاقي.

نوڙت، نہٽائپ يا عاجزي الله تعاليٰ جي آڏو ڪرڻي آهي ۽ ٻين انسانن سان خوش اخلاقيءَ سان پيش اچڻو آهي يعني انهن سان سہڻي هلت رکڻي آهي. حقيقت ۾ اهڙو انسان نه رڳو خدا تعاليٰ جي آڏو عاجزي ڪندو پر عہدو، دولت ۽ طاقت هوندي به پاڻ کي ٻين انسانن کان وڌيڪ نه ڀائيندو ۽ هر خدا جي خلقيل شيءِ کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو.

سامعين! نصيحت،
پڪي ماني به يا نصيب.

هن جھان ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻہو آهن. جيڪي هوشارپ ۽ چالاڪيءَ سان روزي ڪمائين ٿا. مگر چالاڪيءَ واري روزي ڪمايل، روزي کائڻ کان اڳيئي دنيا مان هليا وڃن ٿا. ڪنهن جي قسمت ۾ ڪک جيترو به اضافو اچڻو نه هوندو ته به سندس حرص جبل جيڏو ٿئي ٿو.
جنهن ڪري جائز ۽ ناجائز رستن سان آمدني حاصل ڪرڻ ۾ گھٽتائي نٿو ڪري.
ان لاءِ هر وقت اها ئي دُعا گھرڻ گھرجي ته يا خدا اسان کي اهڙي انڌي حرص کان امن ۾ رکج.

غزل شہاب نہڙيو

اوچتا سانوڻ برسيا هوندا،
پيار پراڻا ڇرڪيا هوندا.

مورن ملہاري ڇيڙي هوندي،
ڳوڙها ڊيلن جھٽيا هوندا.

سرتي سينڌ سنواري هوندئي،
چوڏس چنڊ چمڪيا هوندا.

مُرڪي مٺي گذري هوندي،
سارا منظر مہڪيا هوندا.


پاڻ ئي جلّ جلالہُ، پاڻ ئي جانِ جَمالُ،
پاڻ ئي صورت پرينءَ جي، پاڻ ئي حُسَنِ ڪَمالُ.
پاڻ ئي پيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻ ئي پاڻ خَيالُ،
سُو سڀوئي حالُ، منجہان ئي مَعلُومُ ٿِئي.

(شاهه لطيف)

[b]سامعين محترم!
[/b]سچائي ۽ ايمانداري.

انسان مٿان ٽن قسمن جا حق لاڳو ٿين ٿا.
1. حقوق الله، الله پاڪ جا حق.
2. حقوق العباد، ماڻہن جا حق
3. حقوق الذات.

پنہنجي ذات جا حق! جيئن صفائي رکڻ، جسماني ضرورتون پوريون ڪرڻ، خودڪشي نه ڪرڻ وغيره سچائي ۽ ايمانداريءَ جو واسطو انهن ٽنہي قسمن جي حقن سان آهي، پر خاص طور تي حقوق العباد سان ان جو سڌو لاڳاپو آهي.
ڪو به انسان جنہن ۾ سچائي ناهي ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالہائي ٿو. ان کي بہتر انسان سڏي نه ٿو سگھجي. ساڳي قت جنهن انسان ۾ ايمانداري ناهي اهو ٻين کي دوکو ڏيندو، رشوت کائيندو ۽ ٻين ناجائز طريقن سان مال گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو اهي ڪنهن مسلمان يا مؤمن جون نشانيون ٿي نه ٿيون سگھن.

[b]سامعين محترم!
[/b]جولاءِ عيسوي سال جو ستون مہينو آهي، هن مہيني تي اهو نالو مشہور حڪمران جوليس سيزر جي نالي پويان پيو، ڪنہن زماني ۾ هي مہينو پنجي 5 نمبر تي هو ۽ هن جو نالو ڪئانٽليس Quantilis هو جنهن جي معنيٰ آهي پنجون هن مہيني دوران اتر اڌ گول ۾ موسم گرم رهندي آهي ۽ ڏينهن ننڍا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينهن وڏا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، ۽ سردي گھٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، اتر اڌ گول جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هن مہيني دوران بارشون ٿين ٿيون هن مہيني ۾ 31 ڏينهن ٿين ٿا.

[b]اڄ ست جولاءِ آهي
[/b]
7 جولاءِ 1950ع تي ڪاڪو ڀيرومل مہر چند آڏواڻي ساسون اسپتال بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.
7 جولاءِ 1986ع تي مشہور لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳيءَ لاڏاڻو ڪيو.
7 جولاءِ 1961ع تي سنڌ جو امر آواز ”سرمد سنڌي“ اصل نالو عبدالرحمٰن ولد حيات مغل پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
7 جولاءِ 1927ع تي مشہور محقق، مورخ ۽ نقاد ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
7 جولاءِ 2000ع تي مہان شاعر نثار بزميءَ وفات ڪئي.
7 جولاءِ 2007ع تي قطعيءَ جو بادشاهه شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪيو.
7 جولاءِ 1884ع تي مايه ناز، فاضل شاعر ۽ صوفي درويش گل محمد خان زيب مگسي ولد نواب مير قيصر خان مگسي جھل مگسي ۾ پيدا ٿيو.


[b]سامعين محترم! گھر ۽ ٻار
[/b] اسان وٽ عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته گھر اندر مردن جو ورتاءُ ۽ خاص طور تي گھر جي وڏي جو اٿڻ ويہڻ کُہرو ۽ سخت هوندو آهي، جنهن سبب عورتون ۽ ٻار پريشانيءَ ۾ ورتل هوندا آهن. جيڪڏهن ڪٿي ائين نه به هجي ته به مرد جڏهن ڪاوڙ ۾ هوندا آهن ته پنهنجي اندر جي باهه ٻارن ۽ عورتن کي دڙڪا وغيره ڏيئي ڪڍندا آهن. پر جڏهن اسان رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي گھريلو زندگيءَ تي نظر ڪريون ٿا ته پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم. پنهنجي بيبين ۽ ٻارن سان تمام ميٺاج واري انداز ۾ پيش ايندا هئا، ٻارن کي کيڏائيندا هئا. دڙڪا ۽ مار هرگز نه ڏيندا هئا، پاڻ سڳورن جي نياڻي حضرت بيبي فاطمہ رضه جڏهن وٽن ملڻ ايندي هئي ته اٿي بيهي ان جو آڌرڀاءٌ ڪندا هئا.


سامعين! خواب ڏسڻ به زندگيءَ جو حصو آهن ! اهڙا خواب ڏسو جيڪي تمام وڏا ۽ سٺا هجن، توهان جھڙا خواب ڏسندؤ اهڙا ئي ٿي ويندؤ. بصيرت جو واعدو آهي ته توهان کي اهوئي ملندو، جيڪو توهان ڏٺو آهي.
توهان جو ذهن توهان جو بہترين دوست ٿي سگھي ٿو. توهان پنهنجي ذهن کي سٺي نموني استعمال ڪري گھربل نتيجا حاصل ڪري سگھو ٿا.

اَڙي وقت توتي هزارين ميارون،
ڏئي وئين اسان کي تون دَر دَر ڌِڪارون.
ننڍپڻ جون رانديون، جوانيءَ جا ميلا،
کسِيئي پيارَ پنهنجا ۽ نيڻن نہارون

(ادل سولنگي)

ادب ۽ زندگي هڪ ٻئي سان لازم ۽ ملزوم آهن، اُهي هڪٻئي کان ڪنهن به صورت ۾ الڳ ڪري نٿا سگھجن، ادب ۾ زندگيءَ جا سمورا ڪتاب اچي وڃن ٿا. زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ ادب کي سپر پاور جي حيثيت حاصل آهي.

ادب قومن جو اهڙو سرمايو آهي جنهن لاءِ ميڪلن چيو هو ته قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت ۾ رکيو آهي تن جي اظہار کي ئي ادب چئجي ٿو.


سائين منهنجا!
حق ۽ واسطا، دنيا ۾ حق ۽ واسطن جو ملڻ ۽ نه ملڻ به هڪ عجيب معاملو رهيو آهي.
واقعي ڏاها،
صحيح چوندا آهن.
جيوت ڏاڍي قيمتي وَٿ آهي.
تڏهن ئي ته
پاڻ جھڙا هزارين جيو
ان قيمتي شيءِ جا، حق ۽ واسطا وٺي ناهن سگھيا!


[b]سامعين. چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا!
[/b]پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي هڪ نئين شروعاتي تاريخ لکجڻ تي عمل ٿي رهيو آهي، چيني صدر شي جن پنگ هڪ طويل انتظار ڪرائڻ کان پوءِ ڪلہه کان ٻن ڏينهن جي دوري تي ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد پہتل آهي.
جنهن جو عظيم الشان استقبال ڪيو ويو آهي.
گذريل 9 سالن ۾ پہريون ڀيرو آهي جو ڪو چيني سربراهه پاڪستان جي دوري تي پہتل آهي ٻه ڏينهن جي شي جن پنگ جي دوري جي موقعي تي ٻنہي ملڪن جي سربراهن توڙي وفدن جي سطح تي جيڪي ملاقاتون ٿينديون، انهن موجب پاڪستان ۽ پاڪ چين اقتصادي، راهداري واري اهم منصوبي تي معاهدو جنهن تي 45 ارب ڊالرن جي لاڳت ايندي هن منصوبي تحت چين جي سرحدي علائقي خنجراب جي سرحد کان ويندي بلوچستان جي علائقي گوادر تائين روڊ رستو وڇايو ويندو ان کان علاوه ساڳي ئي روٽ تي ريل رستو به ٺهندو ۽ ان کان علاوه بجلي جو منصوبو به شامل آهي. اهڙي ريت مجموعي طور تي جنهن ۾ 10 هزار 400 ميگاواٽ جي بجلي جو منصوبو به شامل آهي اهڙي ريت 832 ڪلوميٽر شاهراهن جي تعمير 1736 ڪلوميٽر ريلوي لائين جي تعمير توڙي گوادر جي بندرگاهه تي ڪيترائي پاڪ چين ترقي جا منصوبا به هن اقتصادي راهداري واري پئڪيج ۾ شامل آهن. پاڪستان ۽ چين جي رستي کي ديوار چين کان به وڌيڪ مضبوط تصور ڪيو وڃي ٿو.
اهوئي سبب آهي جو ٻنہي ملن جو هڪٻئي تي اعتماد آهي.
اهو چيو پيو وڃي ته چيني صدر جي آمد کان پوءِ انہيءَ تاريخي دوري جي موقعي تي پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي جي تڪميل واري منصوبي تي به چين جي سيڙپڪاري وارو معاهدو ٿي ويندو.
۽ اهو به چيو پيو وڃي ته چيني صدر پاڪستان لاءِ جيڪو 45 ارب ڊالرن جي لاڳت جو جيڪو تحفو کڻي آيو آهي. ته ان جي موٽ ۾ پاڪستان چين کي عربي سمنڊ گوادر واري پورٽ تائين رسائي ڏيندو ان کان علاوه چين هن دوري دوران پاڪستان کي 8 ڊيزل اليڪٽرڪ بحري ٻيڙا ڏيندو.
اقتصادي راهداري منصوبن تحت ٿر مان 6600 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.
اڄ 21 اپريل 2015ع تي ملڪ شاندار ڏينهن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.

سائين منهنجا!
هن وقت دنيا جا سڀ سائنسدان خاص طور تي ڌرتيءَ جا ماهر ڄاڻو ۽ تارا ڄاڻڪ اِهو مڃين ٿا ته، زمين تي حياتي صرف سج ۽ انہيءَ جي روشنيءَ جي ڪري برقرار آهي، سج جي تباهيءَ سان شمسي نظام به تباهه ٿيندو، جيڪو سڄي ڪائنات جي تباهيءَ جو سبب بڻبو.
سامعين محترم! (زرعي چوڻي)

ڪونجن ڪُرڪ، پاڻيءَ سرڪ، ڪونج، پکيءَ جونالو
ڪُرڪ؛ دانهن

جڏهن يا جنهن وقت ڪونجون ڪُرڪ ڪنديون آهن، ان وقت پاڻيءَ جي قلت ٿي ويندي آهي ۽ درياءَ جي تري ۾ پاڻي وهندو آهي. اها سرءُ جي موسم آهي.
مطلب ڪونجن جي دانهن ڪرڻ وقت، پاڻي ٿورڙو ٿي ويندو آهي. درياهه ۾ پاڻي لهي وڃي ته ڪونجون ڪُرڪ ڪنديون آهن.
ڪونجن ڪُرڪ، کير چُرڪ (زرعي چوڻي)
کير جو تعلق مينهن سان آهي. جڏهن ڪونجون ڪرڪ ڪنديون آهن تڏهن درياهه ۾ پاڻي ته لاٿ ڪري ويندو آهي پر تر جون مينهون به ويهڪي وينديون آهن ۽ کير ڏيڻ گھٽجي ويندو اٿن مطلب؛-
ڪونجن جي دانهن ڪرڻ وقت مينهون به کير گھٽائي وينديون آهن.

سائين منهنجا- حسن اخلاق!

سخاوت دنيا ۽ آخرت وارن عيبن کي ڍڪي ٿي، ضرورتون گھٽائيندؤ ته راحتون نصيب ٿينديون راضپي واري اک سان ڪوبه عيب نظر نٿو اچي، ناراضپي ۾ عيب ئي عيب نظر ايندا آهن.
جيڪي توهان ۾ خوبيون ئي ناهن، ۽ ڪو بيان ڪري اهو اهڙا عيب به بيان ڪندو جيڪي توهان ۾ ناهن.


[b]سامعين محترم عملي ڪم
[/b]
پهريان پنهنجي زندگيءَ جو جائزو وٺو ته توهان بھترين ڪم ڪھڙا ڪري سگھو ٿا. پوءِ ڊگھي مُدي واري منصوبابندي ڪريو، ايندڙ وقت بابت سچيو ۽ پنھنجي زندگيءَ کي هر لحاظ کان محترم بڻايو، اڄ ئي هڪ تفصيلي منصوبو ٺاهيو ته توهان کي معاشي آزادي حاصل ڪرڻي آهي، پنھنجي زندگي ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ڪريو، توهان ڪھڙي ڪم سان محبت ڪريو ٿا؟ اهو ڪم ڪريو جنهن جي ڪرڻ سان توهان کي خوشي حاصل ٿيندي آهي.
پنھنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻيو، ڪنهن ڪم کي وڌايو، يا ڪنهن کي گھٽ ڪريو، سڀ کان اهم ڳالھ هيءَ آهي ته غير ضروري ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو.

تـوکي ڏسندي هاڻي ويٺو، هي سوچيان ٿو آئون،
سپنن کان وڌ سهڻيون آهن، منھنجون ساڀيائون.
ٻَري ٻَري جيئين لالٽين جو ڪارو ٿي ويو ڪائو،
پنا ڪري ائين ڪاراسار، چمڪن ٿيون رچنائون.
(مختيار ملڪ)

[b]سامعين محترم- حقيقي علم!
[/b]حقيقي علم فرد کي سندس تاريخي حيثيت جو شعور ڏيندو آهي . اهو شعور تنقيدي هوندو آهي، ۽ ان جو بنياد سوال جواب ۽ پڇا ڳاڇا تي هوندو آهي. جيئن ته ان جو بنياد حقيقي تاريخي حالتن تي پوندو آهي، تنهن ڪري ان شعور وارو فرد اجتماعي مفاد ۾ تبديليءَ لاءِ پنھنجي چوڌاري حقيقي ماحول سان وابسته ٿي ان کي سمجھندو آهي. ان مان هڪ نئون علم ۽ نئون شعور پيدا ٿيندو آهي. اها ڳالھ طئي آهي ته سکڻ جي خواهش ٻار ۾ فطري طور تي موجود هوندي آهي ان خواهش جو اظهار هو تجسس ۽ سوالن جي صورت ۾ ڪندو آهي.
اهڙن ئي ننڍن ذهنن کي جواب سٺي نموني سان ڏيڻ گھرجي.



اکـيـون سـنـگـتــراش جـون، آهـن پـــٿــر ۾،
جنهن جي اندر ۾، جاڳي ٿي هڪ مورتي.
سعيد ميمڻ

سامعين! پيار هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن جي ڏي وٺ جي ڪارڻ اسان کي آئيندي ۾ پڪو پختو ويساهه ويهي ٿو، ڌڻيءَ اسان کي پيار جھڙي اُتم سوکڙي ان لاءِ سونپي آهي ته جيئن ٿڪل ۽ ماندن روحن لاءِ هن جڳ ۾ رهبريءَ جو ڪم ڏئي سگھي.
پيار چوڌاري هڪ گُل جيان هُڳاءٌ ڪري اُسري ۽ سري ٿو پنھنجي مکيه مرڪز کي ميساري نه ٿو، ان ڪري اوهان به پيار وسيلي پنھنجي اندر کي آئيني وانگر صاف ۽ شفاف بڻايو ته جيئن پاڻ ۾ سَهپ سگھ پيدا ڪري سگھو، ان لاءِ پاڻ کي ايڏو ته اُتم ۽ اعليٰ بڻايون جو ڪنهن به پرک ۾ اوهان کي پوئتي پير نه ڪرڻو پوي.

سامعين محترم! انسان جي دل ۽ ان دل لاءِ تمام گھڻو تاڪيد ڪيو ويو آهي. ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته انسان جي جسم ۾ گوشت جو هڪ ٽڪرو آهي.
جيڪڏهن ان جو سڌارو ٿيو ته گويا سڄي جسم جو سڌارو ٿيو. ۽ جيڪڏهن اهو بگڙيل رهيو ته گويا سارو جسم بگڙجي ويندو. اهو گوشت جو ٽڪرو دِل آهي. دل جو صاف هجڻ ايمان جي نشانين مان هڪ نشاني آهي. پھرين منزل اِها آهي ته انسان جي دل صاف ۽ شفاف هجي.

[b]سائين منھنجا!
[/b]سٺي ڳالھ جيڪو به ڪري غور سان ٻڌو.
جوانيءَ جو وقت بچايل، پوڙهائپ ۾ ڪم ٿو اچي.
جوانيءَ ۾ اڌ کائو اڌ بچايو.
عقل هر وقت ۽ هر جڳھ سون کان قيمتي آهي.
جنهن دروازي کان شڪ اندر اچي، اعتماد ۽ محبت ان دروازي کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن.

[b]سامعين محترم!
[/b]هي دنيا هڪڙو وڻ آهي ۽ اسين ان جا ميوا آهيون، اسان مان جيڪي اڃا خام ۽ ڪچا آهن. سي ئي دنيا کي مضبوط هٿ وجھي چنبڙيل رهن ٿا پر جيڪي روشندل شخص آهن سي دنيا سان تعلق ٽوڙڻ ۾ ويرم ئي ڪونه ٿا، ڪن جنهن کي حقاني محبت ميٺاج نصيب ٿئي ٿي. تنهن کي دنيا جي مرڪ هڪ لذت ڦڪي ۽ بي سواد پئي لڳندي آهي. ۽ اهي ڪڏهن به دنيا جي ڪنهن به ڦند ۾ ڪونه ڦاسندا آهن.

ٽوپي اجرڪ وارا ماڻهو
جڳ ۾ آهن پيارا ماڻهو
اُجرا، اُجرا، تن من جن جا
سونهن سراسر سارا ماڻهو.

(انور پرديسي)