ڪتاب ”سونهن سمبارا“ هڪ خوبصورت ادبي گلدستو!
جڏهن ته ”سونهن سمبارا“ جو ٻيو حصو ڪيل انٽرويوز ۽ ڳالهه ٻولهه تي مشتمل آهي. هن ۾ گھڻائي اهڙين شخصيتن جي آهي جيڪي ريڊيو جي دنيا سان ئي لاڳاپيل رهيون آهن جن ۾ خليل ڪاڪيپوٽو، علي مراد ٽانوري، خالد چانڊيو، وسند علي مهر، عابد ڪاظمي، شاهين سنڌي، مشهد اوٺي، نعمت الله جوڻيجو، حاجي حسين جلباڻي، محمد ايوب شيخ، امتياز شاهاڻي ۽ ڪامل امداد جتوئي جي علاوه ڪجھ ٻيا به شامل آهن. ڪتاب جي ليکڪ جو هڪ پنهنجو ڏنل راءِ مطابق انٽرويو شامل نه هئڻ گھرجي ها ۽ اهُو ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ يا ڪنهن ٻئي ليکڪ پاران ڏجي ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. مجموعي طور تي هن صحي ۾ ڇويهن شخصيتن جا پروفائيل ٽائيپ انٽرويوز شامل آهن جن ۾ اڪثريت تخليقي ادب بدران آواز جي دنيا يعني ريڊيو سان واڳيل آهن پر هنن پروفائيلز جي پنهنجي اهميت ضرور آهي جو هنن جي مطالعي سان اسان کي هي به پروڙ پوي ٿي ته ڪاميابي ماڻڻ لاءِ هنن جي جاکوڙ ۽ جستجو اسان جي لاءِ به روشن راهه مثل آهي.
سنڌي ادب جي سرجڻهارن ۾ نماڻو ۽ نرالو نانءُ فقير محمد سنڌي جو به آهي جيڪو پنهنجي فقيري نالي جيان مزاج به فقيري رکندي ماٺيڻي ورتاءُ وارو محبتي انسان آهي. نام نهاد اديبن، اسڪالرن ۽ دانشورن کان وڌيڪ جاکوڙيندڙ سرجڻهار آهي جيڪي پنهنجي نانءُ جي مشهوري لاءِ ادب ۾ به دو نمبري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن فقير محمد سنڌي جي سادي ۽ سچي شخصيت جا گھڻا پهلو جيئن هن کي سچو، کرو، صاف گو اديب ثابت ڪن ٿا جيڪو منافقي ۽ ادبي گروهه بندي جي ٻاهرين ٻني تي بيٺل نظر ٿو اچي تئين ادبي حوالي سان به هؤ هڪ سگھارو ليکڪ، محقق، نقاد، ڪالم نگار، شاعر، پبلشرر هوندي هاڻ وري ريڊيو اسڪرپٽ ليکڪ، ڪمپئر طور تي به پاڻ ملهائي رهيو آهي. هڪ ئي وقت ادب جي مختلف صنفن ۾ پاڻ مڃرائيندڙ اسان سڀني جو هي دوست هميشہ هڪ ڪنڊائتو ويهي مصروفِ عمل رهندي ڪجھ به نه ڪرڻ کان گھڻو ڪجھ ڪندي ادب جي واڌ ويجھ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. اهو به سچ آهي ته ساڻس گذريل ڏهن سالن جي ويجھڙائي واري عرصي ۾ مون هيمشہ هن کي ائين مصروف ٿي رهندي ڏٺو آهي. هن جي انهيءَ فڪر، محنت ۽ جاکوڙ جي دلڪش ترجماني سندس ئي هيءُ شعر پڻ ڪري ٿو.
چاپلوسي بنہه نه ڪرڻ گھرجي
زندگي پنهنجي جوهر ۾ رقص آهي
ادب جي شعبي ۾ ريڊيو اسڪرپٽ هينئر باقائده سان ادبي صنف ٿي ويو آهي جيڪو اردو ادب ۾ گھڻي وقت کان موجود آهي جنهن جو مثال ريڊيو اسڪرپٽ مجموعن سان گڏ ڪيترائي ريڊيائي ڊرامن جا ڪتاب به آهن جيڪي هاڻ شاهڪار جو درجو رکن ٿا جن جي لکندڙن ۾ امتياز علي تاج، اشفاق احمد، ڪمال احمد رضوي، احمد نديم قاسمي، ڪرشن چندر، حجاب امتياز علي، مرزا اديب ۽ فردوس حيدر اهم آهن. ائين سنڌي ۾ ممتاز مرزا، آغا سليم، مراد علي مرزا به اهم آهن. گذريل ڪجھ سالن کان ڪيترن ئي اديبن جا ريڊيو اسڪرپٽ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا آهن جن ۾ فقير محمد سنڌي جو هي ڪتاب ”سونهن سمبارا“ پڻ خوبصورت اضافو آهي هي ڪتاب ان گلدستي جيان آهي جنهن جو هر گل پنهنجي سندرتا کي ظاهر ڪندي گلدستي جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪندو آهي ائين هن ڪتاب ۾ شامل هر طرح جو مواد به گلن جي خوشبوء جھڙو واسُ ڏئي ٿو.
آءٌ فقير محمد سنڌي کي دلي طور تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جو هي ريڊيو جي پروگرامن لاءِ لکيل/ پڙهيل اسڪرپٽ مواد کي ڪتاب ”سونهن سمبارا“ ۾ سموهي انهن لفظن کي ورتايو آهي جيڪي ريڊيو جي نشرياتي لهرن تي جاري ٿي اسان جي سماعتن تي پڄي وڃي وري هن دنيا جي شورشرابي واري زندگي ۾ وڃائجي ويا ها ۽ هاڻي هڪ ڀيرو وري ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي سنڌي ادب جي هر دؤر جي تاريخ جو پڻ خوبصورت ادبي گلدستو بڻجي ويا آهن.
[b]جھانگير عباسي
[/b]20 جولاءِ 2016