مختلف موضوع

سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي آهي.
فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
Title Cover of book سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)

سڄڻ سفر هليا : ھدايت منگي

هدايت الله منگي نامياري استاد ۽ عالم غلام الرسول منگيءَ جو ٻيو نمبر پٽ هُئو. پاڻ مُهين جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ 18هين آڪٽوبر 1946ع تي پيدا ٿيو.
هدايت الله منگي، جنهن جو قلمي نالو هدايت منگي ۽ هيميم هيو، شروعاتي تعليم پنهنجي والد وٽ ئي حاصل ڪيائين. 1963ع ۾ هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل پاس ڪئي،1968ع ۾ شاھ لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر مان اديب سنڌي ۽ ساڳئي هنڌان 1970ع ۾ اديب عالم جا امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ خانگي طور 1970ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان ۽ بي-اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1973ع ۾ پاس ڪيائين.
هدايت منگي23 هين نومبر 1964ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو.هُو شروعات کان ئي ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو ۽ پاڻ کان وڏن شاگردن کي سندن ڪورسز ۽ امتحانن ۾ تياري ڪرائيندو هو. پاڻ 1964ع کان جُون 1974ع تائين پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. پوءِ 16هين جُون1974ع تي ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر- ڪم-ٽرانسليٽر طور نوڪري شروع ڪيائين. ان وقت ناميارو اديب ۽ ڏاهو سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هيو. هدايت منگي ترقي ڪندو سينئر سب ايڊيٽر ۽ سکر، حيدرآباد توڙي لاڙڪاڻي ۾ بيوريوچيف رهيو. هو اخبار لاءِ روزاني خبرون لکڻ سان گڏ ڪيترائي آرٽيڪل ۽ فيچرس به لکندو رهيو. نيوز ليٽرس ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ هن وڌو.
1991ع ۾ APNS پاران هدايت منگيءَ کي علائقائي زبان (سنڌي) جو بهترين فيچررائيٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو. 1992ع ۾ جڏهن هلال پاڪستان اخبار شيخ سلطان ٽرسٽ وڪرو ڪري ڇڏي ته هدايت منگيءَ کي ٻين ڪجھ ملازمن سميت رٽائر ڪيو ويو. پوءِ هو 1992ع ۽ 1993ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ بيوريوچيف مقرر ٿيو. نامياري صحافي ۽ شاعر يوسف شاهين جي ادارت ۾ نڪرندڙ انگريزي اخبار DAILY SINDH TRIBUNE ۾ پڻ ساڳئي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. 70ع واري ڏهاڪي کان وٺي ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان مختلف پروگرام ڪيائين. 1995ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي قيام کان وٺي پنهنجي وفات تائين انائونسر، ڪمپيئر، ماڊريٽر ۽ انٽرويوئر طور پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيائين. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي سندس پروگرام رسالو، روبرو، لطيف رنگ، عوامي آواز، ريڊيو هيلپ لائين، انٽرويوز ۽ ٻيا کوڙ پروگرام ڏاڍا مقبول ٿيا. اتي کيس بهترين انٽرويوئر جي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.
هدايت منگيءَ صحافت سان گڏ ادب ۾ به پاڻ موکيو.70ع واري ڏهاڪي کان ئي سندس شاعري، ڪهاڻيون، ترجمان، تنقيدي مضمون، تبصرا سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هو شاھ لطيف جي شاعريءَ جو وڏو پارکو هو. ثقافت ۽ قديم آثارن جي علم تي عُبور حاصل هئس. موسيقي ۽ راڳ رنگ جي تمام سٺي ڄاڻ رکندو هو. استاد منظور علي خان کان سنڌيءَ ۾ ”خيال“ هِن ئي ڳائرايو ۽ اهو ئي سندس پسند جو راڳ به هو.
سندس آواز ڳرو ۽ اُچار چِٽا ۽ تُزُ هوندا هئا. هو هميشه کلمک ۽ ڪچهرين جو مور هوندو هو. سندس سموري زندگي جدوجهد ۽ ڪوشش ڪندي گذري.
ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران نومبر 1988ع ۾ پهريون ڀيرو دل جو عارضو ٿيس، انهيءَ دل جي بيوفائيءَ 22هين ڊسمبر 1999ع تي سندس آخري ساھَ کسي ورتا. هدايت منگي مُهين جي دڙي جي اولھ ۾ دادو ڪئنال جي سڄي ڪۡناري تي قائم ڳوٺ بگيءَ جي پيرُ حمل واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سُتل آهي.