مرشد
هيءُ وجود هڪڙي خاڪ جي مٺ آهي، مرشد هڪڙي چڻنگ وجهندو آهي چولي ۾ جي ڪو ڦوڪيندو ته ڍانڍ به ٿيندو. هي سرير مٽڪي آهي.عقل يا شريعت ان ۾ کير آهي. مرشد ان ۾ طريقت جو سنبائڻ ٿو وجهي ته وصف شريعت وارا ڦري طريقت وارا ٿين.يعني فقيريءَ وارا وصف، پوءِ ايندو معرفت يعني سمجهه ۾، تڏهن ٿيو درويش، سڃاڻندو ته مان ڪير آهيان. انسان آهيان، هيءُ سر اسرار آهي، دل عرش عظيم آهي، جتي حق تعاليٰ جي ڪرسي آهي.
رات اٿس ڏهي ڄمائڻ لاءِ، کيرکير۾ نه ڄمي، پر سنبائڻ جي لپ هر ڪنهن لاءِ آهي، اها لسي ڇو ٿي ڄمائي؟ جو هن جي لونءَ لونءَ ماريل آهي محبت جي مانڌاڻيءَ سان، تڏهن ٿي ڄمائي، پوءِ ورلو ولوڙي ٿو مکڻ ڪڍي من مون. معرفت ولوڙي ٿي ۽ حقيقت ان جو مکڻ آهي. وري به معرفت مکڻ کي گهه ٿي ڪري. ڪي سڀيئي ولوڙين ٿا ڇا؟ هر گهٽ ۾ لعل آيل آهي. ڪنهن سنڀاريو، ڪنهن نه سنڀاريو.
الله سائين انسان کي ماڻهو ڪڏهن ٿو ڪري؟ جڏهن انسان معرفت ۾ آهي. معرفت ۽ ماڻهو اکر ئي هڪ آهي. معرفت کان ٻاهر آهي ته ماڻهپي کان ٻاهر آهي. معرفت ڇا کي ٿا چون.؟ معرفت چون ٿا ته جڏهن ماڻهو رب ۾ فنا کائي ٿو وڃي. سڀ سان هڪ ٿي، ٻيائي ٿو وڃائي. پوءِ پاڻ سڀ کي پيو وڻندو ۽ کيس سڀ پيا وڻندا تفاوت ئي ڪونه هوندو. ٻيائي وئي، توڙي هندو توڙي مسلمان ، معرفت ۾ ماڻهو ٿو ٿئي. معرفت معنيٰ سڃاتائين ، توحيد معني سمجهائين، توحيد ڪيائين معنيٰ ته ڳالهه ڳجهه جي سمجهائين. رب تعاليٰ جي نالي وٺندو ايندو ته اخلاق ڦرندا ايندس. جيئن ان طرف پوندو تيئن اخلاق ڦيري اچي معرفت ۾ پوندو. ڄڻ ته الله تعاليٰ ان کي ماڻهو ڪيو. ان ماڻهوءَ جي اٿڻي ويهڻي به نماز آهي. معرفت ۾ ماڻهو اچي ٿانهرجي ٿانءُ پيو ، ڄڻ ماڻهو پاڻ ۾ سمائجي ويو.
لٿي ڪڙه قلوب تون، وڏي سڏ ويو
جڏهن طريقت سمجهندو تڏهن معرفت کي پهچندو. پهرين طريقت پوءِ معرفت، معرفت ڄڻ مهرباني آهي.
شريعت : انصاف
طريقت : راه، سمجهه
معرفت : سڃاڻڻ پنهنجي رب کي
حقيقت : ڳالهه کي سمجهڻ، هيڪڙائي
جلال : جوش
جمال : صورت پچائڻ
جماليت کي پهتو ته صورت پچائي ٿانهرجي ٿانءِ پيو. ڪماليت کي پهتو ته عقل خانو ورتو.
مرشد جو ڪم آهي نصيحت هدايت ڪرڻ. ٻيو ته فقير ڪجهه به ڪونه ٿو ڪري. وڌيڪ سعيو ڪرڻ ڪم پنهنجو آهي. جي نه ڪندو ته اڳيان حساب ڏيڻو پوندا. جڏهن اڃا تائين راه رب جي تڏهن ڄڻ عقل ئي ٻيو آيس.جي ڪو پڇي ته مرشد وٽان ڇا وٺي آيا آهيوته چئجي ته نالو رب جو پاڻ سان وٺي آيا آهيون. هونئن به انسان ماءُجي پيٽ مان ڇا کڻي آيو آهي! هيءَ سڀ هدايت انسان کي آهي. حيوانن کي ته هدايتون نه ٿيون ڏجن. انسان اڄ ڪو ڪو آهي نه ته سڀ حيوان آهن. جيئن لٽو جيءَ سان هنڊائبو آهي تيئن نصيحت به دل سان هنڊائبي آهي. مرشد تي به پڇاڻو بيهي ٿو نصيحت ۽ هدايت جو.
مرشد واٽ سنئين وٺائندو آهي ۽ نصيحت هدايت ڪندو ايندين ته متان دوزخ ۾ نه پون. ڍورن لاءِ ڍڪ ٺهيل آهن، ڌنار ڍورن کي هڪل ڏيندو ايندو ته متان مال پرائي ٻنيءَ ۾ نه وڃي پوي. ۽ ڍور ڍڪ ۾ نه پون. جيئن مال لاءِ ڍڪ آهن تيئن انسان لاءِ دوزخ آهي. مرشد هروقت طالب کي هدايت ڪندو ٿو رهي ته متان طالب دوزخ ۾ نه پوي. مونکي ٻيو ڪو ڍور چارڻو ڪونهي. منهنجو مال آهين آهيو چوان ٿو ته متان ڍڪ ۾ پئو انهي مال جا ڍڪ دوزخ آهن.
مرشد جي چوائيءَ ۾ رهجي، مرشد تي بار به انهن جو آهي جيڪي چوائيءَ ۾ رهندا. مرشد تي طالب جو ايترو بار آهي جو نصيحت هدايت ڪري وڍي ٽڪي ڇڏيس. مرشد جو طالب تي بار آهي ته چوائيءَ ۾ اچي ۽ امر سان رهي. چوائيءَ ۾ هوندو ته خطا نه ڏسندو.
مرشڊ ڪامل، طالب هجي سچو، چوائيءَ ۾ هجي انهي تي ڦري وري مرشد عاشق ٿي ٿو پوي. ڪنهن ڪنهن طالب ۾ مرشد اميد رکندو آهي ته هيءُ هلڻ جهڙو آهي. انهي کي کڻي به ميل مرشد جو ٿو جو هن کان نٿو وسري پر
فقير ڦِرڻا، مريد ڦُرڻا،ٻئي جڳ ڳاري ڇڏڻا
ڪي مرشد مرڪايا ته ڪن مرشد لڄايا، هروڀرو مرشد مٿان ڪري به نه پئجي، مرشد ته مددگار آهي. پر پاڻ به ڪجهه نه ڪري! مرشد تي بار به انهن جو ٿو پوي. جيڪي چوائيءَ ۾ ٿا اچن.
الله ۽ مرشد ٻئي گڏيل آهن. نڪوالله بندي کان پري آهي نڪو مرشد پري آهي. جيئن مکڻ کير۾ گڏيل هجي ائين گڏيل آهن. مون به توهان کي ويجهو آهيان. پر هڪڙا پري آهن ته وري انهن مان هڪڙا ويجها آهن. ۽ هڪڙا ويجها اهن ته انهن مان هڪڙا پري آهن. مرشد جي پچر ڪيئن ڇڏبي. توڙي مئي کانپوءِ به بار انهيءَ تي آهي. مرشد ڌنار آهي هر سنڀاري ٿو ته متان ڪو منهنجو وهٽ ڍڪ ۾ وڃي پئي. ڌنار نه ڇڏجي. نه رب وسار نه رهبر وسار.
هي ڳرو ٻج آهي. نام جي نالي جو. مرشد هڪڙو اڪسير اندر۾روانو ڪندو آهي. اها زماني جي آزار جي دوا آهي. ٻار ننڍا هوندا آهن انهن کي مائٽ ڪوڙيون ستيون وجهندا آهن اولاد آخر پياري لڳندي آهي. پر ڪڙين ستين جي پڇاڙي ڏاڍي فائديمند چڱي ٿيندي آهي. ڏکيون ڳالهيون مرشد ٻڌائيندو آهي پر انهن جي پڇاڙي چڱي آهي. مون اوهان کي ڏک ٿو ڏسيان. باقي ٻيا مطلوب طالب کي ڏک نه ڏسيندا آهن.
ڏيکاريس ٿي ڏکن، نيئي گوندر گس پرينءَ جو،
سونهائي سورن ، وڃي ڪئي هيڪاندي هوت سين.
هر ڪو ئي مرشد وارو آهي، مائٽ مرشد ڪنهن ڪنهن کي ملندو آهي. مون کي به مائٽ مرشد مليو هو، اوهان کي به مائٽ مرشد مليو آهي. انشاءَ الله تعاليٰ الله سائين، جيئري ته جدا نه ڪندو پر مئي به نه ڪندو. مرشد کان مئي به جدا نه رهبو آهي، باقي جيئري جدا ڪيئن چئجي؟ بندا الله جا آهيو، مون اوهان جو آهيان ۽ اوهين منهنجا آهيو.
دم دم ساڏي دل تي، هِنِ سڄڻان ديان ڳالهيان
ڇو جدا پاڻ کي سمجهندا آهيو؟ اوهان منجهه نٿو ڏجي، ڳولي لهو. جيڪي منهنجا صحبتي آهيو انهن جون پارتون شهنشاهه کي ڏنل آهن.
طوطي کي پڙهائيندا آهن، آڏو آئينو ڏيندا اٿس.اولائتو بيهي ڳالهائيندا اٿس. آئيني ۾ طوطو پاڻ کي پيو ڏسندو، سمجهائڻ وارو ظاهر نظر کان ڳجهو هوندو. طوطو سمجهندو ته اهو ڳالهاءُ آئيني واري طوطي جو آهي، آهي ته اوريان به پاڻ، پريان به پاڻ.پر پاڻ کي آئيني مرشد جي ۾ ڏسندو. هي ڪجهه سمجهڻو آهي.
مرشد صورت معنيٰ الله
اها سڀ خبر وحدت مان پونديس.
پنهنجو خيال به ، خيال مرشد جي سان گڏي ته ڏسجي! ڀلي حلال وجهه جو ڪم هجي، پر جيئن ته دليئون دوست نه وسري. دوست ڪنهن کي چوندا آهن.؟ دوست چوندا آهن جيڪو هيڻن کي هٿ ڏئي. ٻيو جيڪو دل جيئري رکي پنهنجي رب ڏانهن . اهي سڀ ڪم انهي لڪ ۾ سمجهڻا آهن.
انسان ٻوٽي آهي.سنياسيءَ ٻوٽي باهه ۾ وڌي ته نظر ۾ رکندس ته متان زيان نه ٿي پوي، مرشد به جنهن کي ڏکن۾ وڌو ته نظر ۾ رکندس ته متان مست نه ٿي پوي. سنياسي ٻوٽي ماري ٿو.مرشد شناسي آهي، پاڻ ئي ٻوٽي آهي، هڪ دفعي مون ۽ هڪ ٻيو ساٿي گڏيا پئي ريل ۾ وياسين، ڏٺوسين ته مٿي هڪ گيڙو ڪپڙن سان ماڻهو ليٽيو پيو آهي هن اسان کي ڏٺو ۽ اٿي ويٺو.اسان کانئس پڇيو ته ابا تون ڪير آهين؟ چيائين ته سنياسي آهيان. اسان کان پڇيائين ته توهين ڪير آهيو؟ مون چيس ته اسين شناسي آهيون. ويچارو منجهي پيو. تنهن تي مون چيومانس ته سنياسي جهنگ جي ٻوٽي ماري اڪسير ٺاهيندا آهن. شناسي انسان کي ساڙيندو آهي جو انسان پاڻ ٻوٽي آهي. جنهنڪري عبديت مان احمديت ٿو ثابت ڪري يا ٿي ٿو پوي.
ڀلي مرشد وٺجي، نبي ڪريم ﷺ حديث ۾ چيو آهي ته جنهن جو مرشد ورتل نه آهي، انهي جو مرشد شيطان.
لاشيخ الهو ولا شيخ الشيطان
اهي اولياءَ قلندر سڀ مرشد وارا آهن. پريان هر ڪو ئي پنهنجي واٽ سان آيو آهي. پوءِ سڀني هدايتون هتان اچي سونهان ساڻ کنيان آهن. ڀلي مرشد وٺجي پر تڪڙ نه ڪجي، ڏسي وائسي وٺجي، ڪهڻيءَ وارو ، ڪتابن جي ڊگهين ڳالهين ڪرڻ وارو نه وٺجي، رهڻيءَ وارو وٺجي. الله سائين جا پيارا ٻانهان هر جاءِ آهن. مرشد ڪامل وٺڻ گهرجي.
جي ٻڪري ڪهبي آهي، ته هندو به کائيندو آهي ۽ مسلمان به کائيندو آهي پر جي مري ويندي ته ڪير نه کائيندو. انسان به ائين آهي جي بيگرو ٿي مرندو ته ڪوبه ڪونه پڇندس. مرشد رهنما رستو ڏيکاريندڙ آهي.
مرشد هڪڙو وٺجي، فيض ڀلي ڪري سڀني کان گهري، دعا رن زال کان نه گهري. هڪ جو پٽ سڏبو ڄڻي ڄڻي جو نه سڏبو. تڪڙ ڪري مرشد نه وٺجي. سالڪ در در ڪين گهمندو. هو ته پاڻ ۾ راض ٿيو ويٺو هوندو. ڪهڻيءَ وارا گهڻا آهن رهڻيءَ وارو ڪو ڪو آهي.ٻچو مرشد وارا ته آهيو، بيگرا نه آهيو. مرشد گروءَ وارا آهيو. بيگرو ماڻهو شل صبوح جو نه سامهون نه اچي ته چڱو آهي. صوفي رهبر وٺندا آهن. قلندرن غوثن سڀني سونهان هتان ساڻ کنيان. اهي قلندر غوث سڀ رهبرن وارا آهن. ڪي بيگرا ڪين آهن.
هر گز هردي حاضر ناظر، جتي امڙ نڪ ابو،
ٻيون سڀيئي ٻن ڏيو، هڪ نام صاحب جيو
ٻيون ڳالهيون جي ٻڻ ڏيو. سو بچو شڪر ڪريو جو مرشد وارا ته آهيو، بي مرشدا ته ناهيو.اول مرشد ڳو ٿا پڇن. هر هڪوئي پنهنجن وسيلن سان اهي. اوهين به پنهنجا وسيلا نه وساريو جو هو هڪل سان حامي آهن. جن واحد وسيلا ورتا ان کي باهيون باغ ٿيون. جن وڻ وسيلا ورتا تن تي ڪرٽ وڙها. حضرت ذڪريا ع تي ڪرٽ وڙهو ته به رب نه وساريائين.
هڪوئي رانجهو لکان جيها
لڄ لڏ جو بار انهي تي رکو
اوهان لکيو آهي ته گرونان جو چوڻ آهي ته جيڪي الله ۽ مرشد ڪري، اوهان کي انهي حال ۾ ۽ فيض جي وڻڻ ۾ ڪنهن آندو آهي. انهيءَ ٻوليءَ ۾ ڪنهن وڌو آهي اوهان کي! اهو سمجهڻ جو ڦير آهي. سمجهجي ته اتي الله ۽ مرشد آندو آهي، ٻيو ڪنهن آندو آهي. سڃاتي قدر پوندو آهي.
جي وَر وائيءَ لهين ته وائي ٻي نه سک،
هو هڏهين هڪ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا
مرداني کي گرونانڪ بهاري به ڏيکاريندو هو ۽ غم به ڏيکاريندو هو توکي ڪير ٿو بهاري ۽ غم ڏيکاري! گروناڪ ان ڇوڪري سان مهرباني ڪئي هئي. شاه شهيد ڇا ڏٺو هو مريدن کي جو گنج ٺهيا پيا اهن. شهيدن جا سائين قلندر ذات پير چورن تي مهرباني ڪري مٿانئن ولايت بيهاري ڇڏي. اوهان کي سائي صادق شاهه جو احوال ايندو هوندو پوءِ چوندو ويو
آهيان پاڻ الله، ير ساريان ٿو صديق کي
تون ته انهن کي پرتل آهين جيڪي چورن کي ايتري قدر مهربان آهن. رڳو پاڻ سنڀار.
مون در مرشد جي اچڻ وڃڻ واري ڳلي جهلي بيٺو آهيان. گهڻا سال ٿي ويا آهن. ڪڏهين نه پڇيائون ته ڇو بيٺو آهين. سنگت ساري لنگهي ويئي، سڀيئي سوار تن منجهه پيادو هڪڙو مون آهيان، مرشد کانپوءِ سهاڳ جي رات هڪ به نه ڏٺيم، اميد نه ٿو لاهيان، من ڪا سهاڳ جي رات اچي وڃي،اوهين سڀيئي سهاڳڻيون آهيو. هر ڪوئي سچائي ڇڏيو ٿو وڃي جو پنڌ جي جڏي آهيان
اها مڙيئي مان ڏانهن ، هوتن ڏوهه نه هڪڙو،
در به انهن جو جهليو اٿم جي نالايق نواز آهن.
اهڙي ڪا آهيان جا تنهنجي ٿوري کي ٿورو چوان!
مرشد کان الله گهريو آهي يا ڪرامت گهري آهي؟مرشد وٽان هڪڙن الله گهريو هڪڙن ڪرامت گهري. جن الله گهريو تن کي ڪرامتون به ٿيون. جن ڪرامت گهري تن کي الله به ويو وسري، ۽ ڪرامت به نه ڏٺائون.
مرشد کان به دعا اها گهرجي ته مون کي پنهنجو ڪجو، دعا گهرجي ته
تون سمو آءُ گندري مون ۾ عيبن ويهه،
ڏسي واڻڪي ڌيءَ، متان مونڏانهن منهن مٽين.
تون سمو آءٌ گندري، مون عيب هزار،
ڏسي واڻڪو ٻار، متان مونڏانهن منهن مٽين.
تون سمو آءٌ گندري مون ۾ عيب لک،
ڪارڻ رب الک، متان مونڏانهن منهن مٽين
طمع چڱي نه آهي. بڇڙي ۾ بڇڙي شي آهي طمعداري،
طمع تلوارون تکي، جنهن طمع سر نوايا،
لک لعنت تنهن طمع ڪون، جنهن جاني جدا ڪرايا
پر ٻچو هڪڙي طمع چڱي آهي مرشد جي راض ۾ طالب هميشه طمعدار آهي. سائينءَ جي راض ۾ هر ڪو طمعدار آهي.
طالب لاءِ مرشد جيڪي ڪري ٿو تنهنجي سڌ طالب کي ڪانهي. مرشد کا نٿو ڪري طالب لاءِ ٻچو عشق جي منظوري به مرشد وٺي ڏيندس. گهر ويٺي فتويٰ به اول مرشد آڻي ڏيندس.
مرشد صورت معنيٰ الله
هڪڙو پکي آهي تنهن کي ٻچا ٿين ته اکيون پوريلون هونديون اٿن. اهو پکي پوءِ جبل ڍوڍي پارس هٿ ڪري اچي ۽ ٻچن کي اکين تي لائي ته انهن جو اکيون کلن. مرشد به ائين آهي. ڪيتري محنت ۽ تڪليف طالبن لاءِ ڪرڻي ٿي پويس سا کيس خبر! جيئن عقل گهڻو تيئن مرشد لاءِ چيٺ.
اک مطلوب جي ڇا نٿي ڪري طالب لاءِ، نهارڻ سان نشو ڏيئي ڇڏيس عشق جو، جيڪي مرشد جي اکين سان ڏسي سگهيو سو پنهنجي اکين سان نه ڏسي سگهيو. مرشڊ ساڀيان طالب وٽ ويٺو آهي. مرشد سر آهي طالب ڪرسي آهي سر ڄڻ مرشد جو اچي ويٺو.مرشد سر آهي، طالب ڪرسي آهي سر ڄڻ مرشد جو اچي ويٺو.
الله ۽مرشد جي ساراهه ڪجي. جيتري گهڻي اوتري ٿوري، هلندڙ طالب هوندو ته ساراهه الله ۽ مرشد جي ڪندو. جيتري به ڪندو ته اها ٿوري پيو سمجهندو.
طالب پهرين عاشق آهي ۽ مرشد معشوق. جڏهن ساري چال سڌاري ٿو تڏهن وڻي ٿو اچي. جڏهن وڻي آيو ته پوءِ مرشد عاشق آهيس. هيءُ طالب ڪڏهن عاشق آهي ته ڪڏهن معشوق. پهرين سخا طالب جي آهي پر پوءِ مطلوب جي سخا اهڙي آهيس جو ٻئي جهان ٺاهي ڇڏيندس.
مرشد ۽ طالب به وڻن وانگر پيوند ٿا ٿين. بي سرن جا سر ٿا بي سرن سان پيوند ٿين. وڻ پيوند ڪري پوءِ مصريءَ جو پاڻي ڏيندا آهن ته سندس ميوو مٺو ٿئي. اک جي محبت ڄڻ مصريءَ جو پاڻي آهي.
ڪتيو ڪتيندينءَ ڪيترو وڃي ڪر سوداگر يار
سوداگر چوندا آهن رهنما کي رهنما مرشد کي چوندا آهن جيڪو دل وٺندڙ آهي. سوداگر به مرشد کي چوندا آهن. انهي سوداگر يار کي اکين منجهه جاءِ ڏبي آهي. تنهنجي اکين جو سرمو اهو آهي سو هميشه اکين ۾ هجي. لڪل نه ٿجي ۽ اکين مان نه ڪڍجي.
صورت مرشد معنيٰ الله
پوءِ اکيون اهيئي پسندي پاڪ ٿيون. صورت سان اک ٻڌل رهندي ته عام خيال گهڻا نه ٿيندا، دم سان ياري هجي،
گهر مان ڪڍي گهل، وڃي صلح ڪر سلطان سين
جو تون تنهين جي در ڏهاڙيون ڏڻ لهين.
سلطان به صورت مرشد جي آهي
سخن سڻي شيخ جو تون ويسهجي ويهه،
ته ڏاتار سندو ڏيهه، تو اندر اثبات ٿئي
شيخ به مرشد کي چوندا آهن
محبوب صورت مرشد جي آهي اک صورت ۾ مقيد هجي. رهبر جي ضرورت آهي سو اک مان نه ڪڍجي، هر وقت نظر ۾ رکجي. سونهون نظر مان نه ڪڍجي جو سونهين جي وڏي درڪار آهي. ان سان گڏيو وڃجي. اهو اکين جو قيد آهي.
جنبيو وڃ جهاز گڏيو غورابن سين،
پوريندءِ پرڏيهه ۾ ساڄا رکج ساز،
اچن ٿا آواز سٽاڻي تنهن سمنڊ جا.
جهاز ۽ غوراب بدن کي چوندا آهن.
صورت اک ۾ رکجي، نظر نظر ۾ هجي ته سڄوئي منهن نظر اچي۽ نگاهه نگاهه مون هلي وڃي. سڌڙيو نه هلي سگهندو. بي خوفائيءَ ۾ رب وسري ٿو. صورت به وساري ٿو. صورت گڏيل آهي مگر جا دل فراموش آهي اها ننڊ آهي. فراموشيءَ مان اک پٽجي. اک پاڻ خيال رکندڙ آهي. مگر دوست پنهنجي کي نظر ۾ رکي جتي هجي تتي.
فڪر دليل تيسين تائين جيتر اک ٻڌل نه آهي. اک صورت سان ٻڌبي آهي. اک اصل صورت سان ٻڌل اهي. درجي بدرجي هلي ويندو هيءُ پنڌ اکين جو آهي. ماڻهو اڳ وسوڙيل آهي، تنهنڪري سونهون نظر مان نه ڪڍجي. اک گڏي ڏسجي سهڻي سائينءَ کي اکين ۾ وهارجي، سونهپ جي ضرور درڪار آهي. مرشد جي صورت حقيق به آهي، مجاز به آهي،ٿڌي ڪوسيءَ سج نظر ۾ هوندو ته اوندهه ڪنهن به ملڪ ۾ نه ڏسبي. فراموشي سڀ گمراهي آهي، سج منهن ۾ جيڪو رکندو، اهو ڪنهين ملڪ ۾ اوندهه نه ڏسندو. ماڻهو وڃي ته هونئن ئي پيو ٿو. سج منهن ۾ ڏيئي هلجي. سج آهي صورت پنهنجي هيڪلائي سنڀارجي ۽ سونهون اک مان نه ڪڍجي.
گم هوڪي ويک نظارا،
آب سارا، محبوب ڪي صورت ۾
مرشد جي صورت جيڪي اکين ۾ رکندا ته انهن کي اڳيئون اوندهه نه بيهندي. ڇو ته انهن رهبر سج اکين ۾ رکيو آهي. اهو ڪنهن به ملڪ اوندهه نه ڏسندو. خبردار ٿجي جيئن اوندهه جي ملڪ مان نڪري وڃجي.
تون آءُ اچي اکين ۾ ويهه، آءٌ اکيون کڻي ٻوٽيان،
ٻيو ڏسي نه ڏيهه ، ۽ آءٌ نه ڏسان ٻئي کي
سج نظر ۾ رکبو ته انهن کي سج نظر ۾ ايندو. اوندهه نظر ۾ رکبي ته انهن کي اوندهه نظر ۾ ايندي. اندر منجهئون حقيقت وارو سج اڀرندو تڏهن اوندهه ٽرندي،
اڀريو سج حقيقت وارو، اوندهه جو اسباب ويو،
خبردار ٿيڻ گهرجي، هي هلندڙ قافلو آهي، جيئن اوندهه جي ملڪ مان نڪري وڃجي، مرڻ تائين به سج منهن ۾ هجي.
صورت گڏيل آهي پر دليل آڏا اچيو ٿا وڃن. دليل وجود تون مٽيندو وڃجي. هي انسان پاڻيءَ جو پتلو آهي، جي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻندو ته نه اندريون آواز ، نه ٻاهريون آواز ٻڌندو دليلن جو دلو آهي تنهنڪري ان ۾ دليل اٿن ٿا، اهي دليل خطرا هر ڪنهن پوندا آهن، جيسين خيال وڃي محويت وٺي. دليل اوليائن کي به پوندا آهن پر پوءِ جيئن وهندڙ درياهه ۾ ڍونڍ لڙهي وڃي، اک ٻڌل هجي ته دليل نه پوندا.
سونهون به نظر مان نه ڪڍجي جو هيءُ بيابان آهي، ڪو ڪنهن جو ساٿي ڪونهي. اتي سونهون گهرجي ساڻ، جنهن راه وٺرائي آهي اهو سونهون نظر مان نه ڪڍجي، سونهون ساڻ آهي ۽ اهڙي دوست کي اکين ۾ جاءِ ڏبي آهي.
مرشد جي صورت سڀني ڏٺي پر هڪڙن رات جو صورت ڏٺي ته ڪن وري ڏينهن جوڏٺي. رات جو صورت چٽي نه ڏسبي.مطلب ته جڏهن صورت چٽي نٿي ڏسجي ته ان کي رات جي صورت چٽي ٿي. پر ڏينهن جي صورت صاف ڏسجي ٿي. مرشد اهو ئي پوءِ ڪيڏانهن ڏينهن جو ڏسڻ ڪيڏانهن رات جو ڏسڻ.
مرشد جي صورت جو روبرو فوٽو مرشد جي صورت جو عڪس آهي. تنهنڪري ان جو ادب ڪجي. طالب کي کپي ادب، بت اهي اهن جيڪي پٿر ۽ ٺڪر جا ٺهيل آهن. انهن کي بت چئجي. طالب رهي انهيءَ صورت سان جيڪا روبرو صورت ڏنل آهي. مرشد جي صورت ۽ خدائي نام جو ٻج ڳرو آهي.
هيءَ جماعت بادشاه پير جي آهي جو شاه شهيد ذڪر بادشاه پير جي پوٽي کان ورتو هو، خواجه خضر پئي ويو اڌ رات جو درياءَ جي ڪپ سان ته هڪ لاٽ ڏٺائين ويجهو آيو ته ڏسي ته ڪو سمهيو پيو آهي. ڌڪو ڏيئي چيائينس ته اُٿ هيءُ وقت سمهڻ جو ناهي. چي خواجه خضر هن مهل جاڳايو اٿيئي. خواجه خضر پڇيو ته تون ڪير آهين جو مونکي سڃاڻين ٿو، پر مان توکي نٿو سڃاڻان؟ هن جواب ڪونه ڏنو، رلي ويڙهي سمهي پيو. خواجه خضر وري اڳيان هليو ته وري به نور جي لاٽ ڏٺائين. اڳڀرو اچي ڏٺائين ته هڪ زال سمهي پيئي آهي. ان کي به جاڳايائين، زال چيو هوڏانهن منهنجي مڙس کي اٿاريوَ ۽ هينئر وري مونکي اتاريوَ. خواجه خضر پڇيو ته اوهين ڪير آهيو؟ اها زال به رلي ويڙهي سمهي پيئي. اتي خواجه خضر عرض ڪيو ته سائين مان ته توهان جي سڀني عاشقن کي سڃاڻان. پر هي ٻه ڪير آهن؟ اتي آواز ٿيو ته تون منهنجي عاشقن کي ته سڀني کي سڃاڻين. پر هي اُهي آهن جن تي مان عاشق آهيان وري سوال ڪيائين ته هي ڪنهن جا طالب آهن؟ آواز ٿيو ته حضرت محبوب سبحاني جا.
شاه شهيد عليه رحه جن جو ميلو هڪ اڪبري حج آهي. جيڪي آيا سي اگهيا اهو سندن فرمان آهي، ڀيرو نه ميرو، ڪچيءَ ڍڪڻيءَ ۽ منڊيءَ ماڪوڙيءَ جو سندن اقرار ڪيل آهي. سو هرگز نه ڇڏيندا. ميلي تي خير سان اچجي جو دعا جي جاءِ آهي. در جي وڏي لڄ ٿي پوي. هلي درڏسو ، ميلي جي گل ٿيڻ تائين مڙيئي اتي هججي، اها وک ئي الله سائين قبول ٿو ڪري.
پاڻ وٽ ميلو ڪيو، اهو چڱو ڪيو اٿوَ، پنهنجي ميلي تي ميلي ڌڻي پاڻ آيا هوندا، پاڻ وٽ ميلي جي سنڀار ڀلي ڪري ڪريو . اهو ڏينهن چڱو آهي. اوهين رب نه وساريو ته اوهين به نه وسرندا. جيڪو نه ٿو وساري ته اهو سدائين ميلي ۾ آهي.
فقير ڪنهن کي سڏجي؟ فقير اهو جنهن جي ڏٺي رب ياد پوي ۽ ڪيل گناهه بخش ٿي وڃن.
جنهن جي سڀ ريءَ سري،
پر گهر پني ڪينڪي، پر گهرئون به ڪين گهري،
جيڪو مانيءَ لاءِ مري، سو سامي سڏجي ڪينڪي.
ڏني ڏکوئجي، ري ڏني راضي رهي
فقير وٽ وڃڻ سان ڇا ٿو ملي؟ جيئن تون اتان روانو ٿئين ته ان گهڙيءَ ملائڪن کي حڪم ٿيو ته پڇوس ته ڪاڏي ٿو وڃين؟ ملائڪ روح کان پڇن ٿا ته ڪاڏي هليو آهين؟ جواب آيو ته الله جي ٻانهڙي ڏي. ملائڪن کي حڪم ٿيو ته پڇوس ته ڇو ٿو وڃين؟ ڪنهن دنيا جي ڪم سان ڪين الله لاءِ؟ جي الله لڳ ته انهيءَ گهڙي کان وٺي ٿي مٿس رحمت وسي، سڄو وقت جيسين تائين پويان پير ڪري اچي گهر پهچي. رحمت جي خبر مرڻ وقت پونديس، ڪو پئسو ڏوڪڙ ته ڪونهي جو هڪدم خبر پوي!
فقير کان دعا گهرجي، ڇو ته رضا جي گودڙي ۾ فقير لڪي ويو. مثنويءَ واري صاحب فرمايو ته الله فقيرن جي ائين مڃي جيئن مائٽ ننڍن ٻارن جي. رضا جي گودڙي فقير تي آئي.
جيڪا رب رضا، نڪي پٽ ڪي دعا
وڏي ۾ وڏي ڪرامت فقير لاءِ آهي ته سڀ ڪجهه سامائجي وڃي. ڌن، زال، مال جتان ڪٿان ٿو ملي. فقير اهو جو انسان جي چال سڌاري. سڄيءَ حياتي ۾ هڪ زماني جي عادت ڇڏيائين ته لک ٿيو.
مشڪلاتون قسمين آهن پر فقير لاءِ مشڪل ۾ مشڪل آهي:
هي آءٌ نه گڏيس پرينءَ کي
وڏي ۾ وڏي مشڪل اٿس، جدائي پنهنجي رب کون، مشڪل آهي ته مشڪل ڪشا به پٺيان اٿس. جيئن رات جي پٺيان ڏينهن آهي.
الفراق اشد من الموت، آءٌ هت نه هوندياس،
آڏا لڪ لطيف چوي، وڃي جبل جهاڳينداس،
آس نه لاهينداس، من جيئري جت ڏسي مران
هي آءٌ نه مليس پرين کي، تون ٿو لهين سج،
منهنجا نيئي پرين کي سنيها ڏج،
وڃي ائين چئج، ته ويچاري واٽ مئي.
هي آءٌ نه مليس پرينءَ کي، پورا ٿيا پساهه،
سڪان ٿي سڪرات ۾ رويو پڇان راه،
پيئي کڻي پساهه،پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي
فقيرن وٽ نه ولهان پيا دکن درد فراق جا، جي دکايا دوستن،
فقير ڳجهيون ڳالهيون پنهنجون پاڻ سمجهن. صادق سائين دلي سان به رهاڻ ڪندو هو.
اوليائن جا به تصرف ٿيندا آهن، سعدي اچي ته بهاري، جامي اچي ته جوش، عطار ته قلب کليو پون، عطار الف ۽ ميم ڪڍي کتوريءَ ۾ وجهندو هو.
عطار نود خدا بود،او پاک وجود پاک وجود
ميران اچي ته سڄيءَ ڪچهريءَ تي غم ڇانئجي وڃي جو ميران تي درد گهڻو بيٺل هو. ميران ٻائي جي گلا هئي. جڏهن جيئري هئي تڏهن هن پيڪا به لڄايا ۽ ساهرا به لڄايا. هيءُ قدر مئي کانپوءِ ٿيو اٿس. ان سان گڏ به چار فقير پيا گهمندا هئا ڏاڙهيءَ سان، ويچاري جو رئو به لاهي وجھندا هئا پر چوندي ڪجهه به ڪانه هئي. هت اچي ته ميران وهي ته جيڪر هر ڪو ان ڏانهن نهاري، ٻئي پاسي نهاريئي ڪونه!
سخي قبول محمد وڏو قربدار هو، مونکي چيائين ته تون الله آهين جو مون کيس چيو ته تون سچل آهين. پوءِ چيائين ته هي لوڙهو ۽ هو (جهوڪ شريف) ٻئي تنهنجا آهن. مون چيو ته برابر، جو مون ٻنهي جو ٻهاريدار آهيان. تنهن تي چيائين ته کسڪي وئين. مون سچل فقير جو هڪ خليفو ڏٺو وڏيءَ عمر وارو هو، ڳالهه ڪيائين ميرانپور جي، چي هڪ ڀيري ويو هوس، اُتي هڪ گل ڏٺم جنهن جهڙو جهان ۾ ڪونه هو.
انسانيت جو به هڪڙو درخت آهي. ڪلهن کان مٿي جيڪو سر آهي سڀ پيوند ڪري مرشد جي صورت رکجي. پنهنجو سر نه سمجهجي. ائين ڄاڻجي ته ڪلهن کان مٿي جيڪو سر مبارڪ آهي سو مرشد جو آهي. مراقبي ۾ ويهجي ته پاڻ وچ ۾ نه آڻجي. ائين ڄاڻجي ته مرشد ويٺو آهي.اک پٽئي به صورت مرشد جي سمجهجي. هڪ ٿيءُ ته پوءِ ٻيائيءَ جي ملڪ مان نڪرندين.ويٺي کانپوءِ وجود وسريل هجي ۽ محويت ۾ هججي.