مون لاءِ ته تنھائي عيش مثل آهي؟ خالد حسين چانڊيو
خالد؛- پنجين ڊسمبر 1979ع تي اُن ڏينهن جنم ورتو، جنهن ڏينهن والد محترم کي تعليم کاتي ۾ استاد ٿيڻ جو آرڊر مليو، پرائمري ٻن اسڪولن ڳوٺ ايوب خان چانڊئي ۽ جوابپور ۾ ٿي، ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين مڊل اسڪول علي خان ۾ پڙهيس، نائون ۽ ڏهون ڪلاس هاءِ اسڪول ڏکڻ مان، فرسٽ ايئر، انٽر پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي ايس سي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ايم اي سنڌي ڊگري ڪاليج رتيديري مان پاس ڪئي. جڏهن ته هاڻ ايم فل پي ايڇ ڊي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪري رهيو آهيان، پرائمري کان سنڌ يونيورسٽيءَ تائين واري تعليم سفر ۾ انتهائي با صلاحيت استاد ميسر ٿيا، علي دوست جوڻيجو، الاهي بخش، خاموش خادم ککراڻي، مرحوم نذير جوڻيجو، عالم خان جکرو، گل حسن گلال، سلطان بخاري، بشير سومرو، خورشيد مهر، نورالدين، الطاف منگي، شفيع محمد جکرو، ايوب سولنگي، ضمير شاهه، جاويد ميمڻ، نور محمد شيخ، نعمت الله، رضوان گل، اسحاق سميجھو، انور فگار سميت ڪيترن ئي اُستادن کان علم پرايو، ڪيترن جا ته نالا به وسري ويا اٿم، ٻي طرف ناليج سينٽر جا اُستاد سائين مختيار سمون، نياز چانڊيو، مختيار عباسي، منير سمون، انور خاصخيلي ۽ ڪمپيوٽر سينٽر جا اُستاد جمال الدين چانڊيو خالد ڪنگو، مختيار کوکر، گل شاهه، ۽ امداد سوهو جن کي به وسارڻ اوکو ڪم آهي. استاد رهبر ۽ رهنما ٿيندا آهن جن جي بدولت زندگي گذارڻ سهنجي ٿيو پوي.
پنھنجو تخليقي ڪم؟
خالد؛- بنيادي طور پنھنجي سڃاڻپ صرف شاعر جي آهي. آئون 1991ع کان جڏهن اڃان ٻاروتڻ ۾ هئس، شاعريءَ سان پريت نڀائيندو پيو اچان البته ڪجھ ڏينهن ڪجھ مهينا ڪجھ سال رُٺل به رهندي اٿم، تخليق ئي انساني شعور جو عظيم سرمايو آهي، پنھنجي تخليقي ڪم تي ڪوبه بانور نه اٿم، آئون جيڪي به لکان ٿو، دل جي چوڻ تي لکان ٿو، فرمائشي ڪم تمام گھڻا ڏکيا لڳندا اٿم، مختصر لکيو آهي ۽ مختصر لکيو، منھنجي شاعري سماجي ڀوڳائن ۽ درد جا اسڪيچ آهن، جن ۾ رنگ به پنھنجا اٿم، انگ به پنھنجا.
پنهنجو وجود؟
خالد؛ سماج جو جاڳندڙ، متحرڪ وجود آهيان پنهنجي وجود کي ڪنهن تي به بارُ ٿيڻ ناهي ڏنو.
ادب ۾ جن موضوعن سان عشق رهيو؟
خالد؛ منهنجون تصويرون پنهنجي اندر ۾ سماج جا فوٽوگرافر آهن.
خواهشون، جيڪي اڃا تائين رهجي ويون؟
خالد؛ انسان بنيادي طور خواهشن ڪامنائن جي ڳنڍ کڻي جيئرو رهندو آهي، هڪڙي خواهش جي تڪميل ٻين خواهشن کي جنميندي آهي اڃا ته زندگيءَ جا ڪيترائي ورق رهيل آهن، پوءِ ڪامنائن جو چٺو ڪڍي رکڻ دانشمندي نه ليکبي.
پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا توهان جي نظر ۾؟
خالد؛ آئون پاڻ ميڊيا جو حصو آهيان اُن لاءِ ڪجھ تجويزي جملا ئي چئي سگھجن ٿا، سِرَ مزوري ڪرڻ وارا بوڪ بائينڊنگ جي پيشي سان وابسته فرد ۽ لٺ کڻي ڍور هڪليندڙ ماڻہو نوڪري واسطي گھڻو ڪري ميڊيا سان لاڳاپجي ويا آهن، تن وٽ ماءٌ ٻوليءَ جو ڪهڙو ادراڪ هوندو؟ جيسين ٻوليءَ جو درست استعمال پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا جو اصول نه بڻيو، تيسين پاڻ اهڙيون مشڪريون ڏسندا، پڙهندا ۽ ٻڌنداسين، ٻولين سان سڃاڻپ ٻولين کي حيات رکي سگھي ٿي، ترقي ڏياري سگھي ٿي، ڪاروباري سوچ سماجن لاءِ هاڃيڪار آهي. اڄ ميڊيائي ادارن کي ٽيهارو سال اڳ جهڙن ذهين ۽ ساڃاهه وند ماڻھن جي ضرورت آهي.
شاعر جي حيثيت ۾ تنهائي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
خالد- مون لاءِ ته تنهائي عيشن مثل آهي يا وري مونکي مختصر عرصي جي تنهائي ملڻ سبب اهڙن اويچارن اٿم. تنهائي ته ڪيفيت آهي ميلي ۾ به تنها رهي سگھجي ٿو، هجومن ۾ به وجود جي هيڪلائي ممڪن آهي. بھرحال مُون گھڻو حصو هجومن ۾ گذاريو آهي. زندگي جي هر ڏکئي توڙي سکي پل کي ڪارگر گذاريو آهي، طويل تنهاين جو تجربو نه اٿم.