مختلف موضوع

سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي آهي.
فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
Title Cover of book سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

عشق جو آواز : حاجي حُسين جلباڻي

سوال؛ ننڊپڻ ۽ تعليم بابت؟
جواب؛ منهنجو جنم ڳوٺ نورنگ خان جلباڻي، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 14 فيبروري 1976ع محمد بخش جلباڻي جي گهر ۾ ٿيو. ائين ئي ٻهراڙي جي ماحول ۾ ٻنين ۾ مال چاريندي شوق جاڳيو ته ڪي ٻه ٽي درجا پڙهجن شروع ۾ بابا ڳوٺ دوست محمد جلباڻي جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتي ٻه درجا مس پڙهيم ته اُستاد بدلي ٿي ويو. وري پرائمري اسڪول محمد علي بڙدي ۾ نئين سر داخل ٿيس. جتي اُستاد واحد بخش بڙدي ۽ سندس گهر واري آپا شرما مون تي ڏاڍي محنت ڪئي هڪ ڏينهن هڪ شاگرد سان وڙهڻ جي سزا ۾ آپا کبڙ جا چهبڪ هڻي ڏاڍو ماريو. ان مار آخر اسڪول ڇڏرايو. بابا به سعودي ۾ هو. سو ڪجهه وقت مال چارڻ ۾ گذاريو .
نيٺ مال مان بيزاري ٿي وري رخ رکيم دوست محمد جلباڻي جي پرائمري اسڪول ڏانهن جتي حفيظ قاسماڻي (ميراڻي) ڏوڪري وارو ۽ غلام اڪبر سانگهرو اُستاد هُيا. جن منھنجي هوشياري ڏسي ٽئين ڪلاس ۾ داخل ڪيو. سائين حفيظ ميراڻي قاسماڻي جيڪو مشهور پينٽر به هو. تنهن صورتخطي سيکارڻ ۾ ڏاڍي رهنمائي ڪئي. چوٿين درجي ۾ پهتاسين ته ٻئي اُستاد بدلي ٿي ويا. ائين وري ڇهه مهينا مال چاريندي ۽ پوکي راهي جو ڪم ڪندي گذري ويا. هڪ ڏينهن امان چيو ته ابا تون ڪوشش ڪري پڙهڻ نه ڇڏ. سو ڏاڏا ( فقير گنبوخان) جيڪو بهترين الغوزي نواز پڻ هو، کي ساڻ ڪري ڳوٺ حاجي عبدالڪريم انڙ پرائمري اسڪول وڃي پهتس منھنجي خوشنصيبي جو اتي منھنجو اُستاد سائين غلام اڪبر سانگهرو هيڊ ماستر هو ۽ اُن منھنجو چوٿين درجي جو سرٽيفڪيٽ دوست محمد جلباڻي پرائمري اسڪول مان ڪڍرائي مون کي پاڻ وٽ داخل ڪيو. جتان 1987ع ۾ خيرن سان پنج درجا پاس ڪيا ۽ ڇهين ڪلاس ۾ ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتم اتي به ست درجا پاس ڪيم 1989ع ۾ بابا سائين کي ٻهراڙي جو ماحول راس نه آيو. ۽ لڏي اچي لاڙڪاڻي جي الله آباد پاڙي ۾ رهياسين ۽ باقي تعليم گورنمينٽ ميونسپل سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪئي. بابا سائين پيري ۾ شادي ڪئي جنهن سبب جلدي ضعيف ٿي ويو. جنهن سبب ننڍن ڀائرن جي تعليم ۽ گهر جو بار اچي ڪلهن تي پيو. ۽ تعليم جو سلسلو اڌ ۾ ڇڏڻو پيو. هن سفر ۾ جن اُستادن مون کي پنھنجي اولاد جيئان تعليم ڏني ان ۾ گدا حُسين جسڪاڻي، حفيظ (قاسماڻي) ميراڻي، غلام اڪبر سانگهرو، عبدالحميد پنهور، واحد بخش بڙدي، رجب علي مڱڻيجو، نادر علي ڪلهوڙو، امداد علي بڙدي، مجنون جتوئي، زاهد حسين هليو، ضمير حسين پيرزادو، عبدالرشيد اَي ڪي ، نظير حسين ميراڻي ۽ محرم علي ڪرماڻي شامل آهن.
سوال؛ ريڊيو تي اچڻ جو شوق؟
منهنجو بابا الحاج محمد بخش جلباڻي سعودي ۾ رهندو هو.
سو شام جو اسڪول کان فارغ ٿيندو هئس ته اڪثر ماما جو ريڊيو کڻي ۽ ٻَڌندو هئس. هڪ ڏينهن بابا کي خط لکيم ته بابا سائين هڪ ريڊيو موڪلڻ جي مهرباني ڪندا. هن وقت ڊيوٽي آفيسر ۽ ڪمپيئر طور ڪم ڪيان پيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بابا جو هڪ دوست ڏاڏا سائين کي ريڊيو ڏئي ويو ۽ چيائين ته هيءَ ريڊيو ننڍڙي جي لاءِ پڻس موڪليو آهي. اُن ڏينهن ۾ حيدرآباد ريڊيو تان رات جو ڊرامو هلندو هو ”واچوڙن جو ووڙ“، هي ڳالهه 1986ع ڌاري جي آهي. امان کي ڏاڍا ايلاز ڪندو هيس ته امان ڊرامي وقت ننڊ مان اٿارجان. امان ڏاڍا وس ڪندي هئي. پر مان ڪٿي ٿو ننڊ مان اٿان. ائين هڪ ڏينهن خيرپور جي پروگرام پارس ۾ هڪ لفافو وٺي 1987ع ۾ خط لکيم سو مختيار ملڪ صاحب شامل ڪيو. ائين ئي ريڊيو سان چاهه وڌيو. 1988ع جي عام اليڪشن ۾ حاجي غلام حُسين انڙ ورڪ جي سلسلي ۾ نانا سائين جي اوطاق تي آيو. مون نانا سائين کي چيم ته توهان حاجي صاحب کي چئو ته هن ننڍڙي جو مطالبو ٻڌو ووٽ سموري ڳوٺ جا اوهان کي ڏياربا. مُون حاجي غلام حُسين انڙ صاحب کي چيو ته چاچا سائين لاڙڪاڻي ۾ ريڊيو اسٽيشن ٺهرايو. حاجي صاحب فورن واعدو ڪيو 1989ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آياسين. هڪ ڏينهن شام جو خيرپور تان سنڌ اسيمبلي جي ڪاروائي جي رپورٽ نشر ٿي رهي هئي. ان ۾ ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ايم پي اي حاجي غلام حُسين انڙ مطالبو ڪيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي وڃي ( سنڌ اسيمبلي ۾ ريڊيو لاڙڪاڻي لاءِ اُن وقت سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙو مطالبو ٻُڌي دل ڏاڍي خوش ٿي.
پوءِ 14 سال ريڊيو پاڪستان ۽ ايران جي پروگرامن جو باقائدي لسنر رهيم. 21 جون 1999ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي بطور انائونسر ڪمپيئر ڪاپيئسٽ جي ڪم ڪرڻ شروع ڪيم هن وقت ڊيوٽي آفيسر ۽ ڪمپيئر طور ڪم ڪيان پيو.
ريڊيو تي جنهن وقت اسان جو اچڻ ٿيو ان وقت جيڪي سينئر هيا سي پاسي ۾ ويهڻ به نه ڏيندا هئا. لک آفرين محترم استاد نور محمد خاصخيلي صاحب کي جنهن جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ ڪمپيئرنگ کان ويندي ڪم جا سمورا طور طريقا سيکاريا. جيڪو هن فيلڊ ۾ منهنجو استاد آهي.
توهان جو علم ادب سان ڪو واسطو؟ ها بلڪل آهي شروع ۾ شاعري به ڪئي مقالا به لکيا ريڊيو پاڪستان جي ڊيوٽي روم ۾ ويٺي ويٺي ڪتاب ”ڄاڻ سچل“ جي لکيو جيڪو دوست ياسر خاصخيلي جي تعاون سان 2011ع ۾ روشني پبليڪشن پاران ڇپيو شاعري مان هن وقت مڪمل هٿ ڪڍي ويو آهيان باقي ڪتابن لاءِ ڪافي مواد تيار ڪيو آهي.
ريڊيو ۾ اچي توهان ڇا حاصل ڪيو آهي؟
صرف نالو.
توهان سان پروڊيوسرن جو ڪيترو تعاون رهيو آهي؟
وقتن وارن جا بار سهبا پر دوست جو سلوڪ ماري ٿو.
ذاتي زندگي جي باري ۾ ڪجھ ٻڌائڻ پسند ڪندا؟
شادي شده آهيان چار نياڻيون ۽ هڪ پٽ آهي الله جا لک لک احسان آهن سڀ ٻارڙا پڙهن ٿا.
جيڪي نوان دوست هن فيلڊ ۾ اچڻ چاهن ته انهن کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟
سڀ کان پهرين ڪو سٺو روزگار ڪا نوڪري ڪن پوءِ هن طرف اچن ڇو ته ريڊيو صرف شوق جو پوراءُ ئي ڪري سگھي ٿو نڪي پيٽ جي بک ختم ڪري سگھي ٿو.